القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 1 سُوۡرَۃُ الۡقَارِعَۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 11


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

القارِعَةُ (آيت : 1)

اُها ڪَڙڪيدار،

مَا القارِعَةُ (آيت : 2)

اُها ڪَڙڪيدار ڪِهڙي؟

وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3)

ڪِنهن ڪَڙڪيدار جِي، توکي ڏِنِي سُڌ سَنڀار؟

يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4)

جِنهن ڏِينهن ماڻهو ماڻهن ۾، ڪَهِئَ وارِي ڪار،

وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5)

هُوندا ڏُونگر ڏيہ جا، پَشم پِڃيل جا پار،

فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6)

پر پُڙ جِنهن جا پوءِ ٿيا، بارِي اَندر بار،

فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7)

اُهي آسودا گُذران ۾، سَدا باغ بَهار،

وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8)

پَر پُڙ پاسا جِنهن جا، هَلڪا ٿياهيڪار،

فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9)

پوءِ آهي ماء اُن جِي، تَتَل باھِ تيار،

وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10)

توکي تَتَل باھِ جِو، ڪو پُورو پَتو پار؟

نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11)

دَوزخ دَهشتدار، ٻَرندڙ ٻارَ هِي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025