| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
پيٽ وَڄائي پَنڌ ۾، ڀَڄندڙ ڏِين بَيان، |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
کڻندڙ پوءِ کُرن سان، چِڻنگون مَنجھ چوگان، |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
پوءِ لُٽِيندڙ پِرھ سان، مارِي مَنجھ ميدان، |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
پوءِ اُٿارِئون پوءِ تان، ڌُوڙيو، سِين دامان، |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
پوءِ ڦِريا وِچان فوج جي، ديـمِيَن درميان، |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
شاهِد سڀ هِن ڳالھ تي، گھوڙا ۽ گَمسان، ته ماڻهو مالِڪ سَندسِ جو، آهي بلڪل بي شُڪران، |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
۽ ساکي اِنهِئَ سُڌ مَٿي، آهي خُود اِنسان، |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
۽ مَنجِھين مُحبت مال جي، آھِ هر طرح حيران، |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
پوءِ هيڪر هيڪ مَنون ٿِي، ڌَري ڇو نه ڌِيان؟ ته مُئا اُٿيَن، جِنهن مَهل ۾، سَڏ مٿي سُبحان، |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
پوءِ خُوب طرح کوليا وِيا، جِي سِينَن ۾ سامان، |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
سچو صاحب اُنهن جو، بي شڪ بي گمان، اُنهِئَ ڏِينهن اُتانِ، آهي پَهريدار پاڻ ڌَڻِي. |