توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةِ القَدرِ (آيت : 1) |
بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي، (جڏهن دنيا وحي جي روشنيءَ کان محروم ٿي هوش وڃائي ويٺي هئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي شبِ قدر ۾ نازل فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان هن قرآن کي قدر جي رات ۾ نازل (ڪرڻ شروع) ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان نازل ڪيو ان کي قدر جي رات ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ان (قرآن) کي وڏي شان واري رات ۾ نازل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيوسون قدرت رات، نازِل اِنهئ نُور کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان هن (قرآن) کي ”قدر جي رات“ لاٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن (قرآن) کي قدر واريءَ رات ۾ (يعني مخلوق جي تقدير مقرر ڪرڻ واري عظيم الشان رات ۾) نازل ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان نازل ڪيو آهي هن (قرآن) کي شب (رات) قدر ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان هن (قرآن مجيد) کي قدر واري رات ۾ نازل ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ ما لَيلَةُ القَدرِ (آيت : 2) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان کي ڪنهن ڄـاڻايو ته شبِ قدر ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڪهڙي آهي قدر جي رات .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته وڏي شان واري رات ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِهڙي رات قدر جِي، سا ڪِنهن سَمجھايئـِي بات؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪنهن سمجهايو، ته ”قدر جي رات“ ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته قدر واري رات ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪهڙي خبر توکي ته شب (رات) قدر ڇا آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان کي ڪهڙي خبر ته قدر واري رات ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيلَةُ القَدرِ خَيرٌ مِن أَلفِ شَهرٍ (آيت : 3) |
شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قدر جي اها رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شبِ قدر ته هزار مهينن کان ڀلي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قدر جي رات (درجي ۽ عمل ۾) هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قدر جي رات ڀلي آهي هزار مينهن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قدر جي رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قدر واري رات هڪ هزار مهينن کان ڀلي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَزار وَرهين کان هيڪڙي، ڀَلـِي مَنجھ بَرڪات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) .قدر جي رات“ هزار مَهِينن کان ڀلي آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قدر واري رات هزار مهينن کان وڌيڪ ڀلي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رات قدر جي ڀلي آهي هزار مهينن کان به وڌيڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قدر واري رات هزار مھينن کان وڌيڪ بھتر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنَزَّلُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ فيها بِإِذنِ رَبِّهِم مِن كُلِّ أَمرٍ (آيت : 4) |
منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀئي ملائڪ ۽ روح (حضرت جبرائيل) سندن پاليندڙ جي حڪم سان ان رات ۾ سڀڪنهن سپرد ڪيل ڪم (جي پوري ڪرڻ) لاءِ لهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ رات ۾ فرشتا ۽ جبريل امين پنهنجي رب جي حڪم سان لهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان رات ۾ سڀئي ملائڪ ۽ روح (امري) پنهنجي پالڻهار جي طرفان سموري سال جي هر ڳالھ جا حڪم کڻي نازل ٿين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لهن ٿا ملائڪ ۽ روح ان ۾ پنهنجي رب جي اذن سان هر امر سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀئي ملائڪ ۽ روح سندن پاليندڙ جي حڪم سان ان رات ۾ سڀ ڪنهن ڪم (جي پوري ڪرڻ) لاءِ لهن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان ملائڪ روح (الامين جبريل) لهندا آهن هر ڪم جي واسطي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رُوح، مَلڪ ڪن مَنزلون، تِنهن ۾ تحقيقات، اَمر سان اَلله جي، ڏيهَنِ وِراهِن ڏات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ ملائڪ ۽ پاڪ روح سندن رب جي حڪم سان سڀني ڪمن لاءِ لهن ٿا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ملائڪ ۽ روح منجهس پنهنجي رب جي حڪم سان هر حڪم کڻي لهندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لهن ٿا ملائڪ ۽ جبريل ان ۾ حڪم پنهنجي رب جي سان سڀئي کڻي حڪم (احڪام)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن (رات) ۾ ملائڪ ۽ روح (يعني جبرائيل$ ) پنھنجي پالڻھار جي اجازت سان سڀ حڪم کڻي نازل ٿيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَلٰمٌ هِىَ حَتّىٰ مَطلَعِ الفَجرِ (آيت : 5) |
اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها (رات) پرهه ڦٽيءَ تائين (ساڳي صفت ۽ برڪت سان سراسر) سلامتي واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ رات ۾ پرهه ڦُٽيءَ تائين هر ڳالهه کان سلامتي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي رات پرھ ڦٽي تائين (سراسر) سلامتي واري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سلام اهو فجر جي اڀرڻ تائين آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها (رات) پرهه ڦٽيءَ تائين (سراسر) سلامتيءَ واري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها رات سلامتي واري آهي پِرهه ڦُٽيءَ تائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان پِرھ ڦُٽِي پِرڀات، آهي سُک سَلامتِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها پرهه ڦٽڻ تائين سلامتيءَ واري آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها رات سلامتي ئي سلامتي آهي، ويندي باکَ ڦٽڻ (اسر) تائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سلامتي واري آهي اها رات پرهه ان جي ڦٽڻ تائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها رات باک ڦٽي (يعني سحري جي ختم ٿيڻ وقت) تائين سلامتي واري آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |