| القارِعَةُ (آيت : 1) |
|
(اچانڪ) کڙڪائيندڙ (آفت) |
| مَا القارِعَةُ (آيت : 2) |
|
(اچانڪ) کڙڪائيندڙ (آفت) ڇا آهي؟ |
| وَما أَدرىٰكَ مَا القارِعَةُ (آيت : 3) |
|
توکي ڪهڙي خبر ته (اچانڪ) کڙڪائيندڙ (آفت) ڇا آهي؟ |
| يَومَ يَكونُ النّاسُ كَالفَراشِ المَبثوثِ (آيت : 4) |
|
جنھن ڏينھن ماڻهو ٽڙيل پکڙيل پتنگن وانگر (پريشان) هوندا. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ المَنفوشِ (آيت : 5) |
|
۽ جبل رنگ برنگي پڃيل اُن وانگر ٿي ويندا. |
| فَأَمّا مَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ (آيت : 6) |
|
پوءِ جنھن جي (نيڪين جي) وزن جو پُڙ ڳرو هوندو. |
| فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 7) |
|
اهو خوشيءَ واري زندگي ۾ هوندو. |
| وَأَمّا مَن خَفَّت مَوٰزينُهُ (آيت : 8) |
|
۽ جنھن جي (نيڪين جي) وزن جو پُڙ هلڪو هوندو. |
| فَأُمُّهُ هاوِيَةٌ (آيت : 9) |
|
پوءِ ان جي جاءِ هاويه (۾) هوندي. |
| وَما أَدرىٰكَ ما هِيَه (آيت : 10) |
|
توکي ڪهڙي خبر ته هاويه ڇا آهي؟ |
| نارٌ حامِيَةٌ (آيت : 11) |
|
اُها ڀڙڪندڙ باهه آهي. |