الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
ﲺ (الف ـ لام ـ را) هي انهيءَ ڪتاب جون آيتون آهن، جيڪو حڪمت ۽ دانائيءَ ڀريو آهي |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا ماڻهن لاءِ اها عجب جهڙي ڳالهه ٿي پئي آهي ته اسان خود منجهانئن ئي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن وحي موڪليو آهي ته (غفلت ۾ پيل) ماڻهن کي خبردار ڪري ۽ جيڪي مڃين تن کي خوشخبري ڏيئي ڇڏي ته انهن لاءِ سندن رب وٽ سچي عزت ۽ وڏو مانُ آهي؟ (انهيءَ تي ئي) منڪرن چيو ته هيءُ شخص ته پڌرو جادوگر آهي |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
حقيقت ۾ توهانجو رب ته اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ عرش تي قائم ٿي ڪائنات جو انتظام هلائي رهيو آهي. ڪوبه شفاعت (سفارش) ڪرڻ وارو ڪونهي سواءِ انهيءَ جي، جيڪو سندس اجازت کان بعد شفاعت ڪري. اهوئي الله توهانجو رب آهي، تنهنڪري توهان سندس ئي عبادت ڪريو. ڇا پوءِ توهان هوش نه ڌاريندؤ؟ |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
انهيءَ ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽي هلڻو آهي. اهو الله جو پڪو وعدو آهي. بيشڪ پهرين ڀيري سڀ ڪجهه پيدا هو ئي ٿو ڪري، وري ٻيهر به اهوئي پيدا ڪندو ته جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي انصاف سان اجورا ڏئي ۽ جن ڪفر واري واٽ ورتي، اهي ٽهڪندڙ پاڻي پيئن ۽ دردناڪ سزا ڀوڳين، انهيءَ حق کان انڪار ڪرڻ سبب جيڪي هو ڪندا پئي رهيا |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
اهوئي آهي، جنهن سج کي سوجهرو ڪندڙ بڻايو ۽ چنڊ کي چمڪڻ وارو ڪيائين ۽ چنڊ جي گهٽجڻ وڌڻ جون منزلون پوري اندازي سان مقرر ڪيائين ته جيئن توهان ان وسيلي سالن ۽ تاريخن جا حساب معلوم ڪريو. الله اهو سڀ برحق پيدا ڪيو آهي. هو پنهنجي نشانين کي کولي کولي ٿو پيش ڪري انهن ماڻهن لاءِ جن وٽ علم آهي |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي واري وٽيءَ سان اچڻ ۾ ۽ هر انهيءَ شيءِ ۾ جيڪا الله آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪئي آهي، نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (غلط سوچ ۽ غلط عمل کان) بچڻ گهرن ٿا |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
(اصل ڳالهه اها آهي ته) جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن ۽ دنيا واري زندگيءَ تي ئي راضي ۽ مطمئن ٿي ويٺا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اسانجي نشانين کان غافل آهن |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
انهن جو آخري ٺڪاڻو جهنم بڻبو، انهن بڇڙاين جي ڪري جيڪي هو (پنهنجن غلط عقيدن ۽ غلط هلت جي نتيجي ۾) ڪندا پئي رهيا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
۽ اها به حقيقت آهي ته جن ماڻهن ايمان آندو (يعني جن انهن سچاين کي قبول ڪيو جيڪي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيون ويون آهن) ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا، انهن جو رب سندن ايمان جي ڪري کين سنئين واٽ وٺائيندو، نعمتن سان ڀريل جنتن ۾ سندن هيٺان واهيون پيون وهنديون |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
اتي اهائي سندن دعا هوندي ته "پاڪ آهين تون اي الله"، سندن کيڪار اها هوندي ته "سلامتي هجيوَ" ۽ سندن هر ڳالهه جي پڄاڻي انهيءَ تي ٿيندي ته "سموري ساراهه الله رب العالمين جي لاءِ ئي آهي" |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
جيڪڏهن الله ماڻهن کي برائيءَ جو بدلو ڏيڻ ۾ به ايتري تڪڙ ڪري ها، جيتري جلدي هو دنيا ۾ ڀلائيءَ جي ڦل ملڻ لاءِ ڪن ٿا ته سندن عمل جي مهلت ڪڏهوڪو ختم ڪئي وڃي ها (مگر اسانجو طريقو اهو ناهي) تنهنڪري اسان انهن ماڻهن کي جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نٿا رکن سندن سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪڻ لاءِ ڇڏي ٿا ڏيون |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
انسان جي حالت اها آهي ته جڏهن مٿس ڪو ڏکيو وقت ٿو اچي ته پاسي ڀــَر يا ويٺي يا بيٺي اسانکي ٿو سڏي پر وري جڏهن اسان سندس مصيبت ٽاري ٿا ڇڏيون ته ائين ٿو کسڪي وڃي، ڄڻ ته هن ڪڏهن ڪو پنهنجي اوکيءَ ويل اسانکي ٻاڏايو ئي نه هو، اهڙيءَ طرح حد کان لنگهي وڃڻ وارن لاءِ سندن ڪرتوت ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا ويا آهن |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
اي انسانو! توهان کان اڳ ٿي گذريل قومن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو، جڏهن جو انهن ظلم ڪيو ۽ سندن رسول وٽن چٽيون نشانيون کڻي آيا پر هنن ايمان نه آندو ۽ اسان ڏوهارين کي سندن ڏوهن جو بدلو ڏيندا آهيون |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
هاڻي انهن کان پوءِ اسان توهان کي زمين ۾ انهن جو جاءِ نشين بڻايو آهي تانته ڏسون ته توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪريو |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
جڏهن انهن کي اسان جون صاف ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي ماڻهو جن کي اسان سان ملڻ جي اميد نه آهي، چون ٿا ته هن جي بدران ڪو ٻيو قرآن آڻ يا هن ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪر". اي نبي چوين ته "منهنجو اهو ڪم ناهي ته پنهنجي طرفان ان ۾ ڪا ڦيرڦار ڪريان، مان ته بس انهيءَ وحيءَ جو پوئلڳ آهيان، جيڪو مون ڏانهن موڪليو پيو وڃي. جيڪڏهن مون پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي ته مونکي هڪڙي وڏي ڀوائتي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي" |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
۽ چوين ته جيڪڏهن الله گهري ها ته مان هيءُ قرآن توهانکي ڪڏهن به نه ٻڌايان ها ۽ نڪي الله ئي توهانکي ان جي ڪا خبر ڏئي ها، آخر ته هن کان اڳ مان توهان ۾ ڪا عمر گذاري چڪو آهيان، ڇا توهان عقل کان ڪم ئي نٿا وٺو؟ |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو هڪ ڪوڙي ڳالهه گهڙي الله ڏانهن منسوب ڪري يا الله جي سچين آيتن کي ڪوڙو ڪري، بيشڪ ڏوهاري ڪڏهن به ڇوٽڪارو لهي نٿا سگهن |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
اهي ماڻهو الله کي ڇڏي انهن جي ٿا پوڄا ڪن، جيڪي کين نڪي نقصان ٿا پهچائي سگهن ۽ نه ڪو نفعو ۽ چون وري ائين ٿا ته اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. اي نبي! کين چؤ ته "ڇا توهان الله کي ٿا ان ڳالهه جي خبر ڏيو جنهن کي هو نه آسمانن ۾ ٿو ڄاڻي ۽ نه زمين ۾؟" هو پاڪ آهي ۽ اعليٰ ۽ مٿانهون آهي، انهيءَ شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن ٿا |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
منڍ ۾ ته سمورا انسان هڪ ئي امت هئا پر پوءِ انهن جدا جدا عقيدا ۽ طريقا بڻائي ڇڏيا ۽ جيڪڏهن تنهنجي رب جي طرفان اڳواٽ ئي هڪڙي ڳالهه طئي ڪيل نه هجي ها ته جنهن ڳالهه ۾ هو پاڻ ۾ اختلاف ڪري رهيا آهن، ان جو فيصلو ٿي به وڃي ها |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
۽ اهو جيڪو هو چون ٿا ته هن نبيءَ تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي آهي ته چوين ته "غيب جو مالڪ ۽ مختار ته الله ئي آهي، پوءِ توهان به انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ٿو ڪريان" |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
ماڻهن جي حالت اها آهي ته مصيبت کان پوءِ جڏهن اسان کين رحمت جو مزو وٺائيندا آهيون ته هو جهٽ اسان جي آيتن جي معاملي ۾ چالبازيون ڪرڻ لڳندا آهن. چوين ته "الله پنهنجي اٽڪلن ۾ توهان کان وڌيڪ تيز آهي. سندس فرشتا توهان جي سڀني چالبازين کي وڃن ٿا لکندا" |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
اهو الله ئي آهي، جيڪو توهان کي خشڪيءَ توڙي سمنڊ ۾ سير ڪرائي ٿو، تان جو جڏهن توهان ٻيڙين ۾ چڙهي موافق هوا جي آڌار تي خوش ٿيندا سفر ڪندا آهيو ته پوءِ اوچتو طوفاني هوا لڳندي آهي ۽ هر طرف کان پيا ڇولين جا سٽڪا لڳندا آهن ۽ مسافر سمجهي ويندا آهن ته طوفان جي وَر چڙهي ويـا، انهيءَ وقت سڀئي پنهنجو دين خاص الله جو ئي بڻائي کانئس ئي دعائون گهرندا آهن ته "جيڪڏهن تو اسان کي هن مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنو ته اسان شڪرگذار ٻانها بڻجي وينداسون" |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
پر جڏهن هو کين بچائي وٺي ٿو ته پوءِ ساڳيا ئي ماڻهو حق کان ڦري زمين ۾ بغاوت ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانو! توهان جي اها بغاوت ته توهان جي پنهنجي مٿان ئي ٿي پوي. دنيا جي زندگيءَ جا ٿورڙن ڏينهن جا مزا اٿوَ (ماڻي وٺو) پوءِ اسان ڏانهن ئي موٽي اچڻو اٿوَ. ان وقت اسان توهان کي ٻڌائينداسون ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
دنيا جي انهيءَ زندگيءَ جو (جنهن جي نشي ۾ مست ٿي توهان اسان جي نشانين کي ليکيو ئي نٿا) مثال ائين آهي جيئن اسان آسمان مان پاڻي وسايو ته زمين جا اوڀڙ رليل مليل نڪتا، جنهن کي ماڻهو توڙي جانور سڀئي کائن ٿا، پوءِ عين انهيءَ وقت جڏهن جو زمين ساوڪ سان سينگارجي وئي هئي ۽ سندن (پوکن جي) مالڪن پئي سمجهيو ته هاڻي اسان کي لاڀ وٺڻ جي پوري پوري طاقت آهي ته اسان جو حڪم اوچتو ئي اوچتو رات جو يا ڏينهن جو پهچي ويو ۽ اسان انهن کي اهڙو ناس ڪري ڇڏيو، جو ڄڻ ته ڪالهه اتي ڪجهه هوئي ڪونه. اهڙيءَ طرح اسان نشانيون کولي کولي ٿا پيش ڪريون، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچڻ سمجهڻ وارا آهن |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
(توهان هن بي بقا حياتيءَ جي فريب ۾ ڦاسي پيا آهيو) ۽ الله ته توهان کي سلامتيءَ جي ماڳ ڏانهن سڏي رهيو آهي (هدايت سندس ئي هٿ وس آهي) جنهن کي گهري سنئين واٽ وٺائي ڇڏي ٿو |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
جن ماڻهن ڀلائيءَ وارو رستو ورتو تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ اڃان به ڪجهه وڌيڪ. سندن منهن تي نڪي ڪارنهن پوندي ۽ نه ذلت وسندي، هو جنت جا حقدار آهن، جتي هو سدائين رهندا |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
۽ جن ماڻهن برايون ڪمايون اهي ان جو بدلو لهندا، مٿن ذلت مڙهي ويندي ۽ ڪوبه الله کان بچائڻ وارو نه هوندن ۽ سندن منهن تي اهڙي اوندهه چڙهي ويندي، ڄڻ رات جا ڪارا تهه مٿن چڙهيل هجن. هو دوزخ جا حقدار آهن، جتي هو هميشه پيا هوندا |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
جنهن ڏينهن اسان انهن سڀني کي (پنهنجي عدالت ۾) گڏ ڪنداسون ته پوءِ انهن کي جن شرڪ ڪيو آهي، چونداسون ته ترسو توهان به ۽ توهان جا گهڙيل شريڪ به، پوءِ اسان سندن وچان اوپرائيءَ جو پردو هٽائي ڇڏينداسون ۽ سندن شريڪ چوندا: "توهان خاص اسان جي عبادت ته ڪونه ڪندا هيؤ |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ الله جي شاهدي ڪافي آهي ته (توهان جيڪڏهن اسان جي عبادت کڻي ڪندا به هيؤ) ته به اسان توهان جي انهيءَ عبادت کان بلڪل بي خبر هئاسون" |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
ان وقت هر شخص پنهنجي ڪــَـئي جو مزو چکندو ۽ سڀئي پنهنجي اصلي مالڪ الله ڏانهن موٽايا ويندا ۽ اهي سمورا ڪوڙا ٺاهه جيڪي ٺاهيندا هئا سي کانئن گم ٿي ويندا |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
پڇين ته ڪير ٿو توهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق رسائي؟ اهي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جون طاقتون ڪنهن جي هٿ ۾ آهن؟ ڪير ٿو جيئري کي مئل مان ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي؟ ڪير ٿو هن جهان کي هلائي چلائي؟ هو ضرور چوندا ته الله. چوين ته پوءِ ڇو نه ٿا (حقيقت جي ابتـڙ هلڻ کان) پاسو ڪريو؟ |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
سو اهو الله ئي ته توهانجو سچو پچو رب آهي، وري حق کان پوءِ ته سواءِ گمراهيءَ جي باقي رهيو ڇاهي؟ پوءِ هي توهان ڪيڏانهن پيا ٿا ڦيرايا وڃو؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
(اي نبي ڏس) اهڙيءَ طرح بي فرمانيءَ واري روش اختيار ڪرڻ وارن تي تنهنجي رب جي ڳالهه سچي ٿي ته هو مڃيندا ئي ڪونه |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
پڇينِ ته توهانجي گهڙيل شريڪن مان آهي ڪو، جيڪو پهرين ڀيري به خلقيندو هجي ۽ وري ٻيهر به پيدا ڪندو هجي؟ چوين ته اهو فقط الله ئي آهي، جنهن خلقڻ جي شروعات به ڪئي آهي ۽ ورائي به ائين ڪندو. پوءِ هي توهان ڪهڙيءَ غلط واٽ تي پيا ٿا هلايا وڃو؟ |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
پڇينِ ته توهانجي هٿ ٺوڪين شريڪن مان آهي ڪو، جيڪو حق ڏانهن وٺي ويندو هجي؟ چوين ته اهو فقط الله ئي آهي، جيڪو حق جي واٽ ڏسيندو آهي، پوءِ ڀلا ٻڌايو ته جيڪو حق ڏانهن ٿو رهنمائي ڪري اهو ان جو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس تابعداري ڪئي وڃي يا اهو جنهن کي پاڻ کي ئي دڳ هٿ نٿو اچي، جو کيس ڪو ٻيو رستو ڏسي ته واه نه ته بس؟ پوءِ توهان کي اهو ٿي ڇا ويو آهي، ڪهڙا ٿا پيا اُبتا فيصلا ڪريو؟ |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
حقيقت اها آهي ته انهن مان اڪثر ماڻهو رڳو گمانن جي ڪڍ لڳل آهن، حالانڪه گمان ته حق جي ضرورت جو ڪوبه پورائو نٿو ڪري سگهي. جيڪي ڪجهه اهي ڪن ٿا، الله ان کي خوب ٿو ڄاڻي |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
۽ هيءُ قرآن ته اها شيءِ ئي ناهي جنهن کي الله جي وحيءَ واريءَ تعليم کانسواءِ تيار ڪيو وڃي. بلڪه هيءُ ته جيڪي ڪجهه اڳي اچي چڪو آهي ان جي تصديق ڪندڙ ۽ الڪتاب جو تفصيل آهي ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جهانن جي پالڻهار طرفان آهي |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته پيغمبر اُن کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين ته جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ الزام ۾ سچا آهيو ته اهڙي هڪڙي سورت ئي ٺاهي آڻيو ۽ الله کي ڇڏي باقي جن کي به سڏي سگهو ٿا ڀل مدد ۾ گهرايو |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪا شيءِ سندن علم پڪڙي ئي نه سگهي ۽ جنهن جي پڄاڻي به سندن سامهون اڃان نه آئي، تنهن کي (هروڀرو کڻي) ڪوڙو ڀانيائون. ائين ته کانئن اڳ ٿي گذريل ماڻهن به پئي ڪوڙ ڀانيو هو، پوءِ ڏسو ته انهن ظالمن جو انجام ڇا ٿيو |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
۽ انهن مان ڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ ڪي نه آڻيندا ۽ تنهنجو رب انهن فسادين کان خوب واقف آهي |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
جيڪڏهن اهي توکي ڪوڙو ٿا سڏين ته چوين ته "منهنجو عمل مون لاءِ آهي ۽ توهان جو عمل توهان لاءِ . جيڪي مان ٿو ڪريان، تنهن جي ذميواريءَ کان توهان آجا آهيو ۽ جيڪي توهان ٿا ڪريو، تنهن جي ذميواريءَ کان مان ڇٽل آهيان" |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
انهن ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي توڏانهن ڪــَـن ڏين ٿا، پر ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين، کڻي اهي ڪجهه به نه سمجهندا هجن؟ |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
انهن ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي توڏانهن تڪين ٿا، پر ڇا تون انڌن کي واٽ ڏيکاريندين، پوءِ کڻي ڪجهه به نه ڏسي سگهندا هجن؟ |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
حقيقت ۾ ته الله ماڻهن تي ڪوبه ظلم نه ڪندو آهي پر ماڻهو پاڻ ٿا پاڻ تي ظلم ڪن |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
(اڄ اهي دنيا جي زندگيءَ ۾ مست لڳا پيا آهن) ۽ جنهن ڏينهن الله کين ميڙي گڏ ڪندو ته (اهائي دنيا واري زندگي کين ائين لڳندي) ڄڻ ته هو رڳو ڪنهن گهڙي پل لاءِ هڪ ٻئي جو تعارف حاصل ڪرڻ لاءِ ترسيا هئا. (تڏهن ثابت ٿي ويندو ته) حقيقت ۾ اهي ماڻهو سخت خساري ۾ پئجي ويا، جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو ٿي ڀانيو ۽ اهي سنئينءَ واٽ تي هئا ئي نه |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
جن اگرن نتيجن کان اسان کين ڊيڄاريون ٿا، انهن مان ڪي اسان تنهنجي جيئري ئي ڏيکاري ڇڏيون يا ان کان اڳ ۾ ئي توکي کڻي وٺون، پر کين اچڻو ته نيٺ اسان ڏانهن ئي آهي ۽ جيڪي ڪجهه هو ڪن ٿا، ان تي الله شاهد آهي |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
هر امت لاءِ هڪ رسول آهي، پوءِ جڏهن ڪنهن امت وٽ سندس رسول اچي وڃي ٿو ته ان جو فيصلو پوري انصاف سان نبيريو وڃي ٿو ۽ مٿن ڪوبه ظلم نه ٿو ڪيو وڃي |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
چون ٿا ته جيڪڏهن توهان جي اها ڌمڪي سچي آهي ته پوءِ اها ڪڏهن پوري ٿيندي؟ |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
چوين ته "منهنجي وس ۾ ته پنهنجو نقصان ۽ نفعو به ناهي. سڀ ڪجهه الله جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. هر امت لاءِ مهلت جي هڪڙي مدت مقرر ٿيل آهي، جڏهن اها مدت پوري ٿي وڃي ٿي ته پوءِ هڪڙي گهڙي به نڪي پوئتي ٿئي ٿي ۽ نه اڳتي |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
چوينِ ته ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته جيڪڏهن الله جو عذاب اوچتو ئي رات جي وڳڙي ۾ يا ڏينهن ڏٺي اچي توهان تي ڪڙڪي (ته پوءِ توهان ڇا ڪندؤ؟) آخر اها آهي ڪهڙي شيءِ جنهن لاءِ ٿا ڏوهاري ايڏي تڪڙ ڪن؟ |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
ڇا جڏهن اها توهان تي اچي ڪڙڪندي ته پوءِ توهان انکي مڃيندؤ؟ هاڻي ٿا بچڻ گهرو؟ هونئن ته توهان پاڻ ئي ٿي ان جي اچڻ لاءِ ايڏي تڪڙ مچائي! |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
پوءِ ظالمن کي چيو ويندو ته هاڻي دائمي عذاب جو مزو چکو، جيڪي توهان پئي ڪمايو آهي، ان جي سزا لوڙڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو اجورو توهان لهڻو |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
وري توکان پڇن ٿا ته ڇا اهو سچ آهي، جيڪو تون چوين پيو؟ چوين ته هائو، منهنجي رب جو قسم! اهو بلڪل سچ آهي ۽ توهان کي ايتري طاقت ئي ناهي جو انکي ظاهر ٿيڻ کان روڪي سگهو |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
جيڪڏهن هر انهيءَ شخص وٽ جنهن ظلم ڪيو آهي، ساري ڌرتيءَ جي دولت به هجي ته انهيءَ عذاب کان بچڻ لاءِ هو اها سڀ ڀري ڇٽڻ تي تيار ٿي ويندو. جڏهن اهي ماڻهو انهيءَ عذاب کي ڏسندا ته اندر ۾ ڏاڍو پڇتائيندا، مگر سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي ڪوبه ظلم نه ٿيندو |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
ٻڌو، آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي الله جو آهي. ٻڌي ڇڏيو، الله جو وعدو سچو آهي پر گهڻا انسان ڄاڻن ئي نٿا |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
اهوئي جيئاري ٿو، اهوئي ماري ٿو ۽ انهيءَ ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽي هلڻو آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي انسانؤ! توهان وٽ توهان جي رب وٽان نصيحت اچي وئي آهي ۽ اها شفاءَ آهي دلين جي مرضن جي ۽ جيڪي ان کي قبول ڪندا تن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
اي نبي! چوين ته "اهو الله جو فضل ۽ سندس مهرباني آهي، جو اها شيءِ موڪلي اٿائين، ان تي ته ماڻهن کي خوشي ملهائڻ کپي، اها انهن سڀني شين کان ڀلي آهي، جن کي ماڻهو پيا ٿا ميڙين" |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
اي نبي! چوين ته "توهان ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته جيڪو رزق الله توهان لاءِ لاٿو هو، ان مان توهان پاڻ ئي ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال ڪري ڇڏيو". پڇينِ ته ڇا الله توهان کي ان جي اجازت ڏني هئي؟ يا توهان الله تي ٺاهه ٿا ٺاهيو؟ |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
جيڪي ماڻهو الله تي اهو ڪوڙو بهتان ٿا مڙهين، انهن جو ڇا خيال آهي ته قيامت جي ڏينهن ساڻن ڇا ٿيندو. الله ته ماڻهن تي مهربانيءَ جي نظر ڪندو رهي ٿو، مگر اڪثر ماڻهو شڪر نٿا ڪن |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
اي نبي! تون جنهن به حالت ۾ هوندو آهين ۽ قرآن مان جيڪي به ٻڌائيندو آهين ۽ اي انسانؤ! توهان به جيڪي ڪجهه ڪندا آهيو، اسان توهان کي ڏسندا رهندا آهيون. ذري برابر به ڪا شيءِ زمين توڙي آسمان ۾ اهڙي ناهي، جا تنهنجي رب جي نظر کان لڪل هجي. نه وري ان کان به ننڍي يا کڻي وڏي ڪا اهڙي شيءِ آهي، جيڪا هڪڙي چٽي ڪتاب ۾ لکيل نه هجي |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
ٻڌي ڇڏيو، جيڪي الله جا دوست آهن، انهن لاءِ ڪنهن به خوف يا ڏک جي ڪا ڳالهه ڪانهي |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
جن ايمان آندو ۽ جن تقويٰ واري هلت اختيار ڪئي، |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
دنيا توڙي آخرت ٻنهي ۾ انهن لاءِ خوشخبري ئي خوشخبري آهي. الله جون ڳالهيون بدلبيون ناهن. اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
اي نبي! جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو تو بابت ڪن ٿا، انهن کان ڏک نه ڪر، عزت ته سموري الله جي هٿ ۾ آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
خبردار! آسمانن جا رهڻ وارا هجن يا زمين جا، سڀئي الله جي مــِـلڪ آهن ۽ جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي (پنهنجن هٿراڌو) شريڪن کي ٿا سڏين، اهي رڳو وهم ۽ گمان تي ٿا هلن ۽ وتن ٿا رڳو ڌُڪا هڻندا |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
اهو الله ئي آهي، جنهن توهان لاءِ رات بڻائي ته ان ۾ سڪون حاصل ڪريو ۽ ڏينهن کي روشن بڻايائين. انهيءَ ۾ نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (ڪَنَ کولي نبيءَ جي دعوت کي) ٻڌن ٿا |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
ماڻهو ٿا چون ته الله ڪنهن کي پٽ بڻايو آهي. هو ته پاڪ آهي ان کان، هو ته بي نياز آهي. آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي سندس مـِـلڪ آهي، توهان وٽ انهيءَ ڳالهه چوڻ جو آخر ثبوت ڪهڙو آهي؟ ڇا توهان الله جي باري ۾ ٿا اهي ڳالهيون چئو، جن جي توهان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
اي نبي! ٻڌائي ڇڏين ته جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙ ٿا ٺاهين، اهي ڪڏهن به ڇوٽڪارو نه لهندا |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
دنيا ۾ ڀلي مزا ڪن، پوءِ ته اسان ڏانهن ئي موٽي اچڻو اٿن. پوءِ اسان انهيءَ ڪفر جي بدلي ۾ جيڪو هو پيا ٿا ڪن، کين ڏاڍي سخت عذاب جو مزو چکائينداسون |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
انهن کي نوح جو قصو ٻڌاءِ . جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو هو ته "اي منهنجي قوم! جيڪڏهن منهنجو توهان جي وچ ۾ رهڻ ۽ الله جون آيتون ٻڌائي توهان کي غفلت مان سجاڳ ڪرڻ توهان تي بار بڻجي پيو آهي ته منهنجو آسرو ته الله تي ئي آهي. توهان پنهنجي گهڙيل شريڪن سان گڏجي يڪراءِ ڪو فيصلو ڪريو ۽ پنهنجي سٽيل سٽ خوب سوچي سمجهي اهڙي بڻايو، جو پوءِ ان بابت ڪابه ٻـُـڏتر نه هجيوَ، پوءِ انکي منهنجي خلاف عمل ۾ آڻي ڇڏيو ۽ مونکي هرگز ڪا مهلت نه ڏيو |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
توهان جو منهنجي نصيحت کان منهن موڙيو آهي (ته منهنجو ڪهڙو نقصان ڪيوَ) مان ته توهان کان ڪو اجورو نه پئي گهريو، منهنجو اجر ته الله جي بلي آهي ۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته (ڪو مڃي نه مڃي) مان پاڻ مسلم ٿي رهان" |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پر انهن کيس ڪوڙو چيو، پوءِ اسان کيس ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا بچائي ورتوسون ۽ کين ئي زمين ۾ جاءِ نشين بڻايوسون ۽ انهن سڀني کي غرق ڪري ڇڏيوسون، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو هو، پوءِ ڏسو ته جن کي خبردار ڪيو ويو هو (۽ پوءِ به نه مڃيو هئائون) انهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
وري نوح کان پوءِ اسان ڪيترن ئي پيغمبرن کي سندن قومن ڏانهن موڪليو ۽ هنن وٽن چٽيون نشانيون آنديون مگر جنهن شيءِ کي هو اڳ ۾ ڪوڙو سڏي چڪا هئا، تنهن کي وري به نه مڃيائون. اهڙيءَ طرح اسان حد کان لنگهي وڃڻ وارن جي دلين تي مهر هڻي ڇڏيندا آهيون |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
ان کان پوءِ اسان موسيٰ ۽ هارون کي پنهنجي نشانين سميت فرعون ۽ سندس مکيه ماڻهن ڏانهن موڪليو، پر انهن ڏاڍي وڏائي ڪئي ۽ اهي ڏوهاري ماڻهو هئا |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن اسان طرفان وٽن حق پهچي ويو ته انهن چيو ته هيءُ ته کليو کلايو جادو آهي |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
موسيٰ چين: "ڇا توهان حق لاءِ ٿا ائين چئو، جڏهن جو اهو توهان جي سامهون اچي ويو؟ ڇا هيءُ جادو آهي؟ جادوگر ته ڪاميابي ماڻيندا ئي ناهن" |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
انهن جواب ۾ چيو: "ڇا تون ان لاءِ آيو آهين ته اسانکي انهيءَ طريقي کان ڦيرائي ڇڏين، جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو آهي ۽ زمين ۾ وڏائي توهان ٻنهي جي قائم ٿي وڃي؟ توهانجي ڳالهه ته اسان هرگز نه مڃينداسون" |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
۽ فرعون (پنهنجي ماڻهن کي) چيو ته "هرهڪ ماهر جادوگر مون وٽ حاضر ڪريو" |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
جڏهن جادوگر اچي ويا ته موسيٰ کين چيو ته "جيڪو اڇلائڻو اٿوَ اڇلايو" |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
پوءِ جڏهن انهن پنهنجا ٽڪساٽ اڇلايا ته موسيٰ چين: جيڪو توهان اڇلايو آهي اهو ته جادو آهي، الله ڄاڻ ٿو انکي بيڪار ڪري ڇڏي، مفسدن جي ڪم کي ته الله سڪارتو نه ڪندو آهي |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
۽ الله پنهنجن فرمانن سان حق کي حق ڪري ڏيکاريندو آهي، کڻي ڏوهاري ڪيڏا به ارها ڇونه ٿين" |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
(وري ڏسو ته) موسيٰ کي پنهنجي قوم مان چند نوجوانن کانسواءِ ڪنهن نه مڃيو، فرعون جي ڊپ کان ۽ خود پنهنجي قوم جي چڱن مڙسن جي ڀــَـوَ کان (جن کي ڊپ هو) ته فرعون کين ڏاڍو عذاب ڏيندو ۽ اها ته حقيقت آهي ته فرعون کي زمين ۾ وڏو دٻدٻو حاصل هو ۽ هو انهن ماڻهن مان هو، جيڪي ڪٿي رڪجڻ وارا ناهن |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته "اي منهنجي قوم وارؤ! جيڪڏهن توهان سچ پچ الله تي ايمان آندو آهي ته پوءِ مٿس ئي ڀروسو ڪريو جيڪڏهن توهان مسلمان آهيو" |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
انهن جواب ڏنو ته اسان ته الله تي ئي ڀروسو ڪيو آهي، اي اسان جا رب! اسان کي ظالمن لاءِ فتنو نه بڻاءِ |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ پنهنجي رحمت سان ڪافرن کان اسان جي جند ڇڏاءِ |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
۽ اسان موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ کي وحي ڪيو ته "مصر ۾ پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه جاين کي ٿاڪ بڻايو ۽ پنهنجي انهن جاين کي قبلو بڻايو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏيو" |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
موسيٰ ٻاڏايو: "اي اسان جا رب! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي دنيا جي زندگيءَ ۾ ٺٺ ٺانگر ۽ مال دولت سان نوازيو آهي. اي رب! ڇا اهو ان لاءِ آهي ته هو ماڻهن کي تنهنجي واٽ کان ٿيڙي ڇڏين؟ اي رب! انهن جا مال برباد ڪري ڇڏ ۽ انهن جي دلين کي اهڙو سخت بڻاءِ جو تيستائين ايمان ئي نه آڻين جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسن" |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
الله جواب ۾ فرمايو: "توهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي. ثابت قدم ٿي بيهو ۽ انهن ماڻهن جي طريقي جي هرگز پيروي نه ڪريو جن کي ڄاڻ ناهي |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
۽ اسان بني اسرائيل کي ته سمنڊ مان پار ٽپائي وياسون. "پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ خاطر سندن ڪڍ پيا، تانجو جڏهن فرعون ٻڏڻ لڳو ته بي اختيار ٿي چيائين: "مون مڃيو ته بيشڪ معبود انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي، جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندو آهي ۽ مان به فرمانبرداريءَ ۾ ڪنڌ جهڪائڻ وارن مان آهيان" |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
(جواب مليس) "ڇا هاڻي ٿو ايمان آڻين؟ حالانڪه هيل تائين ته سخت بي فرمانيون ڪندو رهئين ۽ فسادين مان هئين |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
هاڻي ته اسان فقط تنهنجي لاشي کي بچائينداسون ته جيئن تون پوين لاءِ عبرت جي نشاني بڻجين، جيتوڻيڪ گهڻا ئي انسان اهڙا آهن، جيڪي اسان جي نشانين تي ڪو ڌيان نه ڏيندا آهن" |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
اسان بني اسرائيل کي ڏاڍو سٺو ٺڪاڻو ۽ تمام ڀلو رزق عطا ڪيو، پوءِ انهن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو ئي تڏهن، جڏهن وٽن علم اچي چڪو هو، بيشڪ تنهنجو رب قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪري ڇڏيندو، جنهن ۾ هو اختلاف ڪندا رهيا آهن |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
هاڻي جيڪڏهن توکي انهيءَ هدايت بابت ڪو شڪ آهي، جيڪا اسان توتي نازل ڪئي آهي ته انهن ماڻهن کان پڇا ڪر، جيڪي توکان اڳ ڪتاب پڙهندا رهيا آهن. حقيقت ۾ اهو تو وٽ حق ئي آيو آهي تنهنجي رب وٽان، تنهنڪري تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿيءُ |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
۽ انهن ماڻهن ۾ شامل نه ٿيءُ، جن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو آهي، نه ته تون به نقصان وارن مان ٿي پوندين |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
اصل ڳالهه اها آهي ته جن ماڻهن تي تنهنجي رب (جي عذاب) جو حڪم آيو آهي، سي ايمان نه آڻيندا |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
توڻي انهن وٽ ڪهڙي به نشاني ايندي، جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسن |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
پوءِ ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ڪنهن ڳوٺ عذاب ڏسي ايمان آندو هجي ۽ سندس ايمان کيس ڪو فائدو رسايو هجي سواءِ يونس جي قوم جي؟ البته انهيءَ قوم جڏهن ايمان آندو ته اسان مٿانئس هن دنيا جي زندگيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب ٽاري ڇڏيو ۽ انکي ڪنهن مدت تائين زندگيءَ مان فائدي وٺڻ جو موقعو ڏئي ڇڏيوسون |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
جيڪڏهن تنهنجو رب گهري ها (ته زمين ۾ سڀئي مؤمن ۽ فرمانبردار هجن) ته سڀئي زمين وارا ايمان آڻين ها. پوءِ تون ماڻهن کي مجبور ڪندين ڇا ته هو مؤمن بڻجي وڃن؟ |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
ڪوبه شخص الله جي حڪم کانسواءِ ايمان نٿو آڻي سگهي ۽ الله جو طريقو اهو آهي ته جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم نه وٺندا آهن، تن تي هو گندگي وجهي ڇڏيندو آهي |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
چوين ته "آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي انکي اکيون کولي ڏسو" ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ ئي نٿا چاهين، انهن لاءِ نشانيون توڙي ڊيڄارڻ ڇا ڪندا؟ |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
هاڻي اهي ماڻهو ان کانسواءِ آخر ٻي ڪهڙيءَ ڳالهه جو ٿا انتظار ڪن ته اهڙائي بڇڙا ڏينهن ڏسن جهڙا کانئن اڳ ٿي گذريل ماڻهو ڏسي چڪا آهن؟ چوينِ ته "چڱو توهان به انتظار ڪريو، مان به ٿو توهان سان گڏجي انتظار ڪريان" |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
پوءِ (جڏهن ڪو اهڙو وقت ايندو آهي ته) اسان پنهنجن رسولن کي ۽ انهن ماڻهن کي جن جو ايمان آندل هوندو آهي، بچائي وٺندا آهيون. اهوئي اسانجو طريقو آهي. اسان تي اهو حق آهي ته مؤمنن کي بچائي وٺون |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
اي نبي چوين ته "اي انسانؤ! جيڪڏهن توهان اڃان تائين منهنجي دين جي باري ۾ ڪنهن شڪ ۾ آهيو ته ٻڌي ڇڏيو ته توهان الله جي بدران جن جي بندگي ڪريو ٿا، مان انهن جي بندگي نٿو ڪريان، بلڪه فقط انهيءَ الله جي ٿو بندگي ڪريان، جنهن جي هٿ ۾ توهانجو موت آهي. مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان ايمان آڻيندڙن مان هجان |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
۽ (مونکي چيو ويو آهي ته) ٻيا سڀ در ڇڏي پاڻ کي پوريءَ طرح انهيءَ دين تي کــُـپائي ڇڏ ۽ ڪنهن به حالت ۾ مشرڪن مان نه ٿيءُ |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ الله کي ڇڏي ڪنهن کي به نه سڏ، جيڪو توکي نڪي نفعو رسائي سگهي ٿو ۽ نه نقصان. جيڪڏهن تو ائين ڪيو ته ظالمن مان ٿي پوندين |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
جيڪڏهن الله توکي ڪنهن مصيبت ۾ وجهي ته کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي، جيڪو اها مصيبت ٽاري ڇڏي ۽ جيڪڏهن هو تولاءِ ڪنهن ڀلائيءَ جو ارادو ڪري ته سندس فضل کي موٽائي ڇڏڻ وارو به ڪوئي ڪونهي، هو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي چاهي پنهنجي فضل سان نوازي ٿو ۽ هو بخشڻهار ۽ ٻاجهه ڪندڙ آهي" |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
اي نبي چوين ته "اي انسانؤ! توهان وٽ توهانجي رب وٽان حق اچي چڪو آهي، هاڻي جيڪو هدايت تي هلندو ته سندس هدايت تي هلڻ کيس ئي فائدو ڏيندو ۽ جيڪو گمراهيءَ ۾ پيو رهيو، ان جي گمراهيءَ جو وبال به مٿس ئي پوندو ۽ مان توهانجي مٿان ڪو نگهبان نه آهيان" |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
۽ اي نبي ! تون انهيءَ هدايت جي پيروي ڪندو رهه جيڪا توڏانهن وحيءَ وسيلي موڪلي پئي وڃي ۽ صبر ڪر، تانجو الله فيصلو ڪري ڇڏي، بيشڪ هو فيصلي ڪرڻ ۾ سڀني کان ڀلو آهي |