| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي هنبارو هڻي ڊوڙندڙن (گهوڙن) جو |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
پوءِ صبح جي وقت حملو ڪندڙن جو |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
پوءِ ان وقت رئي اٿاريندڙن جو |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
پوءِ ان گهڙيءَ (دشمنن جي) ٽولي جي وچ ۾ اچي پوندڙن جو |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
ته بيشڪ انسان پنهنجي پاليندڙ جو وڏو بي شڪر آهي |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
۽ بيشڪ هو پاڻ انهيءَ (پنهنجي حالت) تي شاهد (به) آهي |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
۽ بيشڪ هو مال جي محبت ۾ سخت آهي |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
ڇا پوءِ ان وقت کي نٿو ڄاڻي جڏهن انهن کي اٿاربو جيڪي قبرن ۾ آهن |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
۽ جيڪي سينن ۾ آهي سو ظاهر ڪبو |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
بيشڪ سندن پاليندڙ سندن حال کان ان ڏينهن پورو واقف آهي |