توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
لا أُقسِمُ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 1) |
ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن شهر (مڪي) جو قسم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي مون کي هن عظمت واري شهر (مڪه مڪرمه) جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون کي هن شهر (مڪي) جو قسم آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم کڻان ٿومان هن شهر جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن شهر (مڪي) جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آءٌ هن شهر (مڪي) جو قسم ٿو کڻان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گُواھ ڪريان هِن گام کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد ٿو واريان هيءُ شهر، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه، مان قسم ٿو کڻان هن شهر جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه، آئون قسم کڻان ٿو هن شهر (مڪي) جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نه، مان هن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنتَ حِلٌّ بِهٰذَا البَلَدِ (آيت : 2) |
۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو تون هن شهر ۾ (جدوجهد جي عملي زندگيءَ سان) رهندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان هن عظمت واري شهر ۾ رهندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون هن شهر ۾ رهين ٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان حال ۾ جو تون رهندڙ آهين هن شهر ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون هن شهر ۾ رهندڙ آهين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان حال ۾ جو تون (اي نبي) هن شهر ۾ رهندڙ آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن مَنجھسِ، تون موجود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توتي هن شهر جي روڪ نه رهندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اي نبي) توکي هن شهر ۾ رهاڪو بڻايو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجو حل هي آهي (اي نبي!) توکي حلال بڻايو ويو آهي هن شهر ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن شھر ۾ توکي (تڪليف ڏيڻ ڪافرن جي طرفان) حلال ڪيو ويو آهي. (حالانڪه هن شھر ۾ ڪنھن به جاندار کي تڪليف پھچائڻ حرام آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوالِدٍ وَما وَلَدَ (آيت : 3) |
۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڄڻيندڙ ۽ ڄڻيل (آدم ۽ سندس اولاد) جو (قسم آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي رسولِ عربي جو ۽ ان جي امت جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجي پيءُ (آدم) ۽ ان جي اولاد جو قسم،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ والد جو ۽ جيڪو ڄڻيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڄڻيندڙ ۽ ڄڻيل جو (قسم آهي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (قسم آهي انساني) پيءُ جو ۽ اولاد جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساکي آهِن سَگھ تي، والِد ۽ مَولُود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پيءُ ۽ سندس اولاد به، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مان قسم ٿو کڻان، پيءُ (يعني آدم ؑ) جو ۽ ان اولاد جو، جيڪا ان مان پيدا ٿي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قسم آهي پيءُ آدم ۽ ان جي اولاد جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي (نسل انساني جي) پيءُ ۽ ان مان پيدا ٿيل اولاد جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ فى كَبَدٍ (آيت : 4) |
ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته بيشڪ اسان انسان کي (وحي جي تابع رهي هڪ متوازن زندگي گذارڻ جي) مشقت ۾ (گذارڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تڪليف لاءِ پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان انسان کي مشقت ۾ (رهڻ وارو) ڪري پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق پيدا ڪيوسون انسان کي تڪليف ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اسان انسان کي مشقت ۾ (پوڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (مبتلا رهڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اُهکِي وِچ اِنسان کي، خلقيو سون خُوشنود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اسان بيشڪ انسان کي تڪليفن وارو بڻايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ اسان انسان کي ڪَشالي ۾ پيدا ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ پيدا ڪيوسين انسان کي مشقت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان انسان کي (دنيا ۾) تڪليف ۾ پوڻ لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَيَحسَبُ أَن لَن يَقدِرَ عَلَيهِ أَحَدٌ (آيت : 5) |
(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته، مٿس ڪابه قابض ۽ ضابطي واري قوت ناهي (جنهن جي قانونن جي اطاعت کيس ڪرڻ گهرجي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهو (ڪافر) ڀانئين ٿو ته ڪوبه هڪڙو ان تي قادر نه ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا خيال ڪري ٿو هي ته هرگز نه قادر ٿيندو ان تي ڪو هڪڙو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا هُو خيال ڪري ٿو ته هرگز ان تي ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَرگز نه پُڄندسِ هيڪڙو، ڇا، ڀانئي ٿو بي سُود؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو ڀانئي ٿو، ته مٿس ڪو به پُڙي نه سگهندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا ائين کڻي سمجهيو اٿائين ڇا ته مٿس ڪوبه سوڀارو نه ٿي سگهندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هو سمجهي ٿو مٿس غالب نه ايندو ڪير به؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا (انسان) سمجهي ٿو ته کيس ڪير به قابو نٿو ڪري سگهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَقولُ أَهلَكتُ مالًا لُبَدًا (آيت : 6) |
چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) چوي ٿو ته، مون (دنيا جي حياتيءَ ۾) مال جا ڍير لٽايا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو چوي ٿو مون تمام گھڻو مال وڃايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوي ٿو ته: مون مال جا (ڪيئي) ڍير ضايع ڪيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوي پيو ته هلاڪ ڪيو مون مال گهڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چوي ٿو ته مون مال جا ڍير لٽايا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوي ٿو ته: ”مون مال جا انبار خرچ ڪيا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِوٽي هَڻندو هَٿڙا، ته تَرڪ ڪيو مُون طُود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ٿو چوي ته ”مون گهڻو ئي مال اُڏايو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوي ٿو ته مون ته مال جا ڍڳ اڏائي ڇڏيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوي ٿو ته مون اُڏايا مال تمام گهڻا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چوي ٿو ته مون گهڻو ئي مال اُڏائي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَيَحسَبُ أَن لَم يَرَهُ أَحَدٌ (آيت : 7) |
ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته، (جن شين ۽ مصارفن تي هن ڍير لٽايا آهن) ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو ڀانئي ٿو ته ان کي ڪوبه نٿو ڏسي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڀانئين ٿو ته نه ڏٺو ان کي ڪنهن هڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا هُو سمجهي ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڀانئـِين ٿو بِيهُود، ته هرگز ڏِسيسِ نَه هيڪڙو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو ٿو ڀانئي ته”کيس ڪو به ڪو نه ٿو ڏسي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين ٿو سمجهي ڇا ته ڪنهن به کيس نه ڏٺو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هو سمجهي ٿو ته ان کي ڏٺو ناهي ڪنهن به؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هو اهو به سمجهي ٿو ته ان کي ڪنھن به نه ڏٺو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم نَجعَل لَهُ عَينَينِ (آيت : 8) |
کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا (شين کي ڏسڻ جي تميز ۽ مشاهدي لاءِ) اسان سندس ٻه اکيون (نه جوڙيون آهن)!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان ان لاءِ ٻه اکيون پيدا نه ڪيون؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان سندس ٻه اکيون(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڪيون اسان ان جي لاءِ ٻه اکيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اسان سندس ٻه اکيون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان ان جون ٻه اکيون نه ٺاهيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ٻَه اکيون اُن جون، ڪيون سون ئـِي ڪِين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اسان کيس اکيون نه ڏنيون آهن؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان کيس ٻه اکيون نه ڏنيون آهن؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا نه ڏنيون سين ان کي ٻه اکيون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان کيس ٻه اکيون نه ڏنيون آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِسانًا وَشَفَتَينِ (آيت : 9) |
۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پڇڻ ٻڌائڻ کيس) زبان ۽ ٻه چپ نه بنايا آهن!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زبان ۽ ٻه چپ پيدا نه ڪيا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زبان ۽ ٻه چپ نه بنايا آهن، (ضرور بنايا)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زبان ۽ ٻه چپ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زبان ۽ چپ نه بنايا آهن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هڪ زبان ۽ ٻه چپ (نه بنايا آهن).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ زبان ذَوق ذِڪر لئي، بِه لَب لَعل رَنگِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڄڀ ۽ چپ (نه ڏنا آهن؟)(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هڪ زبان ۽ ٻه چپ (نه ڏنا آهن)(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ زبان ۽ ٻه چپ ڏنا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪڙي زبان ۽ ٻه چپ نه ڏنا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهَدَينٰهُ النَّجدَينِ (آيت : 10) |
۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ان کي (وحي جي تعليم ذريعي چڱائيءَ برائيءَ جا) ٻه شاهي رستا نه ڏيکاري ڇڏيا آهن!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي (خير ۽ شر جون) ٻه واٽون نه ڏيکاريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کيس (چڱي ۽ بري) ٻئي راهون (واٽون) به ڏيکاري ڇڏيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏيکاريون اسان ان کي ٻه واٽون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ان کي (خير ۽شر جا) ٻه شاهي رستا ڏيکاري ڇڏيا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کيس (خير ۽ شر جا) ٻه رستا ڏيکاريا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏَسيا سُونسِ ڏُک سُک جا، اَحوال ۽ آئـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان کيس ٻئي رستا ڏيکاريا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري کيس (نيڪي ۽ بدي جا) ٻئي پڌرا رستا (نه) ڏيکاري ڇڏيا آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏيکارياسين ان کي (نه) ٻه رستا (نيڪي بديءَ جا)؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان کي (زندگي گذارڻ لاءِ) ٻه (واضح) رستا نه ڏيکاريا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَا اقتَحَمَ العَقَبَةَ (آيت : 11) |
پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ به هو همت ڪري (ذاتي مفاد جي عيش پرستيءَ واري رستي کي ڇڏي عام انساني مفاد جي) سخت لڪ ۾ نه گهڙيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ عَقبه ۾ ٽپو نه ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ مان (ڇو) لنگهي پار نه پيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه لنگهيو لڪ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ به هو همت ڪري سخت لڪ ۾ نه گهڙيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هوُ (صالح عملن جي) مشڪل لَڪَ کان نه لنگھيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ بِه پَڇاڙِي ڳالھ جِي، نه جاچئـِين ساڻ يَقِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ به هو ”لَڪ“ نه لنگهي سگهيو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ به هن ڏکي لــَـڪَ مان لنگهڻ جي همت نه ٻڌي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر (نه) لنگهيو اهو ڪنهن ڏکئي لڪ مان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر هُن انتھائي مشڪل گهاٽيءَ مان لنگهڻ جي همت ئي نه ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ مَا العَقَبَةُ (آيت : 12) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي. (جيڪو آهي ته صبر آزما، پر انسان کي بلندين جي طرف وٺي وڃي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته عَقبهه ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي لڪ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته سخت لڪ ڇا آهي ؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته اُها گهاٽي ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن پَتو ڏِنئـِي اِن ڳالھ جو؟ ته ڇا آهي سا اَمِين! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪنهن تو کي پروڙايو ته ”لَڪ“ ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته ڏکيو لـَـڪُ ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا ڪهڙي خبر توکي ڇاهي اهو ڏکيو لڪ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توکي ڪهڙي خبر ته اها مشڪل گهاٽي ڪهڙي آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكُّ رَقَبَةٍ (آيت : 13) |
ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻڌو اهو رستو هي آهي ته) ٻانهن کي ( هر قسم جي غلامين مان) آزاد ڪرائڻو آهي، (جيئن هرهڪ ماڻهوءَ کي جسماني، ذهني ۽ قلبي آزادي هجي ۽ هو خدا کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ ۾ نه هجي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ٻانهي کي آزاد ڪرڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪنهن (غلام يا قرضدار کي) ڇڏائڻو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻانهو آزاد ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو ٻانهي کي آزاد ڪرائڻو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪنهن ڪنڌ کي (غلامي مان) آزاد ڪرائڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَڍڻ ڳَٽ ڳِچِئ مان، گولي ڪِنهن غمگين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو آهي ڪنهن جو ڪنڌ آزاد ڪرڻ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن ڪنڌ کي غلاميءَ مان آجو ڪرڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪنهن غلام کي آزاد ڪرائڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنھن غلام کي آزاد ڪرائڻ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو إِطعٰمٌ فى يَومٍ ذى مَسغَبَةٍ (آيت : 14) |
يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا بک جي ڏينهن ۾ کاڌو کارائڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا بک واري ڏينهن طعام کارائڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا کاڌو کارائڻ بک واري ڏينهن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا بک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا بک واري ڏينهن کاڌو کارائڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا ڏِيَڻ ڏُکـئي ڏِينهن ۾، حالت مَنجھ حَزِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا سخت بک وقت ماني کارائڻ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا بک واري ڏينهن کاڌو کارائڻ(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا کاڌو کارائڻ ان زماني ۾ جڏهن ڏڪار هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا بک جي وقت (ڪنهن کي) کاڌو کارائڻ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَتيمًا ذا مَقرَبَةٍ (آيت : 15) |
مائٽي واري ڇوري ٻار کي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مٽيءَ مائٽيءَ واري يتيم کي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان يتيم کي جيڪو ويجھو مائٽ هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مٽيءَ مائٽيءَ واري يتيم کي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يتيم مائٽيءَ واري کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مٽيءَ مائٽي واري يتيم کي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رشتيدار يتيم کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا قُوْت قَرِيب، يَتِيم کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪنهن يتيم مائٽ کي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن مائٽ يتيم کي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪنهن ڇوري ٻار کي جيڪو مائٽ هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا ڪنھن رشتيدار يتيم کي کاڌو کارائڻ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو مِسكينًا ذا مَترَبَةٍ (آيت : 16) |
يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (توڙي) مٽيءَ هاڻن (سڀني) مسڪينن کي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ان مسڪين کي جيڪو مِٽيءَ ۾ رهندڙ هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا مٽيءَ ۾ رليل مسڪين کي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا مسڪين مٽيءَ هاڻي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا مٽيءَ ۾ رَليل مسڪين کي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا خاڪ نشين مسڪين کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا مِٽي ڀَريل مِسڪِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا مٽيءَ ۾ پيل مسڪين کي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا ڌوڙ ۾ ويٺل مسڪين کي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ڪنهن غريب کي جيڪو مٽيءَ ۾ ڀڀوت هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا ميرڙي سيرڙي مسڪين کي کاڌو کارائڻ (اها آهي مشڪل گهاٽي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ كانَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَتَواصَوا بِالصَّبرِ وَتَواصَوا بِالمَرحَمَةِ (آيت : 17) |
ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري انهن ماڻهن مان ٿئي جن (الله جي پالڻهاريءَ وارن ٺوس قانونن تي) ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو اهڙن ماڻهن مان هجي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم و ڪرم جي وصيت ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ تون انهن ماڻهن ۾ (شامل) ٿي وڃين ها جن ايمان آندو ۽ صبر جي نصيحت ۽ ترس کائڻ جي وصيت ڪندا رهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ٿيو انهن مان جن ايمان آندو ۽ وصيت ڪيائون صبر جي ۽ هڪ ٻئي کي وصيت ڪيائون ٻاجهه ڪرڻ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري انهن مان ٿئي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي وصيت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن ماڻهن مان ٿئي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪيائون ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهان پوءِ رهيو، تِن م، جي مُؤمِن مُسلِمين، سَبق ڏِنائون صَبر جو، پڻ تَرس سَندِي تَلقِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن ۾ به شامل ٿئي، جن ايمان آندو، ۽ صبر ۽ مهرباني ڪرڻ جي نصيحت ڪندا رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (تنهن سان گڏ) انهن ماڻهن ۾ شامل ٿئي، جن ايمان آندو ۽ جن هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ ۽ (الله جي مخلوق تي) ترس کائڻ جي تلقين ڪئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو هجي انهن مان جن ايمان آندو ۽ تلقين ڪئي صبر جي ۽ پارت ڪئي رحم ۽ ٻاجهه ڪرڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهي ڪم ڪرڻ کان پوءِ) وري هي انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃي جن ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي تلقين ۽ هڪ ٻئي تي رحم ڪرڻ جو تاڪيد ڪندا رهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ أَصحٰبُ المَيمَنَةِ (آيت : 18) |
اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي سڀاڳا آهن، (جن کي هر قسم جون برڪتون حاصل ٿينديون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ساڄي پاسي وارا (بهشتي) آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي شخص خوش نصيب آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي سڄي پاسي وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ئي سڀاڳا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو ساڄي پاسي وارا (خوشبخت) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي آهن اَهل يـَمِين، سائـِين سائي هَٿ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي سڀاڳا شخص آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو آهن ساڄي پاسي وارا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ئي ماڻهو آهن ساڄي پاسي وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ) اهڙا ئي ماڻهو ساڄي پاسي وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا هُم أَصحٰبُ المَشـَٔمَةِ (آيت : 19) |
۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن اسان جي (پالڻهاريءَ وارين) آيتن جو انڪار ڪيو سي ئي نڀاڳا آهن. (۽ بي برڪتي انهن جي مقدر آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي کاٻي پاسي وارا (دوزخي) آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو آهي سي بدبخت آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن اسان جي آيتن جو ڪفر ڪيو اهي کٻي پاسي وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي ئي نڀاڳا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن سان ڪفر ڪيو اُهي کاٻي پاسي وارا (بدبخت) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان جي آيتن کان، جِن اَنڌن ڪيو اِنڪار، اُهي نڀاڳا نِڪڻي، هَٿ کٻي جا حَقدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو، سي نڀاڳا شخص آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، اهي کاٻي پاسي وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن انڪار ڪيو اسان جي آيتن کي مڃڻ کان، اهي ماڻهو آهن کاٻي پاسي وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو، سي کاٻي پاسي وارا (بدبخت) آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلَيهِم نارٌ مُؤصَدَةٌ (آيت : 20) |
مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن تي (هن دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به) باهه دميل هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن تي دم ڏنل باه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو انهن کي باھ ۾ وجهي (اها) باھ هر طرف کان بند ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن تي دٻيل باهه آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن تي باهه دميل هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن تي دَمِيَلَ باهه هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويڙهيل ويرو تار، آهي آگ اُنهن تان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهي باهه ۾ بند ٿيندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مٿن باهه ڇانيل هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن تي باهه ڇانيل هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي مٿان باهه وڪوڙيل هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |