| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي گهوڙن جو جيڪي وڏا ساهه کڻي ڊوڙندا آهن. |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
۽ (پٿريلي زمين تي) ٽَپَ ٽَپَ سان چڻنگون ڪڍندا آهن. |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
صبح جي وقت حملو ڪندا آهن. |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
(تيز هلڻ دوران) مٽي اڏاريندا آهن. |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
۽ اهڙي حالت ۾ (دشمن جي وچ ۾) ڪاهي پوندا آهن. |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
بيشڪ انسان پنھنجي پالڻھار جو وڏو ناشڪرو آهي. |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
بيشڪ هو (پنھنجي اِن ناشڪريءَ جو) خود گواهه به آهي. |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
بيشڪ هو مال جي محبت ۾ انڌو ٿي ويندو آهي. |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
ڇا اُن کي معلوم ناهي ته جيڪي قبرن ۾ (دفن ٿيل) آهن، تن سڀني کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟ |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
۽ (انهن جي) سينن جي رازن کي ظاهر ڪيو ويندو. |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
بيشڪ سندن پالڻھار ان ڏينھن انهن جي حال کان چڱي ريت باخبر هوندو. |