| القارِعَةُ (آيت : 1) |
|
(اها ڪڙڪيدار دلين کي) کڙڪائيندڙ، |
| مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
|
(اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
|
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته (اها) کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ |
| يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
|
جنهن ڏينهن ماڻهو پڪڙيلن پتنگن وانگر ٿيندا، |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
|
۽ جبل رنگارنگي پڃيل اُن جهڙا ٿيندا (جيڪي هوا ۾ اڏامندا). |
| فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
|
(ان وقت حساب ڪتاب ٿيندو) پوءِ جنهن جا (دنيا ۾ ڪيل نيڪوڪارين وارا) عمل ڳرا ٿيندا، |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
|
سو (پنهنجي مرضيءَ تي) پسند ڪيل آرام ۾ هوندو. |
| وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنهن جا عمل هلڪا ٿيندا، |
| فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
|
تنهن جي رهڻ جي جاءِ هاويه ٿيندي. |
| وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
|
۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته هاويه ڇا آهي؟ |
| نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
|
(اها ڀڙڪندڙ) تمام گرم باهه آهي. |