| الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 1) |
|
سڀ حمد فقط الله لاءِ ئي آهي (جيڪو) سڀني جهانن جو پالڻهار |
| الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
|
وڏو مهربان نهايت رحم وارو |
| مٰلِكِ يَومِ الدّينِ (آيت : 3) |
|
جو (بدلي ڏيڻ واري) ڏينهن قيامت جو مالڪ آهي |
| إِيّاكَ نَعبُدُ وَإِيّاكَ نَستَعينُ (آيت : 4) |
|
(اي الله) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا |
| اهدِنَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 5) |
|
ثابت قدم رک اسان کي واٽ سڌيءَ تي |
| صِرٰطَ الَّذينَ أَنعَمتَ عَلَيهِم (آيت : 6) |
|
واٽ انهن جي جن کي تو نعمت عطا ڪئي |
| غَيرِ المَغضوبِ عَلَيهِم وَلَا الضّالّينَ (آيت : 7) |
|
نه (واٽ انهن جي) جن تي ڏمر ٿيو ۽ نه (واٽ) انهن جي جيڪي گمراھ ٿيا. |