| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
توهان کي (دنيا جي) گهڻي جي ڪڍ لڳڻ (آخرت کان) غافل ڪري ڇڏيو آهي. |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
ايستائين جو توهان قبرن تائين وڃي پھتا. |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
هرگز نه! عنقريب توهان کي (حقيقت جي) خبر پئجي ويندي. |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
پوءِ (وري ٻڌايان ٿو ته) ايئن هرگز ناهي. عنقريب توهان کي (حقيقت جي) خبر پئجي ويندي. |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
خبردار! جيڪڏهن توهان يقين سان ڄاڻو ها (ته هرگز ان کان غافل نه ٿيو ها) |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
(هاڻي) توهان ضرور بضرور جھنم کي ڏسندا. |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
پوءِ (وري ٻڌايان ٿو ته) توهان اُن کي يقين جي اک سان ضرور ڏسندا. |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
پوءِ ان ڏينھن توهان کان نعمتن جو ضرور پڇاڻو ٿيندو. |