وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
(حملو ڪندڙن جي) هانبارو هڻي ڊوڙندڙن (گهوڙن) جو پريشان حال (ڊوڙڻ شاهد آهي). |
فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو (جيڪي پٿرن تي نعلن هڻڻ سان نڪرنديون آهن). |
فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
صبح جي وقت (سوير ننڊ جي غلبي وقت) لٽ ڪندڙن جو، |
فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
پوءِ ان وقت (ڊوڙڻ سببان) رَئي اٿاريندڙن جو، |
فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
پوءِ ان گهڙيءَ (ستلن جي) ٽولي جي وچ ۾ اچي پوندڙن جو، |
إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
(انسان جي معمولي خدمت جي عيوض گهوڙن جي، ان لاءِ ايڏي قرباني شاهد آهي ته) بيشڪ انسان پنهنجي پالڻهار جو وڏو بي شڪر آهي. (جو معمولي دولت جي هوس ۾ پنهنجي مالڪ جا ضابطا ٽوڙي ٿو). |
وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
۽ بيشڪ هو انهيءَ (عمل سان پنهنجي ناشڪري واري حالت) تي پاڻ به شاهد آهي. |
وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
۽ بيشڪ هو مال جي محبت ۾ (انڌو ٿيل) آهي (جو ڪمايل ۽ ڦٻايل مال کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو). |
أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
ڇا پوءِ هو ان وقت کي نٿو ڄاڻي، جڏهن (حساب ڪتاب لاءِ) انهن کي اٿاربو، جيڪي قبرن ۾ آهن. |
وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
۽ جيڪي سينن ۾ (مال جي محبت ۽ هوس کي مجبورين جا بهانا بنائڻ واري سندن چال) آهي، تنهن کي پڌرو ڪبو. |
إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
بيشڪ سندن پاليندڙ انهن جي سموري حال کان ان ڏينهن پورو واقف هوندو. |