توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
لَم يَكُنِ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ مُنفَكّينَ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 1) |
ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن انڪار ڪيو سي (ايسين تائين پنھنجي رسم کان) الڳ ٿيڻ وارا نه ھوا جيسين تائين وٽن پڌري حُجّت (نه) اچي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهل ڪتاب ۽ (مڪي جي) مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي ايستائين (پنهنجي اڳين خود ساخته مذهبي طريقن کان) خلاصا نه ٿي پئي سگهيا، جيستائين انهن وٽ (قرآن جي صورت ۾) ظاهر دليل نه اچي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهلِ ڪتاب (يهودي ۽ نصاريٰ) ۽ مشرڪ (بُت پرست) پنهنجي مذهب کي ڇڏيندڙ نه هئا ايستائين جو انهن وٽ واضح دليل نه اچي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي ڪافر هئا سي ايسيتائين (پنهنجن طريقن کان) باز اچڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ ظاهر دليل نه اچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هئا ڪافر اهل ڪتاب مان ۽ مشرڪ (پنهنجي دين کان جدا) ٿيندڙ تانجو اچي انهن وٽ روشن دليل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي ايستائين (پنهنجي طريقن کان) جدا ٿيڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ ظاهر دليل نه اچي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مشرڪ ايستائين (ڪفر کان) جدا ٿيڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ چِٽو دليل نه اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَري ٿيا نه پاڻ ۾، جِن ڪَئـِي ڪُفر جِي ڪار، قائـِل ڪنهن ڪِتاب جا، پڻ پانڌوڙِي ٻِئي پار، تان اَچينِ حُجت اَلله وَٽان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اڳين ڪتابن وارن ۽ مشرڪن مان جيڪي ڪافر هئا، سي تيستائين ته ڪفر کان رڪجڻ وارا نه هئا، جيستائين وٽن ”چٽو دليل“ نه آيو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي ڪافر هئا (سي پنهنجي ڪفر کان) مڙڻ وارا نه هئا، جيستائين وٽن چٽو ثبوت نه اچي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه هئا اهي جن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان مڙڻ وارا، جيستائين انهن وٽ اچي ڪو روشن دليل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي ماڻهو ڪافر هئا سي پنھنجي (ان ڪفر کان) ايستائين مُڙي وڃڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ ڪو پڌرو دليل نه اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَسولٌ مِنَ اللَّهِ يَتلوا صُحُفًا مُطَهَّرَةً (آيت : 2) |
(يعني) الله جو پيغمبر جو پاڪ صحيفا پڙھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (قرآن جنهن تي نازل ٿيو آهي، اهو) الله جي طرفان اهڙو رسول آهي جو (انهن کي هر قسم جي نقصن کان) پاڪ سورتون پڙهي ٻڌائي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) اهو رسول الله (ﷺ) جيڪو (انهن تي) پاڪ صحيفا پڙهي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) خدا جو رسول جي پاڪ ورق پڙهي ٿو (اچي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله وٽان رسول جيڪو پڙهي صحيفا پاڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو الله جي طرفان اهڙو رسول آهي جو (انهن کي) پاڪ سورتون پڙهي ٻڌائي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو) الله جي طرفان رسول آهي جو پاڪ صحيفا پڙهي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪو مُرسل مڻيادار، پَڙهي پاڪ اُنهن، تي، ڪي نُسخا نُور نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني الله جو رسول، جو کين پاڪ ورق پڙهي ٻڌائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (يعني) الله وٽان هڪ رسول، جيڪو پاڪ صحيفا پڙهي ٻڌائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يعني رسول الله جو پڙهي ٻڌائي کين پاڪ صحيفا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو دليل هي آهي ته) الله تعالى جي طرفان ڪو رسول سڳورو (اَچي کين) پاڪ صحيفا تلاوت ڪري ٻڌائي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيها كُتُبٌ قَيِّمَةٌ (آيت : 3) |
جن ۾ سڌا سنوان لکيل حُڪم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ۾ (نه تبديل ٿيندڙ ۽ زندگيءَ جا مستقل) سڌا سنوان حڪم (۽ اصول) لکيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ۾ انصاف واري لکت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) انهن ۾ (جي) پڪيون پڪيون ڳالهيون لکيل آهن (سي ٻڌائي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن ۾ مضبوط احڪام لکيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن ۾ سڌا سنوان حڪم لکيل آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ۾ سڌا سنوان حڪم لکيل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچا سَنِيها جن ۾، قائـِم بَرقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ۾ سنئيون سڌيون ڳالهيون لکيل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ۾ بلڪل سڌيون ڳالهيون لکيل هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ۾ لکيل هجن سنوان سڌا حڪم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ۾ چٽا (۽ واضح) حڪم بيان ٿيل هجن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تَفَرَّقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنَةُ (آيت : 4) |
۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو سي پاڻ وٽ پڌري حُجّت جي اچڻ کانپوءِ مُختلف ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي اهل ڪتاب هئا، تن کي واضح دليل اچڻ کان پوءِ (گهرجي ها ته قرآن تي ايمان آڻي انساني وحدت جي راهه هموار ڪن ها، پر انهن الٽو) فرقي بازي ڪري ورتي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه فرقه بندي ڪئي اهلِ ڪتاب مگر ان کان پوءِ جو انهن وٽ واضح دليل پهتا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (وڏي ڳالھ ته) اهل ڪتاب جدا جدا (تڏهن) ٿيا جڏهن وٽن کليل دليل اچي چڪو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٽولا ٿيا اهي جو ڏنا ويا ڪتاب مگر ان کان پوءِ جيڪو آيو انهن وٽ روشن دليل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي سي وٽن ظاهر دليل جي پهچڻ کانپوءِ ئي جدا جدا ٿي ويا. (ان ڪري انهن جي اصلاح لاءِ محمد جي ضرورت آهي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پهريان جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو هيو سي هڪ ٻئي کان نه جدا ٿيا مگر ان کان پوءِ جو جڏهن انهن وٽ چِٽو دليل پهچي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قائـِل ڪِنهن ڪِتاب جا، دَڙي ٿيا نه ڌار، مگر آيون اُنهن کي، جڏهن نِشانيون نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي اڳين ڪتابن وارا ته وٽن ”چٽي دليل“ اچڻ کان پوءِ ئي ڇڙوڇڙ ٿيا! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڳي جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، انهن ۾ ڏڦيڙ پيدا نه ٿيو، پر هن کان پوءِ جو وٽن (سنئين واٽ جو) پڌرو بيان اچي چڪو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه هئا فرقا انهن ماڻهن ۾ اهلِ ڪتاب مان، پر هن کان پوءِ جڏهن ته آيو انهن وٽ چٽو دليل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پوءِ جن کي ڪتاب ڏنو ويو انهن پاڻ ۾ اُن وقت اختلاف ڪرڻ شروع ڪيا جڏهن انهن وٽ چٽا دليل اچي چڪا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ حُنَفاءَ وَيُقيمُوا الصَّلوٰةَ وَيُؤتُوا الزَّكوٰةَ وَذٰلِكَ دينُ القَيِّمَةِ (آيت : 5) |
۽ ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو حڪم نه ڪيو وين ته باطل کان مُنھن موڙي الله جي عبادت ڪن ۽ نماز پڙھندا رھن ۽ زڪوٰة ڏيندا رھن ۽ اھو آھي سڌو دين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حالانڪ انهن کي (قرآن ۽ اڳين آسماني ڪتابن جي ذريعي) رڳو هن ڳالهه جو حڪم ڪيو ويو آهي ته، اهي الله جي عبادت ۽ اطاعت ۾ اچن. ان لاءِ عبادت کي خالص ۽ خاص ڪري (ابراهيم جي دين حنفي واري) رستي تي جمع ٿين، ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهوئي (انسانيت جي ترقي ۽ فلاح جو) سڌو سنؤن دين آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي نه حڪم ڪيو ويو مگر اهو ته اهي خالص عقيدي سان الله تعالى جي عبادت ڪن، (ٻين دينن کي ڇڏي) فقط دينِ اسلام ڏانهن مائل هجن ۽ نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين ۽ اهو دين سڌو دين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کي ته رڳو هي حڪم ڏنو ويو هو ته خالص سندس عقيدو رکي باطل کان پري رهي ڪري خدا جي عبادت ڪن. ۽ پابندي سان نماز پڙهن ۽ زڪوات ادا ڪندا رهن ۽ اهو ئي (سڌو سنئون ۽) سچو دين آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه امر ڪيا ويا مگر تانته عبادت ڪن الله جي خالص ڪندڙ ان جي لاءِ دين حق تي رهندڙ ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪواة ۽ اهو سچو دين آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي رڳو هن ڳالهه جو حڪم ڪيو ويو آهي ته اهي الله جي عبادت ڪن. ان لاءِ عبادت کي خالص ڪري ابراهيم جي رستي تي ٿي. ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين۽ اهوئي سڌي سنئين جماعت جو دين آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه انهن کي فقط اهو ئي حڪم ڏنو ويو هيو جو صرف الله جي عبادت ڪن پنهنجي دين کي ان لاءِ خالص ڪندي (باطل کان جدا ٿي) حق ڏانهن يڪسو ٿيندي ۽ نماز قائم رکن ۽ زڪواة ادا ڪن ۽ اهو ئي سڌو دين آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن کي آڇيو، ڪُجھ نَه وِيو ڌاران هِن دَرڪار، ته آجا ٿِي اَلله کي، پُوڄِينِ ساڻ پِيار، مُنهن مالِڪ هيڪ ڏَي، بُتن کان بيزار، ۽ پُورو پَڙهنِ نماز کي، لَهنِ سَقِيمن سار، ۽ دِين اُهو دائـِمًا، پُورهيو پائيدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کين رڳو اهو حڪم ٿيو، ته سچيءَ دِل سان، ٻين سڀني طرفن کان منهن موڙي، هڪ الله جي بندگي ڪن، نماز هميشه پڙهن ۽ زڪوات ڏين_ ۽ اهو ئي سچو دين آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن کي ته اهوئي حڪم ڏنو ويو هو ته، الله جي ٻانهپ ڪن، پنهنجي دين کي خاص انهيءَ لاءِ ئي ڪري، ٻيا سڀ در ڇڏي ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ڏين، اهوئي آهي نهايت صحيح ۽ سنئون سڌو دين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه حڪم ڪيو انهن کي ڪو ٻيو سواءِ ان جي ته بندگي ڪن الله جي بلڪه خالص ڪن پنهنجي دين کي، بلڪل هڪ مَنا ٿي وڃن ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏيندا رهن زڪواة ۽ اهو ئي دين صحيح ۽ درست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه انهن کي هي حڪم ڏنو ويو هو ته هُوپنهنجي دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ۽ هڪ طرفا ٿي ان جي بندگي ڪن. نماز قائم ڪَن، زڪوات ادا ڪن ۽ اهوئي صحيح دين آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَالمُشرِكينَ فى نارِ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أُولٰئِكَ هُم شَرُّ البَرِيَّةِ (آيت : 6) |
بيشڪ ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باھ ۾ پوندا منجھس سدائين رھندڙ ھوندا، اھي ئي (ساريءَ) خلق کان (تمام) بڇڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ (اهڙي چٽي حقيقت جي باوجود به) جن اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان ڪفر ڪيو (تباهيون انهن جو مقدر آهن) سي دوزخ جي باه ۾ پوندا، ان ۾ سدائين پيا رهندا. اهي ئي (انساني وحدت جا ٽوڙيندڙ عناصر) سڄي خلق کان تمام بڇڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب مان ۽ مشرڪن مان، اهي سڀ هميشه جهنم جي باه ۾ هوندا، اهي ئي سموري مخلوق کان وڌيڪ خراب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جي ماڻهو (اڃا تائين) ڪافر آهن سي دوزخ جي باھ ۾ (هوندا ۽) سدائين ان ۾ رهندا. اهي ئي ساري خلق کان تمام بڇڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جهنم جي باھ ۾ هوندا هميشہ رهندڙ ان ۾ اهي ئي مخلوق ۾ برا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان ڪفر ڪيو سي دوزخ جي باه ۾ پوندا ان ۾ پيا رهندا. اهي ئي سڄي خلق کان تمام بڇڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو اهلِ ڪتاب مان ڪافر ٿي ويا ۽ مشرڪ ماڻهو سي دوزخ جي باهه ۾ پوندا اُهي هميشه ان ۾ رهڻ وارا آهن. اُهي ئي سڄي مخلوق ۾ زور بڇڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ ته صاحِب پاڪ کان، ڦِريا جي بِه فُجّار، ڪَنان اَهل ڪِتاب، جي پڻ جي ڀائـِينِ ڀائـِيوار، اُهي سَدا ساڪِن باھِ ۾، آهِين مَنجھ آزار، اُهي آهِن سارئَ خلق ۾، گھڻو خراب، خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارن ۽ مشرڪن مان جن ڪفر ڪيو، سي بيشڪ دوزخ جي باهه ۾ پوندا ۽ هميشه ان ۾ رهندا_ اهي سڄيءَ مخلوق کان بڇڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي، اهي پڪ ئي پڪ جهنم جي باهه ۾ پوندا ۽ سدائين ان ۾ رهندا. اهي ماڻهو بڇڙي ۾ بڇڙي مخلوق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن مان، اهي دوزخ جي باهه ۾ (ضرور ويندا) هميشه ان ۾ رهندا، اهي ماڻهو بدترين مخلوق آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهل ڪتاب ۽ مشرڪن مان جيڪي انڪار ڪندڙ آهن سي هميشه لاءِ جھنم ۾ هوندا. اهڙائي ماڻهو مخلوق مان سڀ کان وڌيڪ بُري مخلوق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ هُم خَيرُ البَرِيَّةِ (آيت : 7) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اھي ئي (ساريءَ) خَلق کان ڀَلا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جن (الله جي قانونن تي) ايمان آندو ۽ (ان مطابق) چڱا ڪم ڪيا سي ئي سڄي خلق ۾ نسورو چڱا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، اهي ئي سموري مخلوق کان وڌيڪ بهتر آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيا سي ئي ساري خلق کان تمام چڱا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون اهي ئي مخلوق ۾ ڀلا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ئي ساري خلق کان تمام چڱا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون اُهي ئي سڄي مخلوق ۾ بهتر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃيو جِن مُورهِين، پڻ چڱا ڪيئون ڪم ڪار، اُهي آهِن سارِئَ خلق ۾ ، نِرمل نيڪو ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي سڄيءَ مخلوق کان ڀلا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي بيشڪ ڀلي ۾ ڀلي مخلوق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل نيڪ ڪيا، اهي ئي يقينًا بهترين مخلوق آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. اهڙائي ماڻهو مخلوق مان سڀ کان بھترين مخلوق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَزاؤُهُم عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ رَبَّهُ (آيت : 8) |
سندن بدلو سندن پالڻھار وٽ ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن انھن ۾ ھميشه سدائين رھندا، الله کائن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اھو (وعدو) انھيءَ لاءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جو بدلو سندن پاليندڙ وٽ رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان (مختلف مشروبن جا) واهه وهن ٿا. انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان (پنهنجي قانون تي هلڻ جي ادا کان) راضي ٿيو ۽ اهي ان کان (واعدو ڪيل ڀلو صلو ملڻ تي سرها ۽) راضي ٿيا. اهو (واعدو) ان لاءِ آهي جو (جنهن جي دل تي) پنهنجي پاليندڙ (جي عظمت) جو خوف طاري ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي جزا انهن جي رب وٽ آهي اهي باغن ۾ رهندا جن جي هيٺان نهرون وهنديون اهي هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا، اها جزا ان ماڻهو جي آهي جيڪو پنهنجي رب کان ڊڄي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جو بدلو سندن پالڻهار وٽ هميشه رهڻ (سهڻ) جا باغ (بستان) آهن. جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ انهن ۾ هميشه رهندا. خدا انهن کان راضي ۽ اهي خدا کان خوش. اهو بدلو خاص ان شخص لاءِ آهي جو پنهنجي پروردگار کان ڊنو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جو بدلو سندن رب وٽ عدن جا بهشت آهن جو وهن پيون انهن جي هيٺان نهرون رهندڙ هوندا انهن ۾ هميشہ راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا ان کان اهو ان جي لاءِ آهي جيڪو پنهنجي رب کان ڊڄي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن جو بدلو سندن پاليندڙ وٽ رهڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان واه وهن ٿا. انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. اهو (وعده) ان لاءِ آهي جو پنهنجي پاليندڙ کان ڊنو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جو بدلو سندن پالڻهار وٽ سدا بهار باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿي ويو ۽ اُهي ان کان راضي ٿي ويا. اهو (وعدو) ان لاءِ آهي جيڪو پنهنجي پالڻهار کان ڊنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اَجر اُنهن جو، پَنهنجي پَروَر پار، بَرسِئل باغ بِهشت جا، وڻ سان، وڻ قطار، هَلنِ هيٺان اُن جي، گَـٺيون مَنجھ گُلزار، اُهي ساڪِن اُن سُکن ۾، سارِي سَڀ ڄَمار، سائـِين سَرهو اُنهن کان، اُهي سَرها کائنسِ سار، اِي هار، سَڀئـِي تِنهن هارِ، جو پَنهنجي پَروَر کان ڊنون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن عيوض سندن رب وٽ دائمي باغ آهن، جن هيٺان نديون وهنديون آهن، هو سدائين توڙ تائين انهن ۾ رهندا، الله هنن کان خوش ٿيو ۽ هو هن کان خوش ٿيا، اهو (انعام) ان لاءِ آهي، جو پنهنجي رب کان ڊڄندو رهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن اجورو سندن رب وٽ سدائين رهڻ واريون جنتون آهن، جن جي هيٺان واهيون وهنديون ۽ هو انهن ۾ سدائين رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ هو الله کان راضي ٿيا. اهو سڀ ڪجهه آهي، انهيءَ شخص لاءِ جيڪو پنهنجي رب کان ڊنو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندن بدلو سندن رب وٽ هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، هو هميشه ان ۾ رهندا، راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي اهي ٿيا (الله) کان، اهو ان شخص لاءِ آهي جيڪو خوف رکي پنهنجي رب جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن لاءِ ئي پنھنجي پالڻھار وٽ هميشه رهڻ وارن باغن جي صورت ۾ بدلو آهي جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون. اُهي اُن ۾ هميشه هميشه لاءِ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿي ويو ۽ هُو الله تعالى کان راضي ٿي ويا. اهو (وعدو) ان ماڻهوءَ جي لاءِ آهي جيڪو پنھنجي پالڻھار کان ڊنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |