الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
الف ــــ لام ــــ را، هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن (جيڪي توهان ڏانھن نازل ڪيون وڃن ٿيون) |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا (انهن) ماڻهن کي ان ڳالهه تي تعجب وٺي ويو آهي ته اسان انهن مان ئي هڪ ماڻهوءَ تي وحي موڪلي آهي ته جيئن اِنهن (وحي جو انڪار ڪندڙن) کي ڊيڄاري ۽ ايمان آڻيندڙن کي خوشخبري ٻڌائي ته سچائي کي قبول ڪرڻ جو سندن پالڻھار وٽ وڏو درجو آهي (پر ان حقيقت کي سمجهڻ بجاءِ) ڪافرن چيو ته هي پڌرو جادوگر آهي. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
(اي انسانو!) بيشڪ توهان سڀني جو رب اهو ئي الله تعالى آهي، جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ هو معاملات جو انتظام سنڀاليندي پنھنجي عرش تي جلوهه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طرح نٿو ڏسي سگهي) ۽ ان جي اجازت کان سواءِ ڪير به ان جي آڏو سفارش نٿو ڪري سگهي، اهوئي توهان سڀني جو پالڻھار آهي، ان جي ئي بندگي ڪريو،ڇا ان جي باوجود به توهان سمجهڻ جي (ڪوشش) نه ڪندا؟ |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
توهان سڀني کي (هڪ ڏينهن) ان ڏانھن ئي واپس موٽڻو آهي، الله تعالى جو وعدو سچو آهي، بيشڪ هو نئين سِر پيدا ڪندو آهي، وري (مرڻ کان پوءِ) ٻيھر پيدا ڪندو ته جيئن ايمان آڻڻ وارن کي انصاف سان نيڪ عملن جو بدلو ڏئي ۽ جن ڪفر ڪيو، تن لاءِ پيئڻ جو ٽهڪندڙ پاڻي آهي ۽ انهن لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي، ڇوته هو حق جو انڪار ڪندا هئا. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
(الله تعالى جي ذات) اها آهي، جنھن سج کي روشن بنايو ۽ چنڊ کي چمڪدار ڪيو ۽ چنڊ (جا وڌجڻ ۽ گهٽجڻ) جا مرحلا مقرر ڪيا، ته جيئن توهان سالن جو ڳاڻيٽو ۽ تاريخن جو حساب رکي سگهو. الله تعالى ھي سڀ ڪجهه هڪ مقصد لاءِ بنايو آهي. هو علم وارن لاءِ پنهنجون نشانيون کولي بيان ڪري ٿو. |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
بيشڪ رات ۽ڏينھن جي ڦير گهير (۽ هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۽ ننڍي وڏي ٿيڻ) ۾، ۽ الله تعالى آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به شيون پيدا ڪيون آهن تن ۾ پرهيزگار ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن. |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو (حساب ڪتاب لاءِ) اسان جي سامھون پيش ٿيڻ کي ناممڪن سمجهن ٿا سي دنيا جي زندگي تي راضي ۽ مطمئن ٿي ويا آهن ۽ اهڙا ئي ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل ٿيا ويٺا آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
انهن سڀني جي جاءِ سندن عملن جي ڪري جھنم آهي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
باقي رهيا اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، تن کي سندن پالڻھار سندن ئي ايمان جي ڪري سڌي رستي تي هلائيندو ۽ هو نعمتن وارن باغن ۾ داخل ٿيندا جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نهرون وهنديون. |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
اُنهن باغن ۾ (داخل ٿيڻ کان پوءِ) سندن زبان تي ورد هوندو ته، يا الله! تون ئي پاڪ آهين ۽ هو پنھنجي جنتي ساٿين کي ملڻ وقت سلام ڪندا ۽ موڪلائڻ وقت به سندن اهو ئي ورد هوندو ته، سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
(هي مڪي جا ماڻهو عذاب جي گهر ڪن ٿا) جيڪڏهن الله تعالى ماڻهن کي (سندن خراب عملن جي ڪري) جلدي عذاب ڏيڻ جو معاملو ڪري ها، جيئن هو ڀلائي گهرڻ ۾ جلدي ڪن ٿا ته انهن جو وقت (۽ عمر) گهڻو اڳ ختم ٿي چڪو هجي ها، اسان اهڙن ماڻهن کي جيڪي اسان جي آڏو (حساب ڪتاب لاءِ) پيش ٿيڻ کي ناممڪن سمجهن ٿا، ڇڏي ڏنو آهي ته جيئن هو پنھنجي سرڪشيءَ ۾ ٿاٻا کائيندا وتن. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
انسان کي جڏهن ڪا تڪليف پھچي ٿي ته ھو سمهندي، اٿندي ۽ ويهندي اسان کي ئي سڏيندو رهي ٿو، پوءِ جڏهن اسان کانئس تڪليف ٽاري ڇڏيون ٿا ته هو اهڙو ته چلتو ٿي ويندو آهي، ڄڻ هن اسان کي تڪليف دوران ڪڏهن سڏيو ئي ڪو نه هو، حد کان لنگهندڙ ماڻهو جيڪا موٽ ڏين ٿا، تنھن کي چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ اسان توهان کان اڳ ۾ گذريل قومن کي هلاڪ ڪيو، جڏهن انهن ظلم ڪيو ۽ انهن جا رسول سڳورا وٽن چٽيون نشانيون کڻي آيا هئا پر انهن ايمان ئي نه آندو، اسان اهڙي طرح ئي ڏوهاري قوم کي بدلو ڏيندا آهيون. |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
انهن کان پوءِ اسان توهان کي زمين ۾ جانشين بنايو آهي ته جيئن ڏسون ته توهان ڪھڙا عمل ڪريو ٿا؟ |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
۽ جڏهن کين اسان جون چِٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته هي ماڻهو اسان جي آڏو حساب ڪتاب لاءِ پيش ٿيڻ کي ناممڪن سمجهن ٿا، چون ٿا ته هن قرآن جي بجاءِ ٻيو ڪو قرآن پيش ڪر يا هن ۾ (ٿوري) ڦيرڦار ڪر. (اي نبي ﷺ!) کين ٻڌائي ڇڏ (ته هي الله تعالى جو پاڪ ڪلام آهي) مان هن ۾ پنھنجي طرفان ڪنھن به قسم جي تبديلي بلڪل نٿو ڪري سگهان، مان ته رڳو اُن وحيءَ جي پيروي ڪريان ٿو جيڪا مون ڏانھن موڪلي وڃي ٿي. جيڪڏهن مون پنھنجي رب جي نافرماني ڪئي ته مان قيامت جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
۽ (کين اهو به) چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته مان توهان کي هي قرآن نه پڙهي ٻڌايان ها ۽ نه الله تعالى ئي توهان کي ان جي ڪا خبر ڏئي ها. ان وحي کان اڳ مان پوري عمر توهان سان گڏ ته گذاري آهي ( مون اڳ ۾ ڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي) پوءِ توهان عقل کان ڪم ڇو نٿا وٺو؟ |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
ان کان پوءِ وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو؟ جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ هڻي يا ان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانئين. بيشڪ اهڙا ڏوهاري (ڪڏهن به) ڪامياب نه ٿيندا. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
هو الله تعالى کي ڇڏي، اهڙن جي پوڄا ڪن ٿا جيڪي کين نه ته نقصان پھچائي سگهن ٿا ۽ نه ئي فائدو ۽ وري چون ٿا ته الله تعالى جي درٻار ۾ ھو اسان جي سفارش ڪندڙ آهن (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته ڇا توهان الله تعالى کي اهڙي شيءِ ٻڌايو ٿا، جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ کيس معلوم ئي نه آهي، الله تعالى جي ذات پاڪ آهي ۽ جن کي توهان شريڪ ڪريو ٿا، هو انهن کان گهڻو مٿانھون آهي. |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
(حقيقت هيءَ آهي ته) شروع ۾ سڀ انسان هڪ ئي طريقي تي هئا بعد ۾ انهن مختلف طريقا ٺاهيا (اي نبي ﷺ!) جيڪڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان اڳ ۾ (مھلت وارو) معاملو مقرر ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾، ضرور اختلافي ڳالهين جي باري ۾ فوراً فيصلو ڪيو وڃي ها. |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
هي ماڻهو اهو به چون ٿا ته هن (نبي سڳوري) تي پنھنجي پالڻھار جي طرف کان ڪا نشاني يا معجزو ڇو نٿو نازل ڪيو وڃي؟ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته (هي غيب جا معاملا آهن ۽) بيشڪ غيب جو علم ته رڳو الله تعالى کي ئي آهي. بس! توهان انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
۽ جڏهن اسان تڪليف کان پوءِ انسان کي فرحت جو مزو چکائيندا آهيون ته ھو اسان جي آيتن جي باري ۾ هڪدم اٽڪل بازيون ڪرڻ لڳندو آهي. (اي نبي ﷺ!) کين ٻڌاءِ ته الله تعالى جي منصوبه بندي توهان کان وڌيڪ تيز آهي ۽ اسان جا فرشتا توهان جي سڀني اٽڪلن کي لکندا وڃن ٿا. |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
(ان جو مثال هن طرح آهي ته) اهو (الله) ئي آهي جيڪو توهان کي خشڪي ۽ دريائن ۾ سير ڪرائي ٿو جڏهن توهان ٻيڙين ۾ ويھو ٿا ته، ٻيڙيون توهان کي موافق هوا جي زور تي کڻي هلن ٿيون، ۽ ماڻهو ان سان وڏا خوش ٿيندا آهن پوءِ اچانڪ ٻيڙين تي مخالف هوا اچي لڳندي آهي ۽ هر طرف کان مٿن موجون اينديون آهن ۽ هو سمجهندا آهن ته (هاڻي) اسان طوفان ۾ گهيرجي ويا آهيون، پوءِ ان وقت سڀ سوار پنهنجي دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري ان کان ئي دعائون گهرندا آهن ته جيڪڏهن تو اسان کي بچايو ته (هاڻي) اسان شڪرگذار ٻانها ٿي رهنداسين. |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
پر جڏهن الله تعالى کين طوفان کان نجات ڏيندو آهي ته وري زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪرڻ شروع ڪندا آهن. اي انسانو! (ٿورو سوچ کان ڪم وٺو) اها سرڪشي توهان کي نقصان پھچائيندي (دنيا جي زندگي تمام ٿوري آهي) ڀلي توهان مزا ڪري وٺو (نيٺ) توهان کي اسان ڏانھن ئي موٽي اچڻو آهي، پوءِ اسان توهان کي سڀني عملن جي باري ۾ ٻڌائينداسين. |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
بيشڪ دنيا جي زندگي (جنهن توهان کي غفلت ۾ وڌو آهي ان) جو مثال ايئن آهي جيئن اسان آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ زمين مان گاهه ۽ ٻوٽا ڦٽي نڪتا، جنھن کي ماڻهو ۽ جانور ٻئي کائن ٿا، اهي گاهه ۽ ٻوٽا وڌي ساوڪ وارا ٿيا ۽ انهن جي اندر وڏي سونهن پيدا ٿي ته ان جا مالڪ هي سمجهي رهيا هئا ته هاڻي اسان ان کي پنھنجي مرضيءَ سان لُڻي فائدو حاصل ڪنداسين، (پوءِ ڇا ٿيو) جو اچانڪ رات يا ڏينھن جي ڪنھن به حصي ۾ اسان جو حڪم پھتو، ۽ اسان (آفت موڪلي) پڪل فصل کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيو. پوءِ پري پري تائين ايئن لڳي پيو ڄڻ هتي ڪالهه ڪا زمين آباد ئي نه هئي، سوچ ۽ سمجهه رکندڙ ماڻهن لاءِ اسان اهڙي قسم جون نشانيون تفصيل سان بيان ڪندا آهيون. |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
الله تعالى (توهان کي) سلامتيءَ ۽ باقي رهڻ واري رستي ڏانھن سڏي رهيو آهي ۽ هو جنھن لاءِ مناسب سمجهندو آهي، ان کي (پنهنجي قانون مطابق) ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
جن ماڻهن ڀلائيءَ وارو رستو ورتو تن لاءِ موٽ ۾ ڀلائي آهي ۽ سندن درجن کي اڃا به وڌايو ويندو ۽ سندن چھرن تي ڪنھن به قسم جي خواري يا ڪاراڻ نظر نه ايندي (بلڪ ھُو ٻھڪندڙ چھرن وارا هوندا) اُهي ئي جنت جا (اصل) حقدار آهن، هو جنت ۾ هميشه لاءِ رهندا. |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
۽ (ان جي ابتڙ) جن ماڻهن برايون ڪمايون، کين انهن براين جيترو ئي بدلو ڏنو ويندو ۽ وڏي خواري نصيب ٿيندن ۽ کين الله تعالى (جي عذاب) کان ٻيو ڪير به بچائڻ وارو نه هوندو. سندن چھرن تي اھڙي ته ڪاراڻ مَليل ھوندي ڄڻ ته رات جا گُگھ اونداھي وارا حصا سندن چھرن تي ٿڦيا ويا هجن. هي جهنم جا اصل حقدار آهن، هي سڀ ماڻهو جهنم ۾ هميشه لاءِ رهندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
(ان ڏينھن کي به ياد ڪريو) جنھن ڏينھن اسان کين (محشر جي ميدان ۾) گڏ ڪنداسين پوءِ مشرڪن کي چونداسين ته توهان ۽ توهان جا شريڪ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي بيهي رهو، پوءِ انهن جي وچ ۾ جدائي وجهنداسون، انهن جا شريڪ چوندا ته توهان اسان جي عبادت ڪندا ئي نه هئا. |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
(شريڪ اهو به چوندا ته) اسان ۽ توهان جي وچ ۾ الله تعالى جي ئي شاهدي ڪافي آهي اسان کي ته خبر ئي نه آهي ته توهان اسان جي ڪا عبادت ڪندا هئا. |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
(محشر جي ميدان تي) سڀني کي پتو پئجي ويندو ته هنن ڪهڙي شيءِ اڳ ۾ موڪلي هئي ۽ هو سڀ الله تعالى ڏانھن موٽايا ويندا، جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي ۽ (اڄوڪي ڏينھن تي) انهن جا سڀ ڪوڙ ختم ٿي ويندا (ڇو ته انهن جي سامھون حقيقت ظاهر ٿي ويندي) |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کان پڇا ڪر ته آسمان ۽ زمين مان توهان کي ڪير روزي ڏئي ٿو؟ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت ڪنھن جي هٿ ۾ آهي؟ ڪير آهي جيڪو مئل مان زنده ڪري ٿو ۽ زنده مان مئل ڪڍي ٿو ۽ ڪير ڪائنات جي نظام کي هلائي رهيو آهي؟ (جواب ۾) هو ضرور چوندا ته الله تعالى. پوءِ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته پوءِ به توهان (الله تعالى کان) ڇو نٿا ڊڄو؟ |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
اهو ئي توهان سڀني جو حقيقي پالڻھار آهي، حق اچڻ کان پوءِ ته رڳو گمراهي آهي. آخر توهان کي ڪاڏي ڦيرايو وڃي ٿو؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
اهڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو اهو قول صحيح ثابت ٿيو ته نافرمان ماڻهو ايمان نه آڻيندا. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کان پڇا ڪر ته ڇا توهان جي شريڪن مان ڪو اهڙو به آهي جيڪو ڪنھن کي نئين سر پيدا ڪندو هجي ۽ وري مارڻ کان پوءِ ان کي ٻيھر جيئرو ڪري سگهي؟ (اي نبي ﷺ!) انهن کي وڏي واڪي ٻڌاءِ ته (صرف) الله تعالى مخلوق کي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ مارڻ کان پوءِ ٻيھر جيئرو ڪري ٿو (ٿورو غور ڪريو ته) توهان کي ڪيئن نه غلط راهه تي هلايو وڃي ٿو. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
(اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته ڇا توهان جي شريڪن مان ڪو اهڙو آهي، جيڪو حق جي رستي جي رهنمائي ڪندو هجي؟ کين تون ئي ٻڌاءِ ته صرف الله تعالى ئي آهي جيڪو حق جي رستي جي رهنمائي ڪري ٿو پوءِ (توهان ئي ٻڌايو ته) ڇا جيڪو حق جو رستو ڏيکاري، اهو ئي هن ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس پيروي ڪئي وڃي يا اهو جنھن کي خود صحيح رستي جي خبر ئي نه هجي بلڪه ان کي حق جو رستو خود ڏيکاريو وڃي ٿو. (يعني هو پاڻ صحيح رستي جو محتاج آهي) آخر توهان (مشرڪن) کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪهڙي قسم جا ويھي فيصلا ڪريو ٿا؟ |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
(حقيقت هيءَ آهي ته) انهن (مشرڪن) مان اڪثر ماڻهو رڳو گمانن پويان هلن ٿا، پر سچي ڳالهه سمجهڻ لاءِ گمانن جي ضرورت ئي نه هوندي آهي. هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، تنھن کان الله تعالى خوب واقف آهي. |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
۽ قرآن شريف اهڙي شيءِ نه آهي جنهن کي الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو (ٺاهي) وحي ڪري سگهي. بلڪ هي ته پھريان نازل ٿيندڙ ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ (الله تعالى جي) حڪمن کي صفا کولي بيان ڪندڙ آهي۽ ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هي سڀني جھانن جي پالڻھار جي طرفان نازل ٿيل (ڪتاب) آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
ڇا هي (مشرڪ) اهو چون ٿا ته ان قرآن کي هن (نبي سڳوري) خود ٺاهيو آهي. (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته ڀلا ان جھڙي ڪابه هڪ سورت ٺاهي ڏيکاريو ۽ ان ڪوشش ۾ الله تعالى کان سواءِ جنھن کي سڏي سگهو ٿا تنھن کي به سڏيو، جيڪڏهن توهان واقعي سچا آهيو ته (سڀ ملي ڪري) اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
انهن ته اهڙي شيءِ کي ڪوڙو ڪيو آهي جنھن کي هو سمجهي ئي نه سگهيا آهن ۽ نه ئي ان جي اصل حقيقت مٿن ظاهر ٿي آهي. اهڙي طرح ان کان اڳ گذري ويل ماڻهن به (الله تعالى جي آيتن کي) ڪوڙو ڪيو هو. (اي نبي ﷺ!) پوءِ ڏسو ته انهن جو ڪھڙو (نه برو) انجام ٿيو. |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو ته (قرآن تي) ايمان آڻيندا ۽ ڪجهه ماڻهو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا (ان لاءِ جو هو فسادي آهن) ۽ تنھنجو پالڻھار فساد ڦھلائيندڙن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
جيڪڏهن هي ماڻهو توکي ڪوڙو ڪن ته تون چؤ ته منھنجو عمل مون سان ۽ توهان جو عمل توهان سان آهي. منھنجي ڪم جا ذميدار توهان نه آهيو ۽ نه مان توهان جي ڪم جي ذميداري کڻان ٿو. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي توهان جي ڳالهين کي (ظاهري طرح) وڏي ڌيان سان ٻڌن ٿا (پر حقيقت ۾ ھو ڪن لاٽاريءَ سان ٻڌندا آهن) ڇا تون اهڙن ٻوڙن کي ٻڌائيندين (جيڪي حق ڳالهه کي) سمجهڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن؟ |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
۽ (وري) انهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي توڏي (ظاهري طرح) ڏسن ٿا (پر هو بي ڌياني سان ويٺا هوندا آهن) ڇا تون اهڙن انڌن کي رستو ڏيکاريندين؟ جيڪي (حق ڳالهه کي) ڏسڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن. |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي ذرو برابر به ظلم نٿو ڪري، بلڪه ماڻهو پنھنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪن ٿا. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
جڏهن انهن کي محشر جي ميدان ۾ گڏ ڪيو ويندو ته کين ايئن لڳندو ته ڄڻ هو دنيا ۾ هڪ گهڙي زندگي گذاري آيا آهن، هتي هو هڪ ٻئي کي (چڱي طرح) سڃاڻيندا. بيشڪ اهي نقصان ۾ پئجي ويا جن الله تعالى جي سامھون (حساب ڪتاب لاءِ) پيش ٿيڻ کي ڪوڙو ڪيو هو (هاڻي ھو محسوس ڪندا ته) هو سڌي رستي تي هئا ئي ڪونه. |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
۽ اسان انهن سان (عذاب جا) جيڪي وعدا ڪريون ٿا انهن مان ڪجهه توهان جي موجودگي ۾ ئي پورا ڪري ڏيکاريون يا ان کان پھريائين توهان کي وفات جي صورت ۾ پاڻ وٽ گهرائي وٺون (ان کان پوءِ انهن سان نبرون) بھرحال کين اسان وٽ ئي ته واپس اچڻو آهي، الله تعالى سندن ھر عمل جو خود گواهه آهي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
هر امت لاءِ هڪ رسول موڪليو ويو آهي، پوءِ جڏهن به وٽن رسول ايندو آهي ته سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو آهي ۽ (انهن مان) ڪنھن تي به ظلم نه ڪيو ويندو آهي. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
هي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ (عذاب وارو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
(اي نبيﷺ!) کين چؤ ته مان ته پاڻ کي ڪنھن به قسم جو فائدو يا نقصان پھچائڻ جي طاقت نٿو رکان، سواءِ ان جي جيتري الله تعالى چاهي (بھرحال) هر امت جو هڪ وقت (ان وٽ ئي) مقرر آهي. پوءِ جڏهن ان جو وقت پورو ٿيندو ته هڪ گهڙي به اڳتي پوئتي نه ٿيندي آهي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
(اي نبيﷺ!) کين چؤ ته ڇا توهان اهو نٿا سوچيو ته جيڪڏهن توهان جي مٿان اچانڪ رات يا ڏينھن جو عذاب اچي (ته پوءِ توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟) ڏوهاري ماڻهو ڇو ٿا هروڀرو (عذاب لاءِ) جلدي ڪن؟ |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
ڇا جڏھن توهان تي عذاب اچي ته پوءِ توهان ان وقت ايمان آڻيندا؟ (عذاب اچڻ کان پوءِ) هاڻي توهان ايمان قبول ڪريو ٿا حالانڪه توهان ئي ته عذاب جي لاءِ جلدي مچائيندا هئا. |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
پوءِ انهن ظالمن کي چيو ويندو ته هاڻي هميشه ملندڙ عذاب جو مزو چکو، جيڪو توهان (دنيا ۾) ڪمائيندا هئا، ان جو توهان کي بدلو ٻيو ڪھڙو ڏيئي سگهجي ٿو؟ |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
هو توهان کان پڇن ٿا ته ڇا اهو (وعدو) برحق آهي (جيڪو توهان ٻڌايو ٿا؟ اي نبي ﷺ) کين چؤ ته مون کي پنھنجي رب جو قسم! اهو (وعدو) بلڪل برحق آهي ۽ توهان ان وعدي کي ڪڏهن روڪي به نٿا سگهو. |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
(قيامت واري ڏينهن) جيڪڏهن هر ظالم وٽ زمين جا سڀ خزانا به هجن ته به هو پنھنجي جان بچائڻ خاطر ان خزانن کي بدلي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ جڏهن هو پنھنجي سامھون عذاب ڏسندا ته وڏي شرمساري محسوس ڪندا (بھرحال) انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن جي مٿان ذرو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
خبردار! آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ الله تعالى جي آهي. خبردار! بيشڪ الله تعالى جو وعدو برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ڄاڻن ئي نٿا. |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
(حقيقت هي آهي ته) اها ئي ذات زندگي ۽ موت بخشي ٿي ۽ توهان کي ان ڏانھن ئي موٽڻو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي انسانو! بيشڪ توهان وٽ (قرآن شريف جي صورت ۾) پنھنجي پالڻھار طرفان نصيحت ۽ دلين (جي بيماري) جو علاج اچي چڪو آهي ۽ ايمان وارن لاءِ ته هي (قرآن) هدايت ۽ رحمت جو باعث آهي. |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
(اي نبيﷺ!) کين چؤ ته اهو الله سائين جو فضل ۽ رحمت ئي آهي جو هن (اها نعمت) موڪلي آهي، ان تي ته ماڻهن کي خوشيون ملهائڻ کپن، قرآن ته انهن سڀني شين کان گهڻو بھتر آهي جيڪو هي ماڻهو دنيا ۾ گڏ ڪري رهيا آهن. |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
(اي نبي ﷺ!) (کين) چؤ ته ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى جيڪا روزي توهان جي لاءِ پيدا ڪئي آهي، توهان ان مان ڪنهن کي حرام ۽ ڪنهن کي حلال ڪريو ٿا؟ (اي نبيﷺ!) چؤ ته ڇا الله تعالى توهان کي حرام ۽ حلال ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي يا توهان الله تعالى تي ڪوڙ هڻو ٿا؟ |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
قيامت جي باري ۾ انهن ماڻهن جو ڪھڙو خيال آهي؟ جيڪي (هروڀرو ويهي) الله تعالى تي ڪوڙ هڻن ٿا. (قيامت ته ضرور ايندي ۽ کين ڪوڙ جي سزا به ملندي) الله تعالى ماڻهن تي وڏي مھرباني ڪندڙ آهي پر گهڻا ماڻهو شڪرگذاري وارو رستو وٺن ئي نٿا. |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
(اي نبي ﷺ!) تون جنھن حال ۾ به هوندو آهين ۽ قرآن شريف مان جيڪو ڪجهه پڙهي ٻڌائين ٿو ۽ ٻيا ماڻهو به جيڪو ڪم ڪن ٿا اسان توهان سڀني کي برابر ڏسندا رهون ٿا، آسمان ۽ زمين ۾ ڪابه ذري برابر شيءِ پنھنجي پالڻھار کان لڪيل نه آهي ۽ ان کان به ننڍي يا وڏي شيءِ، سي سڀ هڪ واضح دفتر (يعني ڪتاب) ۾ لکيل آهن. |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
(اهڙي لڪيل جانچ ۾ ڪامياب ٿيندڙ ئي الله تعالى جا دوست آهن) ٻڌو! بيشڪ الله تعالى جي دوستن لاءِ ڪنھن به قسم جو خوف ۽ ڪابه ڳڻتي نه هوندي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
اهڙا ماڻهو ئي ايمان تي قائم رهن ٿا ۽ (الله تعالى کان) ڊڄندا رهندا آهن. |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
دنيا ۽ آخرت واري زندگيءَ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ خوشخبري آهي. الله تعالى جا قول ڪڏهن به تبديل نه ٿيندا آهن، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
(اي نبيﷺ!) توهان انهن (گمراهه) ماڻهن جي ڳالهين تي غم نه کائو، بيشڪ هر قسم جي عزت الله تعالى جي اختيار ۾ آهي. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
ٻڌي ڇڏيو! بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ الله تعالى ئي آهي ۽ هي ماڻهو الله تعالى کان سواءِ جن شريڪن کي پڪارين ٿا هو ان (الله تعاليٰ) جي پيروي نٿا ڪن، بلڪه گمانن جي بنياد تي هلن ٿا ۽ رڳو اٽڪل بازيون ڪن ٿا. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
اها الله تعالى جي ذات ئي آهي، جنھن رات کي توهان جي آرام لاءِ بنايو ۽ سج کي روشن ڪيو، (ته جيئن توهان ان روشنيءَ ۾ ڪم ڪار ڪندا رهو) بيشڪ انهن ڳالهين ۾ ڌيان سان ٻڌڻ وارن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن. |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
ماڻهن چيو ته الله تعالى جو به اولاد آهي. درحقيقت هو ذات اهڙين ڳالهين کان پاڪ ۽ (اهڙن رشتن کان) بيپرواهه آهي، آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ ان جي ئي آهي، (ڀلا) توهان وٽ اولاد هجڻ جو ڪھڙو ثبوت آهي؟ (ته پوءِ آخر توهان) الله تعالى جي باري ۾ اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪندا وتو؟ جن جو توهان کي ذرو به علم نه آهي. |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
(اي نبي ﷺ! کين) چؤ ته بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى تي ڪوڙ هڻن ٿا، سي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
(هي ماڻهو) دنيا جي مختصر زندگي جو مزو حاصل ڪري وٺن، پر آخرڪار کين اسان ڏي ئي موٽي اچڻو آهي، پوءِ اسان جون ڳالهيون نه مڃڻ ڪري کين (قيامت جي ڏينهن) سخت عذاب جو مزو چکائينداسين. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
انهن ماڻهن کي نوح ($) جو قصو ٻڌاءِ. جڏهن هن پنھنجي قوم کي چيو ته جيڪڏهن منھنجو توهان سان گڏ رهڻ ۽ الله تعاليٰ جي آيتن جي روشني ۾ توهان کي نصيحت ڪرڻ سٺو نٿو لڳي ته (ان جي مون کي ڪابه پرواهه نه آهي) منھنجو ڀروسو صرف الله تعالى تي آهي، توهان کي موڪل آهي ته توهان پنھنجن معاملن لاءِ پنھنجي شريڪن کي گڏ ڪيو ۽ ويھي ويچار ڪري هڪ هڪ پھلوء کي غور سان ڏسو ته متان ڪو پھلو رهجي نه وڃي، پوءِ منھنجي خلاف جيڪو وڻيوَ سو ڪريو ۽ (اهو ٻڌي ڇڏيو ته) مون کي بلڪل به مھلت نه ڏجو. |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
جيڪڏهن توهان نصيحت کان منھن موڙيو ٿا ته ڇا مان ڪڏهن به توهان کان ان نصيحت جي اجرت گهري آهي؟ منھنجو اجر ته الله تعالى وٽ آهي (هاڻي ڪير مڃي ٿو يا نه) مون کي ته رڳو حڪم ٿيل آهي ته مان خود هر حال ۾ مسلمان ٿي رهان. |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ انهن نوح ($) کي ڪوڙو ڪيو پوءِ اسان نوح ($) کي ۽ ان سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار سڀني مڃيندڙن کي بچايوسين ۽ انهن کي زمين ۾ (خليفي طور) جانشين بنايو پوءِ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيوهو تن سڀني کي غرق ڪري ڇڏيوسين، ڏسو ته ڊيڄارڻ کان پوءِ سندن ڪھڙو انجام ٿيو؟ |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
(نوح$ ، کانپوءِ به) اسان ڪيترن ئي ٻين پيغمبرن کي پنھنجي پنھنجي قومن ڏانھن موڪليوسين. هو انهن وٽ پڌريون نشانيون کڻي آيا. پوءِ جنھن شيءِ کي ماڻهن شروعات ۾ ڪوڙو ڪيو هو، آخر تائين به انهن ان تي ايمان نه آندو. اهڙي طرح اسان حد کان لنگهندڙ ماڻهن جي دلين تي مھر هڻندا آهيون. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
انهن کان پوءِ اسان موسى ۽ هارون (ؐ) کي پنھنجي نشانين سان گڏ فرعون ۽ سندس سردارن ڏي موڪليوسين. پر (افسوس) انهن به نشانين کي ڏسي تڪبر ۽ غرور ڪيو (حقيقت ۾) هو سڀ ڏوهاري ذهنيت جا ماڻهو هئا. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
اسان جي طرفان وٽن جڏهن حق پھتو ته چوڻ لڳا ته بيشڪ هي پڌرو جادو آهي. |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
ان تي موسى ($) چيو ته توهان وٽ جيڪو حق آيو آهي، ڇا ان کي جادو چئو ٿا؟ ڇا جادو ايئن هوندو آهي؟ (مون کي خبر آهي ته حق جي مقابلي ۾) جادوگر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا آهن. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
فرعون ۽ ان جي سردارن چيو ته ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته جيئن تون اسان کي پنھنجي ابن ڏاڏن جي طريقي کان ڦيرائين ۽ هن سرزمين ۾ رڳو توهان ٻنهي (ڀائرن) جي رياست قائم ٿئي، اسان توهان جي ڪڏهن به ڳالهه نه مڃينداسين. |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
فرعون پنھنجي ماڻهن کي حڪم ڪيو ته سڀ ماهر جادوگر مون وٽ پيش ڪيا وڃن. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
(مقابلي واري ڏينهن) جڏهن جادوگر (ميدان ۾) لٿا ته موسى ($) کين چيو ته اڇليو جيڪو ڪجهه توهان کي اڇلڻو آهي. |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
پوءِ جڏهن انهن اڇليو ته موسى ($) چيو ته توهان جيڪو اڇليو آهي، اهو ته جادو آهي. بيشڪ الله تعالى هاڻي ئي ان کي ڪوڙو ثابت ڪري (ان جي اثر کي) ختم ڪري ڇڏيندو. بيشڪ الله تعالى فسادي ماڻهن جي عمل کي ڪامياب نه ڪندو آهي. |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
۽ الله تعالى پنھنجي قول سان حق کي حق ڪري ڏيکاريندو آهي، ڀلي جا ڏوهاري ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي. |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
موسى ($) تي رڳو چند ماڻهن ئي ايمان آندو هو، گهڻا ماڻهو (جيڪي بني اسرائيل مان هئا) ان ڪري ايمان نه پيا آڻين ته متان فرعون ۽ ان جا سردار کين تڪليف ۾ نه وجهن (ڇوته واقعي) فرعون جو سرزمين تي وڏو رعب ۽ دٻدٻو هو. بيشڪ هو حد کان لنگهندڙ ماڻهن مان هو. |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
موسى ($) چيو ته اي منھنجي قوم! جيڪڏهن توهان الله تعالى تي ايمان آڻي پڪا مسلمان آهيو ته پوءِ ان تي ئي ڀروسو ڪريو. |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
انهن چيو ته اسان الله تعالى تي ئي ڀروسو ڪيو آهي (۽ دعا ڪرڻ لڳا ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ظالم قوم لاءِ آزمائش ۾ نه وجهه. |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ اسان کي پنھنجي رحمت سان هِن ڪافر قوم کان نجات عطا فرماءِ. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
۽ اسان موسى ($) ۽ سندس ڀاءُ کي وحي ڪئي ته هو ٻئي پنھنجي (ايمان آڻيندڙ) قوم لاءِ مصر ۾ مختلف جڳھن تي ڪجهه گهرن جو بندوبست ڪن ۽ انهن ئي گهرن کي قبلو (يعني گڏ ٿيڻ جو مرڪز) ٺاهين، نماز قائم ڪن ۽ايمان آڻيندڙن کي خوشخبري ٻڌاءِ. |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
۽ موسى ($) دعا گهري: اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ تو فرعون ۽ سندس سردارن کي هن دنيا جي زندگي ۾ جيڪو ٺٺ ٺانگر، مال ۽ دولت عطا ڪئي آهي، اي پالڻھار! ڇا اها ان ڪري ڏني آهي ته جيئن هو ماڻهن کي تنھنجي (سڌي) راهه کان گمراه ڪن؟ اي اسان جا پالڻھار! انهن جي مال کي تباه ڪر انهن جي دلين کي سخت ڪري ڇڏ ته جيئن تڪليف وارو عذاب ڏسڻ کان اڳ هو ايمان ئي نه آڻي سگهن. |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
الله تعالى فرمايو ته توهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي. (بس هاڻي) توهان ٻئي (مستقل مزاج ٿي) مضبوط رهجو ۽ انهن ماڻهن جي ڪڏهن به پيروي نه ڪجو جن کي ڪوبه علم نه آهي. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
(حضرت موسى $ جڏهن بني اسرائيل کي فلسطين ڏانھن وٺي وڃڻ لاءِ نڪتو ته) اسان بني اسرائيل کي سمنڊ پار ڪرايوسين پوءِ فرعون ۽ ان جو لشڪر (اڃا به) ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ لاءِ سندن پويان لڳو، ايستائين جو فرعون ٻڏڻ لڳو ۽ (ٻڏڻ وقت) چيائين ته بيشڪ عبادت جي لائق ڪير به نه آهي سواءِ ان جي جنھن تي بني اسرائيل ايمان آندو آهي، (هاڻي) مان مسلمانن مان آهيان. |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
(الله تعالى کيس چيو ته) ڇا تون هاڻي! (ايمان ٿو آڻين؟) بيشڪ تون ته پھريائين نافرماني ڪئي هئي ۽ فساد ڦھلائيندڙن مان هئين. |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
(بس!) هاڻي ته اسان تنھنجي لاش کي ئي بچائينداسين ته جيئن پوين جي لاءِ تون عبرت جو نشان بڻجي وڃي. بيشڪ اسان جي نشانين کان گهڻا ئي ماڻهو غافل رهندا آهن. |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
بيشڪ اسان بني اسرائيل کي وٺي بھترين علائقي ۾ رهايوسين ۽ کين پاڪيزهه روزي مان گهڻو ڪجهه ڏنوسين، (پر) علم اچڻ کان پوءِ هنن پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. بيشڪ قيامت جي ڏينھن تنھنجو رب انهن سڀني جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو. جن ۾ هو اختلاف پيدا ڪندا رهيا هئا. |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
جيڪڏهن توهان کي اسان جي طرفان نازل ٿيندڙ شيءِ ۾ ڪو شڪ آهي ته ڀلي توهان (اهل ڪتاب جي نيڪ ماڻهن کان) پڇي وٺو جيڪي اڳ ۾ نازل ٿيل ڪتاب پڙهي رهيا آهن (مطمئن رهو) بيشڪ توهان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرفان حق ئي آيو آهي، تنھنڪري توهان ڪڏهن به شڪ ڪندڙن ۾ شامل نه ٿجو. |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
۽ انهن ماڻهن ۾ به ڪڏهن شامل نه ٿجو جن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ڪيو ورنه توهان (به) نقصان وارن مان ٿي ويندا. |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
بيشڪ جن ماڻهن جو تنھنجي پالڻھار وٽ فيصلو ٿي چڪو آهي سي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
انهن جي سامھون ڀلي نشاني به اچي، جيستائين هو دردناڪ عذاب نه ڏسندا (تيستائين ايمان نه آڻيندا) |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
پوءِ اهڙو ڪوبه مثال نه آهي جو ڪنھن شھر وارن عذاب ڏسي ايمان آندو هجي ۽ کين ايمان آڻڻ جو فائدو به ٿيو هجي، سواءِ يونس ($) جي قوم جي، جڏهن انهن (عذاب ڏسي) ايمان آندو ته اسان انهن کان دنيا جي حياتي ۾ خواري وارو عذاب ٽاري ڇڏيوسين ۽ کين ڪجهه عرصي تائين خوشحال زندگي گذارڻ جي مھلت ڏني سين. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
جيڪڏهن تنھنجو پالڻھار چاهي ها ته زمين ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو ايمان آڻين ها. (اي نبي ﷺ!) ڇا تون ماڻهن کي زبردستي ايمان وارو بڻائڻ ٿو چاهين؟ |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
(ھي ڳالهه سمجهي ڇڏيو ته) ڪير به ماڻهو الله تعالى جي اجازت کان سواءِ ايمان نٿو آڻي سگهي ۽ جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم نٿا وٺن، انهن تي الله تعالى (گمراهيءَ جي) پليتي اڇلائي ٿو. |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
(اي نبيﷺ!اهڙن بي عقلن کي) چؤ ته آسمانن ۽ زمين جي هڪ هڪ شيءِ کي اکيون پٽي ڏسو. پر ايمان نه آڻيندڙن کي اهي نشانيون ۽ ڊيڄارڻ، ڪوبه فائدو نه ڏئي سگهندو. |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
ڇا هي ماڻهو اهڙن ڏينھن جو انتظار ڪن ٿا جيڪي هنن کان اڳ ايمان نه آڻيندڙ قومن جي مٿان (عذاب جي صورت ۾) اچي چڪا آهن؟ (اي نبي ﷺ!) کين ٻڌاءِ ته (ٺيڪ آ) توهان انتظار ڪريو مان به توهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن ۾ شامل آهيان. |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
(اهڙي صورتحال ۾) اسان پنھنجي رسولن ۽ ايمان وارن کي ئي بچائيندا آهيون، اسان جو اهوئي طريقو آهي (ڇوته) مؤمنن کي بچائڻ اسان جي ذميداري آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته اي انسانو! توهان کي منھنجي دين جي باري ۾ (هاڻي به) ڪو شڪ آهي ته ڪن کولي ٻڌو ته الله تعالى کان سواءِ توهان جن جي عبادت ڪريو ٿا مان انهن جي ڪڏهن به عبادت نه ڪندس، مان ته صرف الله تعاليٰ جي عبادت ڪريان ٿو، جيڪو توهان کي موت ڏيندو آهي ۽ مون کي حڪم ٿيل آهي ته مان ايمان وارن مان ٿيان. |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
(۽ مون کي ھي به حڪم ٿيل آھي ته) تون پنھنجو منهن پوري توجه سان انهيءَ دين طرف ڪر ۽ مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿجانءِ. |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي به نه سڏجانءِ، هو توکي فائدو يا نقصان نٿا ڏئي سگهن پر جيڪڏهن ايئن ڪندين ته يقيناً تون به ناانصافي ڪندڙن ۾ شامل ٿيندين. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏهن الله تعالى توکي ڪا تڪليف پھچائڻ چاهي ته ان کان سواءِ ڪير به ان کي ٽاري نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن هو توکي ڀلائي ڏيڻ چاهي ته ڪير ان جي ڀلائي کي روڪي نٿو سگهي، هو پنھنجي ٻانهن مان جنھن کي چاهي پنھنجي فضل سان نوازي ٿو، هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته اي انسانو! بيشڪ توهان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرفان حق اچي چڪو آهي. هاڻي جيڪو به سڌي رستي تي هلندو ته اِهو ان جي لاءِ فائديمند آهي ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو ته ان جو وبال سندس ڳچيءَ ۾ ئي پوندو. (بھرحال) مان ڪنھن جو ذميدار نه آهيان. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
(اي نبي ﷺ!) جيڪا توڏي وحي ڪئي وڃي ٿي (بس!) ان جي پيروي ڪندو رهه ۽ ايستائين صبر ڪندو رهه جيستائين الله تعالى (ڪو) فيصلو ظاهر ڪري، هو بھترين فيصلو ڪندڙ آهي. |