| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
اوهان کي گهڻي مال ميڙڻ جي هٻڇ اهڙو غلطان ڪيو |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
جو وڃي قبرن تائين پهتا. |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
خبردار! (انهي جو نتيجو) جلد ئي ڄاڻندؤ |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
وري به (ٿا چئون ته) خبردار! جلد ئي ڄاڻندا. |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
خبردار! جيڪڏهن پڪي ڄاڻ هجيوَ ها، ته (ائين هر گز نه ڪريو ها). |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
اوهين ضرور دوزخ ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ اُن کي پڪ جهڙين اکين سان ڏسندؤ. |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
پوءِ انهي وقت اوهان کان نعمتن جو پڇاڻو ٿيندو! |