وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
قسم آهي انهن (گهوڙن) جو جيڪي ڦوڪارا هڻندي پيا ڊوڙندا آهن |
فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
۽ (پنهنجن سنبن سان) چڻنگون اٿاريندا آهن |
فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
پوءِ صبح ساجهر ئي وڃي ڪاهه ڪندا آهن |
فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
پوءِ ان وقت ڌڌڙ اڏائيندا آهن |
فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
پوءِ انهيءَ حالت ۾ ڪنهن ميڙ جي وچ ۾ ڪاهي پوندا آهن |
إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
اصل ڳالهه اها آهي ته انسان پنهنجي رب جو ڏاڍو ناشڪرو آهي |
وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
۽ انهيءَ ڳالهه جو هو پاڻ ئي شاهد آهي |
وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
۽ مال ۽ دولت جي محبت ۾ به ڏاڍو سخت ڦاٿل آهي |
أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
ڀلا ان وقت کي نٿو ڄاڻي ڇا، جو جڏهن قبرن ۾ جيڪي (پوريل) آهي سو ٻاهر ڪڍيو ويندو |
وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
۽ سينن ۾ جيڪو (سانڍيل) آهي، ان کي ٻاهر ڪڍي جاچيو ويندو؟ |
إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
بيشڪ سندن رب انهيءَ ڏينهن کانئن چڱيءَ طرح واقف هوندو |