الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 1) |
تعريف الله جي لاءِ ئي آهي، جيڪو ساريءَ ڪائنات جو رب آهي |
الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
بيحد مــِـهر وارو ۽ رحم ڪندڙ آهي |
مٰلِكِ يَومِ الدّينِ (آيت : 3) |
حساب ڪتاب جي ڏينهن جو مالڪ آهي |
إِيّاكَ نَعبُدُ وَإِيّاكَ نَستَعينُ (آيت : 4) |
اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا |
اهدِنَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 5) |
اسان کي سڌو رستو ڏيکار |
صِرٰطَ الَّذينَ أَنعَمتَ عَلَيهِم (آيت : 6) |
انهن ماڻهن وارو رستو جن تي تو انعام فرمايو، |
غَيرِ المَغضوبِ عَلَيهِم وَلَا الضّالّينَ (آيت : 7) |
جن تي نڪي ڪو ڏمر ڪيل آهي ۽ نه ئي ڀٽڪي ويل آهن |