توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالشَّمسِ وَضُحىٰها (آيت : 1) |
سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سج جو قسم آهي ۽ سندس (روشني پهچائڻ خاطر) مٿي چڙهڻ جو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي سِج جو ۽ ان جي روشني جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سج جو قسم آهي ۽ سندس روشنيءَ جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي سج جو ۽ان جي روشنيءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سج جو قسم آهي ۽ سندس مٿي چڙهڻ جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي سج جو ۽ ان جي سُهائي جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ساک سِج جِي، پڻ اُنهِئَ جِي اوڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن؛ سج ۽ سندس روشني. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي سج جو ۽ ان جي سوجهري جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم سج جو ۽ ان جي اُس (روشنيءَ) جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي سج ۽ ان جي روشنيءَ جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالقَمَرِ إِذا تَلىٰها (آيت : 2) |
۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چنڊ جو، جڏهن سج (کان روشني اوڌاري وٺڻ لاءِ ان) جي پٺيان اچي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي چنڊ جو جڏهن مڪمل روشني ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان نڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چنڊ جو جڏهن ان جي پويان اچي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان اچي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي چنڊ جو جڏهن ان (سج) جي پٺيان اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ساک سُونهاري چنڊ جِي، وَرتئينسِ پُٺ جنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کانئس پٺيان ايندڙ چنڊ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسم آهي چنڊ جو، جڏهن اهو سندس ڪڍ ايندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم چنڊ جو جڏهن اهو ان جي پويان اچي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي چنڊ جو جڏهن هو ان جي پويان ايندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالنَّهارِ إِذا جَلّىٰها (آيت : 3) |
۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏينهن جو جڏهن روشنيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي ڏينهن جو جڏهن اهو سج کي روشن ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏينهن جو جڏهن چمڪائي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏينهن جو جڏهن ان کي روشن ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شاهِد ڏِينهن ڏيہ ۾، جڏهن لَڳَسِ جَھلڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) روشن ٿيل ڏينهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسم آهي ڏينهن جو، جڏهن اهو (سج کي) کولي ظاهر ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم ڏينهن جو جڏهن ان کي (سج) چٽو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي ڏينھن جو جڏهن هو اُن (سج) کي ظاهر ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّيلِ إِذا يَغشىٰها (آيت : 4) |
۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ رات جو جڏهن (روشنيءَ) کي ڍڪي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي رات جو جڏهن اها سج کي لڪائي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ رات جو جڏهن ان کي ڍڪي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو جڏهن ان تي ڇائنجي وڃي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ساک آهي سانِجھڙي، جَڏهن چَڙهي مَٿي چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کيس ڍڪي ڇڏيندڙ رات، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسم آهي رات جو، جڏهن اها (سج کي) ڍڪي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم رات جو جڏهن (سج) ان کي ڍڪي ڇڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي رات جو جڏهن اُها اُن (سج) کي ڍڪي ڇڏيندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالسَّماءِ وَما بَنىٰها (آيت : 5) |
۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي (فضا جي بلندين سان) بنايو اٿس، تنهن جو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي آسمان جو ۽ ان جي بنائيندڙ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمان جو ۽ جنهن ان کي بنايو اٿس تنهن جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آسمان جو ۽ ان جو جنهن ان کي ٺاهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمان جو ۽ جنهن نموني ان کي بنايو اٿس تنهن جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي آسمان جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀ، ڪِ اَڏاوت اُن جِي، اَکِيَن اڳيان اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمان ۽ کيس بڻائيندڙ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسم آهي آسمان جو ۽ انهيءَ هستيءَ جو جنهن ان کي ٺاهي بيهاريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آسمان جو ۽ ان کي قائم ڪندڙ ذات جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي آسمان جو ۽ اُن ذات جو جنھن ان کي بڻايو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالأَرضِ وَما طَحىٰها (آيت : 6) |
۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي (گول هئڻ باوجود) وڇايو اٿس. تنهن جو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي زمين جو ۽ ان جي پکيڙيندڙ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين جو ۽ جنهن ان کي وڇايو اٿس تنهن جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زمين جو ۽ ان جو جنهن ان کي پکيڙيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي وڇايو اٿس تنهن جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي زمين جو ۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن ان کي وڇايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُون، ڪِ پَکيڙ اُن جِي، عَجَب رَنگ اِسرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زمين ۽ کيس پکيڙيندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسم آهي زمين جو ۽ انهيءَ ذات جو جنهن ان کي وڇائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم زمين ۽ ان ذات جو جنهن ان کي پکيڙيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي زمين جو ۽ اُن هستيءَ جو جنھن اُن کي وڇايو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَفسٍ وَما سَوّىٰها (آيت : 7) |
۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي (صلاحيت عطا ڪري) ٺيڪ ٺاڪ جوڙيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي انسان جو ۽ ان جي درست ڪندڙ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جان جو ۽ جنهن ان کي برابر جوڙيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نفس جو ۽ جنهن ان کي برابر بنايو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي برابر جوڙيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي نفس جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي سنواريو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِئ ڪِ جوڙڻ اُن جو، سَرکو نَڪ نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انسان ۽ جنهن کيس برابر ٺاهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسم آهي نفس جو ۽ انهيءَ ذات جو، جنهن ان کي سـنــوَت ۾ آندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم ان جيءَ ۽ ان ذات جو جنهن ان کي سڌو ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ قسم آهي نفس جو ۽ ان جو جنھن اُن کي برابر ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَلهَمَها فُجورَها وَتَقوىٰها (آيت : 8) |
پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس. تنهن جو (قسم)،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان جي برائي ۽ چڱائي ان جي دل ۾ وِڌائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجھ ڏني اٿس، ان جو (قسم آهي)،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پوءِ الهام ڪيائين ان کي ان جي برائي ۽ ان جي تقوى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاري جي سمجهه ڏني اٿس تنهن جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کي سندس بدڪاري ۽ سندس پرهيزگاري جي سمجهه ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ بُرو ۽ ڀلو اُن جو، سَمجھايَسِ سَتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کيس سندس چڱن ۽ بُرن ڪمن جي سمجهه ڏني، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سندس بــَـدي ۽ پرهيزگاري مٿس پڌري ڪري ڇڏيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ الهام ڪيو ان تي بدڪاري ۽ پرهيزگاري جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان کي برائي ۽ ڀلائي جي سڃاڻڻ جي پرک عطا ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد أَفلَحَ مَن زَكّىٰها (آيت : 9) |
جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ ڪائنات ۽ انساني نفسن جون هي حقيقتون شاهد آهن ته) تحقيق اهو مراد (۽ ڪامرانيءَ) کي پهچي ويو، جنهن (پنهنجي جسم جي بجاءِ پنهنجي شخصيت جي اوسر ڪري) نفس کي پاڪ ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته بيشڪ جنهن پنهنجي (جان) کي (گناهن کان) پاڪ رکيو سو ته ڪامياب ٿيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق ڪامياب ٿيو جنهن ان کي صاف ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو جنهن نفس کي پاڪ ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ڪامياب ٿيو اُهو جنهن ان (نفس) کي (رذيل خصلتن کان) پاڪ ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ ڇُٽو، جِنهن پاڪ رَکيَسِ، ڪَنان غير غبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ جنهن روح کي پاڪ ڪيو تنهن مراد ماڻي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ڪامياب ٿيو، جنهن نفس کي پاڪ ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو جنهن ان (نفس) کي پاڪ ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهوئي ڪامياب ٿي ويو جنھن ان (نفس) کي پاڪ رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَد خابَ مَن دَسّىٰها (آيت : 10) |
۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو، جنهن (مفاد پرستين جي بار هيٺان پاڻ کي دٻائي رکيو) ۽ نفس کي مٽيءَ ۾ لوئاڙي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ ناڪام ٿيو اهو شخص جنهن پنهنجي نفس کي (گناهن ۾) لڪايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن (گناھ ڪري) ان (نفس کي) دٻائي ڇڏيو سو نامراد رهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تحقيق نقصان وارو ٿيو جنهن ان کي گناهن ۾ پوري ڇڏيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ نامراد ٿيو اُهو جنهن ان کي (رذيل خصلتن ۾) گدلو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هَرگـز کاڌئـِين هار، جِنهن گَندو ڪَيَسِ گُناھ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ان کي خراب ڪيو سو نقصان ۾ پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نامراد ٿيو اهو جنهن ان (نفس جي چڱن لاڙن) کي مٽيءَ ۾ ملايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نامراد رهيو اهو جنهن ان کي پوري ڇڏيو (براين ۾)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهوئي ناڪام رهيو جنھن ان (نفس) کي گناهن ۾ ٻوڙي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت ثَمودُ بِطَغوىٰها (آيت : 11) |
(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ حقيقت تي تاريخ جون شهادتون ڏسو) ثمود جي قوم (صالح عليه السلام کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ثمود وارن پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري (پيغمبر (حضرت) صالح) کي نه مڃو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشي جي ڪري ڪوڙو ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو ثمود پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ثمود جي قوم (صالح کي) ان وقت پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ثمود (جي قوم) پنهنجي سرڪشي سبب (پنهنجي نبي صالح) کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوڙِين ڪُوڙ ثَمود ڪيا، جا هُئـِي قوم ڪَذاب، سَبَب سَندنِ سَرڪشِي، ۽ بُڇڙايَن هَر باب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ثمود جي قوم سندس سرڪشيءَ سبب (رسول کي) ڪوڙو بڻايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ثمود پنهنجي سرڪشيءَ جي ڪري ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو چيو ثمود پنهنجي سرڪشي سببان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ثمود قوم پنھنجي بغاوت جي ڪري (رسول کي) ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذِ انبَعَثَ أَشقىٰها (آيت : 12) |
جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن سندس وڏو بدبخت آڪڙ ۾ اٿي پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن اهو شخص (ڏاچي کي مارڻ لاءِ) اُٿيو جيڪو وڏو بدبخت هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن انهن مان وڏو نامراد ٿيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن اٿيو وڏو بدبخت انهن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن سندن وڏو نامراد اٿيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن انهن مان هڪ وڏو بدبخت اٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُھ نِڀاڳو تِن مَنجھان، جَڏهن کڙو ٿيو، خراب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن منجهس هڪ نڀاڳو ساماڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن انهيءَ قوم جو سڀ کان نڀاڳو نامراد ٿيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن اٿيو ان قوم مان سڀ کان وڏو نڀاڳو (نامراد)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن مان هڪ انتھائي بدبخت شخص (ڏاچيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ) اٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقالَ لَهُم رَسولُ اللَّهِ ناقَةَ اللَّهِ وَسُقيٰها (آيت : 13) |
پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ الله جي رسول(عليه السلام) انهن کي چيو ته، الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي کي آڏو نه اچو. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن کي (حضرت) صالح چيو الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري کان پاسو ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ خدا جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته خدا جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه اچو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيو انهن کي الله جي رسول ته الله جي ڏاچيءَ ۽ ان جي پاڻي پيئڻ کي آڏو نه ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله جي رسول (صالح) انهن کي چيو ته الله جي ڏاچيءَ کي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ کي آڏو نه اچو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي الله جي رسول (صالح ) فرمايو: ”الله جي ڏاچي ۽ ان جي پاڻي پيئڻ جي واري (جي حفاظت ڪجو)“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آکِيَن نَبِي اَلله جي، ته اُٺ اَلله جِي ۽ آب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين الله جي رسول چيو ته، ”الله جي ڏاچيءَ ۽ سندس پيئڻ جي واري (کان پاسو ڪريو)“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته الله جي رسول (صالح) انهن ماڻهن کي چيو: خبردار، الله جي ڏاچيءَ کي (هٿ نه لائجو) ۽ سندس پاڻي پيئڻ (۾ رنڊڪ نه وجهجو) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چيو انهن کي رسول الله ته (خبردار) ڏاچي الله جي کي ڇڏيو ان جي پاڻي پيئڻ لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته الله تعالى جي رسول سڳوري انهن ماڻهن کي چيو ته (خبردار!) هن ڏاچي جي اڳيان نه اچجو ۽ نه ئي هن جي پاڻي پيئڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَذَّبوهُ فَعَقَروها فَدَمدَمَ عَلَيهِم رَبُّهُم بِذَنبِهِم فَسَوّىٰها (آيت : 14) |
پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪهي وڌائون، پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ (الله جي پالڻهاريءَ جي مخالفت واري) گناهه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (قوم جي سڀني ماڻهن تي) برابر ڪري ڇڏيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ انهن کي سندن رب سندن گناه جي ڪري هلاڪ ڪيو پوءِ انهن کي برابر ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ۽ ان (ڏاچي) جا پير وڍي ڇڏيا، ته کين سندن پالڻهار انهن جي نافرماني ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (عذاب) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان کي ڪوڙو چيائيون پوءِ ان (ڏاچيءَ) جون ٽنگون وڍيائون پوءِ پلٽيو انهن تي سندن رب (عذاب) سندن گناهن جي ڪري پوءِ انهن کي برابر ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو پوءِ ان (ڏاچيءَ) کي ڪُهي وڌائون. پوءِ انهن کي سندن پاليندڙ سندن گناه جي ڪري برباد ڪيو. پوءِ ان (سزا) کي (سڀني تي) برابر ڪري ڇڏيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کيس ڪوڙو چيو پوءِ ان (ڏاچيءَ) جون کُچون وڍيائون پوءِ انهن جي پالڻهار انهن جي گناهن سبب کين هلاڪ ڪيو پوءِ ان (بستي) کي (ميٽي زمين) برابر ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو کِيـَس ڪوٺيؤن، جو نَبِي نيڪ نواب، پوءِ گُڏيائوسِ، گوڏن کان، ڪري تڪڙ تاب، پوءِ کَڻِي هَنيا خاڪ تي، سَندنِ رَبَّ، وَهاب، سَبَب سَندِن گُناھ جي، پوءِ ڦيرئـِينِ سانئر شتاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر هنن کيس ڪوڙو سڏيو ۽ ان جون کچون ڪپي وڌائون، پوءِ سندس گناهه سبب سندس رب مٿن عذاب موڪليو ۽ پوءِ سڀني کي برابر ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر انهن سندس ڳالهه کي ڪوڙو چيو ۽ ڏاچيءَ کي ماري وڌائون. نيٺ سندن رب سندن گناهه جي ڪري مٿن اهڙي تباهي آندي، جو سڀني کي هيڪاندو کڻي مٽيءَ سان برابر ڪري ڇڏيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪوڙو ڪيو ان کي پوءِ ڪٺائون (ڏاچيءَ کي)، نيٺ تباهي آندي انهن تني سندن رب سندن ڏوهه سبب، پوءِ سڀني کي مٽي ڪري ڇڏيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن ماڻهن رسول سڳوري کي ڪوڙو ڪيو پوءِ ڏاچيء کي لُولو لنگڙو ڪري ماري ڇڏيو.پوءِ سندن پالڻھار سندن گناهن جي ڪري مٿن (اهڙو) عذاب موڪليو جو (کين مٽيءَ ۾ ملائي) برابر ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَخافُ عُقبٰها (آيت : 15) |
۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله ڪو ان (سزا) جي نتيجي کان ڊڄي نه ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى کي انهن جي تباهي جي پرواهه نه هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن کي بدلي جو ته ڊپ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو خوف رکي ان جي انجام جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ڪو ان (سزا ڏيڻ) کان ڊڄي نه ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) انهن جي (تباهه ڪُن) انجام کان نه ٿو ڊڄي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آخِر کينِ عَذاب، نَه ڏَري، ڏِيڻ ۾، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس سندس بدلي وٺڻ جو ڪو ڊپ ناهي!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هــُـن (الله) کي (پنهنجي ان تباهيءَ واري ڪم جي) ڪنهن خراب نتيجي جو ڪو به ڊپ ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي ان کي خوف بري نتيجي جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کي انهن جي سزا جي نتيجي جو ڪوبه خوف ناهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |