القارِعَةُ (آيت : 1) |
(دلين کي) کڙڪائيندڙ |
مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
(اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي |
وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
۽ (پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ |
يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر ٿيندا |
وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
۽ جبل رنگارنگي اُن پڃيل جهڙا ٿيندا (تنهن ڏينهن اها کڙڪائيندي) |
فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
پوءِ جنهن جا (چڱا) عمل ڳرا ٿيندا |
فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
سو پسند ڪيل آرام ۾ هوندو |
وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
۽ جنهن جا عمل هلڪا ٿيندا |
فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
تنهن جي رهڻ جي جاءِ هاويه ٿيندي |
وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته هاويه ڇا آهي؟ |
نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
(اها) تمام گرم باه آهي |