توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
أَلَم نَشرَح لَكَ صَدرَكَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا اسان تو لاءِ (پنهنجي وحي ذريعي زندگيءَ جون سڀ راهون روشن ڪري) تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي ڇا اسان توهان جي سيني کي (وسيع علم ۽ حڪمت لاءِ) ڪشادو نه ڪيو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا اسان تنهنجو سينو (علم سان) ڪشادو نه ڪيو. (بيشڪ ڪيو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه کوليو اسان تنهنجي لاءِ تنهنجو سينو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر!) ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو (اسرار ۽ انوار لاءِ) ڪشادو نه ڪيوسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا کوليو سون نه خير سان؟ هنيون تو هوشيار!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان تنهنجو قلب تولاءِ ڪين کولي ڇڏيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪري ڇڏيو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ڇا نه کولي ڪشادو ڪيو اسان تنهنجي لاءِ سينو تنهنجو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڇا اسان تنھنجي سيني کي تنھنجي لاءِ ڪشادو نه ڪيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَضَعنا عَنكَ وِزرَكَ (آيت : 2) |
۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان توتان (ابتدائي مرحلن ۾ آيل سختيءَ جو) اهو بار لاٿو، (۽ تنهنجي ساٿين جي هڪ جماعت تيار ٿي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان توهان تان توهان جي ان بار کي (امت جي بخشش جو انتظار) نه لاٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تو تان اهو بار لاٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لاٿو اسان توتان تنهنجو اهو بار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان توتان اهو بار لاٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تو تان تنهنجو بار لاهي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ لاٿو سون لُطف سان، بَرسِر، توتان بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توتان اهو بار لاٿوسون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تو تان اهو ڳرو بار لاهي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لاٿوسين توتان اهو ڳرو بار تنهنجو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان توکان اهو بار لاٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى أَنقَضَ ظَهرَكَ (آيت : 3) |
جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن (بار) تنهنجي پٺ کي ڳرو ڪيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو توهان تي ڳرو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن تنهنجي ڪمر ٽوڙي ڇڏي هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جو ڳرو هو تنهنجي پٺيءَ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن تنهنجي پٺ کي ڳرو ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن تنهنجي پٺي کي ڳرو ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَڳِي هُئـِي، جنهن بار سان، تُنهنجي پُٺ تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو تنهنجي پٺن کي ڀڃي رهيو هو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن تنهنجي چيلهه پئي ڀڳي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڀڳي ٿي پٺي تنهنجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن تنھنجي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَفَعنا لَكَ ذِكرَكَ (آيت : 4) |
۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان تو لاءِ (پنهنجي موڪليل پروگرام جي عظمت سان) تنهنجي تعريف بلند ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڇا اسان خاص توهان لاءِ توهان جي ذڪر کي بلند نه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تنهنجي ذڪر کي بلند ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلند ڪيو اسان تنهنجي لاءِ تنهنو ذڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان تو لاءِ تنهنجي تعريف بلند ڪئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان تنهنجي خاطر تنهنجو ذڪر بلند ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چاڙهيو سون، پڻ چوٽئـِين، تُنهنجو هُل هر پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجي نالي کي تولاءِ مٿاهون ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تنهنجي خاطر تنهنجي نيڪ نامي بلند ڪري ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مٿانهون (بلند) ڪيوسين تو لاءِ ذڪر تنهنجو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان تنھنجي لاءِ تنھنجي تعريف کي وڏي بلندي (يعني شھرت) عطا ڪري ڇڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 5) |
ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (انهن عارضي تڪيلفن کان بد دل نه ٿيءُ) بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يقيناً اسان ايئن ڪرڻ فرمايو) پوءِ بيشڪ ڏکن سان گڏ سک آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بيشڪ تنگيءَ سان گڏ آساني آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ تنگي سان گڏ آساني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن سَنهنج، اَهنج سان، ڀيڙو برقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک به آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ حقيقت اها آهي ته ڏک سان گڏ سک به آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ تنگي (ڏک سان) گڏ فراخي (سُک) به آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو بيشڪ ڏکن کان پوءِ سُک آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ مَعَ العُسرِ يُسرًا (آيت : 6) |
بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ڏکن سان گڏ سک آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تنگيءَ سان گڏ آساني آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ڏک سان گڏ سک ئي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنگي سان گڏ آساني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن سَنهنج، اَهنج گڏ، اِي سَچِي سَماچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ڏک سان گڏ سک به آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ڏک سان گڏ سک به آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ڏکن کان پوءِ سُک آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا فَرَغتَ فَانصَب (آيت : 7) |
تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (به) تون (هدايت جي پروگرام مان) واندو تئين ته (پالڻهار جي عبادت لاءِ) محنت ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان جڏهن (نماز کان) فارغ ٿيو پوءِ توهان (دعا لاءِ) ڪوشش ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته هاڻي جڏهن تون (تبليغ جي گهڻن ڪمن کان) واندو آهين. ته (پنهنجو جانشين) مقرر ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن فارغ ٿين پوءِ محنت ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن تون واندو ٿين ته محنت ڪر(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن تون (نماز کان) واندو ٿين ته (دعا ۾) محنت ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڀ تون عِبادت ۾، واندو ٿئـِين جِنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن واندڪائي مليئي، ته کڙو ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن تون واندو ٿئين ته وري (عبادت جي) محنت ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن واندو ٿئين ته عبادت لاءِ محنت ۾ لڳي وڃ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو جڏهن تون (دنيا جي مصروفيتن کان) فارغ هُجين ته عبادت ۾ لڳي وڃ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ رَبِّكَ فَارغَب (آيت : 8) |
۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي ذڪر ۽ فڪر سان) دل لڳاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنهنجي رب ڏانهن (دعا گھرڻ ۾) توهان رغبت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بارگاھ احديت ۾ (حاضر هئڻ ڏي) رغبت ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجي رب ڏانهن پوءِ رغبت رک .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ سان دل لڳاءِ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي طرف ئي دل لڳاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِڪ پَنهنجي پَروَر پار، رک اُمِيدون آسِرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي رب ڏانهن ڌيان ڪر.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي رب سان دل لڳاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي رب ڏي ئي ڌيان رک(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن متوجهه ٿي وڃ.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |