| أَلهىٰكُمُ التَّكاثُرُ (آيت : 1) |
|
ماڻهن جي گهڻائي توهان کي دنيا ميڙڻ جي حرص ۾ غافل ڪيو |
| حَتّىٰ زُرتُمُ المَقابِرَ (آيت : 2) |
|
تان جو انهيءَ فڪر ۾ قبر تائين پهچو ٿا |
| كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 3) |
|
هرگز نه! (خبردار) جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو |
| ثُمَّ كَلّا سَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
وري (ٻڌو) هرگز نه، جلد توهان کي معلوم ٿي ويندو |
| كَلّا لَو تَعلَمونَ عِلمَ اليَقينِ (آيت : 5) |
|
هرگز نه، جي توهان ڄاڻو ها يقين جي علم سان (ته ائين نه ٿئي ها) |
| لَتَرَوُنَّ الجَحيمَ (آيت : 6) |
|
توهان ضرور ڏسندؤ دوزخ کي |
| ثُمَّ لَتَرَوُنَّها عَينَ اليَقينِ (آيت : 7) |
|
وري (ٻڌو) توهان ضرور ڏسندؤ ان کي يقين سان |
| ثُمَّ لَتُسـَٔلُنَّ يَومَئِذٍ عَنِ النَّعيمِ (آيت : 8) |
|
پوءِ ضرور توهان کان پڇيو ويندو ان ڏينهن هنن نعمتن جي باري ۾ |