توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالتّينِ وَالزَّيتونِ (آيت : 1) |
انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انجير ۽ زيتون (جي سر زمين) جو قسم!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي انجير جو، قسم آهي زيتون جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انجير ۽ زيتون(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انجير جو ۽ زيتون جو قسم آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انجير ۽ زيتون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي انجير جو قسم آهي زيتون جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ساک اِنجِير جي، پڻ زيتون زير نِگاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن: انجير ۽ زيتون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي انجير جو ۽ زيتون جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي انجير جو ۽ زيتون جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي انجير ۽ زيتون جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَطورِ سينينَ (آيت : 2) |
۽ طُور سينا جو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ طور سينا. (جبل ۽ واديءَ جو قسم)!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي طور سينا (جبل) جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ طور سينا جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) برڪتن واري طور جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ طورسينا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قسم آهي سينا (جي جبل) طور جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پڻ ساک سِينِين جِي، جو جَبل جَلوه گاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) طور سينا (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ طور سينا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي طور سينا جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي طور سيناء (جبل) جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهٰذَا البَلَدِ الأَمينِ (آيت : 3) |
۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو قسم آهي (جن مان حق جا آواز اٿيا آهن)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي بلدالامين (مڪه مڪرمه) جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو قسم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هن امين شهر جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن امن واري شهر(مڪي) جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قسم آهي هن امن واري شهر (مڪي) جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ شاهِدِي هِن شَهر جِي، جو پُشتا پُشت پَناھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هي امن وارو شهر، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن شهر (مڪي) امن واري جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ قسم آهي هن امن واري شھر (مڪي پاڪ) جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى أَحسَنِ تَقويمٍ (آيت : 4) |
ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي اندازي سان (۽ بهترين صلاحيتن سان) پيدا ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تمام سهڻي صورت ۾ پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي اندازي ۾ پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق پيدا ڪيوسون انسان کي نهايت سهڻي صورت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي انداز ۾ پيدا ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي بناوت ۾ پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اَسان هِن اِنسان کي، عَجب اُپايو آھ، برابر بِيهڪ ۾، سَنئون سُهڻو واھ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ اسان انسان کي تمام سهڻي بناوت ۾ پيداڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انسان کي سهڻيءَ ۾ سهڻي بناوت ۾ پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ پيدا ڪيوسين انسان کي تمام سهڻي انداز (نموني) ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته بيشڪ اسان انسان کي بھترين انداز ۾ پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ رَدَدنٰهُ أَسفَلَ سٰفِلينَ (آيت : 5) |
وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (جيڪو انسان نافرماني ۽ ذاتي مفاد پرستين جي واٽ وٺي ٿو ته) ان کي اسان سڀ کان هيٺاهون ڦٽي ڪري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان ان کي هيٺ کان وڌيڪ هيٺ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اسان ان کي (پوڙهو ڪري) آهستي آهستي هيٺينءَ کان هيٺينءَ حالت ڏي موٽايو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ موٽايوسون ان کي هيٺان کان هيٺ حالت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان ان کي هيٺين کان به هيٺينءَ حالت ڏي موٽايو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کي هيٺين کان هيٺين حالت طرف موٽايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هَٽايو سُونسِ هيٺ وَرِي، تَرو تَر تباھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (سندن بُرن ڪمن سبب) کيس نهايت خراب حالت ۾ ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري ان کي پوئتي موٽائي سڀني هيٺين کان هيٺ حالت ۾ ڪري ڇڏيوسونس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان کي ابتو ڦيرائي سڀني هيٺاهين کان هيٺ ڪيوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (نافرمانين سبب) اسان کيس هيٺين کان به هيٺ ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 6) |
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن (خدائي قانونن جي سچاين تي) ايمان آندو ۽ (ان مطابق) چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کٽ موقعا ۽ اجر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ انهن لاءِ اجر آهي جيڪو ختم ٿيندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون پوءِ انهن جي لاءِ اڻ کٽ اجر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کُٽ اجر آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا، انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جِن مَڃيو، ۽ ڪيئون، چڱايون، سِين چاھ، پوءِ اَکٽ آهِن اُنهن لئي، دَرجا مَنجھ دَرگاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ بي شمار اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ انهن ماڻهن جي، جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون، انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، پوءِ انهن جي لاءِ اجر آهي بي حساب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي لاءِ اَڻ کُٽ اجرآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما يُكَذِّبُكَ بَعدُ بِالدّينِ (آيت : 7) |
پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اي انسان! هن (ابدي حقيقت ۽ تاريخي شهادت) کان بعد ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا توکان جزا سزا ملڻ جو انڪار ڪرائي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (اي انسان) توکي ڪهڙي شيءِ دين کان تڪذيب ڪرائي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) اهڙين ثابتين کان پوءِ تو کي روز جزا جي باري ۾ ڪير ڪوڙو ڪري سگهي ٿو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪير توکي ڪوڙو چوي ٿو ان کان پوءِ جزا ۽ سزا جي باري ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اي انسان! هن کان پوءِ ڪهڙي شيءِ توکان جزا سزا ملڻ جو انڪار ڪرائي ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي) ان کان پوءِ ڪير آهي جيڪو جزا سزا بابت توکي ڪوڙو سمجھندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَڃائـِي، اِنصاف ۾، جو مُقرّر مَحشرگاھ، توکي ڪُوڙو ڪير چوي؟ اي مُرسل مِهر نِگاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون انهي هوندي به ڇا جي ڪري ٿو قيامت کي ڪوڙو سمجهين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (اي نبي) هن کان پوءِ ڪير ٿو توکي حساب ڪتاب جي معاملي ۾ ڪوڙو سڏي سگهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) توکي جزا ۽ سزا (عملن جي بدلي) ۾ ڪير ڪوڙو ڪري ٿو سگهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!آخر) هن ڳالهه کان پوءِ ڪير توکي قيامت جي باري ۾ ڪوڙو ڪري سگهي ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَيسَ اللَّهُ بِأَحكَمِ الحٰكِمينَ (آيت : 8) |
حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا الله سڀني حاڪمن کان زبردست (اختيار ۽ اقتدار وارو) حاڪم نه آهي. (جو تون ان جي حڪمن تي هلي ٻنهي جهانن جي ڪامرانيءَ واري زندگي ماڻين ۽ ٻنهي جهانن ۾ پستين کان بچين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا الله تعالى احڪم الحاڪمين ناهي؟ (ها. آئون ان تي گواه آهيان ته اهو احڪم الحاڪمين آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا خدا سڀني حاڪمن کان زبردست حاڪم نه آهي؟ (بيشڪ آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا الله حاڪمن جو حاڪم ناهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا الله سڀني حاڪمن کان زبردست حاڪم نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا الله سڀ حاڪمن کان وڏو حاڪم نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، آهي ڪِين اَلله، حاڪِم حاڪِمن جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، الله حاڪمن جو حاڪم ناهي؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم ناهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ناهي الله وڏو حاڪم سڀني حاڪمن کان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا الله تعالى سڀني حاڪمن کان وڏو حاڪم نه آهي؟ (ڇو نه ، مان ان ڳالهه جي گواهي ڏيڻ وارن مان آهيان).(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |