| الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 1) |
|
سڀئي تعريفون الله تعالى لاء آهن جيڪو رب آهي جهانن جو |
| الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
|
نهايت مهربان ٻاجھارو |
| مٰلِكِ يَومِ الدّينِ (آيت : 3) |
|
مالڪ آهي ڏينهن قيامت جو |
| إِيّاكَ نَعبُدُ وَإِيّاكَ نَستَعينُ (آيت : 4) |
|
خاص تنهنجي عبادت ڪريون ٿا ۽ خاص توکان مدد وٺون ٿا |
| اهدِنَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 5) |
|
اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ |
| صِرٰطَ الَّذينَ أَنعَمتَ عَلَيهِم (آيت : 6) |
|
رستو انهن ماڻهن جو جن تي تو نعمت ڪئي آهي |
| غَيرِ المَغضوبِ عَلَيهِم وَلَا الضّالّينَ (آيت : 7) |
|
نه انهن جورستو جن تي تون ناراض آهين ۽ نه گمراهن جو |