الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
آلرا، اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا انهن ماڻهن لاءِ هيءَ اچرج جي ڳالھ آهي جو اسان انهن مان هڪ مرد کي وحي ڪيو ته تون (بي ايمان ماڻهن) کي ڊيڄار ۽ ايماندارن کي خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ سندن پروردگار وٽ سچائيءَ جا قدم (وڏا مرتبا) آهن. (پر) ڪافر (هنن آيتن کي ٻڌي) چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته پڪ پڌرو جادوگر آهي. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
هن ۾ ڪهڙو شڪ (آهي) جو اوهان جو پالڻهار اهو ئي خدا آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري هن عرش کي بلند ڪيو. اهو ئي هر ڪم جو انتظام ڪري ٿو. (هن وٽ) ڪو به (ڪنهين جو) سفارشي نه آهي، پر سندس اجازت (حاصل) ڪرڻ کان پوءِ. اهو ئي خدا ته توهان جو پاليندڙ آهي ته ان جي عبادت ڪريو ته ڇا اوهين اڃا به نه ٿا سوچيو؟ |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
اوهان سڀني کي (نيٺ) ان ڏي موٽڻو آهي. خدا جو وعدو سچو آهي. پڪ اهو ئي مخلوق کي پهرين ڀيري پيدا ڪري ٿو وري (مرڻ کان پوءِ) اهو ئي ٻيهر جياريندو ته جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان نيڪ اجر عطا ڪري. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ سندن ڪفر جي سزا ۾ پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ درددناڪ عذاب هوندو. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
اهو ئي (قادر مطلق) آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن بنايو آهي ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون اٿس هن لاءِ ته اوهين ورهين جي ڳاڻيٽي ۽ حساب کي ڄاڻو. خدا انهن کي پوريءَ تدبير ۽ مصلحت سان ئي بنايو آهي. اهو (پنهنجي) آيتن کي عقلمند ماڻهن کي تفصيل وار ٻڌائي ٿو. |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ خدا جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي (تنهن ۾) پرهيزگارن لاءِ نشانيون آهن. |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
بيشڪ جيڪي (قيامت ۾ اسان جي بارگاھ جي) حضوري جو انديشو نه ٿا رکن ۽ دنيا جي (فاني) زندگيءَ کان نهال آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن پڻ جيڪي اسان جي آيتن کان غافل آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن جو ٺڪاڻو سندن ڪرتوتن سبب دوزخ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن ايمان جي ڪري منزل مقصود تي پهچائيندو جي آرام ۽ آسائش وارن باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان واھ وهندڙ هوندا. |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
انهن باغن ۾ سندن قول هيءُ هوندو ته اي الله! تون پاڪ آهين ۽ اتي سندن آجيان سلام سان ٿيندي، ۽ سندن پڇاڙي جو قول هيءُ هوندو ته سڀ تعريفون الله جون آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
۽ جيئن ماڻهو پنهنجي ڀلائي لاءِ تڪڙ ڪن ٿا، تئين جيڪڏهن خدا سندن شرارتن (جي سزا) برائيءَ ۾ جلدي وٺ پڪڙ ڪري وهي ها ته هوند، سندن موت مٿن ڪڏهين جو اچي ڪڙڪي ها. پر اسين ته انهن ماڻهن کي جن وٽ (مرڻ کان پوءِ) اسان جي بارگاھ ۾ اچڻ جو کٽڪو نه آهي (تن کي) ڊگهو رسو ڇڏي ڇڏيون ٿا ته اهي پنهنجي انڌ ۾ رلندا ڦرندا رهن. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
۽ جڏهن ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي (مطلب ته هر حالت ۾) اسان کي سڏي ٿو، پوءِ جڏهن ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته اهڙو (آهستي) کسڪي وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن تڪليف جي (لاهڻ) لاءِ جيڪا کيس پهتي هئي، ان اسان کي سڏيو ئي نه هو. جيڪي ماڻهو زيادتي ڪن ٿا تن کي سندن ڪڌا ڪرتوت ائين ئي چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ وارن گروهن کي، جڏهين هنن شرارت ڪئي ته اسان کين ضرور هلاڪ ڪيو. حالانڪه ان (وقت جا) رسول، ظاهر (ظهور) روشن نشانيون کڻي آيا هئا. ۽ انهن ماڻهن (ايمان نه آڻي) نه آندو. اسين ته ڏوهاري ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سزا ڏيندا آهيون. |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
وري اسان انهن کان پوءِ اوهان کي زمين ۾ (سندن) قائم مقام ڪيو ته جيئن ڏسون ته اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪريو ٿا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
۽ جڏهن انهن کي اسان جون ظاهر (۽ کليل) آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جن کي (مرڻ کان پوءِ) اسان جي حضوريءَ جو کٽڪو نه آهي. اهي چون ٿا ته هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلائي! (اي رسول! کين) چئو ته منهنجو اختيار نه آهي جو ان کي پنهنجي طرفان بدليان، آءُ رڳو، جيڪو منهنجي طرف حڪم موڪليو وڃي ٿو، تنهنجي پيروي ڪريان ٿو. بيشڪ آءُ ته پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪرڻ ۾ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
(اي رسول!) چوين ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته، نه آءُ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه هو اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها. ڇو ته آءُ (آخر) اوهان وٽ ان کان اڳ (ڪيتري) عمر رهيو آهيان (۽ ڪڏهين مون وحي جو نالو به نه کنيو) ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا ڄاڻو. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ مڙهي يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري، ان ۾ ڪو شڪ نه (آهي) ته (اهڙا) ڏوهاري ڪامياب نه ٿيندا. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
۽ اهي خدا کي ڇڏي اهڙين شين کي پوڄين ٿا جي نه ته انهن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون ۽ چون ٿا ته اهي خدا وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا اوهين خدا کي اهڙي ڳالھ ٻڌايو ٿا جنهن کي اهو نه ته آسمانن ۾ (ڪٿي) ڏسي ٿو ۽ نه زمين ۾. اهي ماڻهو جنهن شيءِ کي سندس شريڪ بنائين ٿا تنهن کان هو پاڪ صاف ۽ بلند آهي. |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
۽ سڀ ماڻهو (پهرين) هڪ ئي امت هئي. پوءِ الڳ الڳ ٿيا. ۽ (اي رسول!) جي تنهنجي رب جي طرف کان هڪ ڳالھ (قيامت جي وعدي واري) اڳ ٿيل نه هجي ها ته جي اختلاف ڪن ٿا تنهن جو انهن جي وچ ۾ (ڪڏهين جو) فيصلو ٿي وڃي ها. |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
۽ چون ٿا ته هن (نبي) تي ڪو اهڙو معجزو (اسان جي مرضيءَ موجب) ڇو ڪين نازل ٿيو؟ ته (اي رسول! کين) چئو ته غيب (داني) ته رڳو خدا جي لاءِ آهي، ته پوءِ انتظار ڪريو. بيشڪ آءُ (به) اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا کين پهتي، پنهنجي رحمت جو مزو چکايو ته يڪدم انهن اسان جي آيتن ۾ چالاڪيون شروع ڪري ڏنيون (اي رسول! کين) چئو ته خدا رٿ رٿڻ ۾ سڀني کان تيز آهي. تن کي پڪ!اسان جا موڪليل (فرشتا) لکندا رهن ٿا. |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
هو اهو (پروردگار) آهي جو اوهان کي خشڪيءَ ۽ دريا ۾ سير ڪرائيندو وتي ٿو، ايتري تائين جو (جڏهن) اوهين ٻيڙين ۾ هجو ٿا ۽ اهي سڻائي واءُ سان ماڻهن کي وٺي هلن ٿا ته (اوچتو) انهيءَ ٻيڙيءَ تي سخت اچي (وڌي) ٿي ۽ جتان ڪٿان مٿن لهرون (وڌنديون) اچن ٿيون ۽ خيال ڪندا آهن ته هاڻي گهيري ۾ اچي وياسون (جان نه بچندي) تڏهن پنهنجي سچي عقيدي سان خدا کي سڏيندا آهن ته (يا الله) جيڪڏهن تو اسان کي هن (مصيبت) کان بچايو ته اسين ضرور وڏا شڪر گذار ٿينداسون. |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
پوءِ جڏهن خدا کين ڇوٽڪارو ڏنو ته اهي زمين تي (قدم رکندي ئي) يڪدم ناحق سرڪشي ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانو! توهان جي سرڪشيءَ (جو وبال ته) توهان جي سر تي آهي. (اهو به) دنيا جي (فاني) زندگي جو فائدو آهي. پوءِ نيٺ اسان ڏي (ئي) موٽي اچڻو آهي. پوءِ (تڏهن) اسين جيڪي اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا، ٻڌائينداسون. |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
دنيا جي حياتي جو مثال ائين آهي جيئن پاڻيءَ کي اسان آسمان مان وسايو، پوءِ زمين جا اوڀڙ ان سان رلي ملي نڪتا جن کي ماڻهو ۽ وهٽ کائن ٿا، تان جو جڏهن زمين پنهنجي ساوڪ ورتي ۽ سونهن واري ٿي ۽ زميندارن کي پڪ ٿي ته هاڻي (فصل) اسان جي قبضي ۾ آهي (جڏهن گهرون لابارو ڪريون ته) اوچتو اسان جو حڪم (عذاب) رات يا ڏينهن جو اهڙو ته آيو جو اسان ان کي لڻيل (ڍير) ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته ڪالھ اتي ڪا آبادي ئي ڪا نه هئي. جيڪي ماڻهو سوچين ٿا تن لاءِ اسين آيتن کي اهڙي طرح کولي بيان ڪريون ٿا. |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
۽ خدا ته آرام جي گهر (بهشت) ڏي سڏي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو سڌي رستي جي هدايت ڪري ٿو. |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
جن ماڻهن (دنيا ۾) نيڪي ڪئي انهن لاءِ (آخرت ۾ به) ڀلائي آهي (پڻ اڃا به وڌيڪ ۽ سندن چهرن تي (ڏوهارين وانگر) ته ڪارنهن ۽ نه خواري ڇانيل هوندي آهي. جنتي آهن جو هميشه ان ۾ رهندا. |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
۽ جن ڪڌا ڪم ڪيا تن لاءِ گناهن جي برابر سزا آهي انهن تي خواري ڇانيل هوندي جن کي ڪو به (خدا جي عذاب کان) بچائڻ وارو نه هوندو. سندن (منهن اهڙا ته ڪارا هوندا جو) ڄڻ ته اونداهيءَ رات جي حصن سان ڍڪيل آهن. اهي ئي دوزخي آهن. اهي ان ۾ هميشه پيا رهندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
(اي رسول! ان ڏينهن کان ڊڄ) جنهن ڏينهن اسين سڀني کي ڪٺو ڪنداسون، پوءِ مشرڪن کي چونداسون ته اوهين ۽ اوهان جا (بنايل خدا جا) شريڪ ٿورو اتي ترسو. پوءِ اسان انهن ۾ جدائي وجهنداسون ۽ انهن جا (اهي) شريڪ چوندا ته اوهين اسان جي بندگي نه ڪندا هئا. |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
ته (هاڻي) اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهديءَ لاءِ خدا ڪافي آهي. بيشڪ اسين اوهان جي بندگيءَ کان بي خبر هئاسون. |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
(مطلب ته) اتي هرشخص جيڪي اڳي (دنيا ۾) ڪيو آهي. تنهن کي جاچي وٺندو ۽ کين سندن حقيقي مالڪ الله ڏانهن موٽايو ويندو ۽ (دنيا ۾ جيڪي ٺاھ پيا ٺاهين سي انهن کان گم ٿي ويندا. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
(اي رسول! تون هنن کان) پڇ ته اوهان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير ٿو روزي ڏي؟ يا (اوهان جا) ڪن ۽ (اوهان جي) اکين جو مالڪ ڪير آهي ۽ ڪير جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو؟ ۽ هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو؟ ته يڪدم چوندا ته خدا، (اي رسول) تون چوين! ته ڇا، پوءِ به (ان کان) نه ٿا ڊڄو. |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
پوءِ اهو ئي ته اوهان جو سچو مربي آهي. ۽ حق ڳالھ کان پوءِ گمراهي کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ پوءِ اوهين ڪيڏانهن ابتا وڃو ٿا؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
اهڙيءَ طرح تنهنجي پالڻهار جو حڪم بدڪارن تي ثابت ٿيو ته اهي هرگز ايمان نه آڻيندا. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
(اي رسول! هنن کان) پڇو ته ڇا اوهان جي شريڪ ڪيل (خدائن) مان ڪو اهڙو آهي جو مخلوقات کي پهرين ڀيري پيدا ڪري. پوءِ کين (مرڻ بعد) ٻيهر جياري؟ (اهي ڇا جواب ڏيندا) تون ئي چوين ته خدا ئي پهرين پيدا ڪري ٿو ۽ ٻيهر جياري ٿو. پوءِ ڇو ابتا وڃون ٿا؟ |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
(اي رسول! کين) چئو ته ڇا اوهان جي (بنايل شريڪن) مان ڪو اهڙو آهي جو صحيح رستو ڏيکاري ٿو؟ چوين ته الله ئي (دين جو) صحيح رستو ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو صحيح رستو ڏيکاري سو هن ڳالھ جو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس تابعداري ڪئي وڃي يا اهو شخص جيڪو (ٻين کي رستو ڏيکارڻ ته ٺهيو پر) کيس، جڏهن ڪو ٻيو دڳ لاهي، راھ نه ٿو ڏسي! ته پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو آهي اوهين ڪهڙا حڪم ڪريو ٿا؟ |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ هنن مان گهڻا ته رڳو پنهنجي (وهم ۽) گمان تي هلن ٿا. (حالانڪه) گمان، يقين جي مقابلي ۾ ڪڏهن ڪجھ به ڪم اچي نٿو سگهي. بيشڪ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کان خدا با خبر آهي. |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
۽ هي قرآن اهڙو نه آهي جو خدا کان سواءِ ڪو به ٻيو پنهنجي طرف کان ڪوڙ بدوڙ بنائي وجهي. پر (هي ته) جي ڪتاب سندس سامهون آهن تن جي تصديق ڪندڙ ۽ (انهن) ڪتابن جو تفصيل آهي. بيشڪ هيءُ جهانن جي پالڻهار جي طرف کان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
(اي رسول!) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو (محمد) پاڻ ٺاهيو آهي؟ چوين! جيڪڏهن پنهنجي (دعوى ۾) سچا آهيو ته (ڀلا) ان جهڙي هڪ سورت ئي ان جي برابر ٺاهي آڻيو ۽ خدا کان سواءِ جنهن کي (به مدد لاءِ سڏي سگهو) تنهن کي سڏيو. |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
(اهي ماڻهو آڻيندا ته ڇا) مرڳو (ابتو) جنهن کي سمجهڻ سندن وس کان ٻاهر آهي تنهن کي لڳا ڪوڙو ڪرڻ هوڏانهن اڃان تائين کين ان جي معنى به سمجهڻ ۾ آئي آهي اهڙي طرح انهن ماڻهن به ڪوڙ ڪيو جي هنن کان اڳ هئا. پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
۽ هنن مان ڪي اهڙا آهن جي قرآن تي آئنده ايمان آڻيندا ۽ ڪي اهڙا آهن جي ايمان آڻيندا ئي ڪين. ۽ (اي رسول) تنهنجو پروردگار ته فسادين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
۽ جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته تون چوين! ته مون لاءِ منهنجو ڪم آهي ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪرتوت آهن. جيڪي آءُ ڪريان ٿو، تنهن کان اوهين ڇٽيل آهيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان آءُ آزاد آهيان. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن جا ڪن تنهنجين ڳالهين ڏي لڳل آهن ته (ڇا اهي تنهنجي ٻڌندا! هر گز نه) تون ڪو (دل جي) ٻوڙن کي ڪجھ ٻڌائي سگهندين! توڙي جي اهي ڪجھ سمجهي به نه سگهندا هجن. |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
۽ ڪي انهن مان اهڙا آهن جي توڏي (چتائي) ڏسن ٿا، ته (ڇا اهي ايمان آڻيندا، هرگز نه) ڇا پوءِ تون (دل جي) انڌن کي رستو ڏيکاريندين جيتوڻيڪ اهي نه ڏسندا هجن. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
خدا ته ڪڏهين به ماڻهن تي ظلم نه ٿو ڪري پر ماڻهو پاڻ تي (پنهنجن ڪرتوتن ڪري) ظلم ڪندا رهندا آهن. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
۽ جنهن ڏينهن خدا انهن ماڻهن کي (پنهنجي بارگاھ ۾) ڪٺو ڪندو ته اهي ماڻهو (سمجهندا ته دنيا ۾) ڄڻ ته رڳو ڏينهن جي هڪ گهڙي (پهر) رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا. جن ماڻهن خدا جي بارگاھ ۾ حاضر هجڻ کي ڪوڙ سمجهيو آهي. ضرور گهاٽي ۾ ٿيا ۽ (اهي) هدايت وارا به نه هئا. |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
(اي رسول!) اسان جنهن جنهن (عذاب) جو هنن سان وعدو ڪري چڪا آهيون، انهن مان اگر ڪجھ تو کي ڏيکاريون يا تو کي (اڳ ۾ ئي دنيا مان) کڻي وٺون تڏهن به (آخر) ته انهن سڀني کي اسان ڏي موٽڻو ئي آهي. پوءِ جو ڪجھ اهي ڪري رهيا آهن خدا ته تنهن تي شاهد آهي ئي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
۽ هر امت جو خاص (هڪ) هڪ رسول ٿيو آهي. پوءِ جڏهن سندن رسول (اسان جي بارگاھ ۾) ايندو ته هنن ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
اهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (نيٺ) ان (عذاب جو وعدو) ڪڏهن پورو ٿيندو. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
(اي رسول! کين) چئو ته آءُ خود پنهنجي لاءِ نه نقصان تي قادر آهيان نه فائدي تي جيڪي خدا گهري. هر امت (جي رهڻ) جو (سندس علم ۾ هڪ وقت مقرر آهي جڏهن سندن وقت ايندو ته نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندو ۽ نه اڳتي ٿيندو. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
(اي رسول! کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس عذاب اوهان تي رات يا ڏينهن جو اچي پوندو ته (پوءِ) ڏوهاري ان لاءِ ڇو جلدي ڪري رهيا آهن؟ |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
ڇا وري جڏهن (عذاب جي) اچي پهچندو تڏهن ان تي ايمان آڻيندا ڇا هاڻ (ايمان آڻيندا!) هوڏانهن ان جو جلد اچڻ گهرندا هئا. |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
وري (قيامت جي ڏينهن) ظالمن کي چيو ويندو ته هميشه جي عذاب جو مزو چکيو، جيڪي اوهين ڪندا هئا. رڳو ان جو ئي اوهان کي عوض ڏنو ويندو. |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
۽ (اي رسول!) تو کان پڇن ٿا ته ڇا (جو ڪجھ چوين ٿو) اهو سڀ ڪجھ سچ آهي. تون کين چئو ته هائو مون کي پنهنجي پالڻهار جو قسم آهي ته بيشڪ اهو سچ آهي ۽ اوهين (خدا کي) عاجز نه ٿا ڪري سگهو. |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
۽ (دنيا ۾) جنهن جنهن (اسان جي نافرماني ڪري) ظلم ڪيو (قيامت جي ڏينهن) جيڪي به خزانه زمين ۾ آهن سي سڀ کيس ملي وڃن ته اهي ضرور پنهنجي گناھ جي بدلي ۾ ڏئي نڪري. ۽ اهي جڏهن عذاب کي ڏسندا ته پشيماني ظاهر ڪندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن (ذرو به) ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
خبردار! جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (سو سڀ) خدا جو ئي آهي. خبردار! بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
اهو ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي انسانو! اوهان جي پالڻهار جي طرفان اوهان وٽ نصيحت (قرآن) اچي ويو جو دلين جي وڳ (شرڪ وغيره) جي شفا آهي ۽ ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
(اي رسول! کين) چئو ته (هي قرآن) خدا جي فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس رحمت سان اوهان کي مليو (آهي) ته انهن ماڻهن کي خوش ٿيڻ گهرجي. (پڻ) جيڪي اهي گڏ ڪري رهيا آهن، تنهن کان هي گهڻو چڱو آهي. |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
(اي رسول! کين) چئو ته اوهان جو ڇا خيال آهي. جا روزي خدا توهان تي نازل ڪئي آهي. پوءِ اوهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال ڪرڻ لڳا. (اي رسول!) چوين ته ڇا الله اوهان کي (ان ڳالھ جي) اجازت ڏني آهي يا الله تي ڪوڙ گهڙيو ٿا؟ |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
جيڪي خدا تي ڪوڙ گهڙين ٿا، تن جو قيامت جي ڏينهن بابت ڇا خيال آهي؟ بيشڪ خدا ماڻهن تي وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي. پر گهڻا هنن مان شڪر نه ٿا ڪن. |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
۽ (اي رسول!) تون (چاهي) ڪهڙي به حالت ۾ هجين ۽ قرآن جي ڪهڙي به آيت تلاوت ڪرين ٿو۽ (انسانو) اوهين ڪهڙو به عمل ڪري رهيا هجو اسين (هر وقت) جڏهن اوهين ان ۾ لڳو ٿا ته اوهان کي ڏسندا رهون ٿا ۽ اوهان جي پروردگار کان ذري جيتري ڳالھ به ڳجهي رهي نٿي سگهي. نه زمين ۾ ئي نه آسمان ۾ ۽ نه ڪا شيءِ ننڊي هجي يا ان کان وڏي شيءِ، پر اوهان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ضرور (لکيل) آهي. |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
ياد رکو! ته خدا جي دوستن تي (قيامت ۾) نه ته ڪو به خوف هوندو ۽ نه (وري اهي) غمگين ئي ٿيندا. |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
هي اهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ (دنيا ۾ خدا کان) ڊڄندا هئا. |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
انهن لاءِ ئي دنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ (به) خوش خبري آهي. خدا جا ڪلمات نٿا بدلجن، اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي. |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
۽ (اي رسول!) انهن (ڪافرن) جي ڳالهين تي تون ڏک نه ڪندو ڪر! بيشڪ سڀ زور الله کي ئي آهي. اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
ياد رکو! ته بيشڪ جيڪا مخلوق آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن (مطلب ته سڀئي) الله جا آهن.۽ جيڪي خدا کي ڇڏي (ٻين کي) سڏن ٿا، اهي ته (خدا جي بنايل) شريڪن جي رستي تي به نٿا هلن پر اهي فقط پنهنجي اٽڪل (بازي) تي هلن ٿا ۽ اهي فقط وهمي ۽ خيالي ڳالهيون ڪندا آهن. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
هو، اهو ئي (الله) آهي جنهن اوهان جي فائدي لاءِ رات کي پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام ڪيو ۽ ڏينهن (بڻايو) ته سندس روشني ۾ سڏو وائسو. بيشڪ جن ماڻهن کي ٻڌڻ جا ڪن آهن انهن لاءِ ان ۾ (قدرت جو تمام سٺيون) نشانيون آهن. |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
ماڻهن ته چئي ڏنو ته خدا (پنهنجي لاءِ) اولاد بنائي ڇڏيو آهي (اها ڳالھ محض لغو آهي) اهو (سڀني نقصن کان) پاڪ صاف آهي. اهو (هر طرح) بيپرواھ آهي. جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس آهي. (جيڪي اوهين چئو ٿا) ان جو ڪو به دليل ته اوهان وٽ آهي ڪو نه، ڇا اوهين خدا تي (ائين ئي) بنا ڄاڻڻ جي ڪوڙ هڻو ٿا. |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
(اي رسول!) چوين ته بيشڪ جي ماڻهو خدا تي ڪوڙا بهتان ٻڌن ٿا اهي ڪڏهين ڪامياب نه ٿيندا. |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
(اهي دنيا) جي ٿورن ڏينهن جا فائدا آهن، پوءِ نيٺ ته اسان ڏي ئي اچڻو اٿن، پوءِ ڪفر جي سزا ۾ اسين کين سخت عذاب جا مزا چکائينداسون. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
(اي پيغمبر! کين) نوح جو قصو پڙهي ٻڌاءِ! جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! جيڪڏهن منهنجو رهڻ ۽ خدا جي آيتن سان منهنجي نصيحت ڪرڻ اوهان کي ڏکي ٿي لڳي ته آءُ فقط الله تي ئي ڀروسو رکان ٿو. پوءِ اوهين ۽ اوهان جي شريڪ سڀئي گڏجي پنهنجو ڪم درست ڪريو جو توهان جي ڳالھ (جيئن توهان جي دل گهري) مون سان ڪريو ۽ مون کي (ساھ پٽڻ) جي به مهلت نه ڏيو. |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
پوءِ به جيڪڏهن اوهان (منهنجي نصيحت کان) منهن موڙيو ته مون اوهان کان به مزوري ته گهري ڪين هئي. منهنجي مزوري ته فقط خدا تي ئي آهي ۽ (ان کان ئي) مون کي حڪم مليل آهي ته آءُ سندس فرمانبردار بندن مان ٿيان. |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
تنهن تي هنن کيس ڪوڙو ڪيو ته اسان کيس ۽ ساڻس گڏ جيڪي به ٻيڙي ۾ (سوار) هئا (تن کي) نجات ڏني ۽ کين (اڳين جو) جانشين ڪيو ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو تن کي ٻوڙي ماريوسين پوءِ ٿورو غور ڪريو ته جيڪي (عذاب کان) ڊيڄاريا ويا هئا تن جي ڪهڙي نه (بڃڙي) پڇاڙي ٿي. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
وري! اسان نوح کان پوءِ ٻين رسولن کي پنهنجي (پنهنجي) قوم ڏي موڪليوسين اهي پيغمبر وٽن ظاهر معجزا وٺي آيا تڏهن به جنهن ڳالھ کي اهي شروع ۾ ڪوڙو ڪري چڪا هئا تنهن تي ايمان (نه آڻڻو هون سو) نه آندائون. اسين اهڙي طرح حد کان لنگهندڙن جي دل تي (ڄڻ ته پاڻ) مهر هڻون ٿا. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
وريانهن پيغمبرن کانپوءِ موسى ۽ هارون کي فرعون ۽ سندس (قوم) جي سردارن ڏي پنهنجن نشانين (معجزن) سان موڪليوسون، ته هنن وڏائي ڪئي ۽ اهي ماڻهو هئا ئي ڏوهاري. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان سچي ڳالھ (معجزا) آيا چوڻ لڳا ته پڪ هي ته ظاهر ظهور جادو آهي. |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
موسى چيو: ڇا جڏهن حق (دين) اوهان ڏي آيو ته ان جي باري ۾ چئو ٿا ته ڇا! هي جادو آهي. ۽ جادوگر ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته (اي موسى!) ڇا اوهين اسان وٽ ان لاءِ آيا آهيو ته جنهن دين تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو ان کان اوهين اسان کي ٿيڙيو ۽ سموري زمين ۾ بس (رڳو) اوهان ٻنهي کي سرداري هجي. ۽ اسين ته اوهان ٻنهي تي ايمان نه آڻينداسون. |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
۽ فرعون حڪم ڏنو ته اسان جي حضور ۾ سڀ (هوشيار) واقفڪار جادوگرن کي ته آڻيو! |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
جڏهن جادوگر ماڻهو (ميدان ۾) اچي موجود ٿيا ته موسى کين چيو، اوهان کي جيڪي اڇلائڻو آهي سو اڇلايو. |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (رسين کي نانگ بڻائي) اڇلي چڪا ته موسى چين، جيڪي اوهان (بنائي) آندو آهي (اهو ته سڀ) جادو آهي. خدا ان کي ضرور ناس ڪندو. (ڇو ته) خدا ڪڏهن به فسادين جي ڪم کي نٿو درست ٿيڻ ڏي. |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
۽ خدا سچي ڳالھ کي پنهنجي ڪلمات (جي برڪت) سان ثابت ڪري ڏيکاريندو آهي توڙي گنهگار ناپسند ڪن. |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
مطلب ته موسى تي رڳو سندس قوم جي نسل مان ڪجھ ماڻهن کان سواءِ فرعون ۽ سندس سردارن جي هن خوف کان ته (متان) مٿن ڪا مصيبت وجهي، ڪنهن به ايمان نه آندو، ۽ بيشڪ فرعون روءِ زمين ۾ سرڪش هو ۽ بيشڪ هو حد کان لنگهندڙن مان هو. |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
۽ موسى چيو اي منهنجي قوم! جڏهن اوهان (سچي دل سان) خدا تي ايمان آندو آهي! ته مٿس ڀروسو ڪريو جيڪڏهن اوهين فرمانبردار آهيو. |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
تڏهن انهن عرض ڪيو، اسان ته خدا تي ئي ڀروسو ڪيو آهي (پڻ دعا گهري آهي ته) اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي ظالم ماڻهن جي امتحان جو (ذريعو) نه بنائي. |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ پنهنجي رحمت سان اسان کي هنن ڪافرن (جي چنبي) کان آزاد ڪر. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
۽ اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ (هارون) ڏي حڪم موڪيلو ته مصر ۾ پنهنجي قوم جي (رهڻ سهڻ) لاءِ گهر جوڙيو ۽ پنهنجن پنهنجن گهرن کي ئي مسجدون ڪري پابندي سان نماز پڙهو ۽ مومنن کي (نجات جي) خوش خبري ٻڌائي ڇڏيو. |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
۽ موسى عرض ڪيو اي اسان جا پالڻهار تو فرعون ۽ سندس سردارن کي دنيا جي حياتي ۾ (وڏي) آرائش ۽ گهڻا مال ڏنا آهن (ڇا تو اهو سامان هن لاءِ عطا ڪيو اٿن) ته جيئن اهي تنهنجي راھ کان ماڻهن کي گمراھ ڪن. پروردگار! تون سندس مال! (دولت) کي برباد ڪر ۽ سندن دلين تي سختي ڪر (ڇو ته) جيستائين اهي ماڻهو تڪليف ڏيندڙ عذاب نه ڏسندا ايمان نه آڻيندا. |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
خدا فرمايو ته اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي پوءِ اوهين ثابت قدم رهو ۽ نادانن جي راھ تي نه هلو. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
۽ اسان بني اسرائيلن کي دريا کان پار لنگهايو. پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشيءَ سان انهن جي پٺيان پيا. نيٺ جڏهن ٻڏڻ لڳو ته چيائين ته جنهن خدا تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي آءُ به ان تي ايمان آڻيان ٿو. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ آءُ فرمانبردارن مان آهيان. |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
هاڻي (مرڻ وقت ٿو ايمان آڻين )هوڏانهن هن کان اڳ تو نافرماني ڪئي تون ته فسادين مان هئين. |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
ته اڄ اسين (تنهنجي روح کي ته نه پر) تنهنجي بدن کي (تري ۾ رهڻ کان) بچائينداسون ته جيئن تون پنهنجي بعد وارن جي لاءِ عبرت (جو سبب) ٿئين. ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪيترا ئي ماڻهو اسان جي نشانين کان يقينا بي خبر آهن. |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
۽ اسان بني اسرائيلن کي (شام ملڪ) ۾ تمام چڱي جڳھ تي رهايو ۽ کين سٺيون سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ته انهن وٽ جيستائين علم (نه) اچي چڪو هنن اختلاف نه ڪيو. بيشڪ جن ڳالهين ۾ اهي (دنيا ۾) پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن قيامت جي ڏينهن تنهنجو پالڻهار ان ۾ فيصلو ڪندو. |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو (قرآن) اسان تو ڏي نازل ڪيو آهي تنهن جي لاءِ جيڪڏهن تو کي شڪ آهي ته جيڪي ماڻهو تو کان اڳ (خدا جي) ڪتاب ۾ پڙهن ٿا تن کان پڇ، بيشڪ تو وٽ تنهنجي پالڻهار جي طرفان برحق ڪتاب اچي چڪو، پوءِ هرگز شڪ ڪندڙن مان نه ٿي. |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
۽ نڪي هرگز انهن مان ٿيءُ جن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو (نه ته) تون به نقصان کڻن وارن مان ٿيندي. |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
(اي رسول!) بيشڪ جن ماڻهن جي واسطي تنهنجي پالڻهار جون ڳالهيون پوريون لهي چڪيون آهن (ته اهي عذاب ڪرڻ جا مستحق آهن) اهي ماڻهو ايمان نه آڻيندا. |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا، توڙي انهن اڳيان (ساري خدائي جا) معجزا اچي موجود ٿين. |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
پوءِ ڇا لاءِ ٻيو ڪو اهڙو نه ٿيو جو آڻي ها ته سندس ايمان فائدي مند ٿئي ها. هاءُ يونس جي قوم جڏهن (عذاب ڏسي) ايمان آندو ته اسان دنيا (فاني) جي حياتيءَ ۾ مٿن خواريءَ جو عذاب لاٿو ۽ کين هڪ خاص وقت تائين آسودو ڪيوسين. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تنهنجو پروردگار گهري ها ته جيڪي ماڻهو روءِ زمين تي آهن اهي سڀئي ايمان آڻين ها، ڇا پوءِ تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته اهي سڀ ايماندار ٿين. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
هوڏانهن ڪنهن شخص کي اهو اختيار نه آهي جو الله جي حڪم کان سواءِ ايمان آڻي. ۽ جيڪي (دين جي اصول ۾) عقل کان ڪم نٿا وٺن، انهن کي ئي خدا (ڪفر جي) پليتي وجهي ٿو. |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ (خدا جون نشانيون) ڪهڙيون به آهن؟ (پر سچ ته هي آهي) ۽ جيڪي ايمان قبول نه ٿا ڪن انهن کي اسان جون نشانيون ۽ ڊيڄارڻ ڪو فائدو نه ڏيندو. |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
ته پوءِ اهي ماڻهو به انهن ئي (سزائن) جا منتظر آهن جيڪي هنن کان اڳين تي گذري چڪا آهن. (اي رسول! کين) چئو ته چڱو اوهين به انتظار ڪريو بيشڪ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
وري (عذاب نازل ٿيڻ وقت) اسين پنهنجن رسولن ۽ ايمان وارن کي (عذاب کان) صاف بچائيندا آهيون. اهو ئي اسان تي الزام آهي ته اسين ايمان آڻڻ وارن کي به بچايون. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
(اي پيغمبر کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين منهنجي دين جي باري ۾ شڪ ۾ پيا آهيو ته (آءُ به اوهان کي صاف ٻڌايان ٿو ته) خدا کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا مون کي ته انهن جي عبادت ڪرڻي ڪانهي پر (هاءُ) آءُ ان خدا جي عبادت ڪريان ٿو جيڪو اوهان کي (پنهنجي قدرت سان دنيا مان اٿاريندو ۽ مون کي حڪم ڏنل آهي ته آءُ مومن آهيان. |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
۽ (مون کي) هي به (حڪم آهي) ته مان (باطل کان) پاسو ڪري پنهنجو رخ دين ڏي قائم رک ۽ مشرڪن مان هرگز نه ٿج! |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ خدا کي ڇڏي اهڙي شيءِ کي نه سڏ جيڪا تو کي نه فائدو پهچائي ۽ نه تو کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. پوءِ جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته ان وقت تون به ظالمن مان ٿيندي. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن خدا جي طرفان تو کي ڪا تڪليف پهچي به ته پوءِ ان کان سواءِ ڪو به ان جي ٽارڻ وارو نه آهي. پر جيڪڏهن اهو تو کي ڀلائي پهچائڻ گهري ته سندس فضل (۽ ڪرم) کي ڪو ٿيڙڻ وارو نه آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي فائدو پهچائي ٿو ۽ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار جي طرفان حق (قرآن) آيو آهي. پوءِ جيڪو سڌي راھ تي آيو سو رڳو پاڻ لاءِ سڌي رستي تي اچي ٿو ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ آءُ اوهان جو ذمه دار ته آهيان ڪين! |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
۽ (اي رسول!) تون فقط ان جي پيروي ڪر جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ صبر ڪر جيستائين خدا (تنهنجي ۽ ڪافرن جي وچ ۾) فيصلو ڪري ۽ اهو سڀني کان سٺو فيصلو ڪندڙ آهي. |