| القارِعَةُ (آيت : 1) |
|
(دليون) دهلائيندڙ. (قيامت) |
| مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
|
(اُها دليون) دهلائيندڙ ڇا آهي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته (دليون) دهلائيندڙ ڇا آهي؟ |
| يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
|
جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر (پريشان) ٿي ويندا. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
|
۽ جبل پِڃيَلَ رنگين اُن وانگر ٿي ويندا. |
| فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
|
پوءِ اُهو ماڻهو جنهن (جي نيڪين) جا پُڙ ڳرا ٿيندا. |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
|
پوءِ اُهو من پسند آرام (جي زندگي) ۾ هوندو. |
| وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن (جي نيڪين) جا پُڙ هلڪا هوندا. |
| فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
|
ان جو ٽِڪاڻو هاويه هوندو. |
| وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته اُها هاويه ڇا آهي؟ |
| نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
|
اُها ڀڙڪندڙ باهه آهي. |