الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
الٓرٰ . اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا ماڻهن لاءِ هيءَ عجب جي ڳالهه آهي جو اسان انهن مان هڪ مڙس کي چوائي موڪليو ته ماڻهن کي ڊيڄار ۽ ايمان وارن کي هيءَ خوشخبري ٻڌاءِ ته انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ سچائي جا قدم (وڏا مرتبا) آهن. ڪافرن چيو ته بيشڪ هي پڌرو جادوگر آهي. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
بيشڪ اوهان جو پاليندڙ اهو الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري عرش تي قائم ٿيو. (اهو ئي سڀڪنهن) ڪم جي تدبير ڪري ٿو ڪو به سفارش ڪندڙ نه آهي پر سندس اجازت کان پوءِ. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي سو ان جي عبادت ڪريو. ڇا پوءِ اوهين ڌيان نه ٿا ڪريو. |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
ان ڏي ئي اوهان سڀني کي موٽڻو آهي. الله سچو وعدو ڪيو آهي. بيشڪ اهو ئي نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر پيدا ڪندو هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏي. ۽ جن ڪفر ڪيو تن کي گرم پاڻيءَ مان پيڻو آهي ۽ دردناڪ عذاب آهي هن ڪري جو اهي ڪفر پيا ڪن. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
هو اُهو آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن ڪيو آهي ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن هن لاءِ ته اوهين ورهين جي ڳاڻيٽي ۽حساب کي ڄاڻو. الله انهن کي پوريءَ تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي. هو ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪري ٿو. |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ الله جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي تنهن ۾ پرهيزگار قوم لاءِ نشانيون آهن. |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
بيشڪ جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن ۽ دنيا جي حياتيءَ سان خوش ٿيا آهن ۽ ان سان دل لڳائي اٿن ۽ جيڪي اسان جي آيتن کان بي خبر آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
اهي جيڪي پيا ڪن، تنهن جي ڪري سندن رهڻ جي جاءِ باهه آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پاليندڙ سندن ايمان جي ڪري رستو ڏيکاريندو. سندن هيٺان نعمت وارن باغن ۾ واهه وهندا. |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
انهن (باغن) ۾ سندن دعا هيءَ هوندي ته اي الله! تون پاڪ آهين ۽ اتي پاڻ ۾ سندن آجيان سلام (سان) ٿيندي. ۽ سندن پڇاڙيءَ جي دعا هيءَ هوندي ته سڀ تعريفون الله جون آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي سختي جلد پهچائي ها جيئن ڀلائي جلد گهرن ٿا. ته سندن موت جي گهڙي مٿن اچي وڃي ها. پوءِ جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن تن کي سندن سرڪشيءَ ۾ حيران ڇڏيون ٿا. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
۽ جڏهن ماڻهوءَ کي تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاسي ڀر يا ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏي ٿو، پوءِ جڏهن ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته ائين هليو ٿو وڃي جو ڄڻ ته جا تڪليف کيس پهتي هئي تنهن ڏي ان اسان کي سڏيو ئي نه هو. اهڙيءَ طرح حد کان لنگهندڙ جو ڪجهه پيا ڪن سوکين (سندن خيال موجب) چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ (ڪيترين) جماعتن کي برباد ڪيو جڏهن ظلم ڪيائون، هوڏانهن وٽن سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا ۽ اهي هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. ڏوهاري قوم کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
وري اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ جانشين ڪيو هن لاءِ ته ڏسون ته اوهين ڪهڙيءَ طرح ڪم ڪريو ٿا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
۽ جڏهن انهن کي اسان جون ظاهر آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن، سي چون ٿا ته هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلاءِ !. چئو ته منهنجو ڪم نه آهي جو ان کي پنهنجي طرفان بدلايان. جيڪو منهنجي طرف حڪم موڪليو وڃي ٿو آءُ رڳو ان جي پيروي ڪريان ٿو. بيشڪ آءُ جيڪڏهن پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪريان ته وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪڏهن الله گهري ها ته نه آءُ اوهان کي اهو پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه الله اوهان کي ان جي خبر ڏئي ها، پوءِ بيشڪ آءٌ اوهان وٽ ان کان اڳ (سڄي) عمر رهيو آهيان، ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو يا سندس ڳالهين کي ڪوڙو ڪيو. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
بيشڪ ڳالهه هيءَ آهي ته ڏوهاري ڪامياب نه ٿيندا. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
۽ الله کان سواءِ اهڙين شين کي پوڄين ٿا جي نه ته انهن کي نقصان پهچائين ٿيون ۽ نه ڪي کين فائدو پهچائين ٿيون ۽ چون ٿا ته اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي پيغمبرﷺ! کين) چئو ته ڇا اوهين الله کي اهڙي شيءَ ٻڌايو ٿا جا آسمانن ۽ زمين ۾ کيس معلوم نه آهي. اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
۽ ماڻهو رڳو هڪ جماعت هئا، پوءِ اختلاف ڪيائون.۽ (اي پيغمبرؑ) جيڪڏهن هڪ (مقرر ٿيل) ڳالهه نه هجي ها جا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان اڳي (مقرر) ٿي آهي ته جنهن (ڳالهه) ۾ اختلاف ڪن ٿا تنهن جو انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها. |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
۽ چون ٿا ته سندس پاليندڙ جي طرفان مٿس نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي؟ سو (اي پيغمبر! کين) چئو ته غيب جو علم الله کي ئي آهي پوءِ انتظار ڪريو، بيشڪ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
۽ جڏهن ماڻهن کي ڪنهن تڪليف کان پوءِ جا کين پهتي ڪا مهرباني چکايون ٿا ته اتي جو اتي اهي اسان جي آيتن ۾ چالاڪيون ڪرڻ لڳن ٿا. (اي پيغمبرﷺ) چئو ته الله رٿ رٿڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آهي جيڪي اوهين چالاڪيون ڪريو ٿا تن کي بيشڪ اسانجا موڪليل (ملائڪ) لکن ٿا. |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
هو اُهو آهي جو اوهان کي خشڪيءَ ۽ درياءَ تي گهمائي ٿو، ايتري تائين جو جڏهن اوهين ٻيڙيءَ ۾ هجو ٿا ۽ اهي سڻائي واه سان ماڻهن کي وٺي هلن ٿيون ۽ اهي ان سان خوش ٿين ٿا ته (اوچتو) انهن (ٻيڙين) تي سخت هوا اچي وڃي ٿي ۽ جتان ڪٿان مٿن موج اچي ٿي ۽ خيال ڪندا آهن ته کين گهيرو ڪيو ويو آهي (پوءِ) الله کي سڏيندا آهن ان جي لاءِ عبادت کي خالص ڪري (غير الله کي وساري). ته جيڪڏهن تو اسان کي هن کان بچايو ته ضرور اسين شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون. |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
پوءِ جڏهن کين بچائي ٿو ته اتي جو اتي زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪندا آهن. اي انسانو! اوهان جي سرڪشي اوهان تي آهي، دنيا جي حياتي جا مزا ڪري وٺو. وري اسان ڏي ئي اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏينداسون. |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
دنيا جي حياتيءَ جو مثال ائين آهي جيئن پاڻيءَ کي اسان آسمان مان لاٿو پوءِ زمين جا اوڀڙ ان سان رلي ملي نڪتا جن کي ماڻهو ۽ وهٽ کائين ٿا، تان جو جڏهن زمين پنهنجي ساوڪ ورتي ۽ سُونهن واري ٿي ۽ زمين وارن خيال ڪيو ته بيشڪ سندن ان تي قبضو آهي ته (اوچتو) ان تي رات يا ڏينهن جو اسان جو حڪم پهتو پوءِ اسان ان کي لڻيل (ڍير) ڪري ڇڏيو ڄڻ ته ڪالهه (اتي ڪا آبادي) نه هئي. اهڙيءَ طرح ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا جيڪي فڪر ڪن ٿا. |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
۽ الله سلامتيءَ جي گهر ڏي سڏي ٿو. ۽ جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
جن ڀلائي ڪئي تن لاءِ ڀلائي ۽ (ٻيو به) زياده آهي. ۽ سندن منهن کي نه ڪاراڻ ۽ نه خواري ويڙهيندي. اهي جنت وارا آهن، اهي ان ۾ پيا رهندا. |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
۽ جن بڇڙايون ڪمايون (تن لاءِ) بڇڙائيءَ جو بدلو ان (بڇڙائي) جهڙو آهي ۽ کين خواري ڍڪيندي. انهن کي الله کان ڪوبه بچائڻ وارو نه آهي. ڄڻ ته انهن جي منهن کي اونداهيءَ رات جي ٽڪرن سان ڍڪيو ويو آهي، اهي دوزخي آهن، اهي ان ۾ پيا رهندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
۽ جنهن ڏينهن انهن سڀني کي گڏ ڪنداسون وري مشرڪن کي چونداسون ته اوهين ۽ اوهان جا (الله سان) شريڪ ڪيل پنهنجي جاءِ تي بيهو. پوءِ سندن وچ ۾ جدائي وجهنداسون ۽ انهن جا (اهي) شريڪ ڪيل چوندا ته اوهين اسان جي بندگي نه ڪندا هئا. |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
پوءِ اسان جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد بس آهي. بيشڪ اسين اوهان جي بندگيءَ کان بي خبر هئاسون. |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
اتي سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو تنهن جو ان کي تجربو ٿي ويندو ۽کين پنهنجي حقيقي مالڪ الله ڏي موٽايو ويندو ۽ جيڪي ٺاهه پيا ٺاهين سي انهن کان گم ٿي ويندا. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته آسمان ۽ زمين مان ڪير اوهان کي روزي ڏئي ٿو؟ يا ڪنن ۽ اکين جو ڪير مالڪ آهي. ۽ ڪير جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو ۽ ڪير ڪم جي تدبير ڪري ٿو؟ پوءِ اهي چوندا ته الله! پوءِ تون چئو ته ڇا پوءِ به نه ٿا ڊڄو؟ |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
پوءِ اهو ئي الله اوهان جو حقيقي پاليندڙ آهي پوءِ (سچي ڳالهه اها آهي ته) سچ کان پوءِ گمراهيءَ کان سواءِ (ٻيو) ڇا آهي؟ پوءِ ڪٿان ڦيريا وڃو ٿا؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
اهڙيءَ طرح تنهنجي پاليندڙ جو حڪم بدڪارن تي ثابت ٿيو ته اهي ايمان نه آڻيندا. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
چؤ ته اوهان جي شريڪ ڪيلن مان ڪو (اهڙو) آهي جو نئين سر پيدا ڪري ٿو وري ان نموني تي بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو؟ چئو ته پهريائين به الله پيدا ڪري ٿو وري به ان نموني تي بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
پوءِ ڪيئن ابتا وڃو ٿا؟ (اي پيغمبر! کين) چئو ته ڇا اوهان جي شريڪ ڪيلن مان ڪو اهڙو آهي جو صحيح رستو ڏيکاري ٿو؟چو ته الله ئي صحيح رستو ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو صحيح رستو ڏيکاري ٿو سو هن ڳالهه جو زياده حقدار آهي ته سندس پيروي ڪئي وڃي يا اهو جو رستي ڏيکارڻ کان سواءِ رستو (به) نه ٿو لهي. پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو آهي ڪيئن انصاف ڪريو ٿا؟ |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ انهن مان گهڻا رڳو گمان تي هلن ٿا،بيشڪ گمان سچيءَ ڳالهه جي سمجهڻ ۾ ڪجهه به ڪم نه ٿو اچي. بيشڪ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
۽ هي قرآن الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ٺاهيل نه آهي پر انهن (ڪتابن) کي سچو ڪندڙ آهي جيڪي ان جي اڳيان آهن. ۽ جهانن جي پاليندڙ جي طرفان لکيل حڪمن (مقرر ڪيل شريعت) کي جن ۾ ڪو شڪ نه آهي کولي بيان ڪندڙ آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
(اي پيغمبر !) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته اهو پاڻ ٺاهيو اٿس؟ تون چئو ته پوءِ ان جهڙي هڪ سورت ئي آڻيو ۽ (ان جي ٺاهڻ لاءِ) الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو تنهن کي سڏيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
پر جنهن کي پورو سمجهيو به نه اٿن تنهن کي ڪوڙو ڪيو اٿن هوڏانهن اڃان تائين وٽن ان جي حقيقت به نه آئي آهي. اهڙي طرح انهن کان اڳين به ڪوڙو ڪيو پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان آڻي ٿو ۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان نه ٿو آڻي. ۽ تنهنجو پاليندڙ فسادين کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
۽ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڪن ته پوءِ تون چئو ته مون لاءِ منهنجو ڪم آهي ۽ اوهان لاءِ اوهان جو ڪم آهي جيڪي آءُ ڪريان ٿو تنهن کان اوهين ڇٽل آهيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان آءُ ڇٽل آهيان. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
۽ انهن مان ڪي تنهنجي ڳالهه ڪن لڳائي ٻڌن ٿا. ڇا پوءِ به تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين جيتوڻيڪ اهي عقل کان ڪم نه وٺندا هجن. |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
۽ انهن مان ڪو تو ڏي ڏسي ٿو. ڇا پوءِ تون انڌن کي رستو ڏيکاريندين، جيتوڻيڪ اهي نه ڏسندا هجن. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
بيشڪ الله ماڻهن تي ڪجهه به ظلم نه ٿو ڪري، پر ماڻهو پاڻ تي پاڻ ظلم ڪن ٿا. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
۽ جنهن ڏينهن کين گڏ ڪندو ڄڻ ته اهي رڳو ڏينهن جي هڪ گهڙي رهيا هئا تنهن ڏينهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا. جن الله سان ملڻ کي ڪوڙو سمجهيو تن جو بيشڪ نقصان ٿيو ۽ اهي رستو لهندڙ به نه ٿيا. |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
۽ (اي پيغمبر !) اسين جيڪو انجام انهن سان ڪريون ٿا تنهن مان جيڪڏهن ڪجهه توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾ ) ڏيکارينداسون يا (اڳي) توکي مارينداسون ته (ٻنهين صورتن ۾ ) اسان ڏي ئي کين موٽڻو آهي وري جيڪي ڪن ٿا تنهن تي الله شاهد آهي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
۽ سڀ ڪنهن اُمت لاءِ هڪ رسول آهي پوءِ جڏهن سندن رسول (وٽن) اچي ٿو تڏهن انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ظلم نه ٿو ڪيو وڃي. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ چون ٿا ته هيءُ انجام ڪڏهن ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪي الله گهريو آهي تنهن کان سواءِ آءُ پاڻ کي نه ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکان ٿو. سڀ ڪنهن جماعت لاءِ هڪ مقرر مدت آهي، جڏهن سندن (اهو) وقت ايندو ته نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندا ۽ نه اڳي ٿيندا. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سندس عذاب اوهان تي راتو رات يا ڏينهن جو اچي پوندو ته (اوهين) ڏوهاري ان کان پهرين ڇا ڪندا؟ |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
ڇا وري جڏهن (عذاب) اچي پهچندو تڏهن ان جو يقين ڪندؤ (ان وقت چيو ويندو ته) ڇا هاڻ (يقين ڪريو ٿا) هوڏانهن ان جو جلد اچڻ گهرندا هئو. |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
وري ظالمن کي چيو ويندو ته هميشه رهڻ واروعذاب چکو. جيڪي اوهين ڪندا هئو رڳو ان جو ئي اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
۽ (اي پيغمبر !) توکان پڇن ٿا ته ڇا اهو (وعدو) سچو آهي . (تون کين) چئو ته هائو مون کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته بيشڪ اهو سچو آهي. ۽ اوهين (الله کي) عاجز ڪندڙ نه آهيو. |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
۽ جيڪڏهن سڀ ڪنهن ظالم وٽ جيڪي ڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) هجي ته اهو (به جيڪر) پنهنجي بدلي ۾ ڏئي. ۽ اهي جڏهن عذاب کي ڏسندا ته پشيماني لڪائيندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
خبردار! جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي.خبردار! بيشڪ الله جو انجام سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
اهو ئي جياري ۽ ماري ٿو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي انسانو! اوهان جي پاليندڙ جي طرفان اوهان وٽ نصيحت ۽ دلين جي روڳ جي شفا ۽ ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آئي آهي. |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته الله جي فضل تي ۽ سندس رحمت تي ئي انهن کي خوش ٿيڻ گهرجي. اهو انهن شين کان گهڻو چڱو آهي جن کي گڏ ڪن ٿا. |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
(اي پيغمبر! کين) چؤ ته مون کي ٻڌايو ته جا روزي الله اوهان لاءِ لاٿي آهي پوءِ اوهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال ڪيو آهي. چئو ته ڇا الله اوهان کي (ان جي) اجازت ڏني آهي يا الله تي ڪوڙ گهڙيو ٿا؟ |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪي الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا تن جو قيامت جي ڏينهن بابت ڇا خيال آهي؟ بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي، پر گهڻا انهن مان شڪر نه ٿا ڪن. |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
۽(اي پيغمبر !) تون ڪنهن حال ۾ به ٿئين ٿو ۽ تون الله جي طرفان (آيل) قرآن مان جو ڪجهه به پڙهين ٿو ۽ ڪوبه ڪم اوهين ڪريو ٿا ته اسين اوهان کان باخبر هوندا آهيون جڏهن ان ۾ شروع ٿيو ٿا. ۽ تنهنجي پاليندڙ کان ذري جيترو نه ڪي زمين ۾ ۽ نه ڪي آسمان ۾ ڳجهو رهي ٿو. ۽ نه ان کان تمام ننڍي ۽ نه تمام وڏي شيءِ (لڪل) آهي پر اها ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
ياد رکو! ته الله جي دوستن تي نه ڊپ آهي ۽ نه ڪي اهي غمگين ٿيندا. |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
(هي اُهي آهن) جن ايمان آندو آهي ۽ اهي پيا ڊڄن. |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
انهن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي. الله جون ڳالهيون نه ٿيون بدلجن. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
۽ (اي پيغمبر !) توکي انهن جي ڳالهه غمگين نه ڪري. بيشڪ سڀ زور الله کي آهي. اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
خبردار ٿيو! ته جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي الله جا آهن. ۽ جيڪي الله کان سواءِ ٻين شريڪن (معبودن) کي سڏين ٿا سي (حقيقت ۾ انهن جي) پيروي نه ٿا ڪن. اهي رڳو (پنهنجي) خيال جي پيروي ڪن ٿا ۽ اهي رڳو ڪوڙ چون ٿا. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
هو اُهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي پيدا ڪيو آهي ته ان ۾ آرام وٺو، ۽ ڏينهن کي روشن ڪيائين. بيشڪ ان ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن. |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
ڪافرن چيو ته الله (پنهنجي لاءِ) اولاد ورتو آهي. هو (ان کان) پاڪ آهي. هو بي پرواهه آهي. جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. اوهان وٽ ان جي ڪا ثابتي نه آهي. ڇا الله تي اهو چئو ٿا جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي. |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪي الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا سي ڪامياب نه ٿا ٿين. |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
(انهن لاءِ) دنيا ۾ (ٿورو) فائدو آهي وري کين اسان ڏي ئي موٽڻو آهي، پوءِ انهن کي سخت عذاب چکائينداسون هن ڪري جو اهي ڪفر پيا ڪن. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
(اي پيغمبر! کين) نوح جو قِصو پڙهي ٻڌاءِ! جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! جيڪڏهن منهنجو ويهڻ ۽ الله جي آيتن سان منهنجي نصيحت ڪرڻ اوهان لاءِ ڏکوئيندڙ ٿي آهي ته الله تي ئي مون ڀروسو ڪيو پوءِ اوهين پنهنجن شريڪن سان گڏ پنهنجي ڪم جو پڪو ارادو ڪريو. پوءِ اوهان جو ڪم اوهان کان ڳجهو نه رهي پوءِ مون سان (جيڪي وڻيوَ سو) ڪري گذرو ۽ مون کي ڀلي مُهلت نه ڏيو. |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
پوءِ جيڪڏهن اوهان منهن موڙيو ته (مون کي ڪو نقصان نه آهي) مون اوهان کان ته ڪا مزدوري نه گهري آهي منهنجي مزدوري الله کان سواءِ ٻي تي نه آهي ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ فرمانبردارن مان ٿيان. |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ ان کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي ساڻس ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کي بچايو ۽ انهن کي جانشين ڪيو سون. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي ٻوڙيوسون. پوءِ (اي پيغمبر !) ڏس ته جن کي ڊيڄاريو ويو تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
وري نوح کان پوءِ ڪيترا رسول سندن قوم ڏي موڪلياسون. پوءِ اهي انهن وٽ ظاهر دليل کڻي آيا پوءِ جنهن کي انهن هن کان اڳي ڪوڙو ڪيو هو تنهن تي اهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙيءَ طرح حد کان لنگهندڙن جي دلين تي مُهر هڻون ٿا. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
وري انهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏي پنهنجين نشانين سان موڪليوسون، پوءِ انهن وڏائي ڪئي ۽ اهي ڏوهاري ماڻهو هئا. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان سچي ڳالهه پهتي ته چيائون ته بيشڪ هيءَ پڌرو جادو آهي. |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
موسيٰ چيو ته ڇا اوهين سچي ڳالهه کي (ائين) چئو ٿا جڏهن اها اوهان وٽ پهتي. ڇا هيءَ جادو آهي؟ هوڏانهن جادوگر ڪامياب نه ٿا ٿين. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
انهن چيو ته ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته اسان کي ان کان ڦيرين جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو ۽ اوهان ٻنهين کي زمين ۾ سرداري ملي. ۽ اسين اوهان کي مڃڻ وارا نه آهيون. |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
۽ فرعون چيو ته مون وٽ هر هڪ علم وارو جادوگر آڻيو. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن جادوگر آيا ته موسيٰ کين چيو ته جيڪي اوهين اڇلائڻ وارا آهيو سو اڇلايو. |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
پوءِ جڏهن اڇلايائون ته موسيٰ چيو ته جيڪي اوهان آندو آهي سو جادو آهي. الله ان کي ضرور ناس ڪندو (ڇو ته) الله فسادين جي ڪم کي نه ٿو سڌاري. |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
۽ الله پنهنجين ڳالهين سان سچ کي ثابت ڪندو توڙي ڏوهاري ناپسند ڪن. |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
پوءِ موسيٰ کي رڳو ان جي قوم جي ڪجهه ماڻهن مڃيو، فرعون ۽ انهن جي سردارن کان هن ڊپ هوندي به ته متان اهي انهن کي ايذائين. ۽ بيشڪ فرعون (اُن) زمين ۾ سرڪش هو ۽ بيشڪ هو حد کان لنگهندڙن مان هو، |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
۽ موسيٰ چيو ته اي منهنجي قوم! جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ته مٿس ڀروسو ڪريو جيڪڏهن اوهين فرمانبردار آهيو. |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
پوءِ انهن چيو ته الله تي ئي اسان ڀروسو ڪيو. اي اسان جا پاليندڙ! اسان تي ظالم قوم جو زور نه آزماءِ! |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ اسان کي پنهنجي رحمت سان ڪافر قوم کان بچاءِ! |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
۽ اسان موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ ڏي هيءُ حڪم موڪليو ته اوهين ٻئي مصر ۾ پنهنجي قوم لاءِ ڪي گهر مقرر ڪريو ۽ پنهنجن انهن گهرن کي قبلي جي سامهون ڪريو. ۽ نماز قائم ڪريو. ۽ (اي موسيٰ) تون ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ. |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
۽ موسيٰ چيو ته اي اسان جا پاليندڙ! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ رونق ۽ گهڻا مال ڏنا آهن هن لاءِ ته (ان سان) اي اسان جا پاليندڙ تنهنجي رستي کان گمراهه ڪن (تنهن ڪري) اي اسان جا پاليندڙ! سندن مال برباد ڪر ۽ سندن دليون سخت ڪر! ته اهي ايمان نه آڻين جيستائين اهي دردناڪ عذاب (نه) ڏسن. |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
الله فرمايو ته اوهان ٻنهين جي دعا قبول ڪئي وئي پوءِ ٻئي سڌا رهو ۽ جيڪي نه ٿا ڄاڻن تن جي رستي جي ڪڏهن به پيروي نه ڪريو. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
۽ اسان بني اسرائيلن کي درياهه کان پار لنگهايو پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر ظلم ۽ سرڪشيءَ سان انهن جي پٺيان پيا. نيٺ جڏهن ٻڏڻ لڳو تڏهن چيائين ته مون يقين ڪيو ته جنهن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي تنهن کان سواءِ ٻيو ڪو حاڪم نه آهي ۽ آءُ فرمان بردارن مان آهيان. |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
(کيس چيو ويو ته) ڇا هاڻي (تو ايمان آندو) هوڏانهن هن کان اڳ تو نافرماني ڪئي ۽ تون فسادين مان هئين. |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
پوءِ اڄ اسين تنهنجي لاش کي بچائينداسون. هن لاءِ ته جيڪي تنهنجي پٺيان آهن تن لاءِ نشاني ٿئين. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن. |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي چڱي جاءِ ۾ رهايو ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون، پوءِ انهن تيستائين اختلاف نه ڪيو جيستائين کين علم (نه) پهتو. (اي پيغمبر !) جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا تنهن بابت سندن وچ ۾ قيامت جي ڏينهن تنهنجو پاليندڙ ئي فيصلو ڪندو. |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪي اسان تو ڏي نازل ڪيو آهي تنهن ۾ جيڪڏهن توکي شڪ آهي ته جيڪي توکان اڳ ۾ ڪتاب پڙهن ٿا تن کان پڇ. بيشڪ تو وٽ تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سچ آيو آهي پوءِ هرگز شڪ ڪندڙن مان نه ٿي. |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
۽ نه ڪي هرگز انهن مان ٿيءُ جن الله جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪيو نه ته تون به نقصان پائڻ وارن مان ٿيندين. |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
بيشڪ جن تي تنهنجي پاليندڙ (جي عذاب) جو حڪم لازم ٿيو سي ايمان نه آڻيندا. |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
توڙي انهن وٽ هر هڪ نشاني اچي تان جو هو دردناڪ عذاب (نه) ڏسن. |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
پوءِ ڇا لاءِ يونس جي قوم کان سواءِ ٻيو ڪو ڳوٺ اهڙو نه ٿيو جو ايمان آڻي ها. پوءِ ان کي سندس ايمان فائدو ڏئي ها (جيئن) انهن (يونس جي قوم) جڏهن ايمان آندو تڏهن اسان انهن تان دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ جو عذاب لاٿو ۽ کين هڪ وقت تائين آسودو ڪيوسون. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
۽جيڪڏهن تنهنجو پاليندڙ گهري ها ته جيڪي زمين ۾ آهن سي سڀئي گڏ ايمان آڻين ها. ڇا پوءِ تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته اهي مسلمان ٿين. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
۽ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ هيءَ ڳالهه آسان نه آهي ته الله جي حڪم کان سواءِ ايمان آڻي. ۽ جيڪي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن تن تي الله پليتي وجهي ٿو. |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڇا ڇا آهي؟ ۽ جيڪي ماڻهو نه ٿا مڃين تن کي نشانيون ۽ ڊيڄارڻ وارا ڪجهه به ڪم نه ايندا. |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
پوءِ اهي انتظار نه ٿا ڪن مگر انهن تي آيل ڏينهن جهڙو جيڪي انهن کان اڳي گذري ويا. (اي پيغمبر! کين) چئو ته پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءُ (به) اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
وري اسين اهڙيءَ طرح پنهنجن رسولن ۽ ايمان وارن کي بچائيندا آهيون. اسان تي حق آهي ته ايمان وارن کي بچايون. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي منهنجي دين (اسلام) ۾ شڪ آهي ته (ٻڌو ته) الله کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا تن جي آءُ عبادت نه ٿو ڪريان پر آءُ ان الله جي عبادت ڪريان ٿو جيڪو اوهان کي ماري ٿو. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ ايمان وارن مان ٿيان. |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
۽ (مون کي چيو ويو آهي ته) ابراهيم جي طريقي تي ٿي پنهنجو منهن دين لاءِ سڌو ڪر ۽ مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿي. |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ الله کان سواءِ اهڙي شيءِ کي نه سڏ جا توکي نه فائدو پهچائي ۽ نه توکي نقصان پهچائي. پوءِ جيڪڏهن تون (ائين) ڪندين ته ان وقت ئي ظالمن مان ٿيندين. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته الله کان سواءِ ان کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪڏهن توکي ڀلائي پهچائڻ گهري ته سندس فضل کي ڪو ڦيرڻ وارو نه آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي اهو (فضل) پهچائي ٿو ۽ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
(اي پيغمبر! کين) چئو ته اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان حق آيو آهي پوءِ جيڪو رستي تي آيو سو رڳو پاڻ لاءِ رستي تي اچي ٿو ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿئي ٿو. ۽ آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
۽ تون فقط ان جي پيروي ڪر جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ صبر ڪر جيستائين الله فيصلو ڪري ۽ اهو سڀني کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. |