| القارِعَةُ (آيت : 1) |
|
سخت ٺوڪيندڙ. |
| مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
|
(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
|
۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟ |
| يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
|
جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
|
۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا. |
| فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
|
پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا. |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
|
سو دلپسند گذران ۾ ھوندو. |
| وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا. |
| فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
|
تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي. |
| وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
|
۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟ |
| نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
|
ھڪ ٻرندڙ باھ آھي. |