الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
الٓرٰ جو، عِلم آهي، کي عَلام، پَڪي پاڪ ڪتاب جا، آهن هِي اَحڪام، |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا حيرت لَـڳي هِن ۾، اِنسانن کي عام؟، ته مَنجھانئـِين ڪنهن مَرد ڏي، اسان ڪيو اِلهام، ته ڪَنان ڄيري ڄام!، ڪر خبردار خَلق کي. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
۽ آندوجن ايمان، کِير کِلي ڏي تن کي، ته اَچڻ سَچو اُنهن جو، سائـِينءَ وٽ، سُبحان، ڪَهڻ لـَڳا ڪُفرانَ ته هِيء ڪارو ڪُو ڪَٽ آھِ ڪو. |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
سو اَلله آگو اَهنجو، بي شڪ، بي گمان، جِنهن ڇَهَن ڏِينهن ۾، جوڙيازمين، آسمان، چَڙهيو، تِنهان پوءِ تَـخت تي، ٿو هلائـٖي فرمان، تِنهن ڌاران داڙُو ناھِ ڪو، مُقرر مِهربان، مگر سدس موڪل پُٺيان؛ اَهنجو ربُّ، اُهو رَحمان، پوءِ، ٿِيو اُنهِيء وَٽ بانِ، پوءِ ڇونه سَنڀاليو پاڻ کي؟ |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
هَلڻ هيڪاندو اَهنجو، اُن ڏي آخرڪار، آهي، اِهو الله جو، سَچو قول قرار، پِهرين جوڙي جوڙکي، پوءِ موٽائيسِ مَحشر وار، تان ڏي اُجورو اُنهن کي، جن آندو اِعتبار، پڻ ڪَيَئون ڪم اِنصاف سان، مِڙوئـِي موچار، ۽ جن ڪفر ڪيو، تن لئي، آهي گَرم اُتار، ۽ اُهکو ٻيو آزار، جيلانهن ڪَيؤن ڪم، ڪُفران جا. |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
سِج ڪيائـِين سوجھرو ۽ چَنڊ ڪيائين نُور، اُن جون ڪَئـِين اَنداز سان، مَنزلون مَشهور، تان سالن ۽ شُمار جِي، پَوَنِيئان خُوب پَروڙ، هَرگز نه بَنايوحق سوا، داناء! اِهو دستور، اَ کـئين ڏِٺيون آيتون، تو کولي خُوب ضرور، جي پورِي رکن پروڙ، ڪارڻ تِنهِين قوم جي. |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
" |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
جي اَوس نه رکن آسرو، اَسان جي ديدار، نِپٽ ننڍِي ڄَمار تي، رِيجِھي ويٺا، ڪا وار، ۽ اُنهِيء سان آرامِيا، پڻ ٻيا اُهي آوار، اَسان جي آيتن کان، بي خبر، بَدڪار، |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
آهي آسڻ اُنهن جو، هاوِي هيبتدار، جي ڪيائون ڪَم ڪار، ڪارڻ تِنهن، ڪاراٽ جي. |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
وِسهيا، جي وَريام، پڻ چَڱاڪيائون ڪَمڙا، سَنئـِين سُهائيندو تن کي، آگو سَندنِ، عَلام، سبب سندنِ اِيمان جي؛ جن هيٺان وَهن جام، نالِيون مِٺيون مُدام، باغن مَنجھ، بِهشت جي. |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
دَعواى اُنهن جِي اُن ۾، سانيمِ! تون سُبحان، ۽ مَنجِھين اُن مَڪان، جِيءُ، جيءُ، سَندنِ سلام ٿِيو ۽ آخر دعواى انهن جي، ته سڀڪائي ساراه، آهي لڳ الله، جو پالڻهار پرٿڻئين. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
۽ مَولىٰ ماڻهن لئي گُھري، وهلو هُوند وَبال، سيگھ سَندنِ، سُکن لئي، جِيئن، جيئن بَچِين شال!، ته اُنهن جي اَجل جو، ٿِي وِيو، فيصلو فى الحال، مُهلت ڏِيون مِلڻ جِي، جن آس نَه اسان نال، ڦِرندا پِيا ڦٖيريال، مُنجھ سَندنِ ۾، مُورهين. |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
۽ مُصِيبت ماڻهوءَ کي، جَڏهن آئـِي مَٿي سِر، ته دانهِينِ اسان کي، دَرد مان، پَنهنجي پاسي ڀَر، ۽ ويٺي؛ بِيٺي؛ پوءِ جڏهن ڪَيو سونسِ گُم گُوندر، ته چَليو اِهڙي چال سان، ته ڪالھ نَه لَـڳسِ ڪَر، اَسان کي، جِنهن آزار ۾، ٿٖي واڪا ڪَئـِين وَر وَر، ڪا ڍورن کي، ڪَيا وِيا، پَسند اِهڙِيءَ پَر، ڪِنان ڪَم، ڪَمتر، جيڪِي ڪَن، جَھان ۾. |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
۽ اڳ اَوهان کان، ڳوٺ ڪَئـِين، ڪياسون بَنڀُو ڀنڀور، جن جاڙون، تن ڪيون؛ پڻ مُرسل سندنِ مور، ۽ جَڏهن اُهڃاڻِن سان، آيا کينِ اَتور، ۽ ڪو مُعجزو مَڃِينِ کڻِي، اِهڙا نه هُئا اَٺور، اَجرِ اهڙٖي طور، ڏِيون ڏُوهارِيءَ قوم کي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
ڀُون ۾ ڏِنيوُن سُونِيئان، ڀِيڻِيُون، تِنيان پوءِ تڪرار، تان پَسون اَسِين پار، ته اَوهين به ڪِهڙا ڪم ڪريو؟ |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
۽ اَسان جا، اُنهن تي، پَڙهجن، جڏهن فَرمان، ته اُٽلو جن اسان سان، آس ملڻ جِي ڪا نَه، ته آڻ ڪو قرآن، هِن بَدل، يا بدلائينسِ تون. چئو، مون نه مجال، ته مَنجهس، ڪريان پاڻان ڦيرڦار، نه هَلان، مَگر حُڪم تي، جو مڪو وَڃٖي مون پار، آئون وَڏي ڏِينهن جي، ڏُ ک کان، ڏَران ڀَر ڏاتار، جي ڪو، حُڪم ڀَڃان هيڪار، پنهنجي پالڻهار جو. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
چئو، جي گُھريو هوند غَفار، ته پَڙهيمِ نَه، اُو اوهان تي، ۽ نَڪا ڏِنمِ اوهان کي، اُنِ جِي خَبر چار، ۽ آندمِ اوهان ۾، ڪيترِي، اِنهيان اڳ ڄَمار، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، سوچيو نٿا سَچ ڪُوڙ کي؟ |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
پوءِ اِنهيان اڳرو ڪير، ٻِيو، هاڻُو هرگز هوءِ، جنهن ٻَڌاڪُوڙ ڪريم تي، پڻ چِٽسِ، ڪُوڙا چوءِ، پَڪ اِهائـِي پوءِ، ته وِرسِيَل، وَرسَن ڪِين ڪِي. |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
۽ اُهي ڇَڏيو اَلله کي، پُوڄِين ٺَلها ٿان، جي پُرئـِين نه پهچائـِينِ، اُنهن ئي، نَفعو يا نُقصان، ۽ چي، سائـِين وَٽ سفارشِي، هِي اَسان جا عيان، چئو، الله کي، ڇااُن جِي خَبر ڏِيو ٿا خان!؟ ڄاڻي نه جِنهن زمين ۾، نه اَندر آسمان ، پاڪ اُنهيء کان، پَڪ اُهو، پڻ اُن کان اعلى شان، جِنهن کي، هِي حيوان، ڪَن ٿا، شريڪ شان۾. |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
اَصل نه هُئا اِنسان مگر اُمت هيڪڙِي، پوءِ پاڻهِين پاڻ ۾، بِگڙيا بي گمان، هُوند نه اڳي حُڪم ٿيو، تُنهنجي ربَّ کان، رَحمان، ته جنهن ۾ جھڳڙن پاڻ ۾، سوڌُريَن دَرميان، جَلدِي دَرجَهان، نِياء نِبيريو وِيو. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
۽ چي، هُوند اُتسِ اُترو، ڪو سائـِينءَ کان سُهڃاڻ، چئو، راز حوالي ربَّ جي، پَوءِ پَسو ويٺا پاڻ، آئون به اَوهان ساڻ، اِنتظارِيُن مان، آهيان. |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
۽ ماڻهن، پَنهنجِي مِهر جو، جڏهن مَزو چَکايونسون مُور، جِنهن پُڃاڻا، اُنهن کي، ڪو پهتو ضَرر ضَرُور، ته اِجھو اَسان جي ڪَمن ۾، سَندنِ فَند فُتور، چئو، آهي تَمان هِڪڙو، مَنجھ رِٿن رَبَّ حضور، جي مَڪريو، مَغرور!، سي لِکن، اَسان جي ايلچِي. |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
سو ڪَرائـِينِيان ڪَرم سان، سَير سُڪِي ۽ مَنجھ سِير، تان هُئا، جڏهن هوڙن ۾، لڳن واء سَڻائو وِير!، ته سَرها مَنجھ سَرِير، ساڻسِ سَڀ سُوار ٿِيا. ۽ آيَنِ ڏُوا اوچتو، تِکو ڪو طُوفان، اُٿلي آيون اُنهن مَٿي، موجُون هَرمَڪان، ۽ ڪيائون اِي گُمان، ته گھمسان کِين گھيرو. دانهيؤن ڌڻيء کي، اُن جا، ٿِي ٻانها نِج نِبار، ڇَڏائـِينِيون ڇو هَن مان، جيڪر رَبَّ، جبّار، ته هُونداسُون هر بار، مَنجھان ڳُڻنِ ڳائڻِين. |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
پوءِ، جڏهن ڇڏايون اُنهن کي، اِجھو اُنهِيء وار، ڀُونءَ ۾ ڪن بي واجبِي، بَڙائـِي بيڪار، ماڻهئا! اوهان تي مُورهِين، اَهنجٖي بَڙائـِي جو بار، ۽ نَفعو نَنڍِي ڄَمار جو؛ پوءِ اَسان جي پار، موٽِي موٽڻ اَهنجو، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، پوءِ آن کي آخرڪار، کولي ڏِينداسون خَبرون. |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
آهي، مِينهن جيئن مُورِهين، نِپٽ ننڍِي ڄمار، اُتاريوسُونسِ اُڀ ڪنان، مَٿي مُنڍ مَلهار، پوءِ اوڀَر ڀُونء جااُن سان، ٿِيا ڀاڱي ڀائيوار، ماڻهو کائـِن جِنهن مَنجھان، پڻ ڇوپايا چوڌار، تان زمين سَندسِ جَھلڪ تي، وَرِي جِھڙيء وار، ۽ وَرتئـِين سَندسِ سنيگار کي، وه وه! وَڻ ڪار، ۽ ڀانيو سَندسِ ڀاتيِن پَسِي وِيءَ وَلهار، ته قابُو قَبضيدار، اَسين اُن تي آهيون. آيَسِ اَمر اسان جو، آڌِيءَ، ياڪِ، اَسُور، پوءِ، اولڙَ ڪيو سون اُن کي، ڪَر ڪالھ نه موريو مُور، اِن پَر ڪريون قدرتون، بَيان ڀَري ڀَرپُور، ته ڪن مُطالع مَذڪور، ڪارڻ تِنهن، قوم جي. |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
سائـِين سَڏي اُن ڏي، جو سدا سلامِتيءَ گَھر، پڻ ڏَسي ربُّ رهبر، وڻيس، تنهن کي، واٽ سَنئـِين. |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
آهي، چڱائـِي تِن لئي، جي چَلن چڱِيءَ چال، پڻ وَڏاڀَلايون ڀال، آهن ٻِيا، اُنهن لئي. ۽ مُور نَه رسينِ مُنهن کي، ڪارنهن، نه ڪا ڪاڻ، آهن باغ بهشت جا، ساٿِي، سي سُڄاڻ، هُونِ هميشه پان، ساڪِن اُنِ سُکن ۾. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
جن بَدِي ڪئـِي، ته بَدلو بَدِيءَ، پُورا پار، ۽ رَسَندِي رُسوائـِي تن کي، مَهندا مَحشر وار، اَصل نه آهي اُنهن لئي، ڪو جھالُو کان جَبار، ڪر ڍونگر ڍَڪَيَنِ، مُنهن رات مان، اُوندھ اَنڌُوڪار، هاوِيءَ جا حَقدار، هُوِن هميشه اُن ۾. |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
۽ ميڙاسونِ، جِنهن مهل ۾، ڪَٺي ڪُل قَطار، ورِي چونداسون اُنهن کي، جن ڀانيا ڀائيوار، ته اَوهين ترسو اِتهين، پڻ اَوهان جا آڌار، پوءِ، ويڇو وِڌو سون، تن وِچان، ڌُريون ڪيونسون ڌار، ۽ سَندنِ سائـِيَنِ صاف طرح، ٻوليو، کِين ٻيهار، اَوهين نه اَسان کي هُئا، پُوڄِينداپينار، |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
اسان ۽ اوهان جي وِچ ۾، ساکي بَس ستار، اَهنجٖي بَندگِيان بَدڪار!، هرگز هُئاسون ويسلا. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
هُتي هَر ڪِنهن جِند کي، مِلندو پُورو پار، جيڪِي اُماڻيئـِين اڳڀرو، ۽ وِيا واريا واحد پار، جو سَچو سائـِين اَهنجو، قائـِم برقرار، ۽ وِيا کانئـِن وَهار، جي ڪُوڙا ٺاهِن، ڪُوڙ جا. |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
چئو، ڪير اوهان کي قُوت ڏئي، اُڀ، ڀُون کان بيگمان، يا ڪير سَنڀالي ڪَننِ کي؟ پڻ اَکيُنِ کي اِنسان؟ يا ڪڍي جِيئَرو مُئي مان؟ يا جِيئري مان بي جان؟ يا ڪير هَلائي ڪم کي؟ پوءِ بيشڪ ڏِينَ بيان، ته الله جَلَّ شان؛ چَئو، پوءِ ڪوه ڪنبو ڪِين ٿا؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
اِهو اَلله اوهان جو، بَرحق هِڪ ڌڻِي، پوءِ هَرگِز ناهي حَق پُوان، ري گمراهِيءَ گھڻِي، ڪِنهن هاڻِي ڏانهن هَڻِي، پوءِ مُوڙهل وَڃو ٿا موڙيا؟ |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
قلم سَندئـِي ڪَلتار جو، اِن پرپُنون تن سِر، جي حُڪمان هَلنِ ٻاهر، نه مڃيندا نه مُورهين. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
چئو، اَهنجي شَرِيڪن مان، آهي ڪو اِظهار؟ ته جوڙي نَئـِين جوڙ کي، پڻ موٽائيسِ ٻِيهار، چئو، الله جوڙي، جوڙ نَئـِين، پڻ موٽائيسِ مُختيار، ڪِهڙن ڪُوڙن پار، پوءِ مُوڙهل وَڃو ٿا موڙيا؟ |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
چئو، اَهنجي شَرِيڪن مان، ڪو حق ڏَسي هَمراه؟ چئو، هَلائي ٿو حق مَٿي، بَرحق، هِڪ الله ، ڇاحق ته هلجي تِنهن پُٺيان، جو حق ڏَسي هَرگاه، يا وَٺجي، تِنهن جِي واٽڙِي، جو لَهي واٽ نه واه؟ مگر وَڃيسِ پاڻ کي، چاڙهيو چَڱِيء راه، پوءِ ڪِهِڙي اَڀان اُونداه، ته نياءُ ڪِيئن نِبيريو؟ |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
۽ گھڻا مَنجھنِ گمان ري، ٻِي واٽ وَٺن ٿا ڪانه، هرگز نه ڇَڏائي نه ڇڏائي حق ڪنان، ذرا غلط گُمان، سَمجھندڙ سُبحان، جي ڪندا آهن ڪمڙا، |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ اِهڙو نه هِي قُرآن، ته ربَّ ري، ٻُڌجي ٻِئي ڪنان، پر پرک اُنهيان پهريَن جِي، پڻ بِلڪل صاف بيان؛ آهي ڪتاب ڪريم جو، جِنهن ۾ شڪ، نه گُمان، صاحب، کان سبحان، جو پالڻهار پِرٿڻِيين. |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
ڇا ٻولِينِ، ته ٻَڌئـِين اُن کي؟ چئو اِهڙي چال، پوءِ جَلدِي جوڙي آڻيو، ڪا سورة هِن مِثال، پڻ ڌڻِيءَ ڌاران جن کي، پُهچِي سگهيا پيمال!، ڀيڙا ڪريونِ بَحال، جي صفَا آهيو سچ تي؟ |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
اُٽلو ڪوٺيون ڪُوڙ سو، جنهن جِي پُورِي نه رکن پَرُوڙ، آيو ڪِين اُنهن کي، جِنهن جو، مُول مَتو ڪو مُور، اِن پَر، جي اُنهن کان اڳي، تن ڪيا ڪُوڙ فتور، پوءِ ديک ته ڪِنهن دَستور، آخر هاڻِن حال هُئو!. |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
۽ ڪي مَڃِينسِ اُنهن مَنجھان ۽ ڪي مَڃِينسِ نه مُور، ۽ ظُلمِينِ کان ضَرُور، آگاه آگو تُنهنجو. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
۽ جي توکي ڪُوڙ ڪوٺيؤن، ته تن کي ٻول ٻِيهار، ته مُنهنجا ڪَم مون لئي ۽ اَهنجا اَوهان هارِ، اَوهين ڇُٽل اُن ڪنان، جي آئون ڪريان ڪم ڪار، پڻ آئون بَرِي بيزار، اُنهن کان ڪَريو، جي ڪمڙا. |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
۽ توڏي، ڏينِ ڪَن سرا، ڪي تِنِين مان تڪرار، ڇا ٻُڌائـِين تون وَرِي، ٻوڙن کي ٻيهار؟، ۽ سوچ، نه سَماچار، توڙي هوئـِي تن کي. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
۽ ڪي توڏي، ڏِسن تن منجھان، پوءِ اَنڌن کي اَوس، تون ڇاڏيندين ڏَس؟ توڻي نه اُپٽِيئنِ اکيون. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
الله انسانن سان، ڪري نه پاڻ ڪَلُور، پر ماڻهو ڪن ٿا مُور پاڻهِي ڪُلُو پاڻ سِين. |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
۽ ميڙي جنهن مَهل ۾، ڪنداسونِ قطار، هُن ڏيہ ۾، ڏِينهَنِ مان، ڪر گھارئيون نَه، گَھڙِي ڌار، هِڪ ٻِئ کي، يار، ڀار، صبح سُڃاڻن پاڻ ۾. اُهي ڇِيهي ۾ ڇَڻيا، جن ڀانيو ڪُوڙ بَحال، مِلڻ مولي نال، ۽ صَحِيحَ سَوانٽا، سي نه هُئا. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
پرجي توکي ڏيکاريون، تنهن مَنجھان، جو ٻوليونِ کين ٻِيهار،يا خَتم ڪريون خير سان، تُنهجِي ڄام ! ڄمار، پوءِ به آهي اَچڻ، اُنهن جو، آخر اَسان پار، ساکي ربُّ، ستار،جيڪي ڪن، تن ڪمن تي. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ پيغمبر هر ڪِنهن پنٿ لئي، آهي ڪو اَتور، پوءِ، جَڏهن مُرسل اُنهن جو، آينِ شاهِد طور، ته فورن ڪيو وِيو فيصلو، تن وِچ پورِيء تور، ۽ ڀَڃبو نه، ڀُڪو ڀور، اُنهن جي، اَعمالن مان. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
چي، ڪَڏهين اِهو اِقرار، جي صفا سَچا آهيو، |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
چئو مون وَسِ نَه، مون پاڻ لئي، هارُ سَندمِ، يا هارِ، مگر مُنهنجي هار، جيڪِي گُھري جَلَّ شانہٗ آهي هَر اُمّت لئي، مُقرّر کُڻ کَرو، پوءِ، جڏهن آيو کوڻ اُنهن جو، ته دير نه ڪن ذَرو، ۽ اُن کان اَ ڳڀرو، پڻ پَلڪ نه لائـِينِ پوئتي. |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
چئو، ڪِيئن ٿا ڀانيو ڀو ڀورا!، ته اُنهيء جو عذاب، اَچنِيان ڏينهن، يا رات ۾، شامت روز شِتاب، پوءِ اُٻَهرائـِي اِن باب، ڪن ڪانهِيارا ڪِهڙِي! |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
ڪِ موٽِي جڏهن آيو، ته آندان اُتس ايمان؟ هينئرڪِ اي حيران!، اڳ ته آتا هُئا اُن لئي. |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
وَرِي اُتو وِيو اُنهن کي، ڪيا جن ڪلُور، ته دائـِم دَرد عذاب جو، وَٺو ذوق ضرور، ٻِيو نه مِلندان مُور، مگر جيڪِي پِيا ميڙيو. |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
۽ خبرون پُڇنئـِي خان! ته هِي، ڪِ آهي حَق صحِي، چئو هائو، سُونهن سانيمِ جو، هِي حق بي گمان، سانيمِ، کان سُبحان، اَوهين، نَه ڏاڍا ڏيہ ۾. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
۽ هُوند هُجن ڪِنهن جان لئي، جنهن ڪيا ظُلم زيان، ڀُون ۾ ڀانڊارا جيترا، سَمر ۽ سامان، ته ڪيائين قُربان، پَنهنجي پاران اُن کي. ۽ ڳُجھيون کاڌئون ڳَڻتيون، جڏهن اکين ڏٺئون آزار، ۽ تن وِچ نِياء نِبيرو ويو، سِين وَهنوار، ۽ وِجھبو نه تن کي وار، ڇِيهو حَرف حِساب ۾. |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
سَمجھ، ته سائـِين هار، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، سمجھ ، ته سائـِين جو، آهي سَچو ٻول ٻِيهار، پر وَٺنِ ڪو نه وِيچار، گھڻا ماڻهون مُورهِين. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
۽ اُهو جَلَّ جلالہٗ، جياري ۽ ماري، ۽ اَوهين اُن ڌاري، مِڙِئي موٽائبا. |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
آيان اَهنجي ربَّ کان، ماڻهئا! هِي مَذڪور، ۽ صَحِيح صِحت تِنهن ڪنان، جيڪو سِينَن ۾ سور، پڻ مَڃِيندڙن لئي مُور، رَهبرِي ۽ رَحمتون. |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
چئو رَحمت سان ربَّ جي، پڻ اُن ڀلي ڀال، پوءِ ڪريون اِن مَٿي، خُوشيون خُوب خيال، ڀَلو اِي بحال، ميڙينِ، تِنهن مال کَـئـون. |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
چئو، ته ڏِٺان، قُوت اوهان تي، جو لاٿو جَلَّ جلال، پوءِ اوهان لئـِي ٺاهيو، اُن مَنجھان حرام ۽ حلال، چئو، ڇاڪِ آن کي، اِذن ڏنو، مالڪ بي مثال؟ يا جوڙيو جُڙتو ڳالھ، اوهين خود الله تي. |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
۽ جي ٻَڌن ڪُوڙ ڪِريم تي، تن ڪيو ڪِهڙو خيال، ڏاڍي ڏينهن قيام لئي؛ مولا ماڻهن نال، بي شڪ ڪندڙ ڀال، پر اَڪثر نه ڳالهائـِينِ اُنهن مَنجھان. |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
۽ تُنهنجي پرور پاڪ کان، توڙ نه لِڪي ڪنهن طور، زمين، آسمان ۾، هڪ تِرورِي جِي تور، نِپٽ نَنڍو اُن ڪنان، يا وڏو، زِياده ۽ نه هوندِين ڪنهن هاج ۾، نه بابت تنهن بِيان، پَڙِهين ڪُجھ قرآن مان، پڻ ڪن ڪمائـِي ڪانه، مگر آهيون اُن مٿي، گُواه بي گمان، اُنهِيءَ ۾ عيان، جڏهن پَلپَل آهيو پَلٽنڊا. زور، مگر ڀُڪو ڀور، چِٽيل، چِٽِئَ چِٺِيءَ ۾. |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
دوست ڌڻيءَ جا، تن لَئي، نه ڪو خوف خيال، پڻ هرگز ڪِنهين حال، ڳَـڻتِي نه ڪَن، ڪِنهن ڳالھ جِي. |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
مَڃيو جن مورهين، پڻ ڪَنبيا ڀَر قهار، |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
خاصيون کيرون تن لئي، مَنجھ نِپٽ ننڍِي ڄمار، ۽ پڻ آخرت ۾؛ ۽ قلمن ۾ ڪلتار، نه لَهندِين ڦيڙڦاڙ، سَڀنيان وَڏِي سوڀ اِي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
۽ نَه ڳارِينئـِي، ڳالھ اُنهن جِي، پوءِ طاقت سڀ تڪرار، آهي، الله هارِ، و سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
سَمجھ ته صاحب پاڪ لئي، اُڀ، ڀون ۾ جيڪا جوڙ، جي سَڏِينِ شريڪ، سائينءَ ري، ڇاتي تن جي ڊوڙ؟ گُمراه ڪن، نه گُمان ري، ٻِي تابعدارِي توڙ، وَٽِينَ نِسورا نوڙ، اُهي ڪِينَ ڪُڇن ٻِيو، ڪوڙري. |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
جِنهن جوڙيو آن لئي رات کي، ته ڪريو مَنجھسِ قَرار، ڏينهن ڪيائين ڏيہ ۾، چِٽائـِي چوڌار، اِن ۾ پَڌرا پار، سُڻن، تِنهن ساٿ لئي. |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
چي، ڌڻِي ڪُونئرا ڌاريو، پاڪ اِنهي کان پاڻ، بلڪل اُهو بي پرواه گھڻو؛ سڀ آهن اُنهِيء ڪاڻ، جيڪِي اُڀ، زمين ۾؛ ڪو اڳهان وَٽ اُهڃاڻ، صحيح اُن جِي ثابتِي، يا صاحب سِر سُڄاڻ، يا جنهن جو نه اوهان کي ڄاڻ، سو ڪَهو ربّ قهارکي. |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
چئو، ته اُهي اَلله تي، جي ڪن ٿا ڪُوڙ فتور، مُورک اُهي مُور، ڪَڏِهين ڇُٽنڊا ڪِين ڪِي. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
ڪودَم دُنيا جو فائدو، پوءِ آهي، اسان جي پار، موٽِي، موٽڻ تن جو، تِنهان پوءِ تَڪرار، چَکائـِينداسُون چڱِيءَ طرح، اُهکو ڪو آزار، جيڪِي ڪندا هئا ڪُفار، عيوض اُن اِنڪار جو. |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
پَڙھ تون نبيءَ نُوح جو، تن تي ذِڪر ضَرور، جڏهن چيائـِين سَندسِ قوم کي، ته مُنهنجا مِٽ مغرور!، جي آن تي، بَڙو بار ٿيو، مُنهنجو هِت حُضور، پڻ سائـِينءَ جي سَگھن سان، مُنهنجو هِي مَذڪور، پوءِ مُنهنجو آهي مُور، ڀَرَوسو اَلله تي پوءِ ميڙيو پَنهنجِي پُهچ کي، پڻ پَنهنجا سَڀ پَتيار، ورِي اَهنجو ڪم اوهان تي، لِڪَل نه هوئي لَغار، پوءِ ٿِيو تَم تيار، ۽ مُهلت نه ڏيومِ مُورهين. |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ، جي مُنهن موڙيان، ته مُون نه گُھريا ڪو مال، آهي رُڳو اَلله تي، ڀاڙو سَندمِ بَحال، وِيَمِ چيو ان چال، ته هُجان مَڃِيندڙن مان مُورهين. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
پوءِ ڪُوڙو کِيس ڪوٺيون، پوءِ بَچايوسونسِ بحال، پڻ جي هوڙٖي ۾ هُئڙا، ناليرا تِنهن نال، ۽ وارث ڪيوسونِ ورِي، مالِڪ مُلڪ ۽ مال، ۽ ٻوڙياسون، سي ٻوڏ ۾، پُورِيءَ طرح پيمال، جن اسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪُوڙِي ڳالھ، پوءِ پَس پَڇاڙِي حال، ٻولايَلن جو، ٻوڏ ۾. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
وَرِي اُٿاريسون اُن پُٺيان، مُرسل مَڻياندار، پَنهنجِي پَنهنجِي قوم ڏي، پوءِ جَڏهن آيا اُنهن پار، پَڌرن پيغامَن سان؛ پوءِ اِهڙا هُئا، نَه آوار، ته جن کي، ڪوڙو اڳ ڪوٺيؤن، وِسَهن، تن تي وار، ڇَاپ هَڻون هَموار، اِيئن ڇُوٽن جي، ڇاتِين تي. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
اُٿاريوسون اُنهن پُڃاڻ، موٽِي مُوسٰى ۽ هارون کي، فِرعون، ۽ سَندسِ فِرق ڏي، پَنهنجِي پَڌراين ساڻ، پوءِ لَڳا پَڏائـِڻ پاڻ، هُئا ڪانهيارِي، قوم ڪا. |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
پوءِ آينِ جڏهن اَسان وٽان، ثابِت حَق صحِي، چيائون، ته آهي هِي، ڪارو ڪُوڪٽ پَڌرو. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
چيو موسٰى، ڇا حق کي، جادو چَئو، جڏهن، آيان؟ جادو آهي، ڪِين هِي پَڌرو حَق هَڏهن، ۽ ڪامِڻ گَر ڪَڏهن، آجا نه ٿِيَنِ عَذاب کان. |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
چي، آيئـِين، ڪِ اِنهِيءَ ڪاڻ؟ ته ڦيرئـِين اَسان کي، اُن ڪنان، پاتاسون پِيءَ پَنهنجا، جن کي ڏِيندا ڏاڻ، ۽ ڀانيو، ته هُجي ڀُون ۾، اَوهان لئي وَڏاڻ، ۽ اَسين اوهان کي پاڻ، مَڃڻانه آهيون مورهين. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
۽ فِرعون ڪيو فَرمان، ته مون وٽ ميڙي آڻيو، ماهِر هَر مڪان، جيڪي جادُوءَ فَن ۾. |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
جڏهن جادُوگر آيا، ته چَينِ مُوسى مَل، ته اُڇليو، اَٿوَ جو اُڇلڻو، |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
پوءِ اُڇليؤن مَنجھ اَول، مُوسٰى چَيو مُنڍ مان، جا اوهان ڪَئـِي اَٽڪل، اَلله جَلَّ جلالہٗ، ٽوڙيندو سا ٽَل، مانڊِيَن جا مَنڊل، سائـِين سُڌاري ڪِينَ ڪِي. |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
اَلله حَق، حَق ڪري، سَندسِ فرمُودن ساڻ، توڻي پاپِي پاڻ، مَٺِين ڀانئـِينِ، مَن ۾. |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
پوءِ، مَڃيو نه، مُوسٰى کي مُور، ري ڪيڙ، سَندسِ قوم مان، فِرعون ۽ سندسِ فِرق جي، ڀَو مَنجھان ڀَرپُور، مَتان آڻي اُن مَٿي، ڪو فِتنو ۽ فُتور، ۽ فرعون فَرش زمِين تي، آهي بالم بي شَعور، ۽ وَڏو سو وَهلور، بِلڪل بيهودن مان. |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
۽ مُوسٰى چيو، جي مَڃيو، اي قوم!، اَوهان ڪلتار، ته بَرسِر رکوسِ بار، جي تَهدِل تابِع، آهيو. |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
چي، رَکياسون ڪَم ڪرِيم تي، سانيمِ رَبَّ سُبحان!، ڪر نه ظالِم ذات لئي، اَسان کي اِمتحان، |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
۽ قوم ڪَنان ڪُفران آجو ڪر اِحسان سان. |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
۽ مِهتر مُوسٰى ۽ ڀاڻس کي، اَسان ڪيو اِلهام، ته مِصر ۾، پَنهنجي پَهر لئي، گَھربَناءِ، گام، ۽ قِبلو ڪريو گَھر پَنهنجا، پڻ نِـمازون نيڪ نام!، مِڙِي پڙهو مُدام، پڻ ڏي مُبارڪون مُؤمنِين. |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
۽ مُوسٰى چيو، ته مُون ڌڻي!، سَوِين ڏِنَئـِي سِينگار، فِرعون ۽ سَندسِ فِرق کي، ۽ ڌَن مَنجھ دُنيادار، تان سانيمِ رَبَّ ستّار!، وِرسائـِينِ تُنهن جِي واٽ کان. سانيمِ! سَندنِ مال کي، ڇَڏ ميساري مُور، ڪَٺڻ ڪر قُلوب تن، تان وِسهَن نَه وَهلُور، تان ڀيٽِينِ بي شُعور، سُورن ڀَرئي ساڙ کي. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
چي، اَ گھايوسون عرض اَهنجو، پوءِ بِيهو سَنوان بحال، ۽ جي ڳِهلا نه سَمجھن ڳالھ، واٽ نه وَٺو اُنهن جِي. |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
۽ بَنِي اِسرائيل کي بَحر کان، اُڪاريو سون پار، پوءِ فرعون ۽ فوجون اُن جون، لَـڳِينِ ڪَڍ قطار، ڪَلُور ۽ ڪاه سان، تان جو، ٻُڏا مَنجھ ٻار، چي، مَڃيمِ، ته مُورهِين ناهِ ڪو، ڌَڻِي اِنهيان ڌار، اولاد اسرائيل جي، جِنهن تي آندو اِعتبار، ۽ مُؤمِن آهيان مُورهين، تابعين مان تڪرار، |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
هِينئر، ڪِ هِن حال ۾، ۽ اَ ڳي ڪيئـِي انڪار، هُئـِين تُون هَموار، ڦِريل ڦيٽوڙن مان. |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
۽ بَخشياسون بَنِي اِسرائـِيـل کي، بَنگلا ۽ باغات، کاڌا خاصا خُوب طرح، ڏِناسونِ ڏات، پوءِ لَـڳِي پيٽوڙيُن پُٺياڻ، پاڻ بِگيڙئون بات، تان آيو عِلم اُنهن کي، تُنهنجو پرور پاڪ ذات، ڪَندو ڏِينهن قِيام جي، اُن وچ، مَنجھ عرصات، جِنهن ۾ گوڙ ڪن گِنات، ڪندو قَطعِي فيصلو. |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
جي توکي شَڪ تِنهن ۾، جو توتي لاٿو سون لال!، پوءِ جي پڙهن اڳ ڪتاب کي، پُڇ اُنهن کان احوال، پوءِ آيئـِي، تُنهنجي آگِيا، بِلڪل حق بَحال، پوءِ ڪڏهن ٿِي نه ڪَمال!، شَڪ جِي، شِڪارين مان. |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
پڻ مَ ٿِي، تن مان مُور، جن آيتون اَلله جون، ڪوٺيون ڪُوڙ فُتور، پوءِ ڀيڙو ڀِينگن سان ٿِئين. |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
قَلم تُنهنجي قادر جو، لَڳو جن تي لال!، سي نه مَڃِين مُورهين؛ |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
اِهو هُوندن حال، توڻي اَچن اُنهن کي، ڪيڏا ڪم ڪمال، پَسن تان، پيمال، سُورن واري ساڙ کي. |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
هُوند، نه هوڪو ڳوٺڙو، ته مَڃن وَرسايسِ مُور، مگر جَماعت يُونُس جِي، مَڃيؤن جڏهن مَجبور، ته جُٺ جِھڙو عذاب، اُنهن تان، ڪيوسون دنيا ۾ دُور، ۽ وَٺايوسونِ ضَرور، وَٽابو ڪِنهن وقت سِين. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
هُوند، وڻي توڌڻِي، ته ڀُون۾، جي ڀَر پُور، تن مِڙنِي گَڏ مَڃيو، پوءِ ڪَرئـِين ڪِنهن دَستور، ماڻهن کي، مَجبُور، ته هونِ مَڃيندڙ مُورهِين. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
۽ ڪِنهن ماڻهوءُ وَس نه مُور، ته اَچي سو اِيمان تي، بنا اِذن اَلله جي؛ ۽ ڌڻيء جي دستور، پَوي نه جَن پروڙ، اُڇلي ٿو ڪِن، اُنهن مَٿي. |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
چئو، ڏِسو ته اُڀ، زمين ۾، آهن ڇا اسرار، پَڌرايو ۽ پَيَڙا، بِلڪل نه لاهِينِ بار، ڪَنان قوم ڪُفَّار، جي سَچ سَمجھن ڪِين ڪِي. |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
نَه ڪَڍنِ اِنتظار، مگر اُن ڏوهِيُن جي، ڏِينهَنْ جھڙو، جي اَ ڳي اُنهن کان گُذريا؛ چئو، پوءِ ويٺا ڏِسو ڪاوار، توهان گَڏ تَڪرار، آئون پڻ اِنتظارين مان. |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
موٽِي ڇڏياسون، مِهرسان، پَنهنجا پيغمبر، ۽ جَن به مَڃيو، تن مُؤمِنين، حق اسان تي، اِن پر، ته آجو ڪريون آخر، مُؤمِنَن کي مانَ سان، |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
چئو، ماڻهئا! مُنهنجي دين کان، جي آهيو شَڪ اندر، ته پَرور ري، جَن پُوڄِيو، تَن نه پُوڄِيندسِ ڪِنهن پر، پر پُوڄِيندس اُن کي، جو پُورو ڪَندان پَرور، اِهو ٿِينمِ اَمر، ته هُجان، مَڃِيندڙن مَنجھان. |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
۽ مُنهن پَنهنجو پاڪ دِين ڏي، ساري ڪَر سَنئون، ڦِريَل ڦيرن کئون، پَرجي، پُوڄارِيُن مان، نه ٿي. |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ ري سائـِينءَ سَڏ مَ تَن کي، جي نه ڏِينَئـِي نَفعو، ۽ نُقصان، جي ڪيئـِي ڪَم اِهڙو، خَطا جِھڙو خان!، تڏهن ته بي گمان، هُوندين هاڃيڪارن مان. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
۽ جي سائـِين ڏِينَئي سُور، ته اُن جو، نه ويڄ، اُن ري، جي وڻيسِ، ته توسان وَڙ ڪري، ته مانِع ناهي مُور، تِنهن ڀلي جي ڀال کي؛ تنهن کي نَوازي، سو نُور، سَندسِ سپاهِيُن مان، جِنهن لئي گُھري، پاڻ غفور؛ ۽ ظاهر آهي، ضَروور، سو مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
چئو، آيان اي انسان!، سَچ پَنهنجي، سائينءَ کان، پوءِ سُوٺو، جنهن سَچ کي، ته سُود سند*سِ ئـِي جان، ۽ جي ڀُلَيو، ته ڀُل اُنهِيءَ تي، بِلڪُل بي گمان، ۽ آئون نَه نِگھبان، اَصل اوهان تي آهيان. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
۽ تابِع ٿِي، تون تِنهنجو، جو اَچيئـِي وير!، وَحِي، ۽ تان فائـِق ڪري، ڪو فيصلو، سَڀ ڪُجھ وَڃ سَهِي، ۽ سُهڻو، سو صَحِي، نياءُ نِبيرِيندڙن ۾. |