| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
شاهد آهن: هانبارو هڻي ڊوڙندڙ. |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
۽ پٿرن تي سنبن سان چڻنگون ڪڍندڙ گهوڙا، |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
جي صبح جو اچي لُٽ ڪن ٿا. |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
۽ پوءِ ان سان غبار کڙو ڪن ٿا. |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
۽ پوءِ وڃي فوجن جي وچ ۾ گهڙن ٿا. |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
ته بيشڪ انسان سندس رب جو وڏو بي شڪر آهي. |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
۽ هو پاڻ به انهي کان واقف آهي! |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
۽ هو مال جي سخت محبت رکندڙ آهي! |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
ڇا، کيس انهي وقت جي ڄاڻ ڪانهي؟ جڏهن قبرن وارا جيئرا ڪبا. |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
۽ دلين جا ڳجهه ظاهر ٿيندا؟ |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
بيشڪ ان ڏينهن سندن رب سندن حال کان خوب واقف هوندو! |