القرآن الڪريم

قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو مڪمل ۽ آنلائن

قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ) بابت

عبدالمؤمن ميمڻ



قرآن المجيد جي ھن ترجمي بابت پاڻ لکن ٿا:


قرآن حڪيم جا سنڌي ترجما پهريان به منظرِعام تي کوڙ سارا موجود آهن، مون تقريبًا انهن سمورن ترجمن جو مطالعو ڪيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته انهن ترجمن جي مطالعي جي برڪت سان منهنجي قرآن کي سمجهڻ واري اُڃ تهائين وڌندي رهي. قرآن فهميءَ جي مڪمل سيرابي ته هن مختصر زندگيءَ ۾ ممڪن ڪانهي پر ڪجهه قدر سيرابيءَ جي غرض سان امام الهند مولانا آزاد جي تتبع ۾ ‘مون هي پنهنجو چشمو پاڻ کوٽيو آهي.’
حديث شريف جي جڳ مشهور ڪتاب ”الصحيح المسلم“ جي مصنف امام مسلم نيشا پوريءَ پنهنجي ڪتاب: ”الصحيح المسلم“ جي مهاڳ ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي شاندار ڪئي آهي ته : ”مون جڏهن به ڪا تحرير لکي آهي ته ان جو پهريون مقصد پنهنجو اصلاح ڪرڻ هوندو آهي“.
منهنجي هن علمي جاکوڙ جو به اولين مقصد پنهنجو اصلاح ڪرڻ آهي پر ڇاڪاڻ ته قرآن حڪيم جي ترجمي جو هي چشمو عام شاهراهه تي کوٽيو ويو آهي، تنهن ڪري منهنجي دلي تمنا آهي ته منهنجي مسلمان قوم جا سمورا ماڻهو هن چشمي مان ضرور سُرڪ ڀرين، جنهن به ڀاءُ کي جيتري به سيرابي نصيب ٿيندي ته منهنجي روح کي راحت ميسر ٿيندي.
ترجمو ڪرڻ وقت، منهنجي مطالعي جي ميز تي اردو، سنڌي ۽ عربيءَ جا ڪيترائي ترجما ۽ تفسير موجود رهيا جن مان هر موڙ تي مون استفادي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي ترجمي جي طرز، اسلوب ۽ انداز امام الهند مولانا ابو الڪلام آزاد ؓ جي ترجمي: ’ترجمان القرآن‘جي مطابق آهي پر عربيءَ مان براهِ راست پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ قرآن حڪيم جي سنڌي معنيٰ جو لفظي خزانو منهنجي والدگرامي، منهنجي مُربي ۽ معلم : شيخ القرآن حضرت مولانا در محمد ميمڻ ؓ جي مرهونِ منت آهي.
مون تمام دلجمعيءَ سان ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ترجمي ۾ پروفن جي غلطيءَ جي ڪا به گنجائش نه رهي، مون ترجمي جا پروف پنهنجن عالم سڳورن دوستن کان به پڙهايا آهن. ان جي باوجود جيڪڏهن ڪٿي ڪي غلطيون رهجي ويون آهن ته اهي غلطيون دراصل پروف جون غلطيون ليکبيون جن بابت پڙهندڙن پاران نشاندهي ڪرڻ جي مهربانيءَ تي ٻئي ڇاپي ۾ انهن جي درستگيءَ جو لازمي اهتمام ڪيو ويندو.


قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ) جي ترجمي کي پڙهڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو