القارِعَةُ (آيت : 1) |
قارعت ! |
مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
قارعت ڇا آهي؟ |
وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قارعت ڇا آهي؟ |
يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
ان ڏينهن (قيامت جي ڏينهن) ماڻهو منتشر پتنگن وانگر هوندا |
وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
۽ ان ڏينهن جبل پڃيل اُنَّ وانگر هوندا |
فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
پوءِ جنهن ماڻهو جون نيڪيون ڳريون هونديون |
فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
پوءِ اهو جنت ۾ آهي |
وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
۽ پر جنهن ماڻهو جون نيڪيون هلڪيون هونديون |
فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
پوءِ ان جي رهڻ جي جاء هاويه آهي |
وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته اها ڇا آهي؟ |
نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
اها هڪ ٻرندڙ باه آهي |