| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي هانبارو هڻي ڊوڙندڙ گهوڙن جو. |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
پوءِ پٿرن کي سُمب هڻي چڻنگن ڪڍندڙن جو. |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
پوءِ صبح جي مهل حملو ڪرڻ وارن جو. |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
پوءِ ان وقت ڌوڙ اڏائن ٿا. |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
پوءِ اُهي ان وقت (دشمنن جي) لشڪر جي وچ ۾ اچي پون ٿا. |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
بيشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو وڏو ناشڪر آهي. |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
۽ بيشڪ اُهو پاڻ ان (ناشڪري) تي شاهد آهي. |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
۽ بيشڪ اُهو مال جي محبت ۾ ڏاڍو سخت آهي. |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
ڇا پوءِ نه ٿو ڄاڻي جڏهن انهن کي اٿاريو ويندو جيڪي قبرن ۾ آهن. |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
۽ جيڪي سينن ۾ آهي سو ظاهر ڪيو ويندو. |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
بيشڪ سندن پالڻهار ان ڏينهن انهن (جي عملن) کان خبروار هوندو. |