توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
اقرَأ بِاسمِ رَبِّكَ الَّذى خَلَقَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پالڻهار جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي. (۽ پيدا ڪري اوسر جا سامان به عطا ڪيا اٿس).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي نالي سان پڙهو، جنهن پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) پنهنجي پروردگار جي نالي سان پڙھ (جنهن هر شيءِ کي) پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڙھ نالو رب پنهنجي جو جنهن پيدا ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) تون پنهنجي پاليندڙ جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پڙهه پنهنجي پالڻهار جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڙھ، پَنهنجي پالڻهار جي، نالي ساڻ نِبار، جوڙيا جِنهن جَھان ۾، سَڀ جِنسون ۽ جِنسار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڙهه، پنهنجي رب جي نالي سان، جنهن خلقيو آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڙهه (اي نبي) پنهنجي رب جي نالي ساڻ جنهن پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڙهه (اي نبي) نالي پنهنجي رب جي سان، جنهن پيدا ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙهه، جنھن پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن عَلَقٍ (آيت : 2) |
ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس (پوءِ انسان جي جسم ۾ سڌريل سرشتي سان رت کي گردش ڪرايو اٿس.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انسان کي رت جي دِڳ مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انسان کي رت جي دڳ مان بڻايو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين انسان کي رت جي دڳ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن انسان کي رت جي دِڳَ مان پيدا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُپايو اِنسان کي، ڄَر مان ڄاڻڻ هار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن انسان کي رت جي دِڳ مان خلقيو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رت جي دڳ مان انسان کي خلقيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيدا ڪيو انسان کي رت جي دڳ مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن انسان کي رت جي دِڳَ مان پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اقرَأ وَرَبُّكَ الأَكرَمُ (آيت : 3) |
پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڙهه (جو وحي جي تعليم انسان ذات جو سمورو سرشتو سڌاري هلڻ جي ڪفيل آهي) تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي. (۽ ان انساني اوسر جا سامان فراوانيءَ سان بڻايا آهن انسان رڳو ان طرف متوجهه ٿئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان پڙهو ۽ توهان جو رب وڏو ڪريم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڙھ! تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڙهه تون ۽ تنهنجو رب وڏي عزت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پڙهه تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پڙهه ۽ تنهنجو پالڻهار وڏو ڪريم آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڙھ، ۽ پَروَر تُنهنجو، آهي ڪَرم ڌَڻِي ڪَلتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڙهه، ۽ تنهنجو رب وڏيءَ عزت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڙهه ۽ تنهنجو رب ڏاڍو سٻاجهو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڙهه ۽ تنهنجو رب وڏو ڪريم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پڙهه! ۽ تنھنجو پالڻھار وڏي عزت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى عَلَّمَ بِالقَلَمِ (آيت : 4) |
جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن قلم سان (مفيد شين جو لکڻ) سيکاريو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو رب جنهن قلم سان (لِکڻ وغيره) سيکاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن قلم سان سيکاريو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن علم سيکاريو قلم سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن قلم سان سيکاريو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن قلم جي ذريعي (علم) سيکاريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪانِي ڪانهن قلم سان، سيکاريو سَتّار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن انسان کي قلم سان علم ڏنو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن قلم وسيلي علم سيکاريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن علم سيکاريو قلم جي ذريعي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن قلم ذريعي (انسان کي علم) سيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلَّمَ الإِنسٰنَ ما لَم يَعلَم (آيت : 5) |
ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انسان کي (زندگيءَ جون سهولتون پسڻ لاءِ) اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انسان کي ان سيکاريو جيڪو اهو نه ڄاڻندو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انسان کي اهو ڪجھ سيکاريائين جنهن جي خبر ئي نه هيس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سيکاريائين انسان کي اهو جو نه ڄاتائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان کي اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن انسان کي اُهو ڪجهه سيکاريو جيڪو هُو نه ڄاڻندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو سيکاريئـِين ماڻهئـِين، جِنهن جِي سُڌ نه هُيَنِ سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انسان کي اهو سيکاريائين، جيڪي نه ڄاڻندو هو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان کي اهو علم ڏنائين، جنهن کي هو نه ڄاڻندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) علم ڏنو انسان کي جنهن کي اهو نه ڄاڻندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن انسان کي اهڙيون ڳالهيون سيکاريون جيڪي کيس معلوم نه هيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا إِنَّ الإِنسٰنَ لَيَطغىٰ (آيت : 6) |
سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خبردار ٿي بيشڪ انسان (انهن سهولتن کي عياشيءَ جي حدن تي آڻي ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بيشڪ انسان نافرماني ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار ٿيو ته انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي ٿو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بيشڪ انسان البته سرڪشي ڪري ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار ٿي بيشڪ انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! بيشڪ انسان سرڪشي ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ ته سَمجھيو پاڻ کي، جي ماڻهوءَ مالدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر انسان تڏهن آڪڙ ٿو ڪري(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، انسان بغاوت ٿو ڪري(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه (خبردار) بيشڪ انسان سرڪشي ڪندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! (ان جي باوجود به) بيشڪ انسان بغاوت تي لهي آيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَن رَءاهُ استَغنىٰ (آيت : 7) |
جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن ڪري جو هو پاڻ کي (وحي جي رهنمائي کان) بي پرواهه سمجهي ٿو(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت اهو پاڻ کي غني ڏسي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن انسان پاڻ کي “غني” ٿو ڏسي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هن سببان جو ڏٺائين پاڻ کي ته غني بنجي ويو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن ڪري جو هو پاڻ کي بي پرواه ڏسي ٿو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن ڪري جو اُهو پاڻ کي بي پرواهه ڏسي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مُرڳو چَڙهندو مَٿڀرو، خُوءِ ۾ پَئـِي خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن پاڻ کي بي پرواهه ڏسي ٿو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڪري جو هو پاڻ لاءِ ڀانئي ٿو ته کيس ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ڏسي ٿو پاڻ کي بي پرواهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڪري جو هو پنھنجو پاڻ کي بي پرواهه سمجهي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ إِلىٰ رَبِّكَ الرُّجعىٰ (آيت : 8) |
بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر ڀلي هو ڪيتري به هٻڇ ۽ سرڪشي ڪري) بيشڪ (آخرڪار کيس) تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ (سڀني کي) توهان جي رب ڏانهن موٽڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجي پروردگار ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تنهنجي رب ڏانهن موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) بيشڪ تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهن جي پَروَر پار، آهي مُقرَر موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ توکي پنهنجي رب ڏي موٽڻو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (حالانڪه) موٽڻو ته بيشڪ تنهنجي رب ڏانهن ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جڏهن ته) بيشڪ تنهنجي رب ڏي ئي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه (توهان کي) پنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي موٽڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَرَءَيتَ الَّذى يَنهىٰ (آيت : 9) |
اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڀلا ان شخص جو حال ٻڌاءِ ته جو (الله جي)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان ماڻهو کي نه ڏٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا تو ان شخص کي به ڏٺو آهي جيڪو روڪي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڏٺو تو ان کي جيڪو روڪي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا ٻڌاءِ ته جو (الله جي)ٻانهي (محمد) کي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جيڪو روڪي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِئين ٿو پَنهنجي قَلب م، تِنهن ڀُلئي کي ڀائـِين؟ ته بَندش بَندي تي وِجھي، سَجدي، کان سائـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان شخص کي ڏٺئي، جيڪو روڪ ٿو ڪري؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تو انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏٺو، جيڪو روڪي ٿو،(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو ڏٺو ان ماڻهو کي جيڪو روڪي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو روڪي ٿو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَبدًا إِذا صَلّىٰ (آيت : 10) |
(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٻانهي کي سندس (اطاعت ڪرڻ ۽) نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو رسولِ عربيءَ کي نماز پڙهڻ کان روڪي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ بندي کي جڏهن اهو نماز پڙهي ٿو ته اهو (کيس) روڪي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻانهي کي جڏهن نماز پڙهيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندس نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله جي) ٻانهي کي جڏهن اُهو نماز پڙهي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن پَڙهيائـِين، نَمِي فَرض نماز جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نماز پڙهندڙ ٻانهي کي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي ٻانهي کي جڏهن هو نماز پڙهي ٿو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هڪ ٻانهي کي جڏهن هو نماز پڙهي پيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (منهنجي) ٻانهي (ﷴ ﷺ) کي جڏهن هو نماز پڙهي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَرَءَيتَ إِن كانَ عَلَى الهُدىٰ (آيت : 11) |
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڀلا ٻڌاءِ ته اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جيڪڏهن اهو هدايت تي هجي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا ڏس ته اهو (خدا جو بندو) جڏهن سڌي راھ تي هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڏٺو تو جيڪڏهن اهو هدايت تي هجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا ٻڌاءِ اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا ڏس ته جيڪڏهن اُهو هدايت تي هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳُوڙهو هِن ڳالھ تي، وَرتئـِي ڪو ويچار؟ جي هُوندو هِدايت تي، ثابِت هِي سَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا ڏس، ته جيڪڏهن هو سنئين واٽ تي هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا تنهنجو ڇا خيال آهي، جيڪڏهن اهو (ٻانهو) هدايت تي هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا خبر ڏي جيڪڏهن هجي اهو (بندو) سڌي راهه تي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مخاطب!) اهو ته ڏسو: جيڪڏهن اهو (نماز پڙهندڙ ٻانهو) سڌي راهه تي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو أَمَرَ بِالتَّقوىٰ (آيت : 12) |
يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (ٻين کي به ان) نيڪوڪاريءَ جو حڪم ڪندو. (ته ان کي روڪڻ ٺهي ٿو؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا پرهيزگاريءَ جو چوي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا پرهيزگاري جو حڪم ڪري (ته روڪڻ ڇا جو ۽ ڇو؟).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا امر ڪري تقوى جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا پرهيزگاري جو حڪم ڪندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا پرهيزگاري جو حڪم ڪري ها (ته ڪهڙو نه چڱو هجي ها).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ پاڙي پَند پَرهيز جِي، آڇ ڪَيئن اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا نيڪيءَ جو حڪم ڪري! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا پرهيزگاريءَ جي تلقين ڪندو هجي؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا حڪم ڪندو هجي پرهيزگاريءَ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا (هو ٻين کي) پرهيزگاري جي تعليم ڏيندو هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَرَءَيتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 13) |
ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڀلا ٻڌاءِ ته (الله جي عبادت ۽ نيڪوڪاريءَ کان روڪڻ وارو) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو (ڪرڻ جي پروپگنڊه) ڪندو وتي ۽ پاڻ به منهن موڙي. (ائين ڪرڻ ان کي جڳائي ٿو؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان کي نه ڏٺو جو جنهن وقت ان تڪذيب ڪئي ۽ مُنهن موڙيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن هن سچي کي ڪوڙو ڪيو ۽ (هن) منهن موڙيو ته (نتيجو ڇا نڪرندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڏٺو تو جيڪڏهن ڪوڙو چوي ۽ پٺي ڏئي وڃي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا ٻڌاءِ ته (نماز کان روڪڻ واري) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو ڪيو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا ڏس ته جيڪڏهن ان ڪوڙو چيو ۽ مُنهن موڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تفاوت ٻي طرف جو، تورئـِي ڪو تڪرار، جي ڪوڙ ڪيائـِين پَڌرا، يا مُنهن موڙئـِين ٻئي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا ڏس ته جيڪڏهن هو (سچي دين کي) ڪوڙ بنائي ۽ منهن موڙي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو ڇا خيال آهي، جيڪڏهن (اهو روڪڻ وارو شخص حق کي) ڪوڙو سڏيندو هجي ۽ منهن موڙيندو هجي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا خبر ڏي جي (اهو) ڪوڙو ڪندو هجي (حق کي) ۽ منهن موڙي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مخاطب!) اهو ته ڏسو: جيڪو شخص (هروڀرو رسول سڳوري کي) ڪوڙو ڪري ٿو ۽ (قرآن کان) منھن موڙي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم يَعلَم بِأَنَّ اللَّهَ يَرىٰ (آيت : 14) |
ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله (جو مڪافات وارو قانون سندس سڀني حرڪتن کي) ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهو نٿو ڄاڻي ته بيشڪ الله تعالى ڏسي پيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا ان کي خبر نه آهي ته خدا پڪ ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڄاتائين ته بيشڪ الله ڏسي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهن موڙيو ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله ڏسي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا نه ٿو ڄاڻي ته الله ڏسي رهيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ناهِسِ سُڌ سَنڀار، ته سَڀ ڪُجھ ڏِسي ڏيہ ڌڻي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو سمجهي نٿو ته الله کيس ڏسي ٿو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهو نٿو ڄاڻي ته الله ته ڏسي ٿو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا نٿو ڄاڻي اهو ته بيشڪ الله ڏسي رهيو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته ڇا اُهو نٿو سمجهي ته الله تعالى ان (جي بغاوت) کي ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا لَئِن لَم يَنتَهِ لَنَسفَعًا بِالنّاصِيَةِ (آيت : 15) |
ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻي وٺ ته جيڪڏهن (پنهنجي فتني باز حرڪتن کان) نه رڪيو ته، ضرور ان کي مٿي جي وارن کان (جهلي) گهلينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! جيڪڏهن اهو باز نه آيو، ته اسين يقيناً ان کي پيشاني کان پڪڙينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار ٿئي! جيڪڏهن نه مڙندو ته (کيس) ضرور چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسونس،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه البته جيڪڏهن نه رڪجندو ته البته گهلينداسون ان کي پيشانيءَ جي وارن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار ٿي جيڪڏهن نه جهلبو ته ضرور ان کي چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! جيڪڏهن اُهو باز نه آيو ته ضرور ان کي پيشاني جي وارن کان جهلي گهلينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خَبردار، خَطا کان، جي بَس نه ڪندو بَدڪار، ته وَٺنداسون وارن ۾، جي نَيا سِر نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد رکي، جيڪڏهن باز نه ايندو، ته اسين کيس نراڙ (جي وارن) کان جهلي گهلينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هرگز نه، جيڪڏهن هو باز نه آيو ته اسان سندس پيشانيءَ جي ڄــنڊن کان وٺي گــِــهلينداسونس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه (خبردار!) جيڪڏهن نه مڙيو ته ضرور گهلينداسين ان کي پيشانيءَ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! جيڪڏهن هو (پنھنجي انهن ڪريل حرڪتن کان) نه مڙيو ته اسان کيس پيشاني جي وارن کان پڪڙي گھلينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ناصِيَةٍ كٰذِبَةٍ خاطِئَةٍ (آيت : 16) |
اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو مٿو (الله جي قانونن کي) ڪوڙو ڪندڙ ۽ خطاڪار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها پيشاني جيڪا ڪوڙي آهي (۽) گنهگار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جا چوٽي ڪوڙي گنهگار جي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيشاني ڪوڙي خطا ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا چوٽي ڪوڙي گنهگار آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها پيشاني جا ڪوڙي (۽) خطاڪار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نِراڙ نِسورو ڪوڙ تي، کوٽو خطا ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو نراڙ، جو ڪوڙو ۽ گناهن ڀريل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ پيشانيءَ کي جيڪا ڪوڙي آهي، ڏوهي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيشاني جيڪا ڪوڙي آهي سخت خطاڪار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها پيشاني جيڪا ڪوڙي ۽ (الله تعالى جي اڳيان نه جهڪڻ ڪري) وڏي گنهگار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَليَدعُ نادِيَهُ (آيت : 17) |
پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهريءَ وارن (حامين) کي سڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڀلي اهو پنهنجي مجلس وارن کي پڪاري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڀلي سڏي گڏ ويهندڙن پنهنجن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَرته وَهارن پانهنجي، ٻاڪاري ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڀل ته هو پنهنجن سنگتين کي سڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀل سڏي وٺي پنهنجي حمايتين جي ٽولي کي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڀلي سڏي وٺي پنهنجو ٽولو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کيس موڪل اٿس ته) ڀلي پنھنجي حمايتين کي سڏي وٺي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَنَدعُ الزَّبانِيَةَ (آيت : 18) |
اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسين به پنهنجي سپاهين (يعني سخت عذاب ڪندڙ ملائڪن) کي سڏينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين به فوراً پنهنجي عذاب وارن ملائڪن کي سڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين به پنهنجن جلاد فرشتن کي سڏينداسون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد سڏينداسون جهنم جي ملائڪن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسين به پنهنجي سپاهين کي سڏينداسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان به جلد (عذاب جي) ملائڪن کي سڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگھو سَڏِينداسون اَسِين، تڪڙو تُرت تيار، دَوزخ جي دربانن کي، قهر جن جِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان به عذاب جي فرشتن کي سڏي وٺنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسين به سڏينداسين عذاب جي فرشتن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان به دوزخ جي ملائڪن کي گهرائي وٺنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا لا تُطِعهُ وَاسجُد وَاقتَرِب (آيت : 19) |
ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خبردار (اي رسول انهن سان ڪابه مفاهمت ٿيڻي ناهي) متان انهن جو چيو مڃين ۽ تون (پالڻهار جو) سجدو ڏي ۽ (الله جي) ويجهڙائي حاصل ڪندو وڃ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! ان جي ڪا ڳالهه نه ٻُڌو ۽ توهان (هميشه) سجدو ڪريو ۽ (مون کي) ويجھا ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڏسو! ڪڏهن به ان جو چيو نه مڃج ۽ سجدا ڪندو رھ ۽ قرب حاصل ڪندو رھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه نه چوڻ ڪر ان جو ۽ سجدو ڪر ۽ وڌيڪ ويجهو ٿي . السجدة(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار متان ان جو چيو مڃين ۽ تون سجدو ڏي ۽ الله جي ويجهڙائي حاصل ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! ان جو چيو نه مڃجانءِ ۽ سجدو ڪر۽ (اسان جي) ويجهو ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَڙھ تِنهنجي لَڳ نَه تون، هِنيون رَک هوشيار، ۽ جُھڪ اڳيون جَبّار، ۽ ويجھو ٿِي وِصال کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! سندس چيو نه مڃ، سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجهو ٿي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، تون ان جي ڳالهه نه مڃ ۽ سجدو ڪر ۽ (پنهنجي رب جي) ويجهو ٿيءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه (خبردار) نه مڃ ان جي ڳالهه ۽ سجدو ڪر ۽ قرب وٺ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) خبردار! (اي نبيﷺ!) تون ڪڏهن به ان جي ڳالهه نه مڃجانءِ. بس تون (الله تعالى جي اڳيان) سجدو ڪر ۽ ان جو قرب حاصل ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |