توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰ (آيت : 1) |
رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڪائنات جي ٻن متضاد شين مان) رات جو قسم آهي، جڏهن (ان جي اوندهه سڀني شين کي) ڍڪي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي رات جو جڏهن اها ڇانئجي وڃي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قسم آهي رات جو جڏهن (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي رات جو جڏهن ڍڪي ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رات جو قسم آهي جڏهن (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي رات جو جڏهن ڇانئجي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قسم ڪارِي رات جو، جڏهن ڪري ٿِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن؛ ڇانئجي ويندڙ رات، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي رات جو، جڏهن اها ڇانئجي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي رات جو جڏهن اها ڍڪي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي رات جو جڏهن اُها ڇانئجي وڃي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالنَّهارِ إِذا تَجَلّىٰ (آيت : 2) |
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏينهن جو جڏهن (ان جو سوجهرو سڀني شين کي) ظاهر ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏينهن جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم آهي ڏينهن جو جڏهن روشن ٿئي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏينهن جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قسم آهي ڏينهن جو جڏهن روشن ٿي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِينهن ساکِي ڏيھ لئي، جڏهن ڏِئي جَھلڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) روشن ٿيندڙ ڏينهن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏينهن جو، جڏهن اهو روشن ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي ڏينھن جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما خَلَقَ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 3) |
۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نر ماديءَ کي جو (الڳ طبعي رجحانن سان) پيدا ڪيو اٿس (تنهن جو قسم).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي ان خالق جو جنهن مذڪر ۽ مؤنث پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان (ذات) جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جو جنهن پيدا ڪيو نر کي ۽ ماديءَ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نر ماديءَ کي جو پيدا ڪيو اٿس تنهن جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن نر ۽ مادي کي پيدا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جوڙڻ نر، يا نار جو، نَمونو نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مردن ۽ زالن کي خلقيندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ هستيءَ جو، جنهن نر ۽ ماديءَ کي پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان جو جنهن پيدا ڪيو نر ۽ ماديءَ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي ان ذات جو جنھن مرد ۽ عورت کي پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ سَعيَكُم لَشَتّىٰ (آيت : 4) |
ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته اوهان جون ڪوششون (به ائين الڳ رخن ۾ ٿيندڙ ۽) مختلف آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جي ڪوشش يقيناً مختلف آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اوهان جون ڪوششون طرح طرح جون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اوهان جي ڪوشش جدا جدا آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اوهان جون ڪوششون مختلف آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ توهان جي ڪوشش جدا جدا (مقصدن لاءِ) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساکِي سَڀ هن ڳالھ تي، بيشڪ بَرقرار، ته آهِن اَوس اَوهان جا، ڌَندا ڌارو ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ اوهان جو ڪوششون ڌار ڌار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ توهانجون ڪوششون جدا جدا ڍنگ جون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان جي ڪوشش مختلف قسمن جي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان جون ڪوششون (هڪ ٻئي کان) مختلف آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمّا مَن أَعطىٰ وَاتَّقىٰ (آيت : 5) |
پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ فرق جي باوجود به رات ۽ ڏينهن ۽ نر ۽ مادي هڪ ٻئي لاءِ مفيد بڻجن ٿا) پوءِ جنهن شخص (سڀني انسانن کي الله جو ڪٽنب ڄاڻي انهن ۾) پنهنجي ڪمائي ورهائي ۽ الله کان ڊنو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ پر اهو ماڻهو جنهن (پنهنجو مال خدا ڪارڻ) ڏنو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جنهن سخاوت ڪئي ۽ خدا کان ڊنو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر جنهن ڏنو ۽ ڊنو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جنهن شخص ڏنو ۽ (الله کان) ڊنو ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جنهن (مال الله جي راهه ۾) ڏنو ۽ پرهيزگار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر پوءِ جِنهن ثابِت سِيل رَکيو، ۽ لَڌئـِين سَقِيمن سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن خيرات ڏني، خدا ترس ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ جنهن (الله جي راهه ۾) مال ڏنو ۽ (الله جي نافرمانيءَ کان) پاڻ بچايائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جنهن ڏنو مال (الله جي راهه ۾) ۽ پرهيزگار ٿيو (نافرماني نه ڪئي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن (الله تعالى جي راهه ۾) مال ڏنو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَصَدَّقَ بِالحُسنىٰ (آيت : 6) |
۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هن دنيا ۾ الله جي نيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي سچو سمجهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مِلتِ اسلام کي سچو سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تمام چڱي ڳالھ (اسلام) کي سچو سمجهو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽سچو چيائين چڱي ڳالهه کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تمام چٽي ڳالهه کي سچو سمجهيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سهڻي ڳالهه جي تصديق ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَسند ڪيائـِـين پاڻ لئي، چڱِي چوکِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نيڪ ڳالهه کي سچو سمجهيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڀلائيءَ کي سچ ڪري مڃيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چڱائيءَ کي سچ ڄاتائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڀلائي جي تصديق ڪئي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِليُسرىٰ (آيت : 7) |
تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته ان کي (انهيءَ چڱي ڳالهه لاءِ) تمام آسان رستي (تي هلڻ) جر توفيق ڏينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جلد اسين ان کي آسانيءَ جي توفيق عطا ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسين ان جي لاءِ راحت ۽ آساني (جنت) جا اسباب تيار ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جلد آسان ڪري ڏينداسون ان کي سولي واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ان کي تمام آسان رستي (تي هلڻ) جي توفيق ڏينداسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سگهو ئي اسان ان کي آسان رستي جي سهولت ميسر ڪري ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سِگھو سُهِکي پار، اَسِين ڪَنداسون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ان لاءِ اسين راحت جو رستو کولينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته ان کي اسان سهنجائي (ڏانهن ويندڙ واٽ) سؤلي ڪري ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان کي اسان سولي راهه جي سهولت ڏينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته (اهڙي صورت ۾) اسان ان کي آسان رستي جي توفيق ڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا مَن بَخِلَ وَاستَغنىٰ (آيت : 8) |
۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن شخص بخيليءَ جي واٽ ورتي ۽ بي پرواهي ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر اهو ماڻهو جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهي ڏيکاري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بخل ڪيو ۽ بي پرواهي ڪئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر جنهن بخيلي ڪئي ۽ بي پرواهي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر جو ڪَٺَ ڪَنجوس ٿِـئو، بي پَرواه بَنيو پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪو ڪنجوس ٿيو ۽ بيپرواهي ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن ڪنجوسي ڪئي ۽ (پنهنجي رب کان) لاپرواهي ڏيکاري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن ڪيو بخل (خدا سان) بي نيازي اختيار ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر) جنھن ماڻهو (الله تعالى جي نالي تي ڏيڻ کان) ڪنجوسي ڪئي ۽ بيپرواهي اختيار ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذَّبَ بِالحُسنىٰ (آيت : 9) |
۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هن دنيا ۾ الله جي بيابت واري) تمام چڱي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مِلتِ اسلاميه جي تڪذيب ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تمام چڱي ڳالھ کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪوڙو چيائين سهڻي ڳالهه کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تمام چٽي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سهڻي ڳالهه کي ڪوڙو چيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُليو پار ڀَلي کان، ڀيري ڀيري ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نيڪ ڳالهه کي ڪوڙو سمجهيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڀلائيءَ کي ڪوڙو سڏيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪوڙو ڀانيائين ڀلائيءَ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڀلائي کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِلعُسرىٰ (آيت : 10) |
تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته ان کي (پنهنجي گرفت واري قانون سان) تمام مشڪل رستي تي لڳائي ڇڏينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جلد اسين ان کي باه ۾ گرفتار ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان ان کي سختيءَ سان (جهنم) ۾ وجهي ڇڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جلد ميسر ڪنداسون ان لاءِ ڏکيائي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ان کي تمام مشڪل رستي (تي هلڻ) لاءِ لڳائي ڇڏينداسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سگهو ئي اسان ان کي تمام مشڪل رستي لاءِ (اسباب) مهيا ڪري ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪنداسون تِنهن ڪاڻ، سِگھو سَهکو سُور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ان لاءِ تڪليف جو رستو کولينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن کي اسان اهنجائي (ڏانهن ويندڙ واٽ) آسان ڪري ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ آسان ڪري ڏنو ان کي ڏکيو رستو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته اسان کيس تڪليف واري رستي تي لڳائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يُغنى عَنهُ مالُهُ إِذا تَرَدّىٰ (آيت : 11) |
۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس مال ان کي ڪم نه ايندو، جڏهن هو (تباهين جي) کڏ ۾ ڪرندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اهو پاڻ مَرندو ته کيس سندس مال ڪو نفعو نه ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اهو هلاڪ ٿيندو ته ان جو مال (اسباب) کيس ڪجھ به ڪم نه ايندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه فائدو ڏيندو ان کان ان جو مال جڏهن هلاڪت ۾ پوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس مال ان کان ڪجهه به نه ٽاريندو جڏهن هو (کڏ ۾ ) ڪرندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان جو مال ان جي ڪنهن ڪم نه ايندو جڏهن اُهو (هلاڪت جي کڏ ۾) ڪِرندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِين ڇَڏائـِيندس ڪَڏهن، سَندسِ ميڙيل مال، ڏيئـِي ڇَپَر تان ڇال، جڏهن پاڻهِين مارئـِين پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن کڏ ۾ ڪرندو، تڏهن سندس مال ڪجهه به ڪم ڪونه ايندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندس مال نيٺ ڪهڙي ڪم ايندس، جڏهن هو پاڻ ئي ناس ٿي وڃي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه بچائيندو ان کي سندس مال جڏهن هو هلاڪ ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن هو بربادي ۾ پوندو ته سندس مال (ڪنهن به) ڪم نه ايندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ عَلَينا لَلهُدىٰ (آيت : 12) |
بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان ڪري جو هن ذاتي مفاد جو اهو رستو رڳو پنهنجي سوچ تي هلي اختيار ڪيو هو) بيشڪ (وحي جي ذريعي انساني ڪامراني ۽ فلاح جو) رستو ڏيکارڻ اسان تي (اسان جي ذمي) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هدايت اسان تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان کي راھ ڏيکارڻي ضرور آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان تي البته هدايت ڪرڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان تي ئي رستو ڏيکارڻ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هدايت جي واٽ ڏيکارڻ اسان تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِيڻ ڏَس چڱِئَ جو، آهي اَسان جو شان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان تي آهي رستو ڏيکارڻ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ رستو ڏَسڻ اسان تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان جي ذمي آهي راهه ڏيکارڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (سڌو) رستو ڏيکارڻ اسان جي ذمي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ لَنا لَلءاخِرَةَ وَالأولىٰ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ (ان واٽ تي) آخرت ۽ دنيا (جون ڀلايون) اسان جي اختيار ۾ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا جا مالڪ اسين آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آخرت ۽ دنيا (ٻئي خاص) اسان جون ئي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اسان جي آهي البته آخرت ۽ دنيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جون ئي آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جون ئي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن اَوس اَسان جا، هِي ۽ هُو جَھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آخرت ۽ دنيا اسان جي ئي هٿ ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها به حقيقت آهي ته آخرت توڙي دنيا ٻنهي جا مالڪ اسان ئي آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان ئي مالڪ آهيون آخرت ۽ دنيا جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسان جي ئي هٿ ۾ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنذَرتُكُم نارًا تَلَظّىٰ (آيت : 14) |
پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري مون اوهان کي (تباهين جي) اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي، جا ڀڙڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ آئون توهان کي ان باه کان ڊيڄاريان ٿو جيڪا ڀڙڪي پئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باھ کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي ڪري ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊيڄاريو مون اوهان کي باهه کان جيڪا ڀڙڪي پئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن ڪري مون اوهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڄڀي (ڀڙڪا) ڪري ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ مون توهان کي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي جا ڀڙڪي رهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن توهان کي باھ جو، اڳي ڪَيَمِ اِعلان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ مون اوهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان خبردار ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ مان توهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ مون ڊيڄاريو آهي توهان کي ان باهه کان جيڪا ڄڀي واري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو مان توهان کي ڀڙڪندڙ باهه کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَصلىٰها إِلَّا الأَشقَى (آيت : 15) |
(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿو داخل ٿئي انهيءَ ۾ مگر وڏو بدبخت(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه داخل ٿيندو ان ۾ مگر وڏو بد بخت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کان سواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ۾ وڏي نڀاڳي کان سواءِ ڪوبه نه گهڙندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَوي نَه، اُنهِئَ پوڻ ۾، ري اَڀاڳي اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ اهو ئي پوندو، جو وڏو نڀاڳو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ۾ سواءِ نهايت بدبخت شخص جي ٻيو ڪوبه نه سڙندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه پڄرندو ان ۾ فقط اهو جيڪو ڪوڙو چوندڙ نڀاڳو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان (باهه) ۾ بدبخت ماڻهو ئي داخل ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 16) |
جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن (حقن پوري ڪرڻ واري اسان جي قانونن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (انهن تي عمل کان) منهن موڙيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن تڪذيب ڪئي ۽ مُنهن ڦيرايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڪوڙو چيو ۽ منهن موڙيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن (حق کي) ڪوڙو چيو ۽ مُنهن موڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڪُوڙا ڪيا بيان، ۽ هَليو پُٺيرو حَقَّ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ويساهه نه ڪيو ۽ منهن موڙيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڪوڙو سڏيو ۽ منهن موڙيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ منهن موڙيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڪوڙو ڪيو ۽ منھن موڙيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسَيُجَنَّبُهَا الأَتقَى (آيت : 17) |
۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان (تباهيءَ) کان (اسان جي قانونن جي پاسداري لاءِ) پنهنجي نگهباني ڪندڙ شخص کي بچايو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان کان ضرور پري رکيو ويندو ان شخص کي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو وڏو پرهيزگار آهي سو ان کان بچايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گهڻو پري رکيو ويندو ان کان وڏو پرهيزگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان ان پرهيزگار کي الڳ ڪيو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جلد بچايو ويندو ان (باهه) کان وڏي پرهيزگار کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جِنهن پوتِي پَنهنجي پاڪ رکي، سو بَچندو کانسِ بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي نيڪ کي ان کان بچائبو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ کان پري رکيو ويندو اهو نهايت پرهيزگار ماڻهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کان پري رکيو ويندو وڏو پرهيزگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) البته پرهيزگارن کي ان باهه کان پري رکيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى يُؤتى مالَهُ يَتَزَكّىٰ (آيت : 18) |
جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن (ضرورت پوڻ تي رضا خوشيءَ سان) پنهنجو (سڀ ڪجهه) مال (انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ) ڏئي پاڻ سنواريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو پنهنجو مال بنا ڪنهن ريا جي خرچ ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو پنهنجو مال (خدا جي راھ) ۾ ڏئي ٿو ته جيئن (اهو) پاڪ ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو صاف ٿو ٿئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو پنهنجو مال ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو پنهنجو مال (الله جي راهه ۾) ڏئي ٿو پاڪيزگي حاصل ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو مَدد ڏِئي مِسڪِين کي، مَنجھان پَنهنجي مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجو مال خيرات ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجو مال ڏئي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو پنهنجو مال ڏئي ٿو پاڪ ٿيڻ جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو پاڪيزهه رهڻ خاطر مال خرچ ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِعمَةٍ تُجزىٰ (آيت : 19) |
۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه آهي، جنهن جو بدلو ڏئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪنهن جو ان تي ڪو احسان ناهي جنهنجو بدلو ڏنو وڃي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي جنهن جو بدلو ڏئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي ڪنهن هڪ جو ان تي ڪو احسان جو بدلو ڏنو وڃي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي جنهن جو بدلو ڏئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن جو به ان تي ڪو احسان ناهي جنهن جو بدلو ڏئي رهيو هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِيو حَق نه وَٽسِ، ڪنهن هيڪ جو، جو هُجي لاهِيندو لال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي لاءِ نه، ته ڪنهنجي احسان جو بدلو ٿو لاهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان تي ڪنهن جو به ڪو ٿورو ڪونهي، جو ان جو ڪو بدلو ڏيڻو هجيس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي ڪنهن جو ان تي ڪوئي احسان جنهن جو ڪو بدلو ڏيڻو هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي مٿان ڪنھن جو به احسان ٿيل نه آهي جنھن جو کيس بدلو لاهڻو هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ رَبِّهِ الأَعلىٰ (آيت : 20) |
پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر پنهنجي مٿاهين پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ (ڏئي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر اهو فقط پنهنجي رب تعالى جو رضامندو گھُري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (اهو ته) رڳو پنهنجي عاليشان پروردگار جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڏئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر پنهنجي رب اعلى جي رضا طلب ڪرڻ لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر پنهنجي بلند پاليندڙ جي رضامندي گهرڻ لاءِ (ڏئي ٿو) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ پنهنجي پالڻهار جي رضامندي حاصل ڪرڻ جي، جيڪو (سڀ کان) مٿاهون آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رَبَّ سَندسِ جي راه ۾، جو مَٿاهون مُتعال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ فقط پنهنجي مٿاهين رب جي رضا حاصل ڪرڻ خاطر، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته رڳو پنهنجي سڀ کان مٿانهين رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ائين ڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر هو ته گهري ٿو رضا پنهنجي رب مٿانهين رب جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه پنھنجي بلند پالڻھار جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَسَوفَ يَرضىٰ (آيت : 21) |
۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان شخص کي اها رضامندي ضرور پلئه پوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو جلد (پنهنجي رب کان) راضي ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ماڻهو ضرور جلد راضي (۽ خوشنود) ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جلد راضي ٿيندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو شخص ضرور راضي ٿيندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پڪ سان جلد اُهو (الله ان کان) راضي ٿي ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگھو سُڀان ڪالھ، سَڀ ماڻِيندو مَرضِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو به جلد ئي خوش ٿيندو-(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو ضرور راضي ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ضرور (ان کان) خوش ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو عنقريب راضي (۽ خوش) ٿي ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |