وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
قسم آهي هنبارو هڻي ڊوڙندڙن (غازين جي گهوڙن) جو. |
فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
۽ پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو. |
فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
پوءِ صبح جي وقت ڇاپو هڻندڙن جو، |
فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
پوءِ ان وقت ريتي اڏائيندڙن جو. |
فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
پوءِ ان وقت (دشمن جي) دل ۾ گهڙي وڃن ٿا. |
إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
(مطلب ته قسم آهي) ته ان انسان پنهنجي پروردگار جو ناشڪرو آهي. |
وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
۽ اهو پڪ پاڻ به ان (ڳالھ) کان واقف آهي. |
وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
۽ بيشڪ اهو مال جو ڏاڍو حريص آهي. |
أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
ته ڇا اهو هي ڳالھ نه ٿو ڄاڻي ته جڏهن مئل قبرن مان ڪڍيا ويندا. |
وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
۽ دلين جا ڳجھ ظاهر ڪيا ويندا. |
إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
بيشڪ ان ڏينهن سندن پروردگار سندن حال کان چڱيءَ طرح واقف هوندو. |