| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي (مجاهدن جي) انهن گھوڙن جو جيڪي هانڀارو هڻن ٿا |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جو جيڪي سُنب هڻي پٿرن مان چڻگون ڪڍن ٿا |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
پوءِ قسم انهن گھوڙن جو جيڪي صبح جي وقت دشمنن تي حملو ڪن ٿا |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جو جيڪي غبار اُڏائن ٿا |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
پوءِ قسم آهي انهن گھوڙن جي جيڪي (دشمنن جي) صفن ۾ اندر وڃن ٿا |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
بيشڪ انسان (ڪافر) پنهنجي خالق جو يقيناً ناشڪر آهي |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
۽ بيشڪ اهو (پنهنجي) ان ڳالهه تي (پاڻ) گواه آهي |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
۽ بيشڪ اهو مال جي محبت ۾ يقيناً شديد آهي |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
ڇا پوءِ اهو نٿو ڄاڻي جنهن وقت مُئلن کي زندهه ڪري اُٿاريو ويندو |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
۽ اهي راز کوليا ويندا جيڪي سينن ۾ آهن |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
بيشڪ انهن جو رب ان ڏينهن انهن جي احوال کان يقيناً خبردار آهي |