| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي ڊوڙندڙن گهوڙن جو هانڀارو هڻي . |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
پوءِ چڻگون ڪڍندڙن جو سنب هڻي . |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
پوءِ لُٽِ ڪندڙن جو صبح جي وقت . |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
پوءِ اڏائن پيا ان سان غبار . |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
پوءِ وچ ۾ پون ٿا ان سان لشڪر ۾ . |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
بيشڪ انسان پنهنجي رب جو البته بي شڪر آهي . |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
۽ بيشڪ اهوان تي البته شاهد آهي . |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
۽ بيشڪ اهو مال جي محبت ۾ البته سخت آهي . |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
ڇا پوءِ نه ٿو ڄاڻي جڏهن اٿاريا ويندا قبرن وارا . |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
۽ ظاهر ڪيو ويندو جيڪو سينن ۾ آهي . |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
بيشڪ انهن جو رب انهن کان ان ڏينهن البته خبر رکندڙ آهي . |