توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِذا زُلزِلَتِ الأَرضُ زِلزالَها (آيت : 1) |
جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن زمين زور سان ڌوڏي ويندي،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت (قيامت اچڻ جي ڪري) زمين پنهنجي جنبش مطابق زور سان ڌُٻندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن زمين کي چڱيءَ طرح دٻايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڌوڏي ويندي زمين سخت ڌوڏڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن زمين کي چڱيءَ طرح ڌڏايو ويندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن زمين لرزائي ويندي جيئن ان جو لرزڻ مقرر ٿيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) زَمين زلزلي ۾، وَٺبي جنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن زمين زور سان ڌڏندي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ڌرتي ڏاڍي زور سان ڌوڏي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ڌوڏيو ويندو زمين کي پنهنجي پوري قوت سان ڌوڏيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن زمين کي پنھنجي پوري شدت سان ڌوڏيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَخرَجَتِ الأَرضُ أَثقالَها (آيت : 2) |
۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا يا مردا وغيره) ٻاهر ڪڍندي،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين پنهنجا وزن (بار) ٻاهر ڪڍندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار (خزانا ۽ مردا) ڪڍي ٻاهر ڪندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪڍندي زمين پنهنجا ڳرا بار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ڪڍندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آڻي ٻَهر اُڇليا، ڀُون پَنهنجا بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين پنهنجي اندر جا بار ڪڍي ڦٽا ڪندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڌرتي پنهنجي اندر وارا سمورا بار ٻاهر ڪڍي اڇلائيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪڍي ٻاهر ڪندي زمين پنهنجي اندر جي سموري بار کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زمين پنھنجي (اندر جا) سمورا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الإِنسٰنُ ما لَها (آيت : 3) |
۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماڻهو چوندو ته، ان کي ڇا ٿيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انسان (ڪافر) چوندو هن کي ڇا ٿيو آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪ انسان چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندو انسان ڇا ٿيو آهي ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهو چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انسان چوندو ته: ”ان کي ڇا ٿيو آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهو مُنجِھي چوڻ لڳي، ته هِن سان ڪِهڙي ڪار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انسان چوندو ته ”هي ڇا ٿيو اٿس!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انسان چوندو ته اهو ڇا ٿي رهيو اٿس؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندو انسان ته ڇا ٿي رهيو آهي هن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انسان (حيرت مان) چوندو ته هن زمين کي ڇا ٿي ويو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَئِذٍ تُحَدِّثُ أَخبارَها (آيت : 4) |
اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن زمين پاڻ تي ڪيل عمل ظاهر ڪندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ڏينهن اها پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن بيان ڪندي پنهنجون خبرون ان سببان جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن اها پنهجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن اِها (مٿس رونما ٿيل) پنهنجون سڀ خبرون بيان ڪندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن خاڪ کُلي خبر ڏئي، ٻولي ٻول ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن هوءَ پنهنجيون سڀ خبرون ٻڌائيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن اها (ساڻس وهيل واپريل) حال احوال ڏيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن اها پنهنجي مٿان ٿيل حالتون بيان ڪندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هوءَ پنھنجي مٿان گذريل سڀ احوال ٻڌائيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بِأَنَّ رَبَّكَ أَوحىٰ لَها (آيت : 5) |
ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي (ائين ڪرڻ جو) حڪم ڪيو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ جو بيشڪ توهان جي رب ان کي اهو حڪم ڏنو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته تنهنجي پروردگار کيس حڪم ڏنو هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهنجي رب ان ڏانهن حڪم موڪليو هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن ڪري ته (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ ان کي حڪم ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڪري جو تنهنجي پالڻهار ان کي حڪم ڪيو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اِن پر آگي تُنهنجي، ڪَهيو کيس قهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇو ته کيس سندس رب جو اهڙو حڪم ٿيندو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇو ته تنهنجي رب ان کي (ائين ڪرڻ جو) حڪم ڏنو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇاڪاڻ ته تنهنجي رب (ائين ڪرڻ جو) ان کي حڪم ڏنو هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇوته تنھنجي پالڻھار ان کي حڪم ڏنو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَئِذٍ يَصدُرُ النّاسُ أَشتاتًا لِيُرَوا أَعمٰلَهُم (آيت : 6) |
اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عملن جا نتيجا ڏيکارجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ماڻهو ڇڙ و ڇڙ ٿي (پنهنجي رب ڏانهن) موٽندا، ان لاءِ ته پنهنجا عمل ان کي ڏيکارين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ماڻهو گروھ گروھ ٿي (پنهنجن قبرن مان) اٿندا هن لاءِ ته پنهنجا عمل ڏسن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن ورندا ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي تانته پنهنجا اعمال ڏيکاريا وڃن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ کان) جدا جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عمل ڏيکارجن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ماڻهو (پنهنجي مالڪ جي طرف) مختلف حالتن ۾ موٽندا جيئن سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ماڻهو موٽڻ ماڳ تي، ڌُريون ڌاروڌار، ته پَسِ پورهيا پانهنجا، اَکيَن سان اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ماڻهو ٽولن جا ٽولا ٿي موٽندا، ته سندن عمل ڏسن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن ماڻهو ڌار ڌار ٿي موٽندا، تانته سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن نڪرندا سڀ ماڻهو ڇڙوڇڙ (ٽولا) ٿي جيئن ڏيکاريا وڃن کين سندن عمل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان ڏينھن ماڻهو ٽولا ٽولا ٿي ڪري موٽندا ته جيئن اُنهن کي سندن اعمال ناما ڏيکاريا وڃن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ خَيرًا يَرَهُ (آيت : 7) |
پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي پَسندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري چڱائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪئي ته ان کي ڏسندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪو ڪندو ذره جيترو قدر ڀلائي ته ڏسندو اها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو شخص ذري جيتري ڀلائي ڪندو ته ان کي ڏسندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جنهن ذري برابر نيڪي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي اجر کي ڏسندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چِک چَڱائـِي، جو ڪري، سا ڏسندو وَٽ ڏاتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن ذري جيتري نيڪي ڪئي هوندي، سو ان کي ڏسندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جنهن ذرڙي جيتري به نيڪي ڪئي هوندي ته هو ان کي ڏسندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جنهن ڪئي هوندي ذري برابر به نيڪي، ته اهو ان کي ڏسندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن ماڻهوءَ ذري برابر به نيڪي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَعمَل مِثقالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَرَهُ (آيت : 8) |
۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو شخص (دنيا ۾) ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي پَسندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري بُرائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪئي ته ان کي ڏسندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪندو ذره جيترو قدر برائي ته اها ڏسندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جو شخص ذري جيتري بڇڙائي ڪندو ته ان کي ڏسندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ذري برابر برائي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي بدلي کي ڏسندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ لوڙِيندو لاچار، جو ڀور بَرابر بوڇ ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ذري جيتري برائي ڪئي هوندي، سو ان کي ڏسندو!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن ذرڙي جيتري به بــَـدي ڪئي هوندي ته هو ان کي ڏسندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن ڪئي هوندي ذري برابر به ڪا برائي ته اهو ان کي ڏسندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن ماڻهو ذري برابر به برائي ڪئي هوندي سو ان کي ڏسندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |