الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
ا_ ل_ ر اُهي حڪمت ڀرئي ڪتاب جون آيتون آهن. |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا هنن ماڻهن کي عجب لڳي ٿو، جو اسان منجهانئن هڪ ماڻهو کي وحي ڪيو آهي، ته ماڻهن کي (نافرماني) کان ڊيڄار، ۽ مومنن کي خوشخبري ڏي، ته انهن کي پنهنجي رب وٽ پورو مرتبو ملندو_ ڪافر چوڻ لڳا، ته هي شخص بيشڪ پڌرو جادوگر آهي. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
بيشڪ اوهان جو ڌڻي الله آهي، جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ تخت تي قائم ٿيو، هر ڪنهن ڪم جي تدبير ڪري ٿو، (سندس اڳيان) ڪو سفارش ڪرڻ وارو سندس اجازت بنا سفارش نٿو ڪري سگهي، اهو الله اوهان جو ڌڻي آهي، تنهن ڪري ان جي عبادت ڪريو_ ڇا ان هوندي به اوهين نه ٿا سمجهو؟ |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
اوهان سڀني کي الله وٽ وڃڻو آهي، الله سچو وعدو ڪيو آهي، بيشڪ اهو ئي اول پيدا ڪري ٿو پوءِ اهو ئي وري به پيدا ڪندو ته ايمان آڻيندڙن ۽ چڱا ڪم ڪندڙن کي انصاف سان بدلو ڏئي ۽ جن ڪفر ڪيو انهن کي سندن ڪفر جي ڪري آخرت ۾ اُٻرندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب ملندو. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
اهو ئي آهي، جنهن سج کي چمڪندڙ ۽ چنڊ کي به نوراني بڻايو ۽ هن لاءِ منزلون مقرر ڪيائين، ته اوهين ورهين جو ڳاڻيٽو ۽ حساب معلوم ڪريو، الله اهي اجايا نه بڻايا آهن_ هو علم وارن لاءِ پنهنجي دليلن کي کولي بيان ڪري ٿو. |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
بيشڪ رات ۽ ڏينهن جي اختلاف ۾ ۽ جيڪي الله آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيو آهي انهن سڀني ۾ ماڻهن لاءِ (توحيد جا) دليل آهن، جي الله جو ڊپ رکن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
مگر جن ماڻهن کي اسان وٽ اچڻ جو کٽڪو نه آهي ۽ هو دنيا جي حياتي تي راضي آهن، ۽ ان تي دل لڳائي ويٺا آهن ۽ اهي جي اسان جي آيتن کان غافل آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
اهڙن ماڻهن جي جاءِ سندن عملن ڪري دوزخ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي سندن رب سندن ايمان جي ڪري جنت ڏانهن سنئون رستو ڏيکاريندو، (سندن جاين) هيٺان نعتمن ڀري جنت ۾ نهرون وهنديون. |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
اتي سندن زبان جي هيءَ پڪار هوندي (اي اسان جا الله! تون پاڪ آهين“ ۽ سندن هڪ ٻئي ۾ سلام (کيڪار) السلام عليڪم هوندي ۽ سندن آخري دعا هوندي ”سڀ تعريف جهانن جي رب لاءِ آهي.“ |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
جيئن ماڻهو فائدي لاءِ جلد باز هوندو آهي تيئن جي الله به نقصان پهچائڻ ۾ جلدي ڪري ته سندن عذاب جو وعدو ڪڏهن پورو ٿي وڃي ها! پوءِ جيڪي ماڻهو اسان وٽ حاضر ٿيڻ جو خيال نٿا رکن، انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڀٽڪندو ڇڏي ڏيون ٿا. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي، ته اسان کي ليٽي يا ويٺي يا بيٺي پڪارڻ لڳي ٿو، پوءِ جڏهن اسين سندس تڪليف کي کانئس دور ڪريون ٿا ته وري ائين هلي چلي ٿو، جو ڄڻ ته جا تڪليف کيس پهتي هئي، ان لاءِ هن اسان کي پڪاريو ئي نه هو! اهڙي طرح حد کان نڪري ويندڙن جا عمل انهن کي ڀلا معلوم ٿين ٿا. |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
بيشڪ اسان توکان اڳ ڪيترين ئي جماعتن جڏهن ظلم ڪيو ته انهن کي هلاڪ ڪيو سون ۽ انهن وٽ سندن رسول به دليل وٺي آيا، مگر اُهي ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا. ڏوهارين کي اهڙي طرح ئي سزا ڏيندا آهيون. |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
اسان انهن کان پوءِ اوهان کي انهن بدران آباد ڪيو ته ڏسون ته اوهين ڪهڙيءَ طرح عمل ڪريو ٿا. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
جڏهن انهن جي اڳيان اسان جو آيتون پڙهجن ٿيون، ته اُهي ماڻهو جن کي اسان وٽ اچڻ جو کٽڪو نه آهي سي چون ٿا ته ”هن کانسواءِ ٻيو قرآن آڻ، يا ان کي بدلي ڇڏ،“ چئو ته ”مون کان ائين ٿي نٿو سگهي، جو آءُ ان کي پاڻون بدليان، آءُ رڳو ان جي ئي پيروي ڪريان ٿو جيڪي مون ڏانهن وحي ٿيو آهي، آءُ جيڪڏهن سندس نافرماني ڪريان ته مون کي سندس وڏي ڏينهن جي عذاب جو انديشو ٿئي ٿو.“ |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
چئو ته جيڪڏهن الله گهري ها ته آءُ اوهان کي اهو نه پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه الله اوهان کي ان جو اطلاع ڏئي ها. آءُ ته اوهان ۾ هن کان اڳ به عمر ڪٽي چڪو آهيان، ڇا اوهان کي ڪا سمجهه نه آهي؟ |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙ ڳالهائي يا ان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو؟ بيشڪ اهڙا ڏوهاري اصل ڪامياب نه ٿيندا. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
اهي الله کي ڇڏي اهڙن کي پوڄين ٿا، جي نه کين نقصان ڏين ٿا ۽ نه فائدو ئي ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. چئو ته ڇا، اوهين الله کي اهڙي ڳالهه جي خبر ڏيو ٿا، جا الله کي نه آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ معلوم آهي؟ هو انهن جي شرڪ کان پاڪ ۽ بلند آهي. |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
سڀئي ماڻهو هڪ ئي طريقي تي هئا، پوءِ انهن اختلاف ڪيو ۽ جي تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ڪا ڳالهه اڳ مقرر ٿيل نه هجي ها ته، جيڪر سندن وچ ۾ انهي جو فيصلو ٿي وڃي ها، جنهن بابت اختلاف ڪن ٿا. |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
۽ چون ٿا ته ”مٿس سندس رب وٽان ڪو معجزو ڇو نه لٿو؟“ چئو ته ”غيب جي خبر فقط الله کي آهي، سو اوهين به انتظار ڪريو ۽ آءُ به اوهان سان انتظار ڪريان ٿو.“ |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
جڏهن اسين ماڻهن کي، مٿن مصيبت پوڻ کان پوءِ ڪنهن نعمت جو مزو چکايون ٿا، ته هو هڪدم اسان جي آيتن ۾ شرارت ڪرڻ لڳن ٿا_ چئو ته الله اهڙي شرارت جي جلد ئي سزا ڏيندو، بيشڪ اسان جا فرشتا اوهان جي سڀني شرارتن کي لکندا رهن ٿا.“ |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
الله اهو آهي جو اوهان کي خشڪي ۽ درياءَ ۾ گهمائيندو رهي ٿو، تان جو جڏهن اوهين ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ٿا ۽ اهي کين موافق هوا سان کڻي هلن ٿيون ۽ اهي ساڻن خوش ٿين ٿا ته اوچتو مٿن مخالف هوا اچي ٿي ۽ ڇوليون هر طرف کان هليون اچن ٿيون ۽ هو سمجهن ٿا ته اسين بڇڙي طرح ڦاٿاسون، ان وقت سڀئي سچي اعتقاد سان الله کي پڪارڻ لڳي وڃن ٿا. (ته اي الله!) ”جي تون اسان کي هن (مصيبت) کان بچائيندين، ته اسين ضرور تنهنجا ٿورا مڃينداسين.“ |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
پوءِ جڏهن الله انهن کي هلاڪت کان بچائي ٿو، ته هڪدم زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانو! اوهان جي ان سرڪشيءَ جو وبال اوهان تي ئي پوندو، اهو دنيا جي زندگيءَ جو ٿورو فائدو آهي پوءِ اوهان کي اسان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. پوءِ جيڪي به عمل اوهين ڪندا هئا تن جي اوهان کي خبر ڏيندو. |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
دنيا جي زندگيءَ جو مثال ان پاڻيءَ جهڙو آهي جنهن کي اسين آسمان مان وسايون ٿا، پوءِ ان سان زمين جي پوک، جنهن کي ماڻهو ۽ جانور کائين ٿا، خوب گهاٽي ٿي نڪري، ايتري قدر جو زمين پنهنجي رونق جو پورو حصو وٺي، سونهن ڀري ٿئي ٿي ۽ ان جا ماڻهو سمجهن ٿا، ته هو ان تي قابض ٿي چڪا، (ته اهڙي حالت ۾) ڏينهن يا رات جو اسان جي طرف کان مٿن ڪو حادثو اچي پيو ۽ اسان ان کي اهڙو صاف ڪيو جو ڄڻ ته ڪالهه هئي ئي ڪانه، ائين اسين آيتن کي فڪر ڪندڙ ماڻهن لاءِ کولي کولي بيان ڪريون ٿا. |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
الله اوهان کي سلامتي جي گهر ڏانهن سڏي رهيو آهي ۽ جنهن کي وڻيس، ان کي سنئين واٽ تي هلائي ٿو. |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
جن ماڻهن نيڪي ڪئي، انهن لاءِ خوبي آهي ۽ وڌيڪ به آهي. سندن منهن تي ڪارنهن هوندي ۽ نه خواري_ اهي ئي جنتي آهن_ اُهي ان ۾ هميشه رهندا. |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
۽ جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي سندن بڇڙائي جي سزا اوتري ئي ملندي ۽ مٿن خواري ڇائنجي ويندي، کين الله جي عذاب کان ڪو به بچائي نه سگهندو_ ڄڻ ته سندن منهن تي انڌاري رات جا ٽڪرا ويڙهيا ويا آهن، اهي ئي دوزخي آهي، اُهي ان ۾ هميشه رهندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
۽ جنهن ڏينهن اسان ان سموري (مخلوق) کي ڪٺو ڪنداسين، پوءِ مشرڪن ۽ سندن شريڪن کي چونداسون ته پنهنجي جاءِ تي ترسو. پوءِ منجهن جدائي وجهنداسون ۽ سندن (ٺهرايل) شريڪ کين چوندا، ته ”اوهين اسان جي عبادت نه ڪندا هئا. |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ الله جي گواهي ڪافي آهي، ته اسان کي اوهان جي عبادت جي ڪا به خبر نه هئي!“ |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
اتي هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪيل ڪمن کي جاچيندو ۽ اهي الله ڏانهن موٽائبا، جو سندن حقيقي مالڪ آهي ۽ انهن جيڪي سائين بنايا آهن، سي سندن هٿان هليا ويندا. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
چئو ته ڪير اوهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق ڏئي ٿو؟ يا اهو ڪير آهي، جو اوهان جي ڪنن ۽ اکين تي پورو اختيار رکي ٿو؟ ۽ ڪير آهي، جو جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ بي جان شيءِ کي جيئري مان ڪڍي ٿو؟ ۽ ڪير ڪمن جي تدبير ڪر ي ٿو؟ هو يڪدم چوندا ”الله“ پوءِ انهن کي چئو ته پوءِ ڇو نٿا بچو؟ |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
اهو آهي الله، جو اوهان جو سچو ڌڻي آهي_ پوءِ حق کان پوءِ گمراهي کانسواءِ ٻيو ڇا رهيو؟ پوءِ حق کي ٽاري ڪيڏانهن ڦيريا وڃو ٿا؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
ان طرح تنهنجي رب جي اها ڳالهه، ته هو ايمان نه آڻيندا، انهن بدڪارن جي حق ۾ ثابت ٿي چڪي آهي |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
چئو ته ڇا اوهان جي شريڪن ۾ ڪو اهڙو آهي جو اول پيدا ڪري، پوءِ ٻيو ڀيرو به پيدا ڪري؟ چئو ته الله ئي اول پيدا ڪري ٿو پوءِ به پيدا ڪري ٿو. پوءِ اوهان ڪيڏانهن ڦريو وڃو ٿا؟ |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
چئو ته ڇا، اوهان جي شريڪن ۾ ڪو اهڙو (به) آهي، جو حق جو رستو ڏيکاري؟ چئو ته الله ئي حق جو رستو ڏيکاري ٿو. پوءِ ڀلا جيڪو حق جي راهه ڏيکاري سو پيروي ڪرڻ جو وڌيڪ لائق آهي يا اهو، جو ڏسڻ بنا پاڻ به واٽ نه هلي؟ پوءِ ڇا ٿيو اٿو؟ ڪهڙو فيصلو ٿا ڪريو! |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
انهن مان گهڻا رڳو بي ا صل گمان تي هلي رهيا آهن ۽ گمان حق کان ڪجهه به مفيد نه آهي_ بيشڪ الله کي سندن ڪمن جي پوري خبر آهي. |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
هي قرآن اهڙو نه آهي، جو الله ڌاران ٻئي ڪنهن گهڙيو هجي، بلڪه هي ته انهن کي سچو ڪندڙ آهي، جي ان کان اڳ ۾ اچي چڪا آهن ۽ حڪمن کي چٽو ڪندڙ آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جهانن جي رب وٽان لٿو آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
ڇا هو چون ٿا ته هن بڻائي آندو آهي؟ چئو ته جي اوهين سچا آهيو ته ان جهڙي سورة بڻائي آڻيو، ۽ ان لاءِ الله کانسواءِ جنهن جنهن کي سڏي سگهو سڏيو. |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
بلڪه هو ان کي ان ڪري ڪوڙو ڪن ٿا، جو ان کي پنهنجي علم ۾ آڻي نه ٿا سگهن ۽ اڃا کين آخري نتيجو نه مليو آهي_ ۽ کانئن اڳوڻن ڪافرن به ائين ڪوڙو ڪيو. سو ڏس ته انهن ظالمن جي ڪهڙي نه بڇڙي پڇاڙي ٿي! |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
انهن مان ڪي ان (قرآن) تي ايمان آڻيندا ۽ ڪي نه آڻيندا ۽ تنهنجو رب مفسدن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
۽ جي توکي ڪوڙو چون، چئو ته منهنجو عمل مون لاءِ آهي ۽ اوهان جو عمل اوهان لاءِ، اوهين منهنجي ڪمن کان ڇٽل آهيو، آءُ اوهان جي ڪمن جو جوابدار نه آهيان. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
انهن مان ڪي (ظاهر ۾) تو ڏانهن ڪن ڏئي ويهن ٿا. ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ کڻي اُهي نه به سمجهن! |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
انهن مان ڪي تو ڏانهن ڏسن ٿا. پوءِ ڇا تون انڌن کي رستو ڏيکاري سگهندين؟ کڻي هو نه به ڏسندا هجن. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
بيشڪ الله ماڻهن تي ذري جيترو ظلم نه ٿو ڪري، پر ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
۽ هڪ ڏينهن الله انهن کي گڏ ڪندو، جو ڄڻ هو دنيا ۾ ڏينهن جي ڪا گهڙي رهيا هئا ۽ پاڻ هڪ ٻئي کي سڃاڻندا. بيشڪ ان وقت اهي نقصان پائيندا جن الله اڳيان حاضر ٿيڻ کي ڪوڙو سمجهيو هو ۽ هو سنئين واٽ تي نه هئا. |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
۽ جيڪي ساڻن وعدو ٿا ڪريون ان مان ڪجهه تنهنجي هوندي ڏيکاريون يا تنهنجي وفات بعد، ته به اسان وٽ کين اچڻو ئي آهي، پوءِ الله کي سندن عملن جي خبر آهي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
هر هڪ امت لاءِ هڪ رسول آهي سو جڏهن انهن وٽ سندن رسول اچي وڃي ٿو ته انهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪجي ٿو، مٿن ظلم نٿو ٿئي. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ اهي چون ٿا ”جي سچا آهيو ته اهو عذاب جو وعدو ڪٿي آهي؟“ |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
چئو ته آءُ الله جي گُهر کانسواءِ پنهنجي پاڻ لاءِ به تڪليف يا فائدي جو اختيار نٿو رکان_ هر ڪنهن امت لاءِ هڪ وقت آهي، جڏهن سندن وقت اچي ٿو ته هو نڪي هڪ گهڙي پوئتي ٿيندا، ۽ نه اڳتي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
چئو ته ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن اوهان تي رات جو سندس عذاب اچي پوي، يا ڏينهن جو، ته ان (عذاب) ۾ ڇا آهي، جنهن لاءِ ڏوهاري جلدي ٿا ڪن؟ |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
ته ڇا جڏهن اهو اچي ويندو، تڏهن هاڻ ان تي ايمان آڻيندؤ؟ هن کان اڳ ته انهي لاءِ جلدي ڪند اهئا. |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
پوءِ ظالمن کي چئبو ”هميشه جو عذاب چکو، اوهان کي ته پنهنجن ڪمن جو ئي بدلو مليو آهي.“ |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
توکان عجب سان پڇن ٿا، ته اهو عذاب سچ پچ اچڻو آهي؟ چئو ته ”برابر، منهنجي رب جو قسم! ته اهو سچ آهي ۽ اوهان ان کي روڪي نٿا سگهو. |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
جي هر هڪ ظالم وٽ سموريءَ زمين جو مال هجي، ته به هوند هو ڏئي جان بچائين. جڏهن عذاب کي ڏسندا، ته خواريءَ ڪري پيشيمانيءَ کي لڪائيندا ۽ انهن جو فيصلو انصاف سان ٿيندو ۽ مٿن ڪو ظلم نه ٿيندو. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
يا د رکو ته، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. ياد رکو ته الله جو وعدو سچو آهي، پر گهڻا ماڻهو يقين نٿا ڪن. |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
اهو ئي ماري ٿو ۽ اهو ئي جيئاري ٿو ۽ سڀ ان وٽ حاضر ٿيندؤ. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي انسانو! اوهان وٽ اوهان جي رب کان نصيحت، دلين جي (روڳ) لاءِ شفا ۽ مومنن لاءِ هدايت ۽ رحمت آئي آهي. |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
چئو (ان ڪري) ماڻهن کي، الله جي ان انعام ۽ رحمت تي خوش ٿيڻ گهرجي، اُهو انهيءَ کان گهڻو بهتر آهي، جنهن کي اوهين ڪٺو ڪري رهيا آهيو. |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
چئو هي ٻڌايو ته، الله اوهان جي (فائدي) لاءِ جيڪو رزق موڪليو آهي ان مان اوهين ڪيئن ڪجهه حصي کي حرام ڪريو ٿا؟ ۽ ڪجهه حصي کي حلال؟ انهن کان پڇ، ڇا الله اوهان کي اهو حڪم ڏنو آهي، يا (رڳو) الله تي ڪوڙ گهڙيو ٿا؟ |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪي ماڻهو الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا انهن جو قيامت بابت ڪهڙو خيال آهي؟ بيشڪ ماڻهن تي الله جو وڏو فضل آهي، مگر گهڻا ماڻهو بي شڪر آهن. |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
اوهين (کڻي) ڪهڙي به حال ۾ هجو، ڪٿان به قرآن پڙهندا هجو ۽ اوهين جيڪو به ڪم ڪندا هجو، ان سڀ جي اسان کي خبر رهي ٿي، جڏهن ان کي شروع ڪريو ٿا_ ۽ تنهنجي رب کان زمين، توڙي آسمان ۾، ڪو ذرو به غائب نٿو ٿئي ۽ جيڪا به ننڍي خواهه وڏي شيءِ آهي، اها سڀ پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهي. |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
ياد رکو، الله جي دوستن کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غم کائيندا. |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
(دوست اهي آهن) جن ايمان آندو ۽ گناهن کان بچندا آهن. |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
انهن لاءِ هن دنيا جي حياتي ۾ ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي. الله جي ڳالهين ۾ ڪجهه ڦير نه آهي، اها وڏي ڪاميابي آهي. |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
توکي انهن جون ڳالهيون غم ۾ نه وجهن. سمورو غلبو الله لاءِ ئي آهي، اهو ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
ياد رکو، ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس ملڪيت آهي ۽ جيڪي شخص الله ڌاران ٻين شريڪن جي پيروي ڪري رهيا آهن، اهي رڳو اٽڪل بازي جي پيروي ڪري رهيا آهن ۽ اهي رڳو ڌُڪا ٿا هڻن. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
الله اهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ رات بڻائي آهي ته اُن ۾ آرام ڪريو، ۽ ڏينهن کي ڏسڻ لاءِ. بيشڪ ان ۾ انهن لاءِ دليل آهي، جي انهن کي ٻڌن ٿا. |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
چون ٿا ته ”الله اولاد رکي ٿو“ پر هو پاڪ آهي، ڪنهن جو محتاج نه آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس ملڪيت آهي. اوهان وٽ ان لاءِ ڪو به دليل نه آهي_ ڇا اوهين الله بابت اهڙي ڳالهه چئو ٿا، جنهن جو اوهان کي علم نه آهي؟ |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
چئو ته بيشڪ، جن ماڻهن الله تي ڪوڙ گهڙيو، اهي ڪامياب نه ٿيندا! |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
(اهو)دنيا ۾ ٿورو عيش آهي، سو ڪري وٺو، پوءِ ته اسان ڏانهن ئي انهن کي موٽڻو آهي ۽ پوءِ اسين کين سندن ڪفر جي ڪري سخت عذاب چکائينداسون. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
تون انهن کي نوح جو قصو پڙهي ٻڌاءِ، جڏهن سندس قوم کي چيائين ”اي قوم! جيڪڏهن اوهان کي منهنجو رهڻ ۽ الله جي آيتن جي نصيحت ڪرڻ جو ڪم ڏکيو ٿو لڳي ته پوءِ مون الله تي ڀروسو ڪيو آهي ۽ اوهين ڀلي پنهنجي شريڪن سان گڏجي پنهنجي اهڙي ڪا رٿ رٿيو جنهن رٿ بابت اوهان کي ڪو شڪ نه هجي، پوءِ مون لاءِ جيڪي ڪرڻو هجيوَ ڪيو ۽ مون کي مهلت به نه ڏيو. |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
پوءِ به جيڪڏهن اوهين منهن موڙيندؤ ته مون اوهان کان ڪا به مزوري نه گهري آهي_ منهنجي مزوري ته الله تي آهي ۽ مون کي حڪم ٿيو آهي ته آءُ فرمانبردارن ۾ رهان. |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
ان کانپوءِ هنن کيس ڪوڙو ڪيو، تڏهن اسان ان ۽ ساڻس ٻيڙي ۾ چڙهيلن کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ کين جانشين بڻايوسون، ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪندڙن کي ٻوڙيوسون- پوءِ ڏس ته عذاب کان ڊيڄاريلن جي ڪهڙي نه بڇڙي پڇاڙي ٿي. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
ان کان پوءِ اسان ٻين رسولن کي سندن قوم ڏانهن موڪليو، اُهي وٽن معجزا وٺي آيا ته به، اڳ ۾ ڪوڙي ڪرڻ جي ڪري هنن ايمان نه آندو- اهڙيءَ طرح اسين حد کان لنگهي ويندڙن جي دلين تي مهر هڻندا آهيون. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
انهن کان پوءِ اسان موسيٰ ۽ هارون کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن پنهنجي آيتن سان موڪليو. پوءِ انهن آڪڙ ڪئي ۽ ڏوهاري ماڻهو هئا. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
جڏهن وٽن صحيح دليل آيو ته چوڻ لڳا ”بيشڪ هي پڌرو جادو آهي.“ |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
موسيٰ چيو ”ڇا اوهين صحيح دليل پهچڻ پڄاڻا به حق بابت ٿا چئو ته ڇا هي جادو آهي؟ ۽ حقيقت ۾ جادوگر ڪامياب نه ٿيندا آهن.“ |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
چوڻ لڳا ”ڇا، اوهين اسان وٽ انهيءَ لاءِ آيا آهيو، ته اسان کي ان رستي کان هٽايو، جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو ۽ اوهان کي ملڪ ۾ سرداري ملي وڃي؟ اسين ته اوهان کي ڪڏهن به نه مڃينداسون!“ |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
فرعون چيو ته مون وٽ هر هڪ ماهر جادوگر آڻيو. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
جڏهن جادوگر اچي ويا، ته موسيٰ چين ”اڇلايو، جيڪي اڇلائڻو اٿو.“ |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
پوءِ جڏهن هنن اڇلايو ته موسيٰ چين، ”اوهان جيڪي بڻايو آهي، سو جادو آهي، الله ان کي بيڪار ڪندو، بيشڪ الله بگاڙ پيدا ڪندڙن جي عملن کي نه ٿو سنواري. |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
۽ الله حق کي پنهنجي وعدي موجب ثابت ڪري ٿو، پوءِ کڻي ڏوهارين کي ناپسند ڇو نه هجي.“ |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
فرعون ۽ سندس سردارن جي ڊپ کان سندس قوم جي اولاد مان ڪن ٿورن ئي ايمان آندو، ته متان اُهي عذاب ڏين_ بيشڪ فرعون کي ملڪ ۾ وڏو زور هو ۽ هو حد کان اڪريل هو. |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
موسيٰ چيو، ”اي منهنجي قوم! جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ۽ جيڪڏهن اوهين مسلمان آهيو، ته ان تي ڀروسو ڪريو.“ |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
تڏهن انهن چيو ”اسان الله تي ڀروسو ڪيو، اي اسان جا رب! اسان کي ظالمن جي عذاب کان بچاءِ! |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ پنهنجي رحمت سان ڪافرن کان ڇوٽڪارو ڏي!“ |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
اسان موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ ڏانهن وحي ڪيو ته، ”اوهين پنهنجي قوم لاءِ مصر ۾ گهر قائم رکو ۽ انهن گهرن کي نماز جي جاءِ بنايو ۽ نماز قائم رکو ۽ مومنن کي خوشخبري ڏيو.“ |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
موسيٰ چيو ”اي منهنجا رب! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي سينگار ۽ دنيا جي زندگيءَ جا مال ڏنا آهن ته هو ماڻهن کي تنهنجي رستي کان گمراهه ڪن، ان ڪري اي سان جا رب! سندن مالن کي چٽ ڪري ڇڏ ۽ سندن دلين کي سخت ڪر ته تيسين ايمان نه آڻين، جيسين دردناڪ عذاب کي ڏسن. |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
الله فرمايو، ”اوهان جي دعا قبول ٿي، هاڻي اوهين مضبوط رهو ۽ بي عملن جي رستي جي پيروي هر گز نه ڪجو. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
۽ اسان بني اسرائيل کي درياءَ کان پار ڪيو. فرعون ۽ سندس لشڪر انهن جي پٺيان ظلم ۽ زيادتي جي ارادي سان هليا، تان جو جڏهن ٻڏڻ لڳو ته چيائين ”مون ايمان آندو، ته ان ڌاران ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندو ۽ آءُ مسلمانن مان آهيان!“ |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
(چيو ويو) ته ”هاڻي ايمان ٿو آڻين؟ هن کان اڳ ته سرڪشي ڪندو رهين، ۽ فسادي هئين! |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
اڄ تنهنجي بدن کي (تري ۾ وڃڻ کان) بچائينداسون، ته تون پنهنجي پوين لاءِ (عبرت جي) نشاني ٿئين ۽ بيشڪ گهڻا ماڻهو اسان جي (اهڙين) نشانين کان غافل آهن! |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي رهڻ جي چڱي جاءِ ڏني هئي ۽ اسان انهن کي پاڪ شين جو رزق ڏنو هو، پوءِ جيسين وٽن علم نه آيو هو، تيسين اختلاف نه ڪيو هئائون_ بيشڪ تنهنجو رب قيامت ڏينهن انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو، جن بابت هو اختلاف ڪندا هئا. |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪڏهن تون انهيءَ بابت شڪ ۾ آهين، جو اسان توتي لاٿو آهي، ته انهن کان پڇ، جي توکان اڳ، ڪتاب کي پڙهن ٿا. بيشڪ تو وٽ تنهنجي رب وٽان سچ آيل آهي، تنهنڪري تون هر گز شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ. |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
۽ انهن مان نه ٿيءُ جن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، ته تون تباهه ٿئين. |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
بيشڪ جن تي تنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم لڳي چڪو آهي سي تيستائين ايمان نه آڻيندا |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
جيستائين ڏکوئيندڙ عذاب نه ڏسندا، کڻي وٽن سڀ معجزا اچن. |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
جيئن ته ڪنهن به ڳوٺ وارن کي اهڙي وقت ايمان آڻڻ فائدو ڪونه ڏنو، سواءِ يونس جي قوم جي، هنن جڏهن ايمان آندو تڏهن اسان دنيا جي حياتي ۾ مٿانئن عذاب ٽاريو ۽ کين هڪ مقرر وقت تائين فائدو ڏنو. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
جيڪڏهن تنهنجو رب چاهي، ته جيڪر زمين جا سڀئي رهاڪو ايمان آڻين. پوءِ ڀلا تون ماڻهن کي ايمان آڻڻ واسطي مجبور ڪندين ڇا؟ |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
۽ ڪنهن به شخص جي وس ۾ ناهي، جو الله جي حڪم ڌاران ايمان آڻي، هو انهن تي (ڪفر جو) گند ٿو وجهي، جي عقل ڪم نٿا آڻين. |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
چئو ته نظر ڦيرايو ته آسمانن ۽ زمين ۾ ڇاڇا آهي؟ جيڪي شخص ايمان نٿا آڻين انهن کي دليل ۽ ڌمڪيون فائدو نه ڏيندا. |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
پوءِ ڀلا هيءُ به انهن جهڙن جي ڏينهن جي واٽ ٿا نهارين، جي کائن اڳ گذريا؟ چئو ته اوهين به واٽ نهاريو، ۽ آءُ به اوهان سان گڏ واٽ نهاريان ٿو!“ |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
پوءِ اسان پنهنجي رسولن ۽ مومنن کي ڇوٽڪارو ڏينداسون. ائين مومنن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ اسان تي واجب آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
چئو ”اي انسانو! جيڪڏهن اوهين منهنجي دين کان شڪ ۾ آهيو ته، ياد رکو ته آءُ انهن سائين جي عبادت نٿو ڪريان جن جي اوهين الله کانسواءِ ٿا ڪريو. مگر آءُ ان جي عبادت ڪريان ٿو جو، اوهان کي ماري ٿو، ۽ مون کي هي حڪم ٿيا آهن ته:_ آءُ مومنن مان ٿيان. |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
۽ پنهنجي مهاڙ ٻين سڀني طرفن کان موڙي سچي دين ڏي ڪر ۽ مشرڪ نه ٿيءُ. |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ الله کي ڇڏي اهڙي کي نه پڪار، جو توکي نه فائدو ڏيئي سگهي نه نقصان_ پوءِ جي ائين ڪندين، ته تڏهن تون ظالم ليکبين. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
چئو ته جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف ڏئي ته ان ڌاران ٻيو ڪو به اها لاهي نٿو سگهي ۽ جي هو توکي ڪو فائدو ڏيڻ جو ارادو ڪري، ته سندس فضل کي ڪو به روڪي نٿو سگهي، هو پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي وڻيس ان کي فائدو رسائي ٿو ۽ هو بخشيندڙ مهربان آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
چئو اي انسانو! اوهان وٽ اوهان جي ڌڻيءَ وٽان حق اچي چڪو، هاڻي جيڪو سنئين واٽ ٿو وٺي، سو پنهنجي پاڻ لاءِ ئي ٿو وٺي ۽ جيڪو گمراهه ٿو ٿئي ان جي گمراهي مٿس ئي آهي، آءُ ڪو اوهان جو ذميدار نه آهيان. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
پوءِ تون انهيءَ جي پيروي ڪر، جيڪي توکي حڪم ٿو ٿئي ۽ الله جي فيصلي تائين صبر ڪر، هو ئي بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. |