| الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 1) |
|
خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي (يعني سهڻين ۽ چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي) جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي. |
| الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
|
ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي. |
| مٰلِكِ يَومِ الدّينِ (آيت : 3) |
|
انهي ڏينهن جو مالڪ آهي، جنهن ڏينهن ماڻهن کي سندن ڪمن جو بدلو ملندو. |
| إِيّاكَ نَعبُدُ وَإِيّاكَ نَستَعينُ (آيت : 4) |
|
(اي خدا) اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ فقط توکان مدد گهرون ٿا. |
| اهدِنَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 5) |
|
(اي خدا) اسان کي (سعادت) جي سڌي واٽ ڏيکار. |
| صِرٰطَ الَّذينَ أَنعَمتَ عَلَيهِم (آيت : 6) |
|
انهن ماڻهن جي واٽ (ڏيکار) جن تي تو نعمتون ڪيون. |
| غَيرِ المَغضوبِ عَلَيهِم وَلَا الضّالّينَ (آيت : 7) |
|
انهن جي واٽ جن تي غضب پيو، ۽ نه انهن جي راھ جي گمراھ ٿيا ۽ واٽ ڀلجي ويا. |