الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
الف لام را. (هي) ان ڪتاب جون آيتون آهن جو حڪمت وارو آهي. |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا ماڻهن لاءِ هيءَ ڳالهه عجيب آهي؟ جو اسان انهن مان هڪ مرد ڏانهن وحي ڪئي ته: ”تون (بي فرمان) ماڻهن کي ڊيڄار ۽ جن ماڻهن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته بيشڪ انهن لاءِ سندن رب وٽ اعلى مرتبا آهن“. ڪافرن چيو ته: ”بلاشڪ هي چِٽو پِٽو جادوگر آهي“. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
بيشڪ توهان جو پالڻهار الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش تي قائم ٿيو (يعني پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو) هر ڪم جي رٿابندي ڪري ٿو. سندس اجازت بنا ڪو به سفارش ڪندڙ نه آهي. اُهو الله اوهان جو پالڻهار آهي پوءِ اوهان ان جي عبادت ڪيو. ڇا پوءِ به اوهان نصيحت نه ٿا پرايو؟ |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
ان ڏانهن اوهان سڀني جو موٽڻ آهي. (هي) الله جو سچو وعدو آهي. بيشڪ اُهو ئي پيدائش جو آغاز ڪري ٿو پوءِ وري ورجائيندو (يعني ماري وري جياريندو) هن لاءِ ته انهن ماڻهن کي انصاف سان بدلو ڏئي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب آهي هن ڪري جو ڪفر ڪندا هئا. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
اُهو ئي آهي جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي روشن بنايو ۽ ان لاءِ منزلون مقرر ڪيائين ته جيئن اوهان سالن جو ڳاڻيٽو ۽ (وقت جو) حساب ڄاڻو. اُهو (سڀ) الله برحق ئي پيدا ڪيو آهي. اهو کولي کولي نشانيون بيان ڪري ٿو ان قوم لاءِ جيڪي علم رکن ٿا. |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي مَٽِجَڻَ ۾ ۽ جيڪي الله آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي (ان ۾) نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن ۽ دنيا جي زندگي سان راضي ٿي ويا ۽ ان تي ئي مطمئن ٿي ويا ۽ جيڪي اسان جي آيتن کان غافل آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
انهن جي جاءِ جهنم آهي انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪمائيندا هئا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن کي سندن ايمان سبب انهن جوپالڻهار (بهشتن جي) واٽ وٺائيندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون نعمتن وارن باغن ۾. |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
انهن ۾ سندن دعا هي هوندي: ”اي الله تون پاڪ آهين“! ۽ ان ۾ هڪ ٻئي سان سندن آجيان ”سلام“ (يعني السلام عليڪم) سان هوندي ۽ سندن پڇاڙي جي دعا هوندي: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.“ |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي نقصان پهچائڻ ۾ (ائين ) جلدي ڪري ها! جيئن اُهي خير طلب ڪرڻ ۾ جلدي مچائن ٿا ته سندن مقرر مدت پوري ٿي چڪي هجي ها! (پر اسان جو طريقو ائين نه آهي) بلڪه جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن انهن کي اسان (سندن حال تي) ڇڏي ڏيون ٿا ته پنهنجي سرڪشي ۾ ڀٽڪندا رهن. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رَسي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو پنهنجي پاسي ڀر (سُتي) يا ويٺي يا بيٺي، پوءِ جڏهن اسان ان تان سندس تڪليف لاهيون ٿا ته ائين گذري وڃي ٿو ڄڻڪ جا تڪليف کيس پهتي هئي ان ۾ اسان کي سڏيو ئي نه هئائين. اهڙي طرح حد کان لنگهڻ وارن لاءِ انهن جا (بد) عمل سينگاريا ويا آهن جيڪي ڪندا رهندا هئا. |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ گهڻيون قومون انهن جي ظلمن سبب اسان هلاڪ ڪري چُڪا آهيون ۽ انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا ۽ اُهي هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙي طرح اسان ڏوهاري قوم کي سزا ڏيون ٿا. |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
وري اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ جانشين بنايو هن لاءِ ته اسان ڏسون ته اوهان ڪيئن عمل ڪيو ٿا؟ |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
۽ جڏهن انهن تي اسان جون چِٽيون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن سي چون ٿا ته: ”هن کان سواءِ ٻيو قرآن آڻ يا ان کي بدلاءِ“. چؤ ته: ”مون کي حق ناهي جو آءٌ ان کي پنهنجي طرفان بدلايان، آءٌ ته رڳو ان جي پيروي ڪيان ٿو جيڪو مون ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو. بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو جي مون پنهنجي پالڻهار جي بي فرماني ڪئي تمام وڏي ڏينهن جي سزا کان“. |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
چؤ ته: ”جيڪڏهن الله چاهي ها ته آءٌ اوهان تي (هي قرآن) تلاوت نه ڪيان ها ۽ نه اُهو (الله خود) اوهان کي ان کان آگاهه ڪري ها. پوءِ بيشڪ مون هن کان اڳ اوهان ۾ عمر گذاري آهي ڇا پوءِ اوهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
پوءِ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو؟ جو الله تي ڪوڙو الزام ٻڌي يا ان جي آيتن کي ڪوڙو چوي. حقيقت هي آهي ته ڏوهاري ماڻهو ڪامياب ڪونه ٿيندا“. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
۽ الله کان سواءِ انهن (بتن) جي پوڄا ڪن ٿا جي نه انهن کي نقصان ڏئي سگهن ٿا ۽ نه نفعو پهچائي سگهن ٿا ۽ چون ٿا ته: ”اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن“. چؤ ته: ”ڇا اوهان الله کي اهڙي شيءِ جي خبر ٻڌايو ٿا؟ جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ کيس معلوم نه آهي.“ اُهو پاڪ آهي ۽ مٿاهون آهي انهن کان جن کي شريڪ بنائن ٿا. |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
۽ سڀ انسان (ابتداء ۾) هڪ ئي جماعت هئا پوءِ اختلاف ڪيائون. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها جن ڳالهين ۾ پاڻ ۾ اختلاف ڪن ٿا. |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
۽ چون ٿا ته ان (رسول) تي سندس پالڻهار پاران ڪا نشاني ڇو نه نازل ڪئي وئي؟ پوءِ چؤ ته: ”غيب جو علم ته صرف الله وٽ ئي آهي پوءِ انتظار ڪيو ۽ بيشڪ آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان“. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
۽ جڏهن اسان ماڻهن کي تڪليف پهچڻ بعد رحمت چکايون ٿا ته فوراً اسان جي آيتن ۾ چالاڪيون ڪن ٿا. چؤ: ”الله مڪر جي سزا جلد ڏيڻ وارو آهي. بيشڪ اسان جا موڪليل قاصد (ملائڪ) لکن ٿا اوهان جيڪي چالاڪيون ڪيو ٿا“. |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو اوهان کي خشڪي ۽ درياءَ ۾ سير ڪرائي ٿو. ايستائين جو جڏهن اوهان ٻيڙين ۾ هجو ٿا ۽ اُهي (ٻيڙيون) ماڻهن کي موافق هواءِ سان وٺي هلن ٿيون ته ان سان خوش ٿين ٿا ۽ (اوچتو) انهن کي سخت هوا اچي وٺي ٿي ۽ هر پاسي کان انهن تي موج (يعني تُند ۽ تيز لهرون اچن ٿيون) ۽ سمجهن ٿا ته اُهي (موجن ۾) گهيرجي ويا آهن ته الله کي سڏن ٿا (ان مهل) پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪندڙ آهن. (چون ٿا ”اي الله!) جيڪڏهن تو اسان کي هن کان بچايو ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين“. |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
پوءِ جڏهن انهن کي بچائي ٿو ته يڪدم اُهي زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪن ٿا. اي انسانو! بيشڪ اوهان جي سرڪشي (جو وبال) اوهان جي پنهنجي سِرن تي آهي، دنياوي زندگي جا (ٿورا) سامان آهن پوءِ اسان ڏانهن اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ ضرور اوهان کي آگاهه ڪنداسين انهن ڪمن کان جيڪي اوهان ڪندا هئا. |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
دنيا جي زندگي جو مثال ته ان پاڻي وانگر آهي جنهن کي اسان آسمان کان لاٿو پوءِ ان جي ذريعي زمين مان سلا رَلي مِلي نڪتا جنهن مان انسان کائن ٿا ۽ جانور به. تانجو جڏهن زمين پنهنجي رونق ورتي ۽ سينگارجي وئي زمين وارن سمجهيو ته يقينًا اهي ان (جي نفعي وٺڻ) تي قادر (اوچتو) ان تي اسان جو حڪمِ (عذاب) رات جو يا ڏينهن جو اچي پهتو. پوءِ اسان ان کي ائين پاڙان پٽيل (ڍير) ڪري ڇڏيو ڄڻڪ ڪالهه هتي ڪجھه هيو ئي ڪونه. اهڙي طرح اسان آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا ان قوم لاءِ جيڪي غور فڪر ڪن ٿا. |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
۽ الله سلامتي جي گهر ڏانهن سڏي ٿو. ۽ اهو جنهن کي چاهي سڌي راهه ڏانهن هدايت ڪري ٿو. |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي نيڪي ڪن ٿا نيڪي (يعني جنت) آهي ۽ (ان کان به) وڌيڪ آهي. ۽ نه انهن جي مُنهن کي ڪاراڻ ويڙهندي ۽ نه خواري. اهي ئي جنتي آهن اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
۽ جن ماڻهن برايون ڪمايون، برائي جو بدلو ان جي مثل (برو) آهي ۽ انهن کي خواري ويڙهي ويندي. انهن لاءِ الله (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هوندو. ڄڻڪ انهن جا مُنهن اونداهي رات جي ٽڪرن سان ڍڪيا ويا هجن. اهي دوزخي آهن. اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
۽ جنهن ڏينهن اسان انهن سڀني کي گڏ ڪنداسين پوءِ مشرڪن کي چونداسين ته اوهان ۽ اوهان جا شريڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهو پوءِ انهن جي وچ وارا (تعلقات) ختم ڪري ڇڏينداسين ۽ انهن جا شريڪ (کين) چوندا: ”اوهان ته اسان جي عبادت نه ڪندا هئا. |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
پوءِ اوهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ الله ئي شاهد ڪافي آهي بيشڪ اسان اوهان جي عبادت کان بي خبر هئاسين“. |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
ان جاءِ تي هر شخص کي تجربو ٿي ويندو جيڪي ڪجهه اڳتي موڪليائين ۽ سڀ الله ڏانهن موٽايا ويندا جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي ۽ انهن کان گم ٿي ويندا جيڪي ٺاهه ٺاهيندا هئا. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
چؤ ته آسمان ۽ زمين مان اوهان کي ڪير ٿو روزي ڏئي؟ ڪنن ۽ اکين جو مالڪ ڪير آهي؟ ۽ جيئري کي مُئل مان ڪير ٿو ڪڍي؟ ۽ جيئري مان مُئل کي ڪير ٿو ڪڍي؟ ۽ ڪم جي تدبير ڪير ٿو ڪري؟ پوءِ ضرور چوندا ته : ”الله“. پوءِ چؤ ته ڇا پوءِ به نه ٿا ڊڄو. |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
پوءِ اُهو ئي الله توهان جو حقيقي پروردگار آهي. سو حق کان پوءِ سواءِ گمراهي جي ٻيو ڇا آهي؟ پوءِ ڪيئن ٿا ڦيريا وڃو؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
اهڙي طرح تنهنجي پالڻهار جو حڪم نافرمانن تي ثابت ٿي چُڪو ته اُهي ايمان نه آڻيندا. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
چؤ ڇا اوهان جي (ٺاهيل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي؟ جيڪو پيدائش جي شروعات ڪري پوءِ وري ان کي ورجائي. چؤ الله ئي آهي جيڪو پيدائش جي شروعات ڪري ٿو وري ان کي ورجائيندو پوءِ ڪيئن ابتا ڦيرايا وڃو ٿا؟ |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
چؤ ته ڇا اوهان جي (ٺاهيل) شريڪن مان ڪو اهڙو آهي؟ جيڪو حق ڏانهن رهنمائي ڪري؟ چؤ ته الله ئي حق ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو حق ڏانهن رهنمائي ڪري اُهو ئي وڌيڪ حقدار آهي جو ان جي پيروي ڪئي وڃي يا اُهو جيڪو رستي ڏيکارڻ کان سواءِ رستو به نه لهي؟ پوءِ اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي ڪيئن ٿا فيصلو ڪيو؟ |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
انهن مان گهڻا ته رڳو گمان جي پيروي ڪن ٿا. بيشڪ گمان حق کان ٿورڙو به بي نياز نه ٿو ڪري. بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا. |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
۽ هي قرآن ائين نه آهي جو الله (جي وحي) کان سواءِ گهڙيو ويو هجي ۽ پر (هي قرآن) ان (ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪي ان کان اڳ (نازل ٿيا) آهن ۽ لکت (يعني احڪامن) کي کولي کولي بيان ڪندڙ آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي جهانن جي رب کان (نازل ٿيل) آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
ڇا چون ٿا ته ان کي ان (رسول ﷺ) پاڻ ٺاهيو آهي؟ چؤ ته پوءِ ان جهڙي هڪ سورت ئي آڻيو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي سڏي سگهو ٿا سڏيو. جيڪڏهن اوهان سچا آهيو. |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
بلڪه ڪوڙو چيائون ان کي جنهن کي پنهنجي ڄاڻ سان احاطو ڪري نه سگهيا حالانڪه اڃا انهن وٽ ان جي حقيقت به نه آئي آهي. اهڙي طرح انهن کان اڳين ماڻهن به ڪوڙو چيو هيو پوءِ ڏس ته ظالمن جو انجام ڪهڙو ٿيو هيو؟ |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان آڻيندو ۽ انهن مان ڪو ان تي ايمان نه آڻيندو ۽ تنهنجو پالڻهار فساد ڪرڻ وارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
۽ جيڪڏهن تو کي ڪوڙو چون ته چؤ: ”مون لاءِ منهنجو عمل آهي ۽ اوهان لاءِ اوهان جو عمل آهي. اوهان ان کان آجا آهيو جيڪو عمل آءٌ ڪيان پيو ۽ آءٌ آجو آهيان ان کان جيڪو اوهان عمل ڪيو ٿا“. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
۽ انهن مان ڪي تنهنجي ڳالهه ڪن لائي ٻڌن ٿا. ڇا پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ توڙي جو اُهي عقل به نه رکندا هجن. |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
۽ انهن مان ڪي تو ڏانهن نهارن ٿا. ڇا پوءِ تون انڌن کي راهه ڏسيندين؟ توڙي جو اُهي نه ڏسندا هجن. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
بيشڪ الله ماڻهن مٿان ڪجهه به ظلم نه ٿو ڪري ۽ پر ماڻهو (خود) پنهنجي جانين تي ظلم ڪن ٿا. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
۽ جنهن ڏينهن (الله) کين گڏ ڪندو (ائين سمجهندا) ڄڻڪ اُهي (دنيا ۾) رڳو ڏينهن جي هڪ گهڙي رهيا هئا اُهي هڪ ٻئي کي سُڃاڻندا. بيشڪ اُهي ماڻهو نقصان ۾ رهيا جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو سمجهيو ۽ اُهي هدايت يافته نه هئا. |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن اسان تو کي ان (برن نتيجن) مان ڪجهه (دنيا ۾) ڏيکاريون جنهن جو اسان انهن سان وعدو ڪري رهيا آهيون يا تو کي (ان کان اڳ) وفات ڏيون پوءِ اسان ڏانهن ئي انهن جو موٽڻ آهي پوءِ الله ان تي شاهد آهي جيڪي ڪن ٿا. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
۽ هر امت لاءِ هڪ رسول آهي پوءِ جڏهن وٽن سندن رسول اچي وڃي ٿو ته انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو ۽ اُهي ظلم نه ٿا ڪيا وڃن. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ چون ٿا ته هي وعدو ڪڏهن ٿيندو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
چؤ: ”آءٌ پنهنجي ذات لاءِ نه نقصان جو مالڪ آهيان ۽ نه نفعي جو سواءِ ان جي جيڪي الله چاهي. هر جماعت لاءِ هڪ مدت مقرر آهي. پوءِ جڏهن انهن جي مقرر مدت اچي ٿي ته پوءِ نه هڪ گهڙي پوئتي ٿيندا ۽ نه اڳتي ٿيندا“. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
چؤ (اي ڪافرو!) ڇا ٿا سمجهو؟ جيڪڏهن ان جو عذاب اوهان تي راتو رات اچِي پهچي يا ڏينهن جو پهچي ته ڏوهاري ماڻهو ان عذاب کان (بچاءَ لاءِ) ڪهڙي شيءِ جلدي ڪندا! |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
ڇا جڏهن اهو (عذاب) پئجي وڃي پوءِ ان تي ايمان آڻيندؤ؟ هاڻي (مڃو ٿا) حالانڪه اوهان (اڳ) ان جي جلدي مچائيندا هئا. |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
پوءِ جن ظلم ڪيو تن کي چيو ويندو ته هميشه واري عذاب جو مزو چکو.اوهان کي ٻيو ڪو به بدلو نه ڏنو ويندو سواءِ انهن (عملن) جي جيڪي اوهان ڪمائيندا هئا. |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
۽ اُهي تو کان پڇن ٿا ته ڇا اُهو (وعدو) سچو آهي؟ چؤ هائو! مون کي منهنجي پروردگار جو قسم بيشڪ اُهو سچو آهي ۽ اوهان عاجز ڪندڙ نه آهيو. |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
۽ جيڪڏهن هر ظالم جي ملڪيت ۾ اُهو سڀ (خزانو) هجي ها جيڪو زمين ۾ آهي ته اُهو پنهنجي بدلي ۾ ڏئي ها. ۽ جڏهن عذاب کي ڏسندا ته پشيمانيءَ کي لڪائيندا ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
خبردار! بيشڪ جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي الله جو آهي. خبردار! بيشڪ الله جو وعدو برحق آهي ۽ پر انهن مان گھڻا نه ٿا ڄاڻن. |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
اُهو ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندا. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان نصيحت آئي آهي ۽ شفا آهي انهن (بيمارين) لاءِ جيڪي سينن ۾ آهن ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ايمان وارن لاءِ. |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
چؤ ته الله جي فضل ۽ ان جي رحمت (ملڻ) سبب پوءِ ان تي اهي ڀلي خوشي ڪن. اهو (خوشيءَ ۾ خرچڻ) ان کان ڀلو آهي جيڪو گڏ ڪري رکن ٿا. |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
چؤ مون کي ٻڌايو! ته جا روزي الله اوهان لاءِ لاٿي آهي پوءِ اوهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال بنايو آهي. چؤ ته ڇا الله اوهان کي ان جي اجازت ڏني آهي؟ يا اوهان الله تي ٺاههُ ٺاهيو ٿا؟ |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
۽ ڇا خيال آهي؟ قيامت جي ڏينهن بابت انهن ماڻهن جو جيڪي الله تي ڪوڙو ٺاههُ ٺاهن ٿا. (ته انهن سان ڇا معاملو ڪيو ويندو) بيشڪ الله ماڻهن مٿان فضل فرمائڻ وارو آهي ۽ پر انهن مان گهڻا شڪر ڪونه ٿا ڪن. |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
۽ (اي نبي) تون ڪنهن به حال ۾ هجين ۽ تون ان (الله) جي طرفان جو ڪجهه به قرآن پڙهين ۽ (اي امت وارؤ!) اوهان به جيڪي به عمل ڪيو مگر اسان اوهان مٿان شاهد هوندا آهيون ۽ جڏهن اوهان ان ۾ مشغول ٿيو ٿا. ته تنهنجي پالڻهار کان هڪ ذري برابر به (ڪا شيءِ) نه زمين ۾ پوشيده آهي ۽ نه آسمان ۾ ۽ نه ان (ذري) کان ننڍي ۽ نه وڏي. مگر اُها پڌري ڪتاب (يعني لوح محفوظ) ۾ آهي. |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
خبردار! بيشڪ الله جي دوستن کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا. |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
اُهي آهن جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪيائون. |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
انهن لاءِ خوشخبري آهي دنياوي زندگي ۾ ۽ آخرت ۾. الله جي ڳالهين ۾ ڪا تبديلي ناهي اها ئي زبردست ڪاميابي آهي. |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
۽ انهن جي ڳالهه تو کي ڏکارو نه ڪري. بيشڪ سڀ عزت الله لاءِ آهي. اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
خبردار! بيشڪ جيڪو آسمانن ۾ آهي يا زمين ۾ آهي سڀ الله جو آهي. ۽ ڪهڙي شيءِ جي پيروي ڪري رهيا آهن اهي ماڻهو جيڪي الله کي ڇڏي (معبودانِ باطل) شريڪن کي پڪارن ٿا. اهي رڳو پنهنجي وهم جي پيروي ڪن ٿا ۽ اهي رڳو غلط اندازا لڳائيندا رهن ٿا. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
اُهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ رات بنائي ته جيئن ان ۾ آرام ڪيو ۽ ڏينهن کي روشن ڪيائين. بيشڪ ان ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن، جيڪي ٻڌن ٿا. |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
چون ٿا ته الله پنهنجي لاءِ اولاد بنايو آهي اهو ان کان پاڪ آهي. اهو بي پرواهه آهي. ان جي مِلڪ آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي.اوهان وٽ ان (شرڪ) جو ڪو دليل نه آهي. ڇا اوهان الله لاءِ اها ڳالهه چئو ٿا جيڪا ڄاڻو نه ٿا. |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
چؤ ته بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌن ٿا اُهي ڪامياب نه ٿيندا. |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
دنيا ۾ (ڪجھه ڏينهن جو) سامان آهي پوءِ اسان ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ اسان انهن کي سخت عذاب چکائينداسين ان ڪري جو اهي ڪفر ڪندا هئا. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
۽ انهن کي نوح جو قصو پڙهي ٻڌاءِ. جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين:”اي منهنجي قوم! جيڪڏهن اوهان کي منهنجو رهڻ ۽ الله جي آيتن سان نصيحت ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو ته پوءِ مون الله تي ڀروسو ڪيو آهي پوءِ اوهان گڏجي پنهنجي سازش پختي ڪيو ۽ پنهنجي شريڪن کي به (گڏ ملايو) پوءِ اوهان جي سازش اوهان (جي جماعت) تي لڪل نه هجي پوءِ اوهان مون سان (جيڪي وڻي سو) ڪيو ۽ ڀلي مون کي مهلت نه ڏيو. |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
پوءِ به جيڪڏهن اوهان منهن موڙيو ته (منهنجو ڇا نقصان آهي) مون ته اوهان کان ڪا مزدوري نه گهري آهي. منهنجي مزدوري ته صرف الله تي آهي ۽ مون کي امر ڪيو ويو آهي ته آءٌ مسلمانن مان هجان“. |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ ان کي ڪوڙو چيائون پوءِ اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس ٻيڙي ۾ گڏ هئا تن کي بچايو ۽ انهن کي (ڌرتي تي) جانشين بنايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو هيو تن کي ٻوڙيوسين. پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو انجام ڪيئن ٿيو؟ جن کي ڊيڄاريو ويو هيو. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
پوءِ ان کان پوءِ اسان (ڪيترائي) رسول انهن جي قومن ڏانهن موڪليا پوءِ اُهي انهن وٽ چِٽا دليل کڻي آيا پوءِ اهي به اهڙا نه ٿيا جو ان تي ايمان آڻن جنهن کي اُهي اڳ ڪوڙو چئي چڪا هئا. اهڙي طرح اسان سرڪشي ڪرڻ وارن جي دلين مٿان مهر هڻون ٿا. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
پوءِ انهن کان پوءِ اسان موسى ۽ هارون کي فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن پنهنجي نشانين سان موڪليو. پوءِ انهن تڪبر ڪيو ۽ اُهي ڏوهاري قوم هئا. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان وٽان حق آيو ته چيائون: ”بيشڪ هي ته پڌرو جادو آهي“. |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
موسى چيو ته: ”ڇا اوهان (اهو) حق جي باري ۾ چئو ٿا جڏهن اوهان وٽ پهچي چڪو آهي ته ڇا هي جادو آهي؟ حالانڪه جادوگر ڪامياب نه ٿيندا آهن“. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
چيائون: ”ڇا تون ان لاءِ آيو آهين؟ ته اسان کي ڦيرين ان کان جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو! ۽ اوهان ٻنهين کي زمين ۾ سرداري ملي. ۽ اسان اوهان ٻنهين تي ايمان آڻڻ وارا نه آهيون“. |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
۽ فرعون چيو ته: ”مون وٽ هر ماهر جادوگر آڻيو“. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
پوءِ جڏهن جادوگر آيا ته موسى انهن کي چيو ته: ”اوهان اڇلايو جيڪي اوهان اڇلائڻ وارا آهيو“. |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
پوءِ جڏهن اڇلايائون موسى چيو ته: ”جيڪي اوهان آندو آهي سو جادو آهي بيشڪ الله ان کي سگھوئي نيست و نابود ڪندو. بيشڪ الله فسادين جي ڪم کي نه ٿو سڌاري. |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
۽ الله پنهنجي حڪم سان حق جو حق هجڻ ثابت ڪندو آهي ۽ توڙي جو ڏوهاري ان کي ناپسند ڪن“. |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
پوءِ موسى مٿان ان جي قوم جي چند نوجوانن کان سواءِ (ڪنهن) ايمان نه آندو فرعون ۽ ان جي سردارن کان ڊڄندي ته متان انهن کي مصيبت ۾ وجهن. ۽ بيشڪ فرعون زمينِ ۾ سرڪش هيو، ۽ بلاشڪ اهو حد کان لنگهڻ وارن مان هيو. |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
۽ موسى چيو ته: ”اي منهنجي قوم! جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ته پوءِ ان تي ڀروسو ڪيو جيڪڏهن اوهان مسلمان آهيو“. |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
پوءِ چيائون: ”اسان الله تي ڀروسو ڪيو. اي اسان جا پالڻهار اسان کي ظالمن جي قوم لاءِ آزمائش نه بناءِ. (انهن جي ستم جو نشانو نه بناءِ) |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ اسان کي پنهنجي رحمت سان ڪافرن جي قوم کان بچاءِ.“ |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
۽ اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ ڏانهن وحي ڪئي ته اوهان ٻئي مصر (جي ملڪ) ۾ پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه گهر تيار ڪيو ۽ پنهنجي گهرن کي قبله رخ بنايو ۽ نماز قائم ڪيو. ۽ (اي موسى) ايمان وارن کي خوشخبري ڏي. |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
۽ موسى چيو ته: ”اي اسان جا پالڻهار! تو فرعون ۽ ان جي سردارن کي دنياوي زندگي ۾ سينگار ۽ گهڻا مال ڏنا آهن ته جيئن اي اسان جا پروردگار! تنهنجي رستي کان (ماڻهن کي) گمراهه ڪن. اي اسان جا پالڻهار! تون انهن جي مالن کي برباد ڪر. ۽ انهن جي دلين کي سخت ڪر پوءِ ايمان نه آڻن تانجو دردناڪ عذاب کي ڏسن“. |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
فرمايائين بيشڪ اوهان ٻنهين جي دعا قبول ڪئي وئي پوءِ اوهان ٻئي ثابت قدم رهجو ۽ انهن ماڻهن جي رستي جي پيروي نه ڪجو جيڪي نه ٿا ڄاڻن. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊُ ٽَپايو پوءِ فرعون ۽ سندس لشڪر سرڪشي ۽ دشمني سان انهن جي پٺيان پيا. تانجو جڏهن (فرعون) ٻڏڻ لڳو ته چيائين: ”مون ايمان آندو ان ڳالهه تي ته يقيناً ڪو معبود ناهي سواءِ ان (الله) جي جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندو آهي ۽ آءٌ مسلمانن مان آهيان“. |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
(چيو ويو) ڇا هاڻي (ايمان ٿو آڻين) ۽ بيشڪ هن کان اڳ تو بي فرماني ڪئي ۽ تون فسادين مان هئين. |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
پوءِ اڄ اسان تنهنجي بدن کي بچائينداسين هن لاءِ ته تون پنهنجي پونير لاءِ (عبرت جي) نشاني بنجين. ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن. |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي رهڻ لاءِ بهترين جاءِ بخشي ۽ اسان کين پاڪيزه شين مان روزي ڏني. پوءِ انهن تيستائين اختلاف ڪونه ڪيو جيستائين انهن وٽ ڄاڻ آئي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن فيصلو ڪندو انهن ڳالهين بابت جن ۾ اختلاف ڪندا هئا. |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
پوءِ (اي مخاطب!) جيڪڏهن تون شڪ ۾ هجين ان بابت جيڪو اسان تو ڏانهن (هن رسول جي معرفت) نازل ڪيو آهي ته پوءِ انهن کان پڇي ڏس جيڪي تو کان اڳ ۾ ڪتاب پڙهن پيا. بيشڪ تو وٽ تنهنجي پالڻهار وٽان سچ آيو آهي پوءِ تون هرگز شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿجانءِ. |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
۽ نه هرگز انهن ماڻهن مان ٿجانءِ جن الله جي آيتن کي ڪوڙو چيو نه ته تون نقصان وارن مان ٿيندين. |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن تي تنهنجي پالڻهار جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي، اُهي ايمان نه آڻيندا. |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
توڙي جو انهن تي هر نشاني اچي وڃي ايستائين جو اُهي دردناڪ عذاب ڏسن. (ته به ايمان نه آڻيندا) |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
پوءِ ڇا اهڙو ڪو مثال آهي جو هڪ ڳوٺ عذاب ڏسي پوءِ ايمان آندو هجي ۽ انهن جي ايمان انهن کي نفعو ڏنو هجي يونس جي قوم کان سواءِ. جڏهن ايمان آندائون ته اسان انهن تان دنياوي زندگي ۾ خواريءَ وارو عذاب لاٿو ۽ کين هڪ وقت تائين خوشحال ڪيوسين. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته جيڪي به زمين ۾ آهن سي سڀ گڏجي ايمان آڻن ها. ڇا پوءِ تون ماڻهن مٿان سختي ڪندين؟ ايستائين جو مؤمن بنجي وڃن. |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
۽ ڪنهن شخص لاءِ (سولو) ناهي جو بنا الله جي حڪم جي ايمان آڻي. ۽ (الله ڪفر جي) پليتي انهن مٿان وجهي ٿو جيڪي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن. |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
چؤ ته ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڇاڇا (نشانيون) آهن! ۽ (اهي) نشانيون ۽ ڊيڄارڻ وارا (نبيءَ) ان قوم کي فائدو نه ٿا پهچائي سگهن جيڪي ايمان آڻڻ نه ٿا چاهن. |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
سو اهي انتظار نه ٿا ڪن مگر انهن ماڻهن تي آيل ڏينهن جهڙو جيڪي انهن کان اڳ گذري چڪا. چؤ پوءِ انتظار ڪيو ۽ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان. |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
پوءِ اسان پنهنجي رسولن کي بچايون ٿا ۽ اهڙي طرح انهن کي به جن ايمان آندو. اسان تي حق آهي ته مؤمنن کي بچايون. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
چؤ اي انسانو! جيڪڏهن اوهان منهنجي دين بابت شڪ ۾ آهيو ته (ٻُڌي ڇڏيو) پوءِ آءٌ انهن جي عبادت ڪونه ڪندس جن جي اوهين الله کان سواءِ عبادت ڪيو ٿا ۽ پر الله جي عبادت ڪندس جيڪو اوهان کي ماري ٿو ۽ مون کي امر ڪيو ويو آهي ته آءٌ مؤمنن مان هجان. |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
۽ (مون کي چيو ويو آهي ته) هر باطل کان بچي پنهنجو رخ دين تي قائم رک ۽ هرگز شرڪ ڪرڻ وارن مان نه بنج. |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ الله کان سواءِ ڪنهن اهڙي شيءِ جي پوڄا نه ڪر جيڪا تو کي نه نفعو ڏئي ۽ نه نقصان ڏئي پوءِ جيڪڏهن تو ائين ڪيو ته ان وقت ئي تون نا انصافن مان ٿي پوندين. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏهن الله تو کي ڪا تڪليف پهچائڻ چاهي ته ان کان سواءِ ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن اهو توکي ڀلائي پهچائڻ چاهي سندس فضل کي ڪو ڦيرائڻ وارو نه آهي. پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهي ٿو ان کي اها پهچائي ٿو ۽ اهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
چؤ اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار کان حق آيو آهي. پوءِ جنهن هدايت اختيار ڪئي ته اُهو پنهنجي فائدي جي لاءِ ئي هدايت اختيار ڪري ٿو ۽ جيڪو گمراه ٿيو اُهو فقط پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿيو ۽ آءٌ اوهان تي نگهبان نه آهيان. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
۽ تون ان جي پيروي ڪر جيڪو تو ڏانهن وحي ڪيو ويو ۽ صبر ڪر ايستائين جو الله فيصلو ڪري ۽ اُهو سڀني کان ڀلو فيصلو ڪندڙ آهي. |