| القارِعَةُ (آيت : 1) |
|
(دلين کي) کڙکڙائڻ واري، |
| مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
|
(اها) کڙکڙائڻ واري ڇا آهي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
|
تو کي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙکڙائڻ واري ڇا آهي؟ |
| يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
|
جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل مڪڙن وانگر (ميدان محشر ۾) هوندا. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
|
۽ جبل رنگارنگي پڃيل ان جهڙا ٿيندا. |
| فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
|
پوءِ جنهن جي (چڱن ڪمن) جو پڙو ڳرو هوندو، |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
|
سو پسند ڪيل آرام ۾ هوندو. |
| وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن جي (نيڪ عملن) جو پڙو هلڪو ٿيندو. |
| فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
|
ته ان جو ٺڪاڻو “هاويه” هوندو. |
| وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
|
تو کي ڪهڙي خبر ته اها “هاويه” ڇا آهي؟ |
| نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
|
(اها) تمام گرم باھ آهي. |