توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالضُّحىٰ (آيت : 1) |
مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تنهنجو انقلاب ضرور ڪاميابيون ماڻيندو، ان لاءِ فڪرمند نه ٿيءُ، رات کان پوءِ ڏينهن لازم ايندو پوءِ) سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي،(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) قسم آهي ڏينهن جي پهرئين حِصي جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) پهر ڏينهن ڇڙهڻ جو قسم،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي روشن ڏينہن جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي ڪچڙي منجهند جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساک اُنهِئ صُبح جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن: مٿي آيل ڏينهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي چــِـٽي ڏينهن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم روشن ڏينهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي ڏينھن جي (ڪچڙي منجهند واري) روشنيءَ جو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) قسم آهي منجهند جي وقت جو (جڏهن سج بلند ٿي پنهنجو نور پکيڙيندو آهي). يا (اي محبوب مڪرم!) قسم آهي چاشت (وانگر اوهان جي نوراني چهري) جو (جنهن جي روشني تاريڪ روحن کي روشن ڪري ڇڏيو). يا قسم آهي چاشت جي وقت (جيان توهان جي آفتاب رسالت جي بلند ٿيڻ) جو (جنهن جي نور گمراهي جي اونداهين کي روشني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.)(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) قسم آهي روشن ڏينهن (يعني هدايت جي سج اڀري اچڻ) جو- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَالَّيلِ إِذا سَجىٰ (آيت : 2) |
۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) قسم آهي رات جو جڏهن اها خاموش ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ رات جو جڏهن (شين کي) ڍڪي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو جڏهن ڇائنجي وڃي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ جڏهن جِھمِي شام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اونداهي ٿي ويل رات، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها ماٺ سان ڇانئجي وڃي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رات جو، جڏهن اها سڪون سان طاري ٿئي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي رات جو جڏهن هو ڇانئجي وڃي ٿي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها ڇائنجي وڃي. يا (اي حبيب مڪرم!) قسم آهي ڪاري رات (وانگر اوهان جي خوشبودار زلفن جو) جڏهن اهي (اوهان جي نوراني چهري تي يا ڪلهن تي) پکڙجي وڃن. يا قسم آهي رات (وانگر اوهان جي ذات جي حجاب جو) جڏهن ته ان (توهان جي حقيقت جي نور کي ڪيئي پردن ۾) لڪايو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ قسم آهي رات جو، جڏهن اها سانت ۾ هجي (يعني گمراهيءَ جي ٻاٽ ۾ ورتل سماج)-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ما وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَما قَلىٰ (آيت : 3) |
ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي. (پوءِ ڪڏهن وحي جي تاخير ٿيڻ مان ڪافرن جو اهڙو نتيجو ڪڍڻ غلط آهي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان کي توهان جي رب نه ڇڏيو آهي ۽ نه ناراض آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تنهنجي پروردگار نه تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نہ توکي تنہنجي رب ڇڏيو ۽ نه ناراض ٿيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ته تنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته نه تنهنجي پالڻهار تو کي ڇڏيو آهي ۽ نه تو کان رُٺو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته توکي ڇَڏيو نه تو ڌڻِي، ۽ نَه وِڏ وڙو وَريام(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته تنهنجي رب نڪي توکي ڇڏي ڏنو آهي نڪي ناراض ٿيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) تنهنجي رب توکي ڪڏهن به نه ڇڏيو آهي ۽ نه وري هو توکان ناراض ٿيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) نه ڇڏيو توکي تنهنجي رب ۽ نه ناراض ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنجي پالڻھار توکي نه ته اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ نه ئي (توکان ڪنھن ڳالهه تي) ناراض آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان جي پالڻهار (جڏهن کان توهان کي چونڊيو آهي) توهان کي نه ڇڏيو اٿس ۽ نه ئي (جڏهن کان توهان کي محبوب بڻايو آهي) ناراض ٿيو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته تنهنجي رب، توکي (ننڍڙي لاڪون اڄ تائين) نه ڪي (اڪيلو) ڇڏيو آهي ۽ نه ڪي توکان (ڪنهن به حوالي سان) ناخوش آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَلءاخِرَةُ خَيرٌ لَكَ مِنَ الأولىٰ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ پوئين (خبر ۽ ڪامرانين واري) حالت تو لاءِ پهرين (تڪليفن واري) حالت کان گهڻي چڱي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ يقيناً آخرت توهان لاءِ دنيا کان بهتر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجي لاءِ آخرت دنيا کان پڪ گهڻي چڱي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته پوءِ اچڻ واري هر گهڙي تولاءِ پهرينءَ کان ڀلي آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ پوئين حالت تو لاءِ پهرئين حالت کان گهڻي چڱي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بلاشڪ پوئين (گهڙي) تنهنجي لاءِ پهرئين کان ڀلي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِن کان، هُو جَھان ڀَلو، تو لئي آهي تَمام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي پڇاڙي تنهنجي اڳياڙي کان گهڻي سٺي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ تو لاءِ پوءِ وارو دور پهرئين دور کان ڀلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ پويون دور گهڻو سٺو آهي تنهنجي لاءِ پهرين دور کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دنيا جي) موجوده حالت کان (آخرت جي) اچڻ وارو وقت تنھنجي لاءِ بھتر آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ (هر) پوئين گهڙي اوهان جي لاءِ اڳين کان بهتر (يعني عظمت ۽ بلندي جو سبب) آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) يقينا تنهنجي لاءِ ايندڙ حالات پهرين کان بهتر آهن (جو تون لاڳيتي جدوجهد ۾ رهين ٿو).(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَسَوفَ يُعطيكَ رَبُّكَ فَتَرضىٰ (آيت : 5) |
۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو، پوءِ تون (ان ڪاميابيءَ تي) مسرور ٿيندين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ جلد توهان کي توهان جو رب ايترو عطا ڪندو جو توهان راضي ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجو پالڻهار تو کي ايترو (ته) عطا ڪندو جو تون خوش ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جلد ڏيندو توکي تنہنجو رب پوءِ تون راضي ٿيندين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ (فتحيابي) ڏيندو پوءِ تون خوش ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جلد تنهنجو پالڻهار تو کي (ايترو) ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سِگھو سائـِين تُنهنجو، ڪَندو اوتون توتي عام، پوءِ ماڻي مَقصد مَام، سَرهو ٿِيندِين سپرِين!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجو رب توکي جلد ئي اهو ڏيندو، جو تون خوش ٿيندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ستت ئي تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون خوش ٿي ويندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جلد ايترو عطا ڪندو توکي تنهنجو رب جو تون خوش ٿي ويندين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عنقريب تنھنجو پالڻھار توکي ايترو ڏيندو جو تون خوش ٿي ويندين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان جو رب عنقريب توهان کي (ايترو ڏيندو) جو توهان راضي ٿي ويندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ تنهنجو رب توکي (معرفت ۽ آزاد حڪمرانيءَ سان گڏ ٻيو به) ايترو ڪجهه ڏيندو، جو تون خوش ٿي ويندين (۽ ٿَڪ لهي پوندئي).(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَجِدكَ يَتيمًا فَـٔاوىٰ (آيت : 6) |
توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (تون پنهنجي زندگيءَ کي ڏس ته) ڇا توکي (تنهنجي پالڻهار) يتيم نه پاتو، پوءِ (توکي حفاظت ۽ سنڀال لاءِ) جاءِ ڏنائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تو کي يتيم نہ ڏٺائين ڇا؟ پوءِ (تو کي) جاءِ ڏنائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا ان کي يتيم ڏسي (ابو طالب جي) پناھ نه ڏني؟ (بيشڪ ڏني).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه لڌائين توکي يتيم پوءِ جاءِ ڏنائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا توکي يتيم نه ڄاڻي پوءِ جاءِ ڏنائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو کي يتيم نه لڌائين پوءِ تو کي جاءِ ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، تو نه لڌائـِين ڇورڙو، پوءِ بَخشِئـِين راڄ ڀاڳ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هن توکي يتيم ڏسي جاءِ ڪانه ڏني؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هن توکي يتيم نه ڏٺو، پوءِ توکي ٿانيڪو ڪيائين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ان توکي نه ڏٺو يتيم پوءِ جڳهه ڏنائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هن توکي يتيم (جي حالت ۾) نه ڏٺو جو توکي (مٿي تي شفقت جو هٿ رکڻ وارن وٽ) ٺڪاڻو ڏنو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي محبوب!) ڇا ان توهان کي يتيم نه لڌو پوءِ ان (توهان کي معزز ۽ مڪرم) ٺڪاڻو ڏنو. يا ڇا ان توهان کي (مهربان) نه لڌو پوءِ ان (توهان جي ذريعي) يتيمن کي جڳهه ڏني.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا، هن توکي يتيم نه لڌو، پوءِ مالڪي ڪيائين- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَوَجَدَكَ ضالًّا فَهَدىٰ (آيت : 7) |
۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ توکي (حقيقت جي) رستي جو ڳولائو ڏسي پوءِ (وحي جي ذريعي سڌو) رستو ڏيکاريائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ تو کي ناواقف ڏٺائين، پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي (پنهنجي قوم ۾) غير معروف ڏٺو ته (تنهنجي سڃاڻڻ لاءِ سڀ جي) رهبري ڪئي وئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لڌائين توکي محبت ۾ گم پوءِ (پاڻ ڏانہن) رستو ڏنائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي رستي کان بي خبر ڏسي پوءِ رستو ڏيکاريائين(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي پنهنجي محبت ۾ بي اختيار لڌائين پوءِ (پنهنجي طرف) واٽ ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوڙهل لڌائـِين مُورهِين، پوءِ موڙي آندئـِين ماڳ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي اڻ واقف ڏسي واٽ ڏيکاريائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي واٽ کان اڻ سونهون ڏٺائين، پوءِ توکي دڳ لاتائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏٺائين توکي ناواقف رستي جو ته هدايت بخشيائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن توکي (جاهليت جي ماحول ۾) اڪيلو سوچيندي ڏٺو ته هُن توکي صحيح رستو ڏيکاريو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان توهان کي پنهنجي محبت ۾ بي اختيار ۽ گم ڏٺو ته مقصود تائين پهچائي ڇڏيائين. يا ۽ ان توهان کي ڀٽڪيل قوم جي وچ ۾ (رهنمائي ڪندڙ) ڏٺو ته (انهن کي توهان جي ذريعي) هدايت ڏنائين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (محبوب سائين!) اسين ڏٺو ته تون اسان جي تلاش ۾ (ماندو) آهين ته اسين توکي (تنهنجي اُجري سوچ مطابق) دڳ لائي ڇڏيوسون.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَوَجَدَكَ عائِلًا فَأَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ توکي ضرورتمند ڏسي پوءِ ايترو ڏنائين جو تون ڪنهن مدد جو محتاج نه رهين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڇا ان توهان کي ضرورتمند نه لڌو پوءِ توهان کي غني ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي تنگدست ڏسي (خديجه جي مال سان) بي پرواھ ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لڌائين توکي عيال وارو پوءِ غني بنايائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي مسڪين ڏسي پوءِ توکي بي پرواه ڪيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ضرورتمند ڏٺائين پوءِ غني ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لَکِين ڏِنائـِين لاڳ، جَڏهن ڏِٺِئين توکي ڏُٻـَرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکي غريب ڏسي غني ڪري ڇڏيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي مسڪين ڏٺائين، پوءِ توکي هوند وارو ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏٺائين توکي مسڪين ته آسودو ڪيائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مالي لحاظ سان ڪمزور ڏٺو ته هُن خوشحال ڪري ڇڏيو.(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان توهان کي (وصالِ حق جو) حاجتمند ڏٺو ته (پنهنجي ديدار جي لذت سان نوازي هميشه جي لاءِ هر طلب کان) بي نياز ڪري ڇڏيائين. يا ۽ ان توهان کي (سخي ۽ ڏاتار) ڏٺو ته ان (توهان جي واسطي) سان محتاجن کي غني ڪري ڇڏيائين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ توکي غريب ڏٺو سون پوءِ آسودو ڪري ڇڏيوسون، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَمَّا اليَتيمَ فَلا تَقهَر (آيت : 9) |
تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (پوءِ جيئن تنهنجي يتيم ذات جي سنڀال ٿي تيئن تنهنجو نظام به يتيم جي سنڀال ڪري) پوءِ يتيم تي متان ڏکيائيون ڪرين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (امتي) يتيم تي ڪا به سختي نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون به يتيم تي متان سختي ڪرين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر يتيم تي پوءِ سختي نه ڪر .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ يتيم تي متان سختي ڪرين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ڪنهن يتيم تي سختي نه ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن تون نه يَتِيم تي، ذَرو زور هَلاءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون به يتيم تي سختي نه ڪج. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ تون يتيم تي سختي نه ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ تون ڪڏهن به يتيم تي ڪا سختي نه ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھن ڪري تون يتيم تي سختي نه ڪجانءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اوهان به ڪنهن يتيم تي سختي نه فرمايو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تنهنڪري يتيم تي سختي نه ڪر. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَمَّا السّائِلَ فَلا تَنهَر (آيت : 10) |
۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (تنهنجو ساڳيو نظام ضرورتمندن جي ڪفيل هجي) پوءِ سوالي کي متان جهڻڪين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان سوال ڪندڙ کي نه تڙيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سوال ڪرڻ واري کي متان جهڻڪين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر سائل کي پوءِ نه جهڻڪ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سواليءَ کي متان جهڻڪين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سواليءَ کي نه جهڻڪ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن تون نه تَڙِي ڏي، ڪِنهن آسائو کي، آءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواليءَ کي ڇڙٻ نه ڏج، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نڪي سوال ڪندڙ کي جهڻڪ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪنهن سائل کي ڪڏهن به جهڻڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنھن گهرڻ واري کي ڇڙٻ به نه ڏجانءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (پنهنجي دَر جي) ڪنهن سوالي کي نه جِهڻڪيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ سائل کي دڙڪا نه ڏي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَمّا بِنِعمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث (آيت : 11) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمتن کي پيو بيان ڪر (انهن نعمتن کي خدائي عطيو سمجهي ٻين تي به اهي نعمتون ڪم آڻيندو رهه).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي رب جي نعمتن جو اظهار ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمت پيو بيان ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر پنہنجي رب جي نعمت جو پوءِ بيان ڪندو ڪر .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمت پيو بيان ڪر(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمتن کي بيان ڪندو رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڳايون پِيو ڳُڻ ڳاءِ، پَنهنجي پَروَر پاڪ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي رب جون نعمتون بيان ڪندو رهه.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي رب جي نعمت بيان ڪندو ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪا مهرباني آهي تنهنجي رب جي، ان (نعمت) جو اظهار ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمتن کي (الله تعالى جي آڏو شڪر طور، عام ماڻهن ۾) بيان ڪندو رهجانءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ پنهنجي رب جي نعمتن جو (خوب) ذڪر ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ هميشه پنهنجي رب جي نعمت جي ڳالهه ڪندو رهه.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |