| وَالعٰدِيٰتِ ضَبحًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي گهوڙن جو جيڪي ڀڄن ٿا هانباري سان |
| فَالمورِيٰتِ قَدحًا (آيت : 2) |
|
پوءِ سنبن سان ڪڍن ٿا چڻنگون |
| فَالمُغيرٰتِ صُبحًا (آيت : 3) |
|
پوءِ ڇاپو هڻن ٿا (لٽندڙن تي) صبح سويري |
| فَأَثَرنَ بِهِ نَقعًا (آيت : 4) |
|
پوءِ اُڏارين ٿا ان مهل دز کي |
| فَوَسَطنَ بِهِ جَمعًا (آيت : 5) |
|
پوءِ گِهڙي پون ٿا ان حالت ۾ ڪنهن ميڙ ۾ |
| إِنَّ الإِنسٰنَ لِرَبِّهِ لَكَنودٌ (آيت : 6) |
|
حقيقت ۾ انسان پنهنجي رب جو وڏو ناشڪرو آهي |
| وَإِنَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ لَشَهيدٌ (آيت : 7) |
|
۽ حقيقت ۾ پاڻ ئي ان تي شاهد آهي |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الخَيرِ لَشَديدٌ (آيت : 8) |
|
۽ بيشڪ اهو مال ۽ دولت جي محبت ۾ بري طرح مبتلا آهي |
| أَفَلا يَعلَمُ إِذا بُعثِرَ ما فِى القُبورِ (آيت : 9) |
|
پوءِ اهو نٿو ڄاڻي ته جڏهن اٿاريا ويندا اهي جيڪي قبرن ۾ (مدفون) آهن |
| وَحُصِّلَ ما فِى الصُّدورِ (آيت : 10) |
|
۽ پڌرو ڪيو ويندو اهو جيڪي لڪل آهي سينن ۾ |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِم يَومَئِذٍ لَخَبيرٌ (آيت : 11) |
|
بيشڪ انهن جو رب انهن کان ان ڏينهن چڱيءَ طرح واقف هوندو |