الر تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
ا-ل-ر، هي آيتون آهن ان ڪتاب جون جيڪو حڪمت ۽ دانائيءَ جو ڀنڊار آهي. |
أَكانَ لِلنّاسِ عَجَبًا أَن أَوحَينا إِلىٰ رَجُلٍ مِنهُم أَن أَنذِرِ النّاسَ وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا أَنَّ لَهُم قَدَمَ صِدقٍ عِندَ رَبِّهِم قالَ الكٰفِرونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ڇا ماڻهن جي لاءِ هيءَ عجيب ڳالهه آهي جو اسان خود انهن مان وحي موڪليو هڪ ماڻهو ڏانهن ته (غفلت ۾ پيل) ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ خوشخبري انهن ماڻهن کي ڏئي جيڪي مڃين ته انهن لاءِ سچي عزت ۽ وڏو مرتبو سندن پالڻهار وٽ آهي (ان ڳالهه تي)، چيو منڪرن ته هي شخص ته بلڪل ئي جادوگر آهي پڌرو. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُدَبِّرُ الأَمرَ ما مِن شَفيعٍ إِلّا مِن بَعدِ إِذنِهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَاعبُدوهُ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
بيشڪ توهان جو رب الله ئي آهي جنهن خلقيو آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾، پوءِ حڪومت جي تخت عرش تي جلوه افروز ٿيو ۽ ڪائنات کي هلائي پيو، ڪوبه شفاعت (سفارش) ڪرڻ وارو ناهي سواءِ سندس اجازت کان پوءِ (ڪو سفارش ڪري)، اهو ئي الله توهان جو رب آهي، تنهن ڪري توهان سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇا توهان هوش ۾ نه ايندؤ؟ |
إِلَيهِ مَرجِعُكُم جَميعًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا إِنَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ لِيَجزِىَ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالقِسطِ وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 4) |
ڏانهس ئي توهان کي موٽي اچڻو آهي سڀني کي، وعدو آهي الله جو پڪو، بيشڪ شروعات اهو ئي ڪري ٿو پئدائش جي ۽ پوءِ اهو ئي ٻيهر پئدا ڪندو جيئن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل نيڪ ڪيا، انهن کي انصاف سان اجورو ڏئي ۽ جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي اهي ٽهڪندڙ پاڻي پيئن ۽ دردناڪ عذاب جي سزا ڀوڳين حق جي ان انڪار جي بدلي جيڪي انهن ڪيو. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ الشَّمسَ ضِياءً وَالقَمَرَ نورًا وَقَدَّرَهُ مَنازِلَ لِتَعلَموا عَدَدَ السِّنينَ وَالحِسابَ ما خَلَقَ اللَّهُ ذٰلِكَ إِلّا بِالحَقِّ يُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 5) |
هو اهو ئي آهي جنهن ڪيو سج کي روشن ۽ چنڊ کي چمڪدار بڻايو ۽ بڻايون چنڊ جون منزلون جيئن معلوم ڪريو توهان ڳاڻيٽو سالن جو ۽ معلوم ڪريو حساب، اهو سڀڪجهه خلقيو آهي الله حق سان، کولي کولي پيش ڪري ٿو پنهنجون نشانيون انهن ماڻهن لاءِ جن وٽ علم آهي. |
إِنَّ فِى اختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما خَلَقَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَّقونَ (آيت : 6) |
بيشڪ ڦير گهير رات ۽ ڏينهن ۾، ۽ هر انهيءَ شيءِ ۾ جيڪا پئدا ڪئي آهي الله آسمانن ۽ زمين ۾، نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (غلط سوچ ۽ عمل کان) بچڻ گهرن ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا وَرَضوا بِالحَيوٰةِ الدُّنيا وَاطمَأَنّوا بِها وَالَّذينَ هُم عَن ءايٰتِنا غٰفِلونَ (آيت : 7) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو اميد نه ٿا رکن اسان سان ملڻ جي، ۽ راضي آهن دنيا جي حياتيءَ تي، ۽ مطمئن ويٺا آهن، ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن. |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُمُ النّارُ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 8) |
انهن جو آخري ٺڪاڻو جهنم (باهه) آهي انهن براين طور جيڪي هو (غلط عقيدن) سبب ڪندا رهيا. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهديهِم رَبُّهُم بِإيمٰنِهِم تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 9) |
۽ هيءَ به حقيقت آهي ته جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل نيڪ ڪيا (سچايون قبوليون ڪتاب واريون) انهن کي رب سندن ايمان جي هدايت ڏيندو، جنتون ڏيندو نعمتن سان ڀريل جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون. |
دَعوىٰهُم فيها سُبحٰنَكَ اللَّهُمَّ وَتَحِيَّتُهُم فيها سَلٰمٌ وَءاخِرُ دَعوىٰهُم أَنِ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
اتي سندن صدا اها هوندي ته، پاڪ آهين تون الله! ۽ اها ئي دعا هوندن ته، سلامتي هجي ۽ سندن هر ڳالهه جي پڄاڻي اها هوندي ته، سموري تعريف الله رب العالمين جي لاءِ ئي آهي. |
وَلَو يُعَجِّلُ اللَّهُ لِلنّاسِ الشَّرَّ استِعجالَهُم بِالخَيرِ لَقُضِىَ إِلَيهِم أَجَلُهُم فَنَذَرُ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏهن جلدي ڪري ها ماڻهن سان الله برو معاملو ڪرڻ ۾ به ايتري ئي جيتري دنيا جي ڀلائي گهرڻ ۾ هو جلدي ڪندو آهي، ته سندن عمل جي مهلت ختم هجي ها، جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نٿا رکن، ته اسان ڇڏي ڏيندا آهيون کين سندن سرڪشي ۾ ڀٽڪڻ لاءِ. |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ الضُّرُّ دَعانا لِجَنبِهِ أَو قاعِدًا أَو قائِمًا فَلَمّا كَشَفنا عَنهُ ضُرَّهُ مَرَّ كَأَن لَم يَدعُنا إِلىٰ ضُرٍّ مَسَّهُ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلمُسرِفينَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 12) |
۽ انسان جو حال هي آهي جو جڏهن سخت وقت مٿس اچي ٿو ته سڏي ٿو اسان کي اٿي، ويٺي توڙي ستي، پر جڏهن اسان سندس مصيبت ٽاريندا آهيون ته ائين کسڪي ويندو آهي ڄڻ هن ڪڏهن تڪليف ۾ اسان کي سڏيو ئي ڪونه هو، اهڙيءَ طرح سهڻو بڻايو ويو آهي ڏسڻ ۾ حد پار ڪندڙن جي ڪرتوتن کي. |
وَلَقَد أَهلَكنَا القُرونَ مِن قَبلِكُم لَمّا ظَلَموا وَجاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَما كانوا لِيُؤمِنوا كَذٰلِكَ نَجزِى القَومَ المُجرِمينَ (آيت : 13) |
اي انسانؤ! اسان ناس ڪري ڇڏيو انهن قومن کي جيڪي توهان کان اڳي عروج تي هوندي ظلم جي راهه ورتي هئي جڏهن آيا انهن وٽ سندن رسول وٽن چٽيون نشانيون کڻي پر انهن ايمان نه آندو، اهڙيءَ طرح اسان بدلو ڏيندا آهيون ڏوهارين کي سندن ڏوهن جو. |
ثُمَّ جَعَلنٰكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ مِن بَعدِهِم لِنَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 14) |
هاڻي بڻايو آهي توهان کي انهن جو جاءِ نشين زمين ۾ انهن کان پوءِ، جيئن ڏسون ته توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪريو؟ |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءاياتُنا بَيِّنٰتٍ قالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنَا ائتِ بِقُرءانٍ غَيرِ هٰذا أَو بَدِّلهُ قُل ما يَكونُ لى أَن أُبَدِّلَهُ مِن تِلقائِ نَفسى إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
۽ جڏهن کين ٻڌايون وڃن ٿيون اسان جون صاف صاف ڳالهيون، ته چون ٿا اهي ماڻهو جيڪي اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن، هن جي بدران ڪو ٻيو قرآن آڻ يا ان ۾ ڦير ڦار ڪر. چوينِ (اي نبي!) اهو ڪم منهنجو ناهي جو ان ۾ آئون ڪا ڦير ڦار ڪريان پنهنجي طرفان، آئون ته بس تابعدار آهيان ان وحيءَ جو جيڪو اچي ٿو مون ڏي، جيڪڏهن آئون نافرماني ڪندس پنهنجي رب جي ته مون کي ڊپ آهي ان خوفناڪ ڏينهن جي عذاب جو. |
قُل لَو شاءَ اللَّهُ ما تَلَوتُهُ عَلَيكُم وَلا أَدرىٰكُم بِهِ فَقَد لَبِثتُ فيكُم عُمُرًا مِن قَبلِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 16) |
چوين ته، اگر چاهت ائين هجي ها الله جي ته آئون هي قرآن توهان کي نه ٻڌايان ها، نه توهان کي هيءَ ڄاڻ ملي ها، آخر آئون توهان جي وچ ۾ هڪ عمر گذاري چڪو آهيان هن کان اڳي، ڇا توهان عقل کان ڪم ئي نه وٺندا؟ |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ المُجرِمونَ (آيت : 17) |
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو جيڪو ڪا ڪوڙي ڳالهه ٺاهي الله ڏي منسوب ڪري يا ڪوڙو ڪري سندس آيتن کي، بيشڪ ڏوهي ڪابه ڪاميابي حاصل ڪري نٿا سگهن. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَيَقولونَ هٰؤُلاءِ شُفَعٰؤُنا عِندَ اللَّهِ قُل أَتُنَبِّـٔونَ اللَّهَ بِما لا يَعلَمُ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 18) |
۽ هي ماڻهو پوڄا ڪري رهيا آهن ٻين جي الله کي ڇڏي، جيڪي کين نڪي نقصان ڏئي ٿا سگهن ۽ نه ڪو نفعو ۽ چون وري ائين ٿا ته اهي اسان جي لاءِ سفارشي آهن الله وٽ، (اي نبي!) انهن کي چؤ، ڇا توهان اها خبر ٿا ڏيو الله کي جنهن کي هو نٿو ڄاڻي آسمانن ۾ ۽ نه وري زمين ۾؟ هو ته پاڪ آهي بلند آهي مٿاهون آهي انهيءَ شرڪ کان جيڪي اهي ڪن ٿا. |
وَما كانَ النّاسُ إِلّا أُمَّةً وٰحِدَةً فَاختَلَفوا وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم فيما فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 19) |
۽ شروع ۾ ته سڀ انسان هڪ ئي امت هئا، پوءِ انهن ڌار ڌار فرقا ۽ عقيدا ٺاهيا، ۽ جيڪر هڪ ڳالهه طئي ڪيل نه هجا ها تنهنجي رب طرفان ته فيصلو ڪيو وڃي ها، انهن جي وچ ۾ جنهن ۾ هو پاڻ ۾ اختلاف ڪري رهيا آهن. |
وَيَقولونَ لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ فَقُل إِنَّمَا الغَيبُ لِلَّهِ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 20) |
۽ هي چون ٿا ته هن (نبي) تي ڇو نه لاٿي وئي آهي سندس رب جي طرفان ڪا خاص نشاني؟ ته کين چؤ! بيشڪ غيب جو مالڪ ته الله آهي، پوءِ ڀلي انتظار ڪريو، بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. |
وَإِذا أَذَقنَا النّاسَ رَحمَةً مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُم إِذا لَهُم مَكرٌ فى ءاياتِنا قُلِ اللَّهُ أَسرَعُ مَكرًا إِنَّ رُسُلَنا يَكتُبونَ ما تَمكُرونَ (آيت : 21) |
۽ ماڻهن جو حال هي آهي جو مصيبت کان پوءِ جڏهن رحمت جو مزو وٺن ٿا ته هڪدم چالبازيون شروع ڪري ڏيندا آهن اسان جي نشانين جي باري ۾، چوينِ ته الله توهان کان وڌيڪ تيز آهي پنهنجي چال ۾، بيشڪ سندس فرشتا لکندا وڃن ٿا توهان جي سڀني چالبازين کي. |
هُوَ الَّذى يُسَيِّرُكُم فِى البَرِّ وَالبَحرِ حَتّىٰ إِذا كُنتُم فِى الفُلكِ وَجَرَينَ بِهِم بِريحٍ طَيِّبَةٍ وَفَرِحوا بِها جاءَتها ريحٌ عاصِفٌ وَجاءَهُمُ المَوجُ مِن كُلِّ مَكانٍ وَظَنّوا أَنَّهُم أُحيطَ بِهِم دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ لَئِن أَنجَيتَنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 22) |
اهو (الله) ئي آهي جيڪو توهان کي گهمائي ٿو خشڪي ۽ پاڻي ۾، پوءِ جڏهن توهان ٻيڙين ۾ سوار ٿي ۽ موافق هوا جي آڌار تي خوشي ۽ مزي سان سفر ڪندا آهيو ته اوچتو مخالف طوفاني هوا لڳندي آهي ۽ هر طرف موجن جا سٽڪا لڳندا آهن ۽ مسافر سمجهندا آهن ته اسين ان ۾ ڦاسي پياسين، ان وقت سڀ الله لاءِ مخلص ٿي دعائون گهرندا آهن، ته جيڪڏهن تو اسان کي بچايو هن مصيبت مان ته اسان ٻانها بڻجي وينداسين شڪر گذار. |
فَلَمّا أَنجىٰهُم إِذا هُم يَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما بَغيُكُم عَلىٰ أَنفُسِكُم مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُكُم فَنُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 23) |
پر جڏهن هو کين بچائي وٺي ٿو ته پوءِ وري اهي ئي ماڻهو زمين ۾ بغاوت ڪندا آهن خلاف حق جي. اي انسانو! بيشڪ توهان جي اها بغاوت توهان جي ئي مٿان پوي ٿي، (ماڻي وٺو) چند ڏينهن جا مزا دنيا جي حياتي جا، پوءِ اسان ڏي ئي توهان کي موٽڻو آهي، ان وقت ٻڌائينداسين توهان کي ته توهان ڇا ڪندا رهيا. |
إِنَّما مَثَلُ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَماءٍ أَنزَلنٰهُ مِنَ السَّماءِ فَاختَلَطَ بِهِ نَباتُ الأَرضِ مِمّا يَأكُلُ النّاسُ وَالأَنعٰمُ حَتّىٰ إِذا أَخَذَتِ الأَرضُ زُخرُفَها وَازَّيَّنَت وَظَنَّ أَهلُها أَنَّهُم قٰدِرونَ عَلَيها أَتىٰها أَمرُنا لَيلًا أَو نَهارًا فَجَعَلنٰها حَصيدًا كَأَن لَم تَغنَ بِالأَمسِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 24) |
بيشڪ مثال آهي دنيا جي حياتيءَ جو (جنهن جي نشي ۾ مست آهيو) جيئن وسايوسين آسمان مان پاڻي، پوءِ پئداوار زمين جي کائن ٿا سڀئي ماڻهو ۽ جانور، اها پوءِ خوب گهاٽي ٿي وئي، پوءِ عين انهيءَ وقت زمين بهار تي هئي، ۽ ڀانيو مالڪن ته ان مان پوري لاڀ وٺڻ جي قدرت رکون ٿا، ته اوچتو ئي حڪم ڪيوسين رات جو يا ڏينهن جو ۽ ڪري ڇڏيوسين ان کي ناس، جو ڄڻ ته ڪالهه اتي ڪجهه هو ئي ڪونه، اهڙيءَ طرح اسان کولي کولي نشانيون ظاهر ڪندا آهيون انهن لاءِ جيڪي سوچڻ وارا آهن. |
وَاللَّهُ يَدعوا إِلىٰ دارِ السَّلٰمِ وَيَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 25) |
۽ الله سڏي رهيو آهي توهان کي سلامتي ڏي (توهان ڦاٿل آهيو زندگيءَ جي فريب ۾) هو جنهن کي به گهري سڌي راهه ڏيندو آهي. |
لِلَّذينَ أَحسَنُوا الحُسنىٰ وَزِيادَةٌ وَلا يَرهَقُ وُجوهَهُم قَتَرٌ وَلا ذِلَّةٌ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 26) |
جن ماڻهن ڀلائيءَ وارو رستو اختيار ڪيو انهن جي لاءِ وڌيڪ فضل آهي ۽ نه هوندي ڪارنهن سندن چهري تي ۽ نه وسندي انهن تي ذلت، اهي ته جنت جا حقدار آهن، اهي هميشه اتي رهندا. |
وَالَّذينَ كَسَبُوا السَّيِّـٔاتِ جَزاءُ سَيِّئَةٍ بِمِثلِها وَتَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ما لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ كَأَنَّما أُغشِيَت وُجوهُهُم قِطَعًا مِنَ الَّيلِ مُظلِمًا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 27) |
۽ جن ماڻهن ڪمايا ڪُڌا ڪرتوت، تن جي جهڙي برائي هوندي اهڙو ئي بدلو ملندن برو، ڪوبه کين الله کان بچائڻ وارو ڪونه هوندو، اهڙي ته اوندهه ڇانيل هوندي سندن چهرن تي، ڄڻ ته رات جا ڪارا پردا مٿن پيل هجن، اهي ئي دوزخ جا حقدار آهن، جتي هو هميشه رهندا. |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا مَكانَكُم أَنتُم وَشُرَكاؤُكُم فَزَيَّلنا بَينَهُم وَقالَ شُرَكاؤُهُم ما كُنتُم إِيّانا تَعبُدونَ (آيت : 28) |
۽ جنهن ڏينهن حشر جي (عدالت ۾) اسان کين گڏ ڪنداسين پوءِ انهن ماڻهن کي جن شرڪ ڪيو هوندو، کين چونداسين، ترسو توهان ۽ توهان جا ٺاهيل شريڪ، پوءِ انهن جي وچان اجنبيت جو پردو هٽايو ويندو، ۽ چوندا سندن شريڪ انهن کي، توهان اسان جي ته عبادت ڪونه ڪندا هئا. |
فَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا بَينَنا وَبَينَكُم إِن كُنّا عَن عِبادَتِكُم لَغٰفِلينَ (آيت : 29) |
پوءِ ڪافي آهي الله جي شاهدي اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾، (جي توهان اسان جي عبادت ڪئي هئي پر) اسان ته توهان جي عبادت کان بي خبر هئاسين. |
هُنالِكَ تَبلوا كُلُّ نَفسٍ ما أَسلَفَت وَرُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 30) |
ان وقت هر شخص پنهنجي عمل جو مزو چکندو ۽ سڀئي موٽايا ويندا الله حقيقي مالڪ ڏي ۽ سندن سڀئي اهي ڪوڙ جيڪي انهن ٺاهيا هئا سي گم ٿي ويندا. |
قُل مَن يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ أَمَّن يَملِكُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَمَن يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَيُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمرَ فَسَيَقولونَ اللَّهُ فَقُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 31) |
انهن کان پڇ ته سهي ته ڪير توهان کي رزق ٿو ڏئي آسمان ۽ زمين مان؟ ڪنهن جي اختيار ۾ آهن هي طاقتون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جون؟ ۽ ڪير ڪڍي ٿو جاندار مان بي جان ۽ ڪڍي ٿو بي جان مان جاندار، ۽ ڪير آهي جيڪو انتظام هلائي ٿو هن جهان جو؟ پوءِ اهي چوندا الله، چوين ته (حقيقت خلاف هلڻ کان) پرهيز ڇو نٿا ڪريو؟ |
فَذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمُ الحَقُّ فَماذا بَعدَ الحَقِّ إِلَّا الضَّلٰلُ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 32) |
پوءِ ته توهان جو الله اهو ئي رب حقيقي آهي، جو حق کان پوءِ وري ڇا رهيو سواءِ گمراهي جي، آخر توهان ڪيڏانهن ڦيرايا پيا وڃو؟ |
كَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ فَسَقوا أَنَّهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
(اي نبي! ڏس) اهڙيءَ طرح نافرماني ڪندڙن تي تنهنجي رب جي ڳالهه سچي بيٺي ته اهي بيشڪ ڪڏهن به ڪونه مڃيندا. |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ قُلِ اللَّهُ يَبدَؤُا۟ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 34) |
(اي نبي!) پڇ انهن کان ته توهان جي ٺاهيل شريڪن مان آهي ڪو اهڙو جيڪو نئين سر خلق کي پئدا ڪري پوءِ (ماري) ٻيهر پئدا ڪري؟ تون چؤ ته اهو الله ئي آهي جيڪو پئدا ڪري ٿو نئين سر کيس موٽائي جياريندو، پوءِ ڪهڙي ابتي راهه پيا وڃو؟ |
قُل هَل مِن شُرَكائِكُم مَن يَهدى إِلَى الحَقِّ قُلِ اللَّهُ يَهدى لِلحَقِّ أَفَمَن يَهدى إِلَى الحَقِّ أَحَقُّ أَن يُتَّبَعَ أَمَّن لا يَهِدّى إِلّا أَن يُهدىٰ فَما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 35) |
(اي نبي!) پڇ انهن کان ته توهان جي ٺاهيل شريڪن مان ڪو آهي جيڪو رهنمائي ڪري حق ڏانهن؟ چؤ (اي نبي!) الله ئي آهي جيڪو رهبري ڪري ٿو حق ڏي، پوءِ ٻڌايو جيڪو رهبري ڪري حق ڏانهن ته اهو ئي حقدار آهي ته ان جي تابعداري ڪجي يا اهو جيڪو پاڻ ئي ڀٽڪيل آهي ته کيس راهه ٻڌائي وڃي؟ پوءِ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو اونڌا فيصلا ٿا ڪريو؟ |
وَما يَتَّبِعُ أَكثَرُهُم إِلّا ظَنًّا إِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 36) |
۽ حقيقت اها آهي ته انهن مان اڪثر ماڻهو فقط شڪ ۾ آهن؟ بيشڪ شڪ ڪڏهن به حق جي ضرورت کي پورو نه ڪندو، بيشڪ الله ئي ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجهه هي ڪري رهيا آهن. |
وَما كانَ هٰذَا القُرءانُ أَن يُفتَرىٰ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن تَصديقَ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَتَفصيلَ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 37) |
۽ هي اهو ڪجهه ناهي قرآن جيڪو وحي ۽ تعليم کان سواءِ جوڙيو وڃي الله جي، پر جيڪي ڪجهه اڳي آيو آهي ان جي تصديق آهي سندن هٿن ۾ ۽ تفصيل آهي الڪتاب جي، ناهي ڪوبه شڪ ان ۾ ته هي ربِ ڪائنات طرفان آهي. |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ قُل فَأتوا بِسورَةٍ مِثلِهِ وَادعوا مَنِ استَطَعتُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته رسول ان کي ٺاهيو آهي؟ (اي نبي!) کين چؤ، هڪڙي ئي سورة ان جهڙي آڻيو (جيڪر توهان پنهنجي ان الزام ۾ سچا آهيو) ته الله کان سواءِ اهو ڪم ڪري سگهو ٿا، جيڪڏهن توهان سچا آهيو. |
بَل كَذَّبوا بِما لَم يُحيطوا بِعِلمِهِ وَلَمّا يَأتِهِم تَأويلُهُ كَذٰلِكَ كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 39) |
پر ڪوڙ ٿا هڻن، حقيقت ۾ جيڪا شيءِ انهن جي وس ۽ علم ۾ نه آهي ۽ ان لاءِ اهي ڳالهيون ڪن ٿا، ساڳيءَ طرح ڪوڙو چيو هو ماڻهن انهن کان اڳي به. پوءِ ڏس ته (اي رسول!) ڪيئن ٿي هئي پڄاڻي انهن ظالمن جي. |
وَمِنهُم مَن يُؤمِنُ بِهِ وَمِنهُم مَن لا يُؤمِنُ بِهِ وَرَبُّكَ أَعلَمُ بِالمُفسِدينَ (آيت : 40) |
۽ انهن مان ڪي ته ايمان آڻيندا ۽ ڪي نه به آڻيندا ايمان، ۽ تنهنجو رب چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو انهن فسادين کي. |
وَإِن كَذَّبوكَ فَقُل لى عَمَلى وَلَكُم عَمَلُكُم أَنتُم بَريـٔونَ مِمّا أَعمَلُ وَأَنا۠ بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 41) |
۽ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ٿا چون (اي رسول) ته چوين منهنجو عمل مون لاءِ ۽ توهان جو عمل توهان لاءِ آهي، جيڪي ڪجهه آئون ڪريان ٿو ان کان توهين آزاد آهيو ۽ آئون به ڇنل آهيان ان کان جيڪي ڪجهه توهان ڪريو ٿا. |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعونَ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ وَلَو كانوا لا يَعقِلونَ (آيت : 42) |
۽ انهن ۾ ڪيترا ئي اهڙا آهن جيڪي ٻڌن ٿا توکي پر ڇا انهن ٻوڙن کي تون ٻڌائيندين؟ پوءِ اهي کڻي ڪجهه به نه سمجهندا هجن. |
وَمِنهُم مَن يَنظُرُ إِلَيكَ أَفَأَنتَ تَهدِى العُمىَ وَلَو كانوا لا يُبصِرونَ (آيت : 43) |
۽ انهن ۾ ڪيترا اهڙا به آهن جيڪي واجهائن ٿا تو ڏي، پر ڇا تون انهن انڌن کي رستو ڏيکاريندين، پوءِ ڀلي انهن کي ڪجهه به نظر نه ايندو هجي؟ |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ النّاسَ شَيـًٔا وَلٰكِنَّ النّاسَ أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 44) |
حقيقت هيءَ آهي ته الله ظلم نٿو ڪري ماڻهن تي ذري جيترو به پر ماڻهو آهن جيڪي پنهنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪن ٿا. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم كَأَن لَم يَلبَثوا إِلّا ساعَةً مِنَ النَّهارِ يَتَعارَفونَ بَينَهُم قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 45) |
(هي دنيا جي زندگيءَ ۾ مست آهن) ۽ جنهن ڏينهن انهن کي گڏ ڪيو ويندو ته کين ائين محسوس ٿيندو ته ڄڻ گهڙي پل لاءِ مليا هجن پاڻ ۾، (ان وقت ثابت ٿيندو ته) اهي ماڻهو سخت نقصان ۾ ويا جن ملاقات الله جي کي ڪوڙو ٿي ڀانيو ۽ اهي سڌي راهه تي نه هئا. |
وَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ اللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما يَفعَلونَ (آيت : 46) |
۽ جن برن نتيجن کان کين ڊيڄاريون پيا تن جو ڪو حصو توکي حياتي ۾ ڏيکاريون يا توکي گهرائي وٺون، پر انهن کي موٽڻو ته اسان ڏي آهي، الله پاڻ شاهد آهي جيڪي ڪجهه هي ڪن پيا. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ رَسولٌ فَإِذا جاءَ رَسولُهُم قُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 47) |
۽ هر امت لاءِ هڪ رسول آهي، پوءِ جڏهن ڪنهن (امت وٽ) رسول اچي ٿو ته ان جو فيصلو پوري انصاف سان ڪبو آهي ۽ ذري برابر ظلم ناهي ٿيندو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ چون ٿا ته جيڪڏهن توهان جي اها ڌمڪي سچي آهي ته ڪڏهن سچي (پوري) ٿيندي؟ |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى ضَرًّا وَلا نَفعًا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ لِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ إِذا جاءَ أَجَلُهُم فَلا يَستَـٔخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 49) |
چوين ته، منهنجي اختيار ۾ نه منهنجو نقصان آهي ۽ نه منهنجو نفعو، سڀڪجهه الله جي اختيار ۾ آهي، هر امت جي لاءِ مهلت جي هڪ مدت به آهي، پوءِ جڏهن اها مدت پوري ٿي ويندي آهي ته اها اڳتي پوئتي هڪ گهڙي به ناهي ٿيندي. |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَتىٰكُم عَذابُهُ بَيٰتًا أَو نَهارًا ماذا يَستَعجِلُ مِنهُ المُجرِمونَ (آيت : 50) |
چؤ انهن کي ته ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته جيڪڏهن اچي عذاب اوچتو (الله جو) رات جو يا ڏينهن جو (ته ڇا ڪري سگهندؤ؟) آخر ڪهڙي شيءِ آهي جنهن لاءِ مجرم تڪڙ ٿا ڪن؟ |
أَثُمَّ إِذا ما وَقَعَ ءامَنتُم بِهِ ءالـٰٔنَ وَقَد كُنتُم بِهِ تَستَعجِلونَ (آيت : 51) |
ڇا جڏهن اهو توهان تي اچي ڪڙڪي پوءِ ته ان کي مڃيندؤ؟ هاڻي وري بچڻ ٿا گهرو جڏهن ته پاڻ ان جي اچڻ جي جلدي ڪري رهيا هئا. |
ثُمَّ قيلَ لِلَّذينَ ظَلَموا ذوقوا عَذابَ الخُلدِ هَل تُجزَونَ إِلّا بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 52) |
پوءِ چيو ويندو انهن ئي ظالمن کي ته چڱو هاڻي چکو عذاب جو مزو هميشه جي لاءِ، جو ڪجهه ڪمايو توهان ان جي سزا کان سواءِ ٻيو ڪهڙو بدلو ماڻي سگهندؤ؟ |
وَيَستَنبِـٔونَكَ أَحَقٌّ هُوَ قُل إى وَرَبّى إِنَّهُ لَحَقٌّ وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ (آيت : 53) |
۽ وري توکان پڇن ٿا ڇا واقعي اهو سچ آهي جيڪي تو چيو؟ چوين منهنجي رب جو قسم، اهو بلڪل سچ آهي ۽ نه وري اها طاقت اٿوَ جو ان کي روڪي به سگهو. |
وَلَو أَنَّ لِكُلِّ نَفسٍ ظَلَمَت ما فِى الأَرضِ لَافتَدَت بِهِ وَأَسَرُّوا النَّدامَةَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالقِسطِ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 54) |
۽ جيڪڏهن هر ان شخص وٽ جنهن ظلم ڪيو آهي، ساري زمين جي دولت هجي، ۽ اها فديي ۾ ڏيڻ چاهيندو هجي ان عذاب کان بچڻ جي لاءِ، ۽ جڏهن اهي ماڻهو پاڻ ڏسندا انهيءَ (عذاب) کي ته پڇتائيندا، پر فيصلو انصاف تي ٿيندو، ڪنهن تي به ظلم نه ٿيندو. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَلا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 55) |
ٻڌو بيشڪ الله جي لاءِ ئي آهي سڀڪجهه آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾، ٻڌي ڇڏيو ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پر اڪثر ماڻهو ان کان بلڪل اڻ ڄاڻ آهن. |
هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 56) |
اهو ئي حياتي بخشي ٿو ۽ موت به ڏئي ٿو ۽ ان ڏي ئي (سڀني کي) موٽڻو آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَتكُم مَوعِظَةٌ مِن رَبِّكُم وَشِفاءٌ لِما فِى الصُّدورِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 57) |
اي انسانؤ! توهان وٽ اچي وئي آهي نصيحت توهان جي رب طرفان ۽ هي شفا آهي دلين جي بيمارين جي، ۽ هدايت ۽ رحمت آهي (جيڪي اها قبوليندا مؤمن). |
قُل بِفَضلِ اللَّهِ وَبِرَحمَتِهِ فَبِذٰلِكَ فَليَفرَحوا هُوَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 58) |
(اي نبي!) چؤ ته هي فضل آهي الله جو ۽ رحمت جيڪا هن موڪلي، پوءِ ان تي سڀئي ماڻهو خوشي ملهائن ڇوته ماڻهو جيڪي ميڙين پيا انهن کان (اها) بهتر آهي. |
قُل أَرَءَيتُم ما أَنزَلَ اللَّهُ لَكُم مِن رِزقٍ فَجَعَلتُم مِنهُ حَرامًا وَحَلٰلًا قُل ءاللَّهُ أَذِنَ لَكُم أَم عَلَى اللَّهِ تَفتَرونَ (آيت : 59) |
(اي نبي!) چوين ته، توهان ڪڏهن سوچيو به آهي ته جيڪو نازل ڪيو الله توهان لاءِ رزق، ان مان توهان پاڻ ڪنهن کي حرام ڪيو ۽ ڪنهن کي حلال، انهن کان پڇ ته الله توهان کي ان جي اجازت ڏني هئي؟ يا الله تي بهتان پيا مڙهيو؟ |
وَما ظَنُّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَشكُرونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪي ماڻهو هي بهتان مڙهيندا آهن الله تي ڪوڙو، کين اندازو آهي ته قيامت ڏينهن ساڻن ڇا ٿيندو؟ بيشڪ الله ته آهي وڏو مهربان ماڻهن تي، پر گهڻا ماڻهو ته اهڙا آهن جيڪي شڪر نٿا ڪن. |
وَما تَكونُ فى شَأنٍ وَما تَتلوا مِنهُ مِن قُرءانٍ وَلا تَعمَلونَ مِن عَمَلٍ إِلّا كُنّا عَلَيكُم شُهودًا إِذ تُفيضونَ فيهِ وَما يَعزُبُ عَن رَبِّكَ مِن مِثقالِ ذَرَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَلا أَصغَرَ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكبَرَ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 61) |
۽ (اي نبي!) تون جنهن حال ۾ به هوندو آهين ۽ جيڪي ڪجهه ٻڌائيندو آهين قرآن مان، ۽ ڪوبه ڪم توهان ڪريو ٿا ته (اي انسانو) انهن عملن تي اسان توهان تي شاهد آهيون (توهان کي ڏسندا رهندا آهيون انهيءَ دوران، توهان جي رب آڏو لڪل هجي ڪا نالي ماتر شيءِ به اهڙي جيڪا زمين ۾ آهي ۽ نه وري آسمان ۾، نه ننڍي ۽ نه وري ڪا وڏي (تنهنجي رب کان لڪل هجي) ۽ هڪ صاف دفتر ۾ لکيل نه هجي. |
أَلا إِنَّ أَولِياءَ اللَّهِ لا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
ٻڌو (ياد رکو) بيشڪ جيڪي دوست الله جا آهن انهن تي ڪو به خوف ۽ ڏک جو موقعو ڪونهي. |
الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 63) |
جن ماڻهن ايمان آندو ۽ تقويٰ جي راهه اختيار ڪئي. |
لَهُمُ البُشرىٰ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ لا تَبديلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 64) |
انهن جي لاءِ خوشخبري آهي دنيا ۽ آخرت جي حياتيءَ لاءِ، بدلجي نٿيون سگهن الله جون ڳالهيون، اها ئي وڏي آهي ڪاميابي. |
وَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 65) |
(اي نبي!) ۽ جيڪي به ٺاهه تنهنجي باري ۾ ٺاهين ٿا، (تن جو غم نه ڪر) بيشڪ سڄي عزت الله جي اختيار ۾ آهي، اهو ئي سڀڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَما يَتَّبِعُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ شُرَكاءَ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 66) |
خبردار! بيشڪ سڀئي ٻانها الله جا آهن آسمانن ۾ رهڻ وارا هجن يا زمين جا ۽ جيڪي ماڻهو (هٿ جي ٺاهيل شريڪن کي) پڪاري رهيا آهن الله کان سواءِ، سي حقيقت ۾ پوئلڳ آهن فقط وهم ۽ گمان جا، اهي فقط اندازا ئي لڳائيندا رهندا آهن. |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَسمَعونَ (آيت : 67) |
اهو ئي آهي (الله) جنهن توهان جي لاءِ رات بڻائي جيئن سڪون حاصل ڪريو ان ۾، ۽ ڏينهن کي روشن ڪيائين، بيشڪ انهن لاءِ ان ۾ نشانيون آهن جيڪي (پيغمبر جي دعوت ڪن کولي) ٻڌندا آهن. |
قالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ هُوَ الغَنِىُّ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ إِن عِندَكُم مِن سُلطٰنٍ بِهٰذا أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 68) |
ماڻهن چيو ورتو آهي ته الله ڪنهن کي پٽ ڪري. سبحان الله! اهو ته بي نياز آهي، سڀ ڪجهه ان جي لاءِ ئي آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، توهان وٽ آخر ڪهڙو دليل آهي ان ڳالهه جو؟ ڇا توهان اهڙيون ڳالهيون ڪريو ٿا الله جي باري ۾ جنهن جي توهان کي ڪا ڄاڻ ئي نه آهي؟ |
قُل إِنَّ الَّذينَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ لا يُفلِحونَ (آيت : 69) |
(اي نبي!) کين چؤ ته بيشڪ جيڪي ماڻهو بهتان مڙهين ٿا الله تي ڪوڙا، اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. |
مَتٰعٌ فِى الدُّنيا ثُمَّ إِلَينا مَرجِعُهُم ثُمَّ نُذيقُهُمُ العَذابَ الشَّديدَ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
مزا ماڻي وٺن دنيا جي ٿورڙن ڏينهن جي حياتيءَ جا، پوءِ کين موٽڻو ته اسان ڏي ئي آهي، پوءِ کين چکائينداسين سخت عذاب جو مزو ان جي بدلي جيڪو ڪفر هو ڪن پيا. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ نوحٍ إِذ قالَ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِن كانَ كَبُرَ عَلَيكُم مَقامى وَتَذكيرى بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَعَلَى اللَّهِ تَوَكَّلتُ فَأَجمِعوا أَمرَكُم وَشُرَكاءَكُم ثُمَّ لا يَكُن أَمرُكُم عَلَيكُم غُمَّةً ثُمَّ اقضوا إِلَىَّ وَلا تُنظِرونِ (آيت : 71) |
۽ انهن کي (اي نبي! تون) قصو ٻڌاءِ نوح جو، هن جڏهن چيو پنهنجي قوم کي ته ”اي قومي ڀائرو! جيڪڏهن توهان جي وچ ۾ منهنجو رهڻ توهان کي غفلت مان جاڳائڻ ۽ توهان کي ٻڌائڻ الله جون آيتون برداشت نه آهن ته منهنجو ڀروسو الله تي آهي، ڀلي هڪ زبان ٿي پنهنجن ٺاهيل شريڪن سان گڏجي فيصلو ڪريو پوءِ جيڪا به سِٽ سِٽيو ٺڪي ٺوڪي ڏسو، جيئن ان بابت ڪابه ٻڏتر نه رهي، منهنجي خلاف ڪجهه به ڪريو ۽ مون کي مهلت نه ڏيو. |
فَإِن تَوَلَّيتُم فَما سَأَلتُكُم مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلَى اللَّهِ وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 72) |
ڀلي منهنجي نصيحت کان منهن موڙيو (منهنجو نقصان ناهي) مون ته توهان کان ڪو اجورو نه پئي گهريو، منهنجو اجر ته ذمي آهي فقط الله جي، ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته (ڪو مڃي نه مڃي) آئون پاڻ مسلمان بڻجي رهان. |
فَكَذَّبوهُ فَنَجَّينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ وَجَعَلنٰهُم خَلٰئِفَ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پر هنن کيس ڪوڙو چيو ۽ نتيجو اهو ٿيو ته اسان ان کي ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي ساڻس گڏ هئا ٻيڙيءَ ۾ بچائي ورتو (۽ کين جاءِ نشين بڻايو) ۽ غرق ڪيو انهن سڀني ماڻهن کي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو هو، پوءِ ڏس ته جن کي خبردار ڪيو ويو هو (پوءِ به انهن نه مڃيو) تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِ رُسُلًا إِلىٰ قَومِهِم فَجاءوهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا بِهِ مِن قَبلُ كَذٰلِكَ نَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِ المُعتَدينَ (آيت : 74) |
وري موڪليوسين انهن کان پوءِ مختلف رسولن کي سندن قومن ڏانهن اهي انهن وٽ پڌريون نشانيون کڻي آيا، پر جنهن ڳالهه کي انهن نه مڃيو ڪوڙو چيو هو ان کي وري به نه مڃيو اڳي وانگر، اهڙيءَ طرح اسان حد ٽپڻ وارن جي دلين تي مهر هڻي ڇڏيندا آهيون. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ وَهٰرونَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ بِـٔايٰتِنا فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 75) |
وري موڪليوسين انهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون کي فرعون ڏانهن، ۽ سندس سردارن ڏانهن پنهنجي نشانين سان، پر انهن آڪڙ ڏيکاري ۽ هئا اهي به (پڪا) ڏوهاري. |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا إِنَّ هٰذا لَسِحرٌ مُبينٌ (آيت : 76) |
پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ حق اسان وٽان ته چوڻ لڳا، ضرور اهو هڪ جادو آهي سڌو سنئون. |
قالَ موسىٰ أَتَقولونَ لِلحَقِّ لَمّا جاءَكُم أَسِحرٌ هٰذا وَلا يُفلِحُ السّٰحِرونَ (آيت : 77) |
چين موسيٰ، ڇا توهان ائين ٿا چئو حق جي لاءِ، جڏهن ته اهو توهان جي آڏو آيو آهي؟ ڇا اهو جادو آهي؟ جڏهن ته ڪامياب نه ٿيندا آهن جادوگر. |
قالوا أَجِئتَنا لِتَلفِتَنا عَمّا وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا وَتَكونَ لَكُمَا الكِبرِياءُ فِى الأَرضِ وَما نَحنُ لَكُما بِمُؤمِنينَ (آيت : 78) |
جواب ۾ چيائون، ڇا تون ان لاءِ آيو آهين ته جنهن راهه تي ڏٺوسين ابن ڏاڏن کي، اها ڇڏي ڏيون ۽ قائم ٿي وڃي توهان ٻنهي جي وڏائي زمين ۾؟ ۽ اسان ته توهان جي هيءَ ڳالهه ڪڏهن به مڃڻ وارا نه آهيون. |
وَقالَ فِرعَونُ ائتونى بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 79) |
۽ چيو فرعون (پنهنجي ماڻهن کي) هر فن جي ماهر جادوگرن کي مون وٽ آڻيو. |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 80) |
جڏهن اچي ويا جادوگر ته انهن کي مخاطب ٿي چيو موسيٰ، جيڪي ڪجهه اڇلڻو اٿوَ اهو توهان اڇليو. |
فَلَمّا أَلقَوا قالَ موسىٰ ما جِئتُم بِهِ السِّحرُ إِنَّ اللَّهَ سَيُبطِلُهُ إِنَّ اللَّهَ لا يُصلِحُ عَمَلَ المُفسِدينَ (آيت : 81) |
پوءِ جڏهن انهن پنهنجا جادو اڇليا ته موسيٰ چين، هي جيڪو توهان اڇليو آهي اهو ته جادو آهي، بيشڪ الله اهو سڀڪجهه نيست نابود ڪندو، بيشڪ الله سڌرڻ نه ڏيندو آهي فسادين جي (ڪنهن به) ڪم کي. |
وَيُحِقُّ اللَّهُ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 82) |
۽ حق کي الله حق ڪري ئي ڏيکاريندو آهي، ڀلي مجرم ڪيڏا به ارها ڇو نه ٿين. |
فَما ءامَنَ لِموسىٰ إِلّا ذُرِّيَّةٌ مِن قَومِهِ عَلىٰ خَوفٍ مِن فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِم أَن يَفتِنَهُم وَإِنَّ فِرعَونَ لَعالٍ فِى الأَرضِ وَإِنَّهُ لَمِنَ المُسرِفينَ (آيت : 83) |
(پر ڏسو ته سهي) موسيٰ کي چند نوجوانن کان سواءِ قوم مان ڪنهن به نه مڃيو فرعون جي خوف کان ۽ پنهنجي ئي قوم جي وڏن جي خوف کان ته ضرور فرعون عذاب ڏيندن ۽ حقيقت اها آهي ته فرعون زمين ۾ دٻدٻي وارو هو، ۽ ڪنهن حد تي رڪجڻ وارن مان نه هو. |
وَقالَ موسىٰ يٰقَومِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ فَعَلَيهِ تَوَكَّلوا إِن كُنتُم مُسلِمينَ (آيت : 84) |
۽ چيو موسيٰ پنهنجي قوم کي، جيڪڏهن توهان واقعي ايمان رکو ٿا الله تي ته پوءِ ان تي ڪريو ڀروسو جيڪڏهن توهان واقعي مسلمان آهيو. |
فَقالوا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 85) |
انهن جواب ڏنو، اسان الله تي ڀروسو ڪيو، اي اسان جا پالڻهار! اسان کي فتنو نه بناءِ ظالم ماڻهن جي لاءِ. |
وَنَجِّنا بِرَحمَتِكَ مِنَ القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ ڇوٽڪارو ڏي اسان کي پنهنجي رحمت سان (هنن) ڪافرن (جي ڪفر) کان. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ وَأَخيهِ أَن تَبَوَّءا لِقَومِكُما بِمِصرَ بُيوتًا وَاجعَلوا بُيوتَكُم قِبلَةً وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 87) |
۽ اسان وحي ڪيوسين موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ کي ته، پنهنجي قوم کي مهيا ڪريو مصر ۾ ڪي جايون ۽ مقرر ڪريو انهن جاين کي قبلي طور ۽ قائم ڪريو نماز کي ۽ خوشخبري ڏيو ايمان وارن کي. |
وَقالَ موسىٰ رَبَّنا إِنَّكَ ءاتَيتَ فِرعَونَ وَمَلَأَهُ زينَةً وَأَموٰلًا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا رَبَّنا لِيُضِلّوا عَن سَبيلِكَ رَبَّنَا اطمِس عَلىٰ أَموٰلِهِم وَاشدُد عَلىٰ قُلوبِهِم فَلا يُؤمِنوا حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 88) |
۽ دعا ڪئي موسيٰ، اي اسان جا رب! بيشڪ تو عطا ڪيو آهي فرعون ۽ سندس سردارن کي ٺٺ ۽ هستي مال متاع سان هن حياتيءَ دنيا جي ۾، اي اسان جا رب! اهو ان لاءِ آهي ته اهي ٿيڙي ڇڏين ماڻهن کي تنهنجي واٽ کان؟ اي اسان جا رب! ناس ڪري ڇڏ انهن جا مال متاع ۽ اهڙي مهر هڻي ڇڏ انهن جي دلين تي جيئن ايمان نه آڻين، جيستائين اهي نه ڏسن دردناڪ عذاب کي. |
قالَ قَد أُجيبَت دَعوَتُكُما فَاستَقيما وَلا تَتَّبِعانِّ سَبيلَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 89) |
الله تعاليٰ جواب ۾ فرمايو، قبول ڪئي وئي توهان ٻنهي جي دعا، پوءِ ثابت قدم رهو ۽ ڪڏهن به انهن جي طريقي جي تابعداري نه ڪجؤ جيڪي علم کان بنهه ڪورا آهن. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ وَجُنودُهُ بَغيًا وَعَدوًا حَتّىٰ إِذا أَدرَكَهُ الغَرَقُ قالَ ءامَنتُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا الَّذى ءامَنَت بِهِ بَنوا إِسرٰءيلَ وَأَنا۠ مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 90) |
۽ اسان پار ٽپايو بني اسرائيل کي سمنڊ مان ته ڪڍ لڳو انهن جي فرعون پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ سان پنهنجي لشڪر سميت، آخرڪار جڏهن فرعون لڳو ٻڏڻ ته چيائين، مون مڃيو ته خداوند حقيقي کان سواءِ ٻيو ڪوبه اِلـــــــــــٰھ ڪونهي، جنهن تي بني اسرائيل جو ايمان آهي ۽ آئون به ان جي اطاعت ڪرڻ وارن مان آهيان. |
ءالـٰٔنَ وَقَد عَصَيتَ قَبلُ وَكُنتَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 91) |
(جواب ڏنو) هاڻي ٿو ايمان آڻين! جڏهن ته ان کان اڳي نافرماني ۽ فساد برپا ڪندو رهين! |
فَاليَومَ نُنَجّيكَ بِبَدَنِكَ لِتَكونَ لِمَن خَلفَكَ ءايَةً وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ النّاسِ عَن ءايٰتِنا لَغٰفِلونَ (آيت : 92) |
هاڻي ته اسان بچائينداسين (محفوظ ڪنداسين) تنهنجي لاش کي، جيئن آئنده وارن نسلن لاءِ بنجين عبرت جو نشان، ۽ جڏهن ته ڪيترا ئي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اسان جي نشانين کان غافل آهن. |
وَلَقَد بَوَّأنا بَنى إِسرٰءيلَ مُبَوَّأَ صِدقٍ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ فَمَا اختَلَفوا حَتّىٰ جاءَهُمُ العِلمُ إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 93) |
۽ اسان بني اسرائيل کي تمام سٺا ٺڪاڻا ۽ بهترين زندگيءَ جا عطا ڪيا هئا سٺا وسيلا پوءِ ايستائين انهن اختلاف نه ڪيو جيستائين انهن وٽ علم (نه) پهتو هو، بيشڪ تنهنجو رب فيصلو ڪندو انهن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن، جنهن ۾ اهي پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن. |
فَإِن كُنتَ فى شَكٍّ مِمّا أَنزَلنا إِلَيكَ فَسـَٔلِ الَّذينَ يَقرَءونَ الكِتٰبَ مِن قَبلِكَ لَقَد جاءَكَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 94) |
هاڻي جيڪڏهن توکي ان هدايت جي باري ۾ شڪ آهي جيڪا توتي نازل ڪئي وئي آهي ته پوءِ انهن ماڻهن کان پڇي وٺ جيڪي تو کان اڳي ئي ڪتاب پڙهي رهيا آهن، بيشڪ تو وٽ هي هڪ حق ئي آيو آهي تنهنجي رب جي طرفان، تنهن ڪري تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿي. |
وَلا تَكونَنَّ مِنَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَتَكونَ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 95) |
۽ نه انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي جن ڪوڙو ڄاتو آهي الله جي آيتن کي، نه ته تون نقصان کڻڻ وارن مان ٿي پوندين. |
إِنَّ الَّذينَ حَقَّت عَلَيهِم كَلِمَتُ رَبِّكَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 96) |
حقيقت هيءَ آهي ته جن ماڻهن لاءِ تنهنجي رب (جي عذاب) جو حڪم لازم ٿي چڪو آهي سي ايمان نه آڻيندا. |
وَلَو جاءَتهُم كُلُّ ءايَةٍ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 97) |
انهن جي آڏو کڻي ڪهڙي به نشاني اچي وڃي، ايستائين جو دردناڪ عذاب سامهون ايندو نه ڏسن. |
فَلَولا كانَت قَريَةٌ ءامَنَت فَنَفَعَها إيمٰنُها إِلّا قَومَ يونُسَ لَمّا ءامَنوا كَشَفنا عَنهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 98) |
پوءِ ڇا ڪو اهڙو مثال آهي ته هڪ وستيءَ ايمان آندو هجي عذاب ڏسي ۽ اهو ايمان سندس لاءِ فائديمند ٿيو هجي سواءِ قوم يونس جي (ان جهڙو ڪو مثال ناهي) ان قوم جڏهن ايمان آندو ته اسان ان تان عذاب خواري وارو دنيا جي حياتيءَ جو ٽاري ڇڏيو هو ۽ کيس هڪ مدت تائين فائدي وٺڻ جو موقعو ڏنو. |
وَلَو شاءَ رَبُّكَ لَءامَنَ مَن فِى الأَرضِ كُلُّهُم جَميعًا أَفَأَنتَ تُكرِهُ النّاسَ حَتّىٰ يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 99) |
جي چاهي ها تنهنجو رب (ته زمين ۾ سڀ مؤمن هجن) ته ايمان آڻين ها زمين ۾ سڀئي (ماڻهو)، پوءِ ڇا تون مجبور ڪندين ماڻهن کي ته اهي ايمان وارا بڻجي وڃن؟ |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تُؤمِنَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَجعَلُ الرِّجسَ عَلَى الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 100) |
۽ ڪوبه ماڻهو ايمان نٿو آڻي سگهي سواءِ الله جي حڪم جي (۽ الله) گندگي وجهي ٿو انهن ماڻهن تي جيڪي عقل کان ڪم نٿا وٺن. |
قُلِ انظُروا ماذا فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما تُغنِى الءايٰتُ وَالنُّذُرُ عَن قَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 101) |
انهن کي چؤ ته، اکيون کولي ڏسو انهن کي، جيڪو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ۽ هي سڀ آخر ڪهڙي ڪم جون آهن نشانيون ۽ تنبيهون جڏهن ته اهي ماڻهو ايمان آڻڻ ئي نٿا گهرن. |
فَهَل يَنتَظِرونَ إِلّا مِثلَ أَيّامِ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِهِم قُل فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 102) |
هاڻي اهي ماڻهو ڇا جو انتظار ڪري رهيا آهن ته اهڙا ئي برا ڏينهن ڏسن جهڙا انهن کان پهرين وارا ڏسي چڪا آهن؟ انهن کي چؤ، چڱو انتظار ڪريو بيشڪ توهان سان گڏ آئون به انتظار ڪريان ٿو. |
ثُمَّ نُنَجّى رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ حَقًّا عَلَينا نُنجِ المُؤمِنينَ (آيت : 103) |
پوءِ (اهڙي وقت تي) اسين پنهنجن رسولن ۽ انهن ماڻهن کي بچائي وٺندا آهيون جن ايمان آندو آهي، اهو اسان تي حق آهي ته بچايون ايمان وارن کي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى شَكٍّ مِن دينى فَلا أَعبُدُ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن أَعبُدُ اللَّهَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم وَأُمِرتُ أَن أَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 104) |
(اي نبي!) چئي ڏي ته اي انسانو! جيڪڏهن توهان اڃا تائين ڪنهن شڪ ۾ آهيو منهنجي دين جي باري ۾ ته ٻڌو، جن جي عبادت ڪريو ٿا ته آئون انهن جي بندگي نٿو ڪريان پر فقط الله جي بندگي ڪريان ٿو جنهن الله جي قبضي ۾ توهان جو موت آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون ايمان آڻڻ وارن مان ٿيان. |
وَأَن أَقِم وَجهَكَ لِلدّينِ حَنيفًا وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 105) |
۽ اهو به فرمايو ويو آهي ته تون هڪ طرفو ٿي پاڻ کي پوريءَ طرح ان دين تي قائم رک ۽ ڪڏهن به تون نه ٿجانءِ مشرڪن مان. |
وَلا تَدعُ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكَ وَلا يَضُرُّكَ فَإِن فَعَلتَ فَإِنَّكَ إِذًا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 106) |
۽ نه پڪارجانءِ ڪنهن کي به الله کان سواءِ جيڪو توکي نه فائدو ڏئي سگهي ۽ نه ڪو نقصان، جيڪڏهن تو ائين ڪيو ته پوءِ تون بيشڪ ظالمن مان ٿي پوندين. |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يُرِدكَ بِخَيرٍ فَلا رادَّ لِفَضلِهِ يُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَهُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 107) |
جيڪڏهن ڪنهن مصيبت ۾ وجهي توکي الله ته ان کان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي جيڪو ان کي ٽاري سگهي ۽ هو جيڪڏهن ارادو ڪري خير جو تنهنجي لاءِ ته ڪوبه سندس فضل کي موڙڻ وارو ڪونهي. هو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو فضل سان نوازي ٿو ۽ هو معاف ڪرڻ وارو رحم ڪندڙ آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الحَقُّ مِن رَبِّكُم فَمَنِ اهتَدىٰ فَإِنَّما يَهتَدى لِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 108) |
(اي نبي!) چؤ ته، اي انسانؤ! توهان وٽ اچي چڪو آهي حق توهان جي رب طرفان، هاڻي جيڪو سڌي راهه تي هلندو ته بيشڪ سندس سڌو هلڻ پنهنجي لاءِ مفيد آهي ۽ جيڪو گمراهه رهندو ته بيشڪ اها گمراهي سندس لاءِ تباهي آهي ۽ آئون توهان جي مٿان ڪو رکوالو نه آهيان. |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ وَاصبِر حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 109) |
۽ (اي نبي!) تون پيروي ڪر ان هدايت جي جيڪا وحي ذريعي تو ڏي اچي پئي ۽ صبر ڪر جيستائين ڪو فيصلو ڪري الله، ۽ اهو ئي ته آهي بهتر فيصلي ڪرڻ وارو. |