توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
بَراءَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 1) |
جن مشرڪن سان اوھان انجام ڪيو تن ڏانھن الله ۽ سندس پيغمبر جي پاران (انجام کان) بيزاري آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو) جن مشرڪن سان توهان (صلح ۽ امن جو) عهدنامون ڪيو هو، تن متعلق الله ۽ سندس رسول جي طرفان ذميواريءَ کان آزاد هئڻ لاءِ (اهي اعلان آهي ته)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) هيءُ الله ۽ الله جي رسول جي طرفان قطِع تعلق (جو اعلان) آهي، انهن مشرڪن لاءِ جن سان توهان وعدو ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مسلمانو!) جن مشرڪن سان اوهان ماڻهن (صلح جو) انجام اقرار ڪيو هو، هاڻي خدا ۽ سندس رسول جي طرفان انهن کان (يڪدم) بيزاري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (معاهدن کان) بيزاري آهي الله ۽ ان جي رسول جي طرفان انهن ڏانهن جو معاهدو ڪيو اوهان مشرڪن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله ۽ سندس رسول جي انهن مشرڪن کان بيزاري آهي جن سان اوهان معاهدو ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ۽ ان جي رسول طرفان بيزاري (جو اعلان) آهي انهن مشرڪن لاءِ جن سان اوهان معاهدو ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ربَّ ۽ سندس رسول جِي، بلڪل بيزارِي، تن کان، مَنجھان مشرڪن، جن سان ٻَڌان ٻارِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان، جن مشرڪن سان عهدنامو ڪيو هو، تنهن تان الله ۽ سندس رسول هٿ کنيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيزار ٿي وڃڻ جو اعلان آهي، الله ۽ سندس رسول جي طرفان انهن مشرڪن کان جن سان توهان معاهدا ڪيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيزاري جو اعلان آهي الله ۽ سندس رسول طرفان انهن ماڻهن جي لاءِ جن معاهدا ٽوڙيا هئا مشرڪن مان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مسلمانو!) توهان مشرڪن سان جيڪي (اڳ) معاهدا ڪيا هئا، انهن معاهدن کي الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ اڄ) ختم (ڪرڻ جو اعلان) ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي طرفان بيزاري (۽ دستبرداري) جو اعلان آهي انهن مشرڪن جي طرف جن سان توهان (صلح ۽ امن جو) معاهدو ڪيو هو (پر انهن معاهدو ٽوڙيندي جنگ شروع ڪري ڇڏي.)(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (مسلمانؤ! جن مشرڪن سان توهين (ٺاهه ۽ امن جو) معاهدو ڪيو هيو، هاڻي الله ۽ ان جي رسول جي طرفان انهن کان بيزاريءَ جو اعلان آهي! -(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَسيحوا فِى الأَرضِ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَأَنَّ اللَّهَ مُخزِى الكٰفِرينَ (آيت : 2) |
(اي مشرڪؤ) مُلڪ ۾ چار مھينا سير ڪريو ۽ ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو ۽ (ڄاڻو) ته الله ڪافرن کي خراب ڪرڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) چار مهينا ملڪ ۾ گهمو ڦرو (ڪا روڪ ٽوڪ ڪانهي، چئن مهينن بعد جنگ جي حالت قائم ٿيندي) ۽ ياد رکو ته توهان (مشرڪ) ڪڏهن به الله کي عاجز ڪري نه سگهندؤ (يعني مسلمانن ۽ اسلام جي فتح ۽ واڌاري کي روڪي نه سگهندؤ) ۽ (پڻ يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ منڪرن کي (حق جي پيروي ڪندڙن هٿان) ذليل ۽ خوار خراب ڪندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ (اي مشرڪو) توهان زمين ۾ چار مهينا سير ڪريو ۽ توهان يقين ڪريو ته بيشڪ توهان الله تعالى کي عاجز ڪندڙ ناهيو، ۽ بيشڪ الله تعالى ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي مشرڪو!) اوهين بس چار مهينا (ذيقعد، ذوالحج، محرم ۽ رجب) ته سک سان بغير خطري جي روءِ زمين تي سير ۽ سياحت (ڀلي) ڪريو ۽ ياد رکو ته اوهين (ڪنهن به طرح سان) خدا کي عاجز نٿا ڪري سگهو ۽ هي (ڳالھ) به ته خدا ڪافرن کي ضرور خوار ڪري ڇڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (ڪنهن سان) پوءِ گهمو ڦرو زمين ۾ چار مهينا ۽ چڱي طرح ڄاڻو ته بيشڪ اوهان ناهيو عاجز ڪندڙ الله کي ۽ بيشڪ الله خوار ڪندڙ آهي ڪافرن کي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (هن) زمين ۾ چار مهينا گهمي وٺو ۽ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪندڙ نه آهيو ۽ هن ڳالهه کي به ته الله ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان چار مهينا زمين ۾ گهمي ڦري وٺو (اي مشرڪو) ۽ ڄاڻو ته اوهان الله کي عاجز ڪندڙ نه آهيو ۽ بيشڪ الله ڪافرن کي خوار ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چار مَهِينا مُلڪ گُھمو، ۽ سُڌرکو سارِي، ته ناهيو ڏاڍا ڏيہ ۾، بلڪل کان بارِي، ۽ خالق خُواري، مَڙهِيندڙ سِر مُنڪرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنڪري ”(اي مشرڪو!) اوهين ملڪ ۾ چار مهينا گهمي ڦري وٺو ۽ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪري نٿا سگهو ۽ بيشڪ الله ڪافرن کي خوار ڪندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ملڪ ۾ باقي چار مهينا گهمي گهتي وٺو ۽ اها خبر هجيوَ ته توهان الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ اها به ته الله حق جي منڪرن کي خوار خراب ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو (اي مشرڪو) گُهمي ڦِري وٺو زمين ۾ چار مهينا، ۽ توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته توهان توهان عاجز ڪري نٿا سگهو الله کي، ۽ الله خوار ڪرڻ وارو آهي ڪافرن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ( انهن مشرڪن کي چؤ ته) توهان چئن مھينن تائين انهن معاهدن مطابق آزاديءَ سان گهمي ڦري وٺو ۽ اهو ذهن ۾ رکو ته توهان الله تعالى کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو. بيشڪ الله تعالى ڪافرن کي رسوا ڪرڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ (اي مشرڪؤ!) توهان زمين ۾ چار مهينن (تائين) گهمي ڦري وٺو (ان مهلت جي خاتمي تي توهان کي جنگ کي منهن ڏيڻو پوندو) ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته توهان الله کي هرگز عاجز نٿا ڪري سگهو ۽ بيشڪ الله ڪافرن کي خوار ڪندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته چئن مهينن تائين ملڪ ۾ گهمو ڦرو (ڪائي جهل پل ڪانهي، ان کانپوءِ جنگ جي صورتحال بحال ٿيندي.) ۽ ياد رکو! توهين ڪڏهن به الله کي هيڻو ڪري نه سگهندؤ ۽ الله منڪرن کي (حق جي پيروڪارن جي هٿان) ذليل ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَذٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ إِلَى النّاسِ يَومَ الحَجِّ الأَكبَرِ أَنَّ اللَّهَ بَريءٌ مِنَ المُشرِكينَ وَرَسولُهُ فَإِن تُبتُم فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَوَلَّيتُم فَاعلَموا أَنَّكُم غَيرُ مُعجِزِى اللَّهِ وَبَشِّرِ الَّذينَ كَفَروا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 3) |
۽ وڏي حَج جي ڏينھن الله ۽ سندس پيغمبر جي طرفان ماڻھن ڏانھن پڙھو آھي ته الله ۽ سندس پيغمبر مشرڪن کان بيزار آھي، پوءِ (اي مشرڪؤ) جيڪڏھن (شرڪ کان) توبه ڪندؤ ته اُھا اوھان لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھين مُنھن ڦيرائيندؤ ته ڄاڻو ته اوھين الله کي ٿَڪائڻ وارا نه آھيو، ۽ (اي پيغمبر) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ الله ۽ سندس رسول جي طرفان حج جي وڏي ڏينهن تي عام پڙهو ڏنو وڃي ٿو ته الله هاڻي مشرڪن جي ذميواريءَ کان آزاد آهي ۽ سندس رسول به آزاد آهي (يعني عهد ناما ٽٽي پيا ۽ مسلمان هاڻي انهن جو ذمون کڻڻ کان آزاد آهن) پوءِ جيڪڏهن توهان (مشرڪ دشمن هاڻي به ظلم ۽ شرارتن کان) توبهه ڪيو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه نه مڃيندؤ ته يقين ڄاڻو ته توهان الله کي عاجز ڪري ڪين سگهندؤ. (اي پيغمبر!) جي ماڻهو ڪفر جي واٽ وٺي رهيا آهن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ عام اعلان آهي الله ۽ الله جي رسول جي طرفان سڀني ماڻهن ڏانهن حج اڪبر جي ڏينهن ته بيشڪ الله ۽ الله جو رسول مشرڪن کان بيزار آهي، پوءِ جيڪڏهن اهي توبه تائب ٿين ٿا پوءِ اهو انهن لاءِ بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن انڪار ڪن پوءِ يقين ڪريو بيشڪ توهان الله کي عاجز ڪندڙ نه آهيو ۽ توهان ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ۽ سندس رسول جي طرفان حج اڪبر جي ڏينهن (اوهان) ماڻهن کي آگاھ ڪجي ٿو ته خدا ۽ ان جو رسول مشرڪن کان بيزار (۽ الڳ) آهي، ته (مشرڪو!)اوهان ماڻهن جيڪڏهن (هاڻي به) توبه ڪئي ته توهان جي حق ۾ سٺو آهي. پر جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ کان به) منهن موڙ ڪئي ته سمجهو، اوهين خدا کي ڪڏهين به عاجز نه ڪري سگهندو! جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي دردناڪ عذاب جي خوش خبري ڏئي ڇڏ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عام اعلان آهي الله ۽ ان جي رسول جي طرفان ماڻهن ڏانهن وڏي حج جي ڏينهن بيشڪ الله بيزار آهي مشرڪن کان ۽ رسول ان جو پوءِ جيڪڏهن توبہ ڪيو ته پوءِ اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ ۽ جيڪڏهن منهن ڦيريو اوهان ته پوءِ يقين ڄاڻو ته بيشڪ اوهان ناهيو عاجز ڪندڙ الله کي ۽ بشارت ڏي انهن کي جو ڪفر ڪيائون عذاب دردناڪ جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ۽ سندس رسول جي طرفان وڏي حج جي ڏينهن ماڻهن تائين هيءَ خبر پهچائڻي آهي ته الله ۽ سندس رسول مشرڪن کان بيزار آهن. پوءِ جيڪڏهن توبه ڪندؤ ته اهو اوهان لاءِ چڱو آهي. ۽ جيڪڏهن ڦرندؤ ته پوءِ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله ۽ ان جي رسول پاران ماڻهن ڏانهن وڏي حج واري ڏينهن اعلان آهي ته: ”بلاشڪ الله مشرڪن کان بيزار آهي ۽ ان جو رسول (ﷺ) به“. پوءِ جي اوهان توبه ڪئي ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي ۽ جيڪڏهن اوهان مُنهن موڙيو ته پوءِ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو. ۽ (اي نبي!) ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ربَّ ۽ سندسِ رسول جي، حَج وڏي جي وار، آهي مِڙِني ماڻهئـِين، چِتاءُ اِهو چوڌار، ته الله جَلَّ جَلَالہ، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، آهن بِنه بيزار، پَرجي، پُوڄارين کان پوءِ، جي موٽيا، ته موچارو اِهو، آهي اوهان ڪاڻ، ۽ جي مُوڙهل مُنهن موڙيان، ته پَڪ پروڙيو پاڻ، ته نه آهيو، ڏاڍا ڏيہ ۾، صاحب کان سُڄاڻ، ڪَر ڪفارن ڄاڻ، سُورن ڀَري، ساڙ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وڏي حج جي تاريخن ۾ ماڻهن اڳيان الله ۽ سندس رسول جي طرفان هيءُ اعلان ڪجي ٿو ته ”الله ۽ سندس رسول مشرڪن تان هٿ کڻن ٿا“ پوءِ جيڪڏهن اوهين توبهه ڪريو، ته اها اوهان لاءِ چڱي آهي- ۽ جي اوهين منهن موڙيندؤ، ته سمجهي ڇڏيو ته اوهين الله کي عاجز ڪري نٿا سگهو ۽ ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عام اطلاع آهي، الله ۽ سندس رسول جي پاران حج اڪبر جي ڏينهن، سڀني ماڻهن لاءِ ته الله تي مشرڪن جو ڪوبه ذمو ڪونهي ۽ سندس رسول به (ذمي کان آجو آهي) پوءِ هاڻي جي توبــھ ڪندؤ ته توهان لاءِ ئي چڱو آهي ۽ جي منهن موڙيندؤ ته سمجهي ڇڏيو ته توهان الله کي عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ اي نبي ! انڪار ڪندڙن کي سخت عذاب جي خوشخبري ڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اعلان آهي الله ۽ سندس رسول جو عام ماڻهن جي لاءِ حج اڪبر جي ڏينهن تي، ته بيشڪ الله بيزار آهي مشرڪن کان، ۽ سندس رسول به. هاڻي اگر توهان توبهه ڪري وٺو ته اها توهان لاءِ چڱي آهي، ۽ اگر منهن ڦيرايو ٿا ته سمجهي ڇڏيو، توهان عاجز ڪري نٿا سگهو الله کي، ۽ (اي نبي!) خوشخبري ٻڌاءِ انهن ڪافرن کي سخت عذاب جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي طرفان حجّ اڪبر جي ڏينهن هي سڀني ماڻهن جي لاءِ عام اعلان آهي ته بيشڪ الله تعالى مشرڪن جي ڪنھن به حفاظتي ذميداري کڻڻ کان آجو آهي ۽ سندس رسول (ﷺ) به (آجو آهي) جيڪڏهن توهان توبہ ڪندا ته توهان جي لاءِ بھتر ٿيندو پر جيڪڏهن منھن ڦيرائيندا ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ توهان (ڪڏهن به) الله تعالى کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو ۽ (تون) ڪافرن کي تڪليف ڏيندڙ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (هي آيتون) الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي طرفان تمام ماڻهن ڏانهن حجِ اڪبر جي ڏينهن (عام) اعلان آهي ته الله مشرڪن کان بيزار آهي ۽ ان جو رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) به (انهن جي ذميواري کان آجو آهي)، پوءِ (اي مشرڪو!) جيڪڏهن توهان توبه ڪريو ته اها توهان جي حق ۾ بهتر آهي ۽ جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ته ڄاڻي وٺو ته توهان هرگز الله کي عاجز نٿا ڪري سگهو، ۽ (اي حبيب!) توهان ڪافرن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌايو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ الله ۽ ان جي رسول جي پاران حج جي وڏي ڏينهن تي عام اعلان ڪجي ٿو ته الله، مشرڪن کان بيزار آهي ۽ ان جو رسول به بيزار آهي. ( يعني هاڻي الله جي ليکي ۾ ڪوئي معاهدو باقي نه رهيو ۽ نه ڪي ان جو رسول ڪنهن معاهدي جو ذميوار آهي) تنهنڪري جيڪڏهن توهين (هاڻي ظلم ڪرڻ کان) توبهه ڪندؤ ته توهان جي لاءِ ان ۾ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن نه مڃيندؤ ته يقين ڄاڻو الله کي عاجز ڪري نه سگهندؤ. ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ هلن ٿا، انهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ٻڌائي ڇڏ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم مِنَ المُشرِكينَ ثُمَّ لَم يَنقُصوكُم شَيـًٔا وَلَم يُظٰهِروا عَلَيكُم أَحَدًا فَأَتِمّوا إِلَيهِم عَهدَهُم إِلىٰ مُدَّتِهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 4) |
پر مشرڪن مان جن انجام ڪيو ھيوَ وري (انھن) اوھان سان (انجام ۾) ڪُجھ قُصور نه ڪيو ۽ نڪي اوھان جي خلاف ڪنھن کي مدد ڏنائون تن جو انجام سندين مدت تائين ساڻن پورو ڪريو، ڇوته الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سواءِ انهن مشرڪن جي جن سان توهان عهدنامون ڪيو هو ۽ هنن (قول قرار نڀائڻ ۾) ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪئي، نڪي توهان جي خلاف ڪنهن (دشمن) جي مدد ڪيائون. اوهان کي به گهرجي ته هنن سان جيتري مدي لاءِ عهدنامون ٿيل آهي اوتري مدي تائين ان کي نڀايو. الله تعاليٰ انهن کي حب ڪري ٿو جيڪي (هرهڪ ڳالهه ۾) متقي رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) مگر مشرڪن مان اهي ماڻهو جن سان توهان معاهدو ڪيو ان کان پوءِ انهن توهان سان وعده خلافي نه ڪئي ۽ (توهان جي مخالفت ۾) ڪنهن هڪڙي جي مدد نه ڪئي، پوءِ مقرر وقت تائين توهان انهن سان وعدو نِڀايو، بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان محبت رکي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (هاءُ) جن مشرڪن سان تو معاهدو ڪيو هو پوءِ انهن ڪڏهن به اوهان سان (ان انجام اقرار ۾) گهٽتائي نه ڪئي ۽ نه اوهان جي خلاف ڪنهن جي انهن مدد ڪئي ته هنن جي معاهدي کي جيتري مدت لاءِ مقرر ڪيل آهي پورو ڪريو. خدا پرهيزگارن کي پڪ چاهي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سواءِ انهن جي جو عهد ڪيو اوهان (انهن سان) مشرڪن مان ان کان پوءِ نه گهٽايائون اوهان کان ڪا شيءِ ۽ نه مدد ڪيائون اوهان تي ڪنهن هڪ جي پوءِ پورو ڪيو انهن ڏانهن عهد انهن جو سندن مدت تائين بيشڪ الله محبت رکي ٿو پرهيزگارن سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پر جن مشرڪن سان اوهان عهدنامو ڪيو پوءِ اوهان سان ڪنهن به شيءِ ۾ گهٽتائي نه ڪيائون ۽ نه اوهان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي مدد ڪيائون تن سان سندن انجام سندن (معاهدي جي) مدت تائين پورو ڪريو. بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن مشرڪن جي جن سان اوهان معاهدو ڪيو هيو پوءِ انهن اوهان سان (عهد پاڙڻ ۾) ڪنهن شيءِ جي ڪمي نه ڪئي آهي ۽ نه اوهان جي مقابلي ۾ ڪنهن کي مدد ڏنائون پوءِ انهن جو معاهدو سندن مدت تائين انهن سان پورو ڪيو. بيشڪ الله پرهيزگارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر مُشرڪن مان، جن سان، ڪيان قول قرار، وَرِي ڪُجھ نه ٽوڙيو، توهان سان تڪرار، موٽِي مَدد نه ڏنائون، توهان تي تڪرار، پوءِ مُدّت اُن عَهْد جِي، پاريو تنِين پار، پَرور ڏي پيار، پوتِي پاڪ رکندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جن مشرڪن سان اوهان قول اقرار ڪيو آهي ۽ انهن ان ۾ اوهان سان ڪا گهٽتائي نه ڪئي آهي، نڪي اوهان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي به مدد ڪئي اٿن، تن سان اوهين قول قرار مقرر وقت تائين پورو ڪريو، بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مشرڪن کي ڇڏي جن سان توهان معاهدا ڪيا آهن ۽ پوءِ انهن پنهنجن عهدن کي پورو ڪرڻ ۾ توهان سان ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي آهي ۽ نڪي توهان جي خلاف ڪنهن جي ڪا مدد ڪئي اٿن ته پوءِ اهڙن سان توهان به معاهدي جي مدت تائين نڀائجو، ڇو ته الله پرهيزگارن کي ئي پسند ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ انهن مشرڪن جي، جن سان معاهدا ڪيا توهان، ۽ انهن مشرڪن انهن معاهدن کي پوري ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪئي، ۽ نه توهان جي خلاف ڪنهن جي مدد ڪئي ته اهڙن ماڻهن سان توهان به معاهدن جي مدت پوري ڪريو، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو پرهيزگارن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رهيا اهي مشرڪ جن سان توهان جا معاهدا باقي آهن ۽ انهن معاهدن ۾ انهن توهان سان بدعھدي ۽ توهان جي خلاف ڪڏهن به ڪنھن جي مدد نه ڪئي آهي ۽ معاهدن کي توڙ تائين نڀايو به آهي (ته اهڙن مشرڪن سان معاهدا برقرار آهن) بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن کي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) سواءِ انهن مشرڪن جي جن سان توهان معاهدو ڪيو هو پوءِ انهن توهان سان (پنهنجو عهد پورو ڪرڻ ۾) ڪا گهٽتائي نه ڪئي ۽ نه توهان جي مقابلي تي ڪنهن جي مدد (يا پٺڀرائي) ڪين ته توهان انهن جي عهد کي ساڻن مقرر ڪيل مدت تائين پورو ڪريو، بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند فرمائي ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پر مشرڪن منجهان اهي ماڻهو-جن سان توهين معاهدو ڪيو هيو پوءِ انهن (واعدو پاڙڻ ۾) ڪنهن قسم جي ڪمي نه ڪئي ۽ نه ڪي توهان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي مدد ڪئي هجائون ته اُهي ان حڪم کان ٻاهر آهن. تنهنڪري ساڻن جيتري عرصي تائين معاهدو ٿيو آهي- ان عرصي تائين اهو معاهدو پورو ڪيو. الله انهن ماڻهن کي دوست رکي ٿو جيڪي متقي هوندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَإِذَا انسَلَخَ الأَشهُرُ الحُرُمُ فَاقتُلُوا المُشرِكينَ حَيثُ وَجَدتُموهُم وَخُذوهُم وَاحصُروهُم وَاقعُدوا لَهُم كُلَّ مَرصَدٍ فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَخَلّوا سَبيلَهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پوءِ (جن مھينن ۾ لڙائي) حرام (ڪئي ويئي آھي سي) مھينا جڏھن پورا ٿين ته (عرب جي) مشرڪن کي جتي لھو تتي انھن کي ماريو ۽ انھن کي پڪڙيو ۽ انھن کي بند رکو ۽ سڀني گھَٽن تي انھن لاءِ ويھو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته سندن واٽ بند نه ڪريو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن حرمت جا مهينا گذري وڃن تڏهن (جنگ جي حالت قائم ٿيندي پوءِ) مشرڪن کي جتي به ڏسو قتل ڪيو ۽ گرفتار ڪيو ۽ پڻ انهن کي گهيرو ڪيو ۽ هر جڳهه انهن جي تاڙ ۾ ويهو. پوءِ جيڪڏهن توبهه ڪن، نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ (وٺ پڪڙ نه ڪيو ۽) کين آزاد ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن وقت حج جا مهينا پورا ٿين پوءِ توهان مشرڪن کي قتل ڪريو جِتي به توهان کي مِلن ۽ کين پڪڙيو ۽ کين قيد ڪريو ۽ انهن لاءِ توهان گھاٽِ هڻي ويهو، پوءِ جيڪڏهن اهي توبه تائب ٿين ۽ نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين پوءِ سندن رستو کولي ڇڏيو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن حرمت جا (چارئي) مهينا گذري وڄن ته پوءِ مشرڪن کي جٿي لهو (بيڌڙڪ) قتل ڪريو ۽ کين گرفتار ڪريو ۽ انهن کي قيد ڪريو ۽ (سندن) هر گهات جي جاءِ تي تاڪ ۾ وهو پوءِ جيڪڏهن اهي (شرڪ کان) باز اچن ۽ نماز پڙهڻ لڳن ته ۽ زڪوات ڏين ته سندن گس ڇڏي ڏيو (نه وڙهو) بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن گذرن مهينا عزت وارا پوءِ قتل ڪيو مشرڪن کي جتي به لهو انهن کي ۽ وٺو انهن کي ۽ قيد ڪيو انهن کي ۽ وِهو واسطي انهن جي هر گهٽ ۾ پوءِ جيڪڏهن توبہ ڪن ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪواة پوءِ ڇڏيو واٽ انهن جي بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن امن جا مهينا گذري وڃن ته مشرڪن کي جتي به ڏسو اتي کين قتل ڪريو، ۽ انهن کي پڪڙيو ۽ کين گهيرو ڪريو ۽ انهن لاءِ سڀ ڪنهن گهٽ (مخفي جاءِ) تي (تاڙ ۾ ) ويهو. پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته سندن رستو ڇڏيو! ڇوته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن حرمت وارا مهينا گذري وڃن ته پوءِ مشرڪن کي جتي به لهو انهن کي قتل ڪيو ۽ انهن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن کي قيد ڪيو ۽ (انهن کي پڪڙڻ ۽ قيد ڪرڻ لاءِ) هر گهاٽ تي سندن تاڙ ۾ ويهو. پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ادا ڪن ته پوءِ انهن جو رستو آجو ڪيو. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن مهِينا مَنع جا ، پُورا ٿيا پَڪ، پوءِ ماريو مشرڪن کي، لَڌانِ جتي لاشڪ، وَٺونِ، وڪوڙيونِ وَرِي، سوگھو ڪريونِ سُڪ ۽ وِهونِ وَٺِي لَڪ، جِتان اَچڻ جو آسَرو. پوءِ، جي تو به ڪيؤن تمام، پڻ قائم ڪيون نماز، ۽ صدقائون ڏِنائون، صدق مان، پوءِ ڇَڏِ واٽ سندنِ، وَريام، آگو ربُّ عَلام، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن امن جا مهينا گذري وڃن، ته پوءِ مشرڪن کي جتي به ڏسو، اتي قتل ڪريو ۽ کين پڪڙيو ۽ گهيري ۾ آڻيو، ۽ هر هڪ گهٽ تي انهن جي تاڪ ۾ ويهو- پوءِ جيڪڏهن توبهه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين، ته انهن جو رستو ڇڏي ڏيو- بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن حرام (عزت وارا) مهينا گذري وڃن ته مشرڪن کي قتل ڪريو، جتي به لهونِ ۽ کين پڪڙيو ۽ سندن گهيرو ڪريو ۽ کين سيکت ڏيڻ لاءِ هرهنڌ سندن گهٽَ جهلي ويهو، پوءِ جيڪڏهن توبــھ تائب ٿين ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ادا ڪن ته ڇڏي ڏيونِ، الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن حرمت وارا مهينا گذري وڃن ته قتل ڪريو مشرڪن کي جتي به ڏسو، ۽ انهن کي پڪڙيو ۽ انهن کي گهيرو ڪريو ۽ هرهڪ گهٽ تي انهن جي خبر وٺڻ لاءِ ويهو، پوءِ جيڪڏهن اهي توبه ڪن ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪوات، ته انهن کي ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله معاف ڪلندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن ڏنل مھلت وارا مھينا گذري وڃن ته هاڻي مشرڪن کي جتي به ڏسو کين قتل ڪريو، پڪڙيو، سندن گهيرو ڪريو ۽ هر وقت ۽ هر جڳھه سندن تاڙ ۾ رهو. پوءِ جيڪڏهن هو توبہ ڪن، نماز قائم ڪن، زڪوات ادا ڪن ته پوءِ انهن جي رستا روڪ نه ڪريو. بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن حرمت وارا مهينا گذري وڃن ته توهان (اعلان موجب جن) مشرڪن (نئين سر جنگ شروع ڪري ڏني اٿوَ، جنگ جي دوران انهن) کي جتي به ڏسو قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي گرفتار ڪريو ۽ کين قيد ڪريو ۽ انهن کي (پڪڙڻ ۽ گهيراءُ ڪرڻ) هر گَهٽُ تي انهن جي تاڙ ۾ ويهو، پوءِ جيڪڏهن اُهي توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ڏيڻ لڳن ته انهن جو رستو ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري جڏهن حرمت جا مهينا گذري وڃن ته (جنگ بحال ٿي وئي) مشرڪن (يعني سماج کي ڊانواڊول ڪندڙ ماڻهن) کي جتي به ڏسو، قتل ڪري ڇڏيو ۽ جتي به توهان کي ٽڪرائجن، کين سوگهو ڪيوِ، پڻ انهن جو گهيراءُ ڪيو ۽ هر گَهٽَ تي سندن تاڙ ۾ ويهو. پوءِ جيڪڏهن هو مُڙي وڃن، نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ادا ڪن (يعني سماج جي تعمير لاءِ آماده ٿين) ته انهن جا رستا صاف ڪري ڇڏيو. بي شڪ! الله وڏو بخشڻهار- رحمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِن أَحَدٌ مِنَ المُشرِكينَ استَجارَكَ فَأَجِرهُ حَتّىٰ يَسمَعَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ أَبلِغهُ مَأمَنَهُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعلَمونَ (آيت : 6) |
۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو اچي ۽ اوهان کان پناهه گهري ته ڪيس ضرور پناهه ڏيو تيستائين جيستائين هو (چڱيءَ طرح) الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، پوءِ کيس (سلامت) سندس امن واري جاءِ تي پهچايو. هيءُ حڪم هن ڪري ضروري ٿيو جو اهي ماڻهو (اسلام جي حقيقت کان) بي خبر آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو توهان کان پناه گھري ٿو ته پوءِ ان کي پناه ڏيو ايستائين ته الله جو ڪلام ٻڌي ان کان پوءِ کيس امن واري جاءِ تي رسايو، اهو (حڪم) ان سببان آهي ته بيشڪ اهي بي سمجھه قوم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو تو کان پناھ گهري ته ان کي پناھ ڏي! ايستائين جو اهو خدا جو ڪلام ٻڌي پوءِ کيس امن واري جاءِ تي پهچائي ڏي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو نادان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪو مشرڪن مان پناهه وٺي توکان پوءِ پناهه ڏي ان کي تانجو ٻڌي ڪلام الله جو ان کان پوءِ پهچاءِ ان کي جاءِ امن واريءَ ان جي تي اهو سببان ان جي جو بلاشڪ اهي قوم آهن جو نه ٿا ڄاڻن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو توکان پناه گهري ته ان کي پناه ڏي جيستائين الله جو ڪلام ٻڌي. پوءِ ان کي سندس امن جي جاءِ تي پهچاءِ، اهو هن ڪري جو اهي اهڙي قوم آهن جي نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي مشرڪن مان ڪو تو کان پناهه گهري ته ان کي پناهه ڏي تانجو الله جو ڪلام ٻڌي پوءِ ان کي ان جي امن جي جاءِ تي پهچاءِ. اِهو هن لاءِ ته اهي اهڙي قوم آهن جيڪي نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مَنهجان مشرڪن، ڪو پوي، سَندئـِي سِرڻ سامَ، سام جَھِلينسِ، تان سُڻي، قادِر جو ڪَلام؛ پُهچائـِينسِ جاءِ پناه تي، واري تون وريام!، هِن لئي، ته ماهِيت مام، اِها قوم سَمجھي ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو توکان پناهه گهري ته ان کي پناهه ڏي، جيسين الله جي ڪلام کي ٻڌي، پوءِ ان کي سندس امن واري جاءِ تي پهچائي ڇڏيو. اهو حڪم ان ڪري آهي جو اهي اڻ ڄاڻ ماڻهو آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو شخص پناهه وٺي تو وٽ اچڻ گهري (ته جيئن الله جو ڪلام ٻڌي) ته انکي ايستائين پناهه ڏي جو هو الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، پوءِ کيس سندس سلامتيءَ واري هنڌ تي پهچائي ڇڏ. اهو انڪري ڪرڻ گهرجي، جو انهن ماڻهن کي علم ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن ڪو به مشرڪن مان تو وٽ اچڻ گهري (جيئن الله جو ڪلام ٻڌي) ته ان کي پناهه ڏي، ايستائين جو هو الله جو ڪلام ٻڌي، ان کي امن جي جاءِ تي پهچايو، ان لاءِ ته اهي ڪو علم نٿا رکن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو توهان وٽ (الله تعالى جي پاڪ ڪلام ٻڌڻ لاءِ) پناهه چاهي ته کيس ٻڌڻ تائين پناهه ڏيو. ڪلام پاڪ ٻڌڻ کان پوءِ وري کيس پنھنجي محفوظ جڳھه تائين ڇڏي اچو. اهو ان لاءِ آهي ته انهن (ويچارن) کي (صحيح) علم جي ڄاڻ نه آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن مشرڪن مان ڪوبه توهان کان پناهه جي گهر ڪري ته ان کي پناهه ڏيئي ڇڏيو ته جيئن اُهو الله جو ڪلام ٻڌي پوءِ توهان کيس سندس امن واري جاءِ تائين پهچائي ڇڏيو، اهو ان ڪري جو اُهي (حق جو) علم نٿا رکن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن مشرڪن منجهان ڪو ماڻهو تنهنجي پناهه ۾ اچڻ چاهي ته ضرور ان کي پناهه ڏي، جيستائين هو (چڱيءَ طرح) الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، وري ان کي (حفاظت سان) پنهنجي ماڳ پهچاءِ. اها ڳالهه ان ڪري ضروري آهي جو اهي ماڻهو (حق جي دعوت جي حقيقت جو) علم نه ٿا رکن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
كَيفَ يَكونُ لِلمُشرِكينَ عَهدٌ عِندَ اللَّهِ وَعِندَ رَسولِهِ إِلَّا الَّذينَ عٰهَدتُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ فَمَا استَقٰموا لَكُم فَاستَقيموا لَهُم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 7) |
الله وٽ ۽ سندس پيغمبر وٽ مشرڪن لاءِ اَنجام ڪئن ٿيندو سواءِ انھن جي جن سان تعظيم واريءَ مسجد وٽ انجام ڪيو ھُيوَ، پوءِ اُھي جيستائين اوھان جي انجام تي بيھڪ ڪن ته اوھين انھن لاءِ بيھڪ وٺو، بيشڪ الله پرھيزگارن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ائين ڪيئن ٿو ٿو سگهي ته (هنن) مشرڪن جو عهد الله ۽ سندس رسول جي نظر ۾ (سچو) عهد سمجهڻ ۾ اچي؟ پر جن ماڻهن سان اوهان ڪعبت الله جي ويجهو (حديبيه ۾) عهد ۽ پيمان ڪيو هو (۽ انهن ان کي نه ٽوڙيو تن جو عهد بيشڪ سچو عهد آهي ۽( جيستائين اهي توهان سان (پنهنجي عهد تي) قائم رهن تيستائين توهان به انهن سان (پنهنجي عهد تي) قائم رهو. الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جي (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) متقي رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (عجب آهي ته) الله ۽ الله جي رسول وٽ انهن مشرڪن جو ڪهڙو معاهدو آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جن سان توهان مسجدالحرام ۾ وعدو ڪيو، پوءِ جيستائين توهان سان اهي وعدي تي قائم رهن ته توهان به انهن سان وعدي تي قائم رهو، بيشڪ الله تعالى نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جڏهن) مشرڪن (خود انجام شڪني ڪئي ته انهن) جو عهد اقرار خدا وٽ ۽ ان جي رسول وٽ ڪئين (قائم) رهي سگهي ٿو. پر جن ماڻهن سان تو ڪعبي وٽ معاهدو ڪيو هو ۽ اهي ماڻهو (به) (پنهنجو معاهدو) تو سان قائم رکن ته تون به هنن سان (پنهنجو انجام) قائم رک. بيشڪ خدا (بدعهدي کان) پرهيز ڪرڻ وارن کي پسند ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيئن هوندو مشرڪن لاءِ عهد الله وٽ ۽ ان جي رسول وٽ سواءِ انهن جي جو عهد ڪيو اوهان مسجد عزت واريءِ وٽ پوءِ جيستائين قائم رهيا اوهان لاءِ پوءِ قائم رهو انهن لاءِ بيشڪ الله محبت ٿو رکي پرهيزگارن سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله وٽ ۽ سندس رسولن وٽ مشرڪن لاءِ انجام ڪيئن رهندو پر جن سان اوهان مسجد حرام وٽ معاهدو ڪيو سي جيستائين اوهان سان سڌا رهن ته اوهين به انهن سان سڌا رهو. بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله وٽ ۽ ان جي رسول (ﷺ) وٽ مشرڪن لاءِ معاهدو ڪيئن رهندو؟ سواءِ انهن ماڻهن جي جن توهان سان مسجدالحرام وٽ (يعني حديبيه ۾) معاهدو ڪيو آهي، پوءِ جيستائين اوهان سان (معاهدي تي) قائم رهن پوءِ اوهان به انهن سان قائم رهو. بيشڪ الله پرهيزگارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ربَّ، ۽ سندس رسول وٽ، ڪِهڙا ٻيلارن ٻول؟ مگر مسجد پاڪ وٽ، ڪيان جن سان قول، پوءِ، جي اُڀَينِ، سَنوان اوهان سان، ته اُڀي وَڃو اَڏول، تَقوا جن جو ٽول، ڌُڻَي به، ڌُڻَي اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ۽ سندس رسول وٽ مشرڪن جو عهدنامو ڪهڙيءَ طرح رهي سگهي ٿو؟ سواءِ انهن جي، جن سان اوهان بيت الله وٽ عهدنامو ڪيو آهي. پوءِ جيسين اهي اوهان سان سڌا رهن، ته اوهين به انهن سان سڌا رهو، بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مشرڪن لاءِ الله ۽ سندس رسول وٽ ڪو عهد اقرار آخر ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ باقي انهن جي ڳالهه ٻي آهي جن سان توهان مسجد حرام (ڪعبي) وٽ معاهدو ڪيو هو. پوءِ جيستائين هو توهان سان سڌا هلن ته توهان به سڌا هلونِ، ڇو ته الله پرهيزگارن کي پسند ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪيئن ٿي سگهي ٿو انهن مشرڪن جي لاءِ ڪوبه وعدو الله ۽ سندس رسول وٽ سواءِ انهن ماڻهن جي جن سان معاهدو ڪيو هو مسجد حرام (احترام واري) وٽ، پوءِ جيستائين هو توهان سان سِڌا هلن ته انهن سان سِڌا هلو، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو پرهيزگارن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان ڪيل مشرڪن جا معاهدا ڪيئن ٿا برقرار رهي سگهن؟ ها باقي جن ماڻهن مسجد حرام ۾ ويھي معاهدا ڪيا آهن ته پوءِ جيستائين هو وعدن جا پاسدار ٿي رهن ته توهان به انهن سان پاسدار ٿي رهو. بيشڪ الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (ڀلا) مشرڪن جي لاءِ الله وٽ ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) وٽ ڪو عهد ڪيئن ٿو ٿي سگهي سواءِ انهن ماڻهن جي جن سان توهان مسجد حرام وٽ (حديبيه ۾) معاهدو ڪيو آهي پوءِ جيستائين اُهي توهان سان (عهد تي) قائم رهن توهان انهن سان قائم رهو. بيشڪ الله پرهيزگارن کي پسند فرمائي ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته مشرڪن جو معاهدو، الله ۽ ان جي رسول وٽ به معاهدو ليکجي؟ ها! جن ماڻهن سان توهين مسجد الحرام جي ويجهو (حديبيه ۾) معاهدو ڪيو هيو (۽ انهن اهو نه ٽوڙيو) ته (انهن جو معاهدو بلڪل معاهدو آهي۽) جيستائين هو توهان سان (پنهني معاهدي تي) قائم رهن، توهين به انهن سان (پنهنجي معاهدي تي) قائم رهو. الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي متقي هوندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
كَيفَ وَإِن يَظهَروا عَلَيكُم لا يَرقُبوا فيكُم إِلًّا وَلا ذِمَّةً يُرضونَكُم بِأَفوٰهِهِم وَتَأبىٰ قُلوبُهُم وَأَكثَرُهُم فٰسِقونَ (آيت : 8) |
ڪئن (سندن انجام رھندو) ۽ جيڪڏھن اوھان تي غالب ٿين ته اوھان بابت نڪي مائٽي جو ۽ نڪي انجام جو خيال رکن، اوھان کي پنھنجين (مِٺين) زبانن سان راضي ڪندا آھن ۽ سندن دليون انڪاري آھن، ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن مشرڪن جو عهد ڪيئن (سچو) عهد ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هنن جو حال هيءُ آهي جو جيڪڏهن اڄ اوهان تي غلبو حاصل ڪن ته نڪي توهان سان مائٽي هئڻ جو خيال ڪن، نڪي عهد ۽ پيمان جو (يعني توهان تي هر طرح جا ظلم ڪن ۽ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، پر هنن جون دليون اوهان کان ڦريل آهن ۽ هنن ۾ اڪثر ماڻهو فاسق آهن (يعني سچائي ۽ خيرخواهيءَ جي بدران ٺڳي ۽ ظلم جي طريقن تي قائم آهن.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (عجب آهي ته انهن جو ڪهڙو لحاظ رکجي) ۽ جيڪڏهن توهان تي اهي فاتح ٿين ها ته توهان سان مائٽي ۽ معاهدي جو لحاظ نه ڪن ها، اهي توهان کي سهڻي گفتگوءَ سان راضي ڪن ٿا ۽ سندن دليون انڪار ڪن ٿيون، ۽ انهن مان گھڻا وعدي خلافي ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪئين (انهن لاءِ انجام باقي رهندو) هوڏانهن جيڪڏهن اوهان تي غالب ٿيندا ته اوهان جي حق ۾ ڪنهن مائٽيءَ ۽ نه ڪنهن انجام جو لحاظ ڪندا. اوهان کي پنهنجي زبان جي (لٻاڙ) سان خوش ڪن ٿا. حالانڪه سندن دليون نٿيون مڃين. ۽ انهن مان گهڻا ئي بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيئن ۽ جيڪڏهن غالب ٿين اوهان تي ته نه خيال ڪندا اوهان ۾ مائٽيءَ جو ۽ نه وعدي جو راضي ڪن ٿا اوهان کي منهن پنهنجي سان ۽ انڪار ڪن ٿيون دليون انهن جون ۽ گهڻا انهن جا فاسق آهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڪيئن (انهن لاءِ انجام رهندو) هوڏانهن جيڪڏهن اهي اوهان تي غالب ٿيندا ته اوهان جي حق ۾ نه ڪنهن مائٽي ۽ نه ڪنهن انجام جو لحاظ ڪندا. اوهان کي پنهنجي وات (جي ڳالهه) سان راضي ڪن ٿا ۽ سندن دليون نه ٿيون مڃين ۽ انهن مان گهڻا بدڪار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ڪيئن (وعدو پاڙيندا) حال اِهو آهي جو جيڪڏهن اوهان تي غالب ٿين ته نه اوهان بابت رشتيداري جو ڪو خيال ڪن ۽ نه ڪنهن معاهدي جو. پنهنجي واتن (زبانن) سان ته توهان کي راضي ڪن ٿا ۽ سندن دليون انڪار ڪن ٿيون ۽ انهن مان گھڻا نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِهڙا قول اُنهن جا، جي هَلينِ اوهان تي وَس، ته اَصل نه ڏسن اوهان ۾، قول، قَرابت ڪَس، ولِها سندنِ وات کان، رکن اوهان سان رَس، ۽ آهن اَندر اُنهن جا، اِنڪاري اَوس، ۽ گُٿل ڪنان گَس، گھڻا گناهي، اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪيئن (عهد نامو قائم رکجي)؟ جو جيڪڏهن هو (ڪافر) اوهان تي غالب ٿين، ته اوهان لاءِ نڪي مائٽيءَ جو خيال ڪن، نه قول قرار جو. هي ته اوهان کي زبان سان خوش ٿا ڪن، پر سندن دليون انڪاري آهن ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر انهن کان سواءِ ٻين مشرڪن سان ڪو عهد اقرار ڪيئن ٿي ٿو سگهي، جڏهن ته سندن حالت اها آهي، جو جيڪڏهن توهان تي غالب ٿي وڃن ته توهانجي باري ۾ نه ڪنهن مٽي مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ۽ نڪي ڪنهن معاهدي جي ذميواريءَ جو. هو پنهنجي زبانن سان توهانکي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر سندن دليون انڪار ڪن ٿيون، انهن مان گهڻا نافرمان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ڪيئن ٿي سگهي ٿو ٻين مشرڪن سان وعدو، اهي توهان تي غالب اچي وڃن ته توهان جي باري ۾ مائٽي جو به خيال نه ڪندا ۽ نه ڪنهن ذميواري جو، پنهنجي زبانن سان توهان کي راضي ڪندا پر سندن دليون انڪار ڪنديون، ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (باقي) اهڙن مشرڪن جا معاهدا ڪيئن برقرار رهي سگهن ٿا؟ (جن جي حالت اها آهي ته) جيڪڏهن انهن کي توهان جي مٿان ڪڏهن ڪو غلبو حاصل ٿي وڃي ته هو توهان سان نه رشتيداري ۽ نه ڪنھن معاهدي جو لحاظ رکندا، (هينئر ته) هو توهان کي ڳالهين جي حد تائين خوش رکن ٿا، باقي انهن جون دليون مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن. انهن ۾ گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (ڀلا انهن کان عهد پاڙڻ جي اميد) ڪيئن ڪري سگهجي ٿي، انهن جو حال ته اهو آهي جو جيڪڏهن توهان تي غلبو حاصل ڪن ته نه توهان جي حق ۾ ڪنهن مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ۽ نه ڪنهن عهد اقرار جو، اُهي توهان کي پنهنجي منهن سان راضي رکن ٿا ۽ انهن جون دليون (انهن ڳالهين کان) انڪار ڪن ٿيون ۽ انهن مان گهڻا عهد ٽوڙيندڙ آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن مشرڪن جو معاهدو، ڪيئن ٿو معاهدو ليکي سگهجي- جڏهن ته انهن جو حال اهو آهي جو جيڪڏهن اڄ توهان تي سوڀارا ٿين ته نه ڪي توهان جي مائٽيءَ جو لحاظ ڪن، نه ڪي (توهان سان ٿيل) ڪنهن معاهدي جو خيال ڪن مشرڪ پنهنجين ڳالهين سان توهان کي ريجهائڻ ٿا چاهين، پر انهن جي اندر جو فيصلو ان جي ابتڙ آهي ۽ منجهن گهڻي ڀاڱي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ردّي آهن. (يعني سچائيءَ جي سمورن طريقن ۽ پابندين مان نڪري چڪا آهن) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
اشتَرَوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا فَصَدّوا عَن سَبيلِهِ إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 9) |
الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ تي وڪيائون پوءِ (ماڻھن کي) سندس واٽ کان جھليائون، اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن الله جي آيتن کي تمام خسيس قيمت تي وڪڻي ڇڏيو (يعني نفساني خواهشن جي تابع ٿو ويا ۽ الله جي آيتن تي يقين ڪونه ڪيائون). تنهن ڪري ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪڻ لڳا (افسوس هنن تي) ڪهڙا نه برا فعل آهن، اهي جي اهي ماڻهو ڪندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي الله جي آيتن جي عيوض ٿورو مُلهه حاصل ڪن ٿا پوءِ الله جي دين کان روڪين ٿا، بيشڪ جيڪو ڪم اهي ڪن ٿا سو خراب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن خدا جي عوض ٿورو ملھ (دنيا جو فائدو) وٺي (ماڻهن کي) پوءِ سندس راءِ کان روڪيو، بيشڪ هنن جا عمل بڇڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خريد ڪيائون عوض آيتن الله جي ملهه ٿورو پوءِ روڪيائون واٽ ان جي کان بيشڪ اهي برو آهي اهو ڪم جيڪو ڪيائون ٿي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن الله جي آيتن جي بدلي ٿورو ملهه ورتو پوءِ سندس رستي کان روڪيائون، ڇوته انهن جا عمل بڇڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن الله جي آيتن جي بدلي ٿورڙو مُلهه ورتو پوءِ ان (الله) جي رستي کان روڪيائون. تحقيق اهي جو ڪجھه ڪري رهيا هئا نهايت برو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِڪيون ٿورِي وَٿ مٿي، آيتون اَلله، پوءِ روڪيون سَندسِ راه، جيڪي ڪن، سي ڪِنا ڪَمڙا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله جي حڪمن کي ٿوري ملهه سان ٿا وڪڻن، سو اهي الله جي رستي کان هٽيل آهن، بيشڪ سندن اهو عمل بڇڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن الله جي آيتن جي عيوض ٿورو ملهه قبول ڪيو آهي، پوءِ الله جي رستي ۾ روڪ بڻجي ويا آهن. ڏاڍا بڇڙا ڪم هئا، جيڪي ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن الله جي آيتن جي بدلي ٿورڙي قيمت قبول ڪري ورتي، پوءِ الله جي واٽ ۾ رڪاوٽ ٿيا، بيشڪ سندن برا ڪرتوت هئا جيڪي اهي ڪندا رهيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن الله تعالى جي آيتن جي بدلي ۾ ٿورڙي قيمت قبول ڪئي آهي ۽ الله تعالى جي رستي کان روڪيندڙ ٿي بيٺا آهن. (بھرحال) هو جيڪو ڪجهه ڪن ٿا، سو تمام برو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن الله جي آيتن جي بدلي (دنيا جي مفاد جي) ٿورڙي قيمت ورتي پوءِ ان (جي دين) جي واٽ کان (ماڻهن کي) روڪين ٿا، بيشڪ تمام برو ڪم آهي جيڪو اُهي ڪندا رهن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن ماڻهن الله جون آيتون ٽَڪن تي وڪڻي ڇڏيون (يعني هوس جا پوڄاري ٿي بيٺا ۽ الله جي آيتن تي يقين نه ڪيائون) پوءِ الله جي راهه کان، ماڻهن کي روڪڻ لڳا. (افسوس انهن تي!) ڪيڏا نه بڇڙا ڪرتوت آهن، انهن ماڻهن جا! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لا يَرقُبونَ فى مُؤمِنٍ إِلًّا وَلا ذِمَّةً وَأُولٰئِكَ هُمُ المُعتَدونَ (آيت : 10) |
ڪنھن مؤمن بابت نڪي مائٽي ۽ نڪي انجام جو خيال رکندا آھن، ۽ اھي ئي حد کان لنگھيل آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهي مشرڪ) ڪنهن به مؤمن سان نڪي مائٽي هئڻ جو لحاظ ٿا ڪن، نڪي عهدنامن جو. اهي ئي ماڻهو آهن جي ظلمن ۾ حد کان ٻاهر لنگهي ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) نٿا لحاظ رکن مؤمنن ۾ مائٽي ۽ معاهدي جو، ۽ اهي ئي حد کان وڌندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو ڪنهين مومن جي باري ۾ نه ته مٽيءَ مائٽيءَ جو لحاظ ڪن ٿا ۽ نه (ڪيل) انجام اقرار جو ۽ (جائي) اهي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا لحاظ ڪن مؤمن ۽ مائٽيءَ جو ۽ وعدي جو ۽ اهي ئي آهن حد کان لنگهندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڪنهن به مسلمان جي حق ۾ نه ڪنهن مائٽي ۽ نه ڪنهن انجام جو لحاظ ڪن ٿا. ۽ اهي ئي حد کان لنگهندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪنهن مؤمن جي معاملي ۾ نه ڪنهن مائٽي جو خيال ڪن ٿا نه ڪنهن معاهدي جو. ۽ اهي ئي حد کان لنگهندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِس قَرابت، قول کي، ڪِنهن مومن ۾ مُور، بِلڪل بي شُعور، اُهي ليڪو لَنگھيل لوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ڪنهن به مومن بابت نڪي مائٽي جو خيال ٿا رکن، نه قول قرار جو، اهي ئي ماڻهو گهڻي اڳرائي ڪري رهيا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن به مؤمن جي باري ۾ نڪي مٽي مائٽيءَ جو ٿا لحاظ ڪن ۽ نه ڪنهن عهد جي ذميواريءَ جو ۽ ڏاڍائي هميشه سندن طرفان پئي ٿي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوبه لحاظ نه ڪندا آهن ڪنهن مؤمن جي باري ۾، ۽ نه ڪنهن ذميواريءَ جو، ۽ هميشه انهن جي ئي طرفان زيادتي ٿي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو ڪنھن به مسلمان جي باري ۾ نه مٽي مائٽيءَ جو لحاظ رکندا آهن ۽ نه ئي ڪنھن معاهدي جو، اهڙا ئي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) نه اُهي ڪنهن مسلمان جي حق ۾ مائٽي جو لحاظ ڪن ٿا ۽ نه عهد اقرار جو، ۽ اُهي ئي ماڻهو (سرڪشي ۾) حد کان وڌندڙ آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڪنهن مؤمن جي خاطر نه ڪي مائٽيءَ جو ڀرم رکن ٿا نه ڪي ڪنهن معاهدي جو! اهي ئي ماڻهوآهن جيڪي حدون لنگهي ويندڙ آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَإِن تابوا وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَنُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 11) |
پوءِ جيڪڏھن (ڪفر کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙھن ۽ زڪوٰة ڏين ته اوھان جا دين ۾ ڀائر آھن، ۽ جيڪي ماڻھو ڄاڻندا آھن تن لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) بهرحال جيڪڏهن هو باز اچن، نماز قائم ڪن، زڪوات ڏين ته (پوءِ توهان مسلمان به هنن جي خلاف هٿ نه کڻو. اهي) اوهان جا دين جا ڀائر ٿي پيا، جيڪي ماڻهو علم رکن ٿا تن لاءِ اسان پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي توبه تائب ٿين ۽ نماز پڙهن ۽ زڪوات ڏين پوءِ اهي توهان جا ديني ڀائر آهن، ۽ سمجھه رکندڙن لاءِ اسين پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪريون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيڪڏهن (هاڻي به شرڪ کان) توبه ڪن ۽ نماز پڙهڻ لڳن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ اوهان جا ديني ڀائر آهن. ۽ اسين سمجھ رکندڙن لاءِ پنهنجون آيتون کولي (کولي) بيان ڪريون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن توبہ ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ ڏين زڪواة پوءِ ڀائر اوهان جا آهن دين ۾ ۽ کولي کولي بيان ٿا ڪيون آيتون واسطي ان قوم جي جو ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته اهي اوهان جا دين ۾ ڀائر آهن. ۽ اسين ان قوم لاءِ آيتون کولي بيان ڪريون ٿا جيڪي ڄاڻن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اهي توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن، ۽ زڪواة ادا ڪن ته پوءِ دين ۾ توهان جا ڀائر آهن. ۽ اسان آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا ان قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي موٽيا مُور، قائم ڪيؤن نماز کي، ۽ ڏِنائون، ڏِني مَنجھان زڪوٰتون ضرور، پوءِ ڀاء اوهان جا، دِين ۾؛ ۽ کوليون خُوب مَذڪور، جي پورِي رکن پَروڙ، ڪارڻ تِنهين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن اهي توبهه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ اهي اوهانجا ديني ڀائر آهن- ۽ اسين سمجهدار ماڻهن لاءِ آيتن کي کولي بيان ڪريون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن توبه تائب ٿين، نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته توهانجا ديني ڀائر آهن ۽ ڄاڻ وارن لاءِ اسان پنهنجا حڪم چٽيءَ ريت بيان ٿا ڪري ڇڏيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪڏهن اهي توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ ڏيندا رهن زڪوات، ته توهان جا ڀائر آهن ديني طور تي، ۽ اسين چٽيءَ طرح پنهنجا حڪم بيان ڪريون ٿا ڄاڻ رکندڙن لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هو توبہ ڪن، نماز قائم ڪن ۽ زڪوات ڏين ته پوءِ هو توهان جا ديني ڀائر آهن ۽ اسان سمجهدار ماڻهن لاءِ تفصيل سان آيتون بيان ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ (به) جيڪڏهن اُهي توبه ڪن ۽ نماز قائم ڪن ۽ زڪواة ادا ڪرڻ لڳن ته (اُهي) دين ۾ توهان جا ڀائر آهن، ۽ اسان (پنهنجون) آيتون انهن ماڻهن جي لاءِ تفصيل سان بيان ڪريون ٿا جيڪي علم ۽ ڏاهپ رکن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بهرحال، جيڪڏهن اهي مڙي وڃن، نماز قائم ڪن، زڪواة ادا ڪن ته (پوءِ انهن جي خلاف توهان جو هٿ نه کڄڻ گهرجي، ان صورت ۾ هو) توهان جا ديني ڀائر ٿي پيا. اسين ڄاڻ واري قوم جي لاءِ پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِن نَكَثوا أَيمٰنَهُم مِن بَعدِ عَهدِهِم وَطَعَنوا فى دينِكُم فَقٰتِلوا أَئِمَّةَ الكُفرِ إِنَّهُم لا أَيمٰنَ لَهُم لَعَلَّهُم يَنتَهونَ (آيت : 12) |
۽ جيڪڏھن پنھنجن انجامن ٻَڌڻ کانپوءِ پنھنجا قسم ڀڃن ۽ اوھانجي دين ۾ طعنو ھڻن ته ڪفر جي سرڪردن سان جنگ ڪريو ڇو ته اُنھن جو قسم (اعتبار جوڳو) نه آھي مان اُھي جھلجن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجو عهدو پيمان جو پاڻ ڪري چڪا آهن ٽوڙي ڇڏين ۽ اوهان جي دين کي طعني طور گهٽ وڌ ڳالهائين ته پوءِ (هن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته انهن) ڪفر جي سردارن سان جنگ ڪيو. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو قسم ناهي. (۽ توهان کي جنگ هن لاءِ ڪرڻ گهرجي) تان ته هو (ظلم ۽ بدعهدي کان) باز اچي وڃن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن معاهدي ڪرڻ کان پوءِ به اهي پنهنجي وعدي کي ٽوڙين ٿا ۽ توهان جي دين ۾ طعنو هڻن ٿا پوءِ توهان ڪافرن جي اڳواڻن کي قتل ڪريو، بيشڪ اِهي اُهي آهن جن لاءِ ڪوبه معاهدو ناهي ته من اهي باز اچن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن پنهنجي انجام کان پوءِ (به) پنهنجا قسم ڀڃن ۽ اوهان جي دين تي عيب لڳائين ته سندن ڪافر سردارن سان جنگ ڪريو. ڇو ته انهن جي قسمن جو ڪو اعتبار ڪونهي. ته جيئن اهي (پنهنجي شرارت کان) باز اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڀڃن قسم پنهنجا پڄاڻان وعدي پنهنجي ۽ طعنا هڻن دين اوهان جي ۾ ته پوءِ جنگ ڪيو اڳواڻن ڪفر جي سان بيشڪ اهي ناهن قسم انهن جا تانت اهي رڪجي پون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن پنهنجي انجام کانپوءِ پنهنجا قسم ڀڃن ۽ اوهان جي دين تي عيب لڳائين ته ڪفر جي سردارن سان جنگ ڪريو ڇوته انهن جا قسم ڪجهه نه آهن مَنَ اهي باز اچن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي معاهدي کان پوءِ پنهنجا قسم ٽوڙن ۽ اوهان جي دين ۾ طعنه زنِي ڪن ته پوءِ ڪفر جي سرواڻن سان جنگ ڪيو. بيشڪ انهن جي قسمن جو اعتبار ناهي من اُهي (پنهنجي شرارتن کان) رڪجي وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، سونهن سندنِ، جي ٽوڙِيون، سندنِ پَرن پُڃاڻ، ۽ دِين ڌڪاريو اَهنجو؛ پوءِ ڪُهو ڪافِر اڳواڻ، ناهي اِيمان اُنهن ۾، ڪامَنوتِي مَن ساڻ، اُهي هارِيا مانَ هاڻ، ساڱائينِ ڪِي صَحِي!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اهي قول ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن قسمن کي ٽوڙين ۽ اوهان جي دين تي طعنا هڻن، ته اوهين ڪفر جي سردارن سان وڙهو، ته هو جهلجي وڃن، ڇا لاءِ ته هو سندن قسمن تي قائم نه رهيا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن عهد ڪرڻ کان پوءِ اهي پنهنجا قسم ڀڃي وجهن ۽ توهانجي دين تي حملا ڪرڻ لڳن ته ڪفر جي اڳواڻن سان جنگ ڪريو، ڇو جو انهن جي قسمن تي ڪوبه اعتبار ڪونهي ته مــَـنَ (ائين ڪو تلوار جي ئي زور تي) مڙي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي هي پنهنجا قسم وري ٽوڙي ڇڏين ڪنهن به معاهدي ڪرڻ کان پوءِ، ۽ حملا شروع ڪن توهان جي دين تي، ته جنگ ڪريو ڪفر جي علمبردارن سان، ڇاڪاڻ ته سندن قسمن جو ڪوبه اعتبار ناهي، شايد رڪجي وڃن (تلوار جي زور تي).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن هي وعدو ڪرڻ کان پوءِ پنھنجا قسم ٽوڙين ۽ توهان جي دين جي مٿان ٽوڪون ڪن ته پوءِ ڪفر جي اڳواڻي ڪرڻ وارن سان جنگ ڪريو، انهن جي قسمن جو اعتبار ناهي. بس! ٿي سگهي ٿو ته هو طاقت جي زور تي رڪجي وڃن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن اُهي (توهان سان پُرامن باهمي تعلقات واري) پنهنجي عهد کان پوءِ پنهنجا قسم ٽوڙين، (نئين سر جنگ شروع ڪن) ۽ توهان جي دين ۾ ٽوڪ چٿر ڪن ته توهان (فتني، فساد ۽ دهشتگردي جو امڪان ختم ڪرڻ جي لاءِ انهن) ڪفر جي اڳواڻن سان (دفاعي) جنگ ڪريو، بيشڪ انهن جي قسمن جو ڪوبه اعتبار نه آهي ته جيئن اُهي (پنهنجي شرارت کان) باز اچن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجو معاهدو، جيڪو پاڻ ڪيو اٿائون، ٽوڙي ڇڏين ۽ توهان جي دين کي گهٽ وڌ چون ته پوءِ ڪفر جي اهڙن سردارن سان جنگ ڪريو. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جي ساک، ساک ناهي (۽ توهان کي انهن سان جنگ ان ڪري جو ٽڻ گهرجي) ته جيئن اهي (ظلم ۽ بدعهديءَ کان) باز اچن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلا تُقٰتِلونَ قَومًا نَكَثوا أَيمٰنَهُم وَهَمّوا بِإِخراجِ الرَّسولِ وَهُم بَدَءوكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ أَتَخشَونَهُم فَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشَوهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 13) |
اھڙي قوم سان ڇونه ٿا وڙھو جن پنھنجن قسمن کي ڀڳو ۽ جي پيغمبر جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ سنبريا ۽ منڍئون اوھان سان (دشمني) اوّل ۾ ڪرڻ لڳا؟ کائن ڇو ٿا ڊڄو؟ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله (ھن لاءِ) وڌيڪ حقدار آھي ته کانئس ڊڄو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مسلمانؤ!) ڇا توهان اهڙن ماڻهن سان جنگ نه ڪندؤ جن عهد نامن تي کنيل قسم ٽوڙي ڇڏيا، جن الله جي رسول کي (سندس وطن مان) نيڪالي ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ وري اوهان جي خلاف لڙائي جي اڳرائي به سندن طرف کان ٿي؟ ڇا توهان کانئن ڊڄو ٿا؟ (جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته توهان مؤمن ناهيو ڇو ته) جيڪڏهن مؤمن آهيو ته الله هن ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي ته توهان فقط کانئس ڊڄو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇو نٿا توهان اُن قوم سان جهاد ڪريو جن پنهنجا معاهدا ٽوڙيا ۽ رسولِ عربي کي جلاوطن ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ انهن وعدي خلافي ۾ به توهان سان اڳرائي ڪئي، ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا؟ پوءِ الله تعالى زياده حقدار آهي جو اُن کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) اوهين ڀلا انهن سان ڇو نٿا جنگ ڪريو جن ماڻهن پنهنجا قسم ڀڳا ۽ رسول کي (مڪي کان) ڪڍي ٻاهر ڪرڻ (دل ۾) رٿي ڇڏيو هو ۽ اوهان سان اڳ ۾ ڇيڙ ڇاڙ به انهن ئي شروع ڪئي هئي، ته ڇا اوهين سچا ايماندار آهيو ته هنن کان گهڻو وڌيڪ الله حقدار آهي ته اوهين ان کان ڊڄو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه جنگ ڪندؤ ان قوم سان جو ڀڳائون قسم پنهنجا ۽ ارادو ڪيائون رسول جي ڪڍڻ جو ۽ انهن شروعات ڪئي اوهان سان پهرئين ڀيري ڇا ڊڄو ٿا انهن کان؟ پوءِ الله وڌيڪ حقدار آهي هن ڳالهه جو ته ڊڄو ان کان جيڪڏهن آهيو مؤمن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهين اهڙي قوم سان جنگ نه ٿا ڪريو جن پنهنجا قسم ڀڳا ۽ رسول کي (وطن مان) ڪڍي ڇڏڻ جو پڪو ارادو ڪيائون ۽ پهريائين انهن ئي اوهان سان عهد ڀڃڻ شروع ڪيو. ڇا اوهين انهن کان ڊڄو ٿا؟ پوءِ الله هن ڳالهه جو زياده حقدار آهي ته اوهين ان کان ڊڄو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان اهڙي قوم سان جنگ نه ڪندئو؟ جن پنهنجا قسم ڀَڳا ۽ رسول (ﷺ) کي جلا وطن ڪرڻ جو ارادو ڪيائون ۽ انهن ئي اوهان سان (معاهدي ٽوڙڻ جي) شروعات ڪئي. ڇا اوهان انهن کان ڊڄو ٿا؟ پوءِ الله ان ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي جو ان کان ڊڄو. جيڪڏهن اوهان مؤمن آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوه نه لَڙو، تنهن قوم سان، جن ٽوڙيا اِعتبار؟ ۽ قَصد ڪيائون ڪڍڻ جو، مُرسل کي، مُختار، اُنهن ڇيڙ ڇاڙ ڪِئي، اوهان سين اوّل بار، ڪِ اوهين ڪَنبوٿا اُنهن کان؟ ته هادِي وَڏو حَقدار، ڪَنبڻ جِنهن کان ڪار، جي وِسهڻ وارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين اهڙن ماڻهن سان ڇو نه ٿا وڙهو، جن پنهنجي قسمن کي ٽوڙيو ۽ رسول کي وطن نيڪالي ڏيڻ جي رٿ ڪيائون ۽ انهن ئي اوهان کي پهريائين ڇيڙيو- ڇا اوهين انهن کان ڊڄو ٿا؟ مگر جي مومن آهيو ته الله ئي وڌيڪ ڊڄڻ لائق آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان اهڙن ماڻهن سان جنگ نه ڪندؤ، جيڪي پنهنجا ڪيل عهد ٽوڙيندا رهيا آهن ۽ جن رسول کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ ڏاڍائيءَ ۾ اڳرائي ڪرڻ وارا به اهي ئي هئا؟ ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا؟ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته الله ان جو وڌيڪ حقدار آهي ته توهان ان کان ئي ڊڄو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان نه وڙهندؤ اهڙن ماڻهن سان جيڪي پنهنجا وعدا ٽوڙيندا رهيا آهن ۽ جن ملڪ مان رسولن کي ڪڍڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ زيادتي جي اڳرائي اهي ئي ڪندا هئا، ڇا انهن کان ڊڄو ٿا؟ الله ان جو وڌيڪ حقدار آهي ته کانئس ڊڄو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان انهن ماڻهن سان نه وڙهندا جن پنھنجا قسم ٽوڙيا ۽ رسول سڳوري کي جلا وطن ڪرڻ جو ارادو ڪيو، دشمني ڪرڻ ۾ به انهن ئي اڳرائي ڪئي؟ ڇا توهان اهڙن ماڻهن کان ڊڄو ٿا؟ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو (ته سمجهي ڇڏيو ته) ڊڄڻ جو سڀني کان وڏو حق الله تعالى جو ئي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان اهڙي قوم سان جنگ نه ڪندؤ جن پنهنجا قسم ٽوڙي ڇڏيا (يعني امن جا معاهدا ٽوڙي جنگ جي حالت بحال ڪئي) ۽ رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي جلاوطن ڪرڻ جو ارادو ڪيو حالانڪه پهرين انهن توهان سان (عهد ٽوڙڻ ۽ جنگ جي) شروعات ڪئي، ڇا توهان انهن کان ڊڄو ٿا جڏهن ته الله وڌيڪ حقدار آهي ته توهان ان کان ڊڄو جيڪڏهن توهان مومن آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (مسلمانؤ) توهين اهڙن ماڻهن سان جنگ ڇو نه ٿا جوٽيو، جن پنهنجا معاهدا ۽ قَسم ٽوڙي ڇڏيا، جن الله جي رسول کي سندس ڏيهه مان نيڪالي ڏيڻ جون رِٿون تيار ڪيون ۽ وري توهان جي خلاف ويڙهه جي اڳرائي به انهن جي پاران ٿي. ڇا توهين انهن کان ڊڄو ٿا؟ (جيڪڏهن توهين ڊڄو ٿا ته پوءِ توهين مؤمن ناهيو، ڇو جو) جيڪڏهن توهين مؤمن آهيو ته الله ان ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي ته ان جو خوف توهان جي دلين ۾ رچيل هجي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قٰتِلوهُم يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ بِأَيديكُم وَيُخزِهِم وَيَنصُركُم عَلَيهِم وَيَشفِ صُدورَ قَومٍ مُؤمِنينَ (آيت : 14) |
انھن سان وڙھو ته الله اوھان جي ھٿان کين سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ اوھانکي مٿن سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي قوم جي سينن کي شفا بخشيندو (ٺاريندو).(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مسلمانؤ!) هنن سان (بي ڌڙڪ) جنگ ڪيو. الله تعاليٰ اوهان جي هٿان کين عذاب ڏيندو، کين خوار ڪندو، توهان کي هنن تي فتح وارو ڪندو ۽ مؤمنن جي جماعت جي دلين جا سڀ ڌُک دور ڪري ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان انهن کي قتل ڪريو، الله انهن کي توهان جي هٿان عذاب ڪري ٿو ۽ انهن کي خوار ڪري ٿو ۽ انهن جي مقابلي ۾ توهان جي مدد فرمائي ٿو ۽ مؤمن ماڻهن جي سينن کي شفا بخشي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن سان (بي خوف ٿي) وڙهو. ته خدا کين اوهان جي هٿان سزا ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ ايمان وارن جا جگر ٺاريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنگ ڪيو انهن سان عذاب ڪندو انهن کي الله هٿن اوهان جن سان ۽ خوار ڪندو انهن کي ۽ مدد ڪندو اوهان جي انهن تي ۽ شفا ڏيندو سينن ايمان واريءَ قوم جي کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن سان جنگ ڪريو ته الله انهن کي اوهان جي هٿان سزا ڏئي ۽ کين خوار ڪري ۽ اوهان کي مٿن فتح ڏي ۽ ايمان واري قوم جي سينن کي ٺاري، ۽ سندن دلين جي ڪاوڙ وڃائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن سان جنگ ڪيو الله انهن کي اوهان جي هٿان سزا ڏيندو ۽ انهن کي خوار ڪندو ۽ انهن مٿان اوهان کي سوڀ ڏيندو ۽ ايمان واري قوم جي سينن کي شفا ڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاشڪ لڙو اُنهن سان، ڏِيندنِ ڏُک ڏاتار، اَوهان جي هَٿن سان، پڻ ڪَندنِ خُوب خُوار ۽ ڏِيندان مَدداُنهن تي، مُلڪ جو مُختار، ۽ ڪَندو بَرقرار، مَن مؤمن قوم جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن سان وڙهو. الله کين اوهان جي هٿان ايذاءُ ڏيندو ۽ خوار ڪندو- اوهان کي مٿن غالب ڪندو ۽ مومنن جي دلين کي ٿڌو ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن سان وڙهو، الله توهان جي هٿان کين سزا ڏياريندو ۽ کين ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ انهن جي مقابلي ۾ توهانجي مدد ڪندو ۽ گهڻن ئي مؤمنن جون دليون ٺاريندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن سان وڙهو سزا ڏياريندو الله توهان جي هٿان انهن کي، ۽ انهن کي ذليل ۽ خوار ڪندو ۽ توهان جي مدد ڪندو انهن جي مقابلي ۾ ۽ ٺاريندو دلين کي ڪيترن ئي مؤمنن جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن سان جنگ ڪريو، الله تعالى کين توهان جي هٿان عذاب ڏيندو ۽ ذليل ۽ خوار ڪندو. توهان کي انهن جي مٿان غالب ڪندو ۽ مؤمنن جي سينن کي سڪون بخشيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان انهن سان (امن قائم ڪرڻ جي لاءِ) جنگ ڪريو، الله توهان جي هٿان انهن کي عذاب ڏيندو ۽ کين خوار ڪندو ۽ انهن (جي مقابلي) ۾ توهان جي مدد فرمائيندو ۽ ايمان وارن جي سينن کي شفا بخشيندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (مسلمانؤ!) مشرڪن (سماج کي ڊانوا ڊول ڪندڙن) سان(بي فڪر ٿي) جنگ ڪيو، الله توهان جي هٿان انهن کي عذاب ڏيندو، کين خوار ڪندو، مٿن توهان کي سوڀ ڏيندو ۽ مؤمنن جي جماعت جا سڀ دک دور ڪندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَيُذهِب غَيظَ قُلوبِهِم وَيَتوبُ اللَّهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 15) |
۽ سندين دلين جي ڪاوڙ وڃائيندو، ۽ الله جنھن لاءِ گھرندو تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سندن دلين جو ساڙ هٽايو ويندو ۽ وري جنهن متعلق چاهيندو تنهن ڏي پنهنجي رحمت جي موٽ ڪندو. الله تعالي! سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ سندن سينن مان ڪاوڙ ختم ڪري ٿو، ۽ جنهن تي چاهي پنهنجي رحمت سان نظر فرمائي ٿو، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مومنن جي غصي کي، جيڪو (ڪافرن کان پهتل اٿن) لاهيندو. ۽ خدا جي مرضي جنهن جي توبه قبول ڪري. ۽ خدا وڏو واقفڪار (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪڍندو ڪاوڙ دلين انهن جي کي ۽ توبہ قبول ڪري ٿو الله جنهن جي گهري ۽ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن تي الله کي وڻي ٿو تنهن تي مهرباني ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي دلين جي ڪاوڙ دور ڪندو . ۽ الله جنهن جي چاهي توبه قبول ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪاوڙ تن جي قَلبن جِي، لَحظي ۾ لاهي، ۽ موٽٖي تنهن تي، مِهرسان، جنهن چڱٖي کي چاهي، ۽ الله ئـِي آهي، پَرکِيندڙ ۽ پارکُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن دلين جي غصي کي دور ڪندو ۽ جن کي الله گهرندو، انهن کي توبهه نصيب ڪندو ۽ الله وڏي علم ۽ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن دلين جي ڪاوڙ ٺاري ڇڏيندو ۽ جنهن کي گهرندو توبه تائب ٿيڻ جي توفيق به ڏيندو. الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وڃائيندو ساڙ انهن جي دلين جو، ۽ توبه جي توفيق به ڏيندو جنهن کي گهرندو، ۽ الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سندن دلين جي ڪاوڙ کي دور ڪندو ۽ الله تعالى جنھن کي چاهيندو کيس توبہ ڪرڻ جي توفيق بخشيندو ۽ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن جي دلين جو غم ۽ غصو دور فرمائيندو ۽ جنهن جي گهرندو توبه قبول فرمائيندو، ۽ الله وڏي علم وارو وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مؤمنن جي دلين جي ڪاوڙ باقي نه رهندي ۽ پوءِ الله جنهن تي چاهيندو پنهنجيءَ رحمت سان وري پوندو. الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجيءَ هر ڳالهه ۾) حڪمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَم حَسِبتُم أَن تُترَكوا وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَلَم يَتَّخِذوا مِن دونِ اللَّهِ وَلا رَسولِهِ وَلَا المُؤمِنينَ وَليجَةً وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ڀائيندا آھيو ڇا ته اوھان کي (جھاد جي تڪليف کان) ڇڏيو ويندو؟ حقيقت ڪري اوھان مان جن جھاد ڪيو ۽ نڪي الله ۽ نڪي پيغمبر ۽ نڪي مؤمنن کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڳجھو دوست ورتو تن کي الله اڃا نه نکيڙيو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مسلمانؤ!) ڇا توهان هيئن سمجهيو آهي ته توهان ايتري ۾ ئي ڇڏي ڏنا ويندؤ؟ حالانڪه اڃا ته الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پوريءَ طرح آزمائش ۾ وڌو ئي ناهي جن اوهان مان جهاد ڪيو آهي ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مؤمنن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجي ڳجهو دوست نه بنايو آهي (ياد رکو ته) جيڪي به عمل توهان ڪيو ٿا تن جي خبر الله کي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان سمجھو ٿا ته توهان کي ايئن ڇڏيو ويندو حالانڪ اڃان تائين الله تعالى توهان مان مجاهدن جي سڃاڻپ نه ڪرائي آهي ۽ جن ماڻهن الله ۽ الله جي رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ (ڪنهن کي) پنهنجو رازدان نه بنايو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا اوهان جو اهو خيال آهي ڇا ته اوهان کي (ائين ئي) ڇڏيو ويندو؟ هوڏانهن الله اڃا انهن کي جدا نه ڪيو آهي جن اوهان مان جهاد ڪيو هجي. ۽ خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن کان سواءِ ڪنهن کي پنهنجو رازدار دوست نه ڪري ورتو هجي. ۽ جيڪي اوهان ڪريو ٿا تنهن کان خدا با خبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا سمجهيو اوهان ته ڇڏيا ويندؤ ۽ اڃان نه ظاهر ڪيو الله انهن کي جو جهاد ڪيائون اوهان مان ۽ نه ورتائون سواءِ الله ۽ ان جي رسول ۽ مؤمن جي ڪو رازدار ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جو ڪيو ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اوهان جو اهو خيال آهي ڇا ته اوهان کي ڇڏيو ويندو؟ هوڏانهن الله اڃان انهن کي جدا نه ڪيو آهي، جن اوهان مان جهاد ڪيو هجي ۽ نه الله کانسواءِ ۽ نه سندس رسول کان سواءِ ۽ نه ايمان وارن کانسواءِ ڪنهن کي به ڳجهو دوست ڪري ورتو هجي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان سمجهو ٿا ته اوهان کي (بنا پرکا جي) ڇڏي ڏنو ويندؤ؟ حالانڪه الله اڃا انهن کي جدا نه ڪيو آهي جن اوهان مان جهاد ڪيو ۽ الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) کان سواءِ ۽ مؤمنن کان سواءِ ڪو ٻيو دلي دوست نه بنايائون ۽ الله خبروار آهي (ان کان) جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀانيان ڇا؟ ته ڇَڏبان، جڏهن جاچيوئـِي نَه جَبار، اوهان مَنجھان، اُنهن کي، جي جنگ لَڙن جُونجھار، پڻ ڪِنهن کي نه دوست ڌاريون، سِوا ربَّ، ستار، پڻ سندسِ سچي رسول ري، ۽ دِيندارن ڌار، ۽ خدا خبردار، جيڪي ڪريو، تن ڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهين ٿا ڀانيو ته اوهان کي ائين (بنا آزمائڻ) ڇڏي ڏبو؟ جو اڃا ته الله اوهان مان انهن کي ئي پڌرو نه ڪيو آهي، جن جهاد ڪيو ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مومنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي دلي دوست ڪري نه بڻايو اٿن- جيڪي اوهين ڪريو ٿا، الله انهيءَ کان خبردار آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان ائين سمجهيو آهي ته بس توهان ائين ئي ڇڏي ڏنا ويندؤ، حالانڪه الله ته اڃان اهو پرکيو ئي نه آهي ته توهان مان اهي ڪهڙا آهن جن (سندس راهه ۾) پاڻ پتوڙيو ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به جگري دوست نه بڻايائون، جيڪي به توهان ڪريو پيا، الله ان کان باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان سمجهو ٿا ته ائين ئي ڇڏيا ويندؤ؟ جڏهن ته الله توهان مان جهاد ڪندڙن کي پرکيو ئي ڪونهي (سندس راهه ۾) ۽ نه ٺاهيو دوست سواءِ الله جي، سندس رسول ۽ مؤمنن کان سواءِ دلي طور تي، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مؤمنو!) ڇا توهان اهو گمان ڪري ويٺا آهيو ته توهان کي ايئن ئي ڇڏيو ويندو، حالانڪه الله تعالى اڃا عملي طور تي اهو ڏٺو ئي نه آهي ته توهان مان اهي ڪھڙا ماڻهو آهن جن جھاد ڪيو ۽ الله تعالى، سندس رسول (ﷺ) ۽ مؤمنن کان سواءِ ٻين کي جگري دوست نه ٺاهيو آهي. الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان اهو ٿا سمجهو ته توهان (مصيبتن ۽ مشڪلاتن کان گذرڻ بنا ائين ئي) ڇڏي ڏنا ويندؤ حالانڪه (اڃان) الله اهڙن ماڻهن کي جدا ناهي فرمايو جن توهان مان جهاد ڪيو آهي ۽ (جن) الله کانسواءِ ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کانسواءِ ۽ اهل ايمان کانسواءِ (ڪنهن کي) راز محرم ناهي بنايو، ۽ الله انهن ڪمن کان خوب واقف آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (مسلمانؤ!) ڇا توهين اهو سمجهيون ويٺا آهيو ته توهين ايتري ۾ ڇڏيا ويندؤ؟ حالانڪه اڃا ته الله انهن ماڻهن کي پوريءَ طرح آزمائش ۾ وڌو ئي ناهي، جن توهان منجهان جهاد ڪيو آهي ۽ الله، ان جي رسول ۽ مؤمنن کانسواءِ ڪنهن کي پنهنجو ڳجهو دوست نه بڻايو اٿن. (ياد رکو!) جهڙا به توهان جا عمل آهن، خدا انهن سڀني کان باخبر آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ما كانَ لِلمُشرِكينَ أَن يَعمُروا مَسٰجِدَ اللَّهِ شٰهِدينَ عَلىٰ أَنفُسِهِم بِالكُفرِ أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم وَفِى النّارِ هُم خٰلِدونَ (آيت : 17) |
پاڻ تي ڪفر جو اقراري ٿي مشرڪن کي الله جي مسجدين جو آباد ڪرڻ روا نه آھي، اِھي اُھي آھن جن جا عمل چٽ ٿي ويا، ۽ اُھي باھ ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) مشرڪن کي هي حق ڪونهي ته الله جي مسجدن کي آباد ڪن جڏهن ته هو پاڻ (پنهنجو ڪفر قبول ڪري رهيا آهن ۽) شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته اسان ڪافر آهيون. اهي ماڻهو اهي آهن جن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا، ۽ هو هميشه باهه جي عذاب ۾ رهڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) مشرڪن لاءِ مناسب ناهي جو مسجدالحرام جي تعمير ڪن حالانڪ اهي پاڻ پنهنجن نفسن تي ڪفر جي شاهدي ڏيندڙ آهن، اِهي اُهي آهن جن جا عمل ضايع ٿي ويا، ۽ اِهي دوزخ ۾ هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مشرڪن جو اهو ڪم نه آهي جو جڏهن اهي پنهنجي ڪفر جو خود اقرار (به) ڪن ته (وري) خدا جي مسجدن کي (وڃي) آباد ڪن. اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن جو ڪيو ڪرتيو (سڀ) برباد ٿي ويو ۽ اهي سدائين دوزخ ۾ ويا سڙندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه آهي مشرڪن لاءِ هي جو آباد ڪن مسجدون الله جون شاهدي ڏيندڙ سرن پنهنجن تي ڪفر جي اهي ئي آهن جو ڪريا عمل انهن جا ۽ باهه ۾ اهي هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پاڻ تي ڪفر جو اقرار ڪندي الله جي مسجدن کي آباد ڪرڻ مشرڪن جو ڪم نه آهي، انهن جا عمل برباد ٿي ويا ۽ اهي باهه ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مشرڪن جو ڪم نه آهي جو الله جون مسجدون آباد ڪن جيڪي پاڻ پنهنجي ڪفر تي شاهد آهن. اهي ئي آهن جن جا عمل برباد ٿي ويا. ۽ اُهي (جهنم جي) باهه ۾ سدائين رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي ڪُفارن ڪار، ته وَسَائـِينِ، سي وَرِي، مَسجدون اَلله جون، آهن جڏهن اِظهار، شاهِد پنهنجو پاڻ تي، اُتي سندنِ اِنڪار، اُهي، آهن سي، جن جا، ڪٖيريا وِيا ڪم ڪار، ۽ اُهي ساڙِي سَڀ ڄَمار، دوزخ دَهشت دار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئن ته مشرڪ پنهنجي لاءِ ڪفر جو اقرار ڪري چڪا آهن تنهن ڪري هو انهيءَ جي لائق نه آهن، جو الله جي مسجدن کي آباد ڪن- سندن سڀ عمل چٽ ٿيا ۽ اهي باهه ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مشرڪن جو اهو ڪم ئي نه آهي ته هو الله جي مسجدن جا مجاور ۽ خدمتگار بڻجي ويهن، حالانڪه هو پاڻ ئي ٿا پنهنجي مٿان ڪفر جي شاهدي ڏين، انهن جا ته سمورا عمل چٽ ٿي ويا ۽ جهنم ۾ هنن کي هميشه رهڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڪم مشرڪن جو نه آهي ته اهي خادم ۽ مجاور ٿين مسجدن جا الله لاءِ، جڏهن ته شاهد آهن اهي پنهنجي ئي ڪفر تي پاڻ، انهن جا ته چٽ ٿي ويا سڀ عمل، ۽ انهن کي هميشه جي لاءِ جهنم ۾ ئي رهڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مشرڪن کي ڪو به حق نه آهي ته هو الله تعالى جي مسجدن کي آباد ڪن ڇاڪاڻ جو هو ڪفر جو خود اقرار ڪن ٿا. انهن جا سڀ (نيڪ) عمل ضايع ٿي ويا ۽ هو هميشه دوزخ ۾ رهندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) مشرڪن جي لاءِ اهو جائز نه آهي ته اُهي الله جون مسجدون آباد ڪن ان حال ۾ ته اُهي پاڻ پنهنجي ڪفر تي شاهد آهن، انهن ماڻهن جا سمورا عمل باطل ٿي چڪا آهن ۽ اُهي هميشه دوزخ ۾ ئي رهڻ وارا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مشرڪن کي ان ڳالهه جو حق نه ٿو پهچي جو الله جون مسجدون اچي آباد ڪن جڏهن ته هو خود پنهنجي ڪفر جو اعتراف ڪري رهيا آهن. اِهي ئي ماڻهو آهن، جن جا سمورا عمل چٽ ٿي چڪا ۽ پڻ باهه جي عذاب ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّما يَعمُرُ مَسٰجِدَ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَلَم يَخشَ إِلَّا اللَّهَ فَعَسىٰ أُولٰئِكَ أَن يَكونوا مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 18) |
الله جي مسجدين کي آباد ڪرڻ رڳو انھي کي جڳائيندو آھي جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ نماز پڙھي ۽ زڪوٰة ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کان) نه ڊنو، پوءِ اُميد آھي ته اُھي ھدايت وارن مان آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) في الحقيقت مسجد کي آباد ڪرڻ وارو ته اهو آهي جنهن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو، نماز قائم ڪئي، زڪوات ڏني ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊنو. جيڪي ماڻهو اهڙا آهن انهن ئي بنسبت اميد رکي سگهجي ٿي ته هو (سعادت ۽ ڪاميابيءَ جي) راهه تي هلندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله جي مسجدن کي فقط اُهو آباد ڪري سگھي ٿو جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان آڻي ٿو ۽ نماز پڙهي ٿو ۽ زڪوات ڏئي ٿو ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄي پوءِ اهي جلدي هدايت وارن مان ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا جي مسجدن کي بس فقط اهو ئي شخص (وڃي) آباد ڪري سگهي ٿو جيڪو خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ۽ نماز پڙهي ۽ زڪوات ڏئي ۽ خدا کانسواءِ (ٻئي) ڪنهين کان نه ڊڄي. پوءِ اميد آهي ته اهي ماڻهو هدايت حاصل ڪرڻ وارن مان ٿي ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) صرف اهو ئي آباد ڪندو مسجدن الله جي کي جنهن ايمان آندو الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ قائم ڪيائين نماز ۽ ڏنائين زڪواة ۽ نه ڊنو سواءِ الله جي ڪنهن کان پوءِ ويجها آهن اهي شخص ته هجن هدايت وارن مان.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله جي مسجدن کي رڳو اهو آباد ڪري ٿو جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ڏني ۽ الله کانسواءِ (ٻئي ڪنهن کان) نه ڊنو، پوءِ اميد آهي ته اهي هدايت وارا ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جون مسجدون ته صرف اُهو آباد ڪري ٿو جنهن الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ۽ نماز قائم رکيائين ۽ زڪواة ڏنائين ۽ ڪنهن کان نه ڊنو سواءِ الله جي پوءِ اميد آهي ته اُهي هدايت وارن مان ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَسجدون الله جون، اُهي ڪندا آباد، جن مالِڪ مڃيو، پڻ محشر جو مِيعاد، ۽ پڙهيؤن نمازون ۽ خير ڏِنئون، اَڀرن کي امداد، ۽ ڌڻِي ڌاران ڪِين ڊِنا، ڀَر ڪِنهن بيداد، پوءِ آهن مَٿي اِرشاد، سَوا ٽن مان، سي صَحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي مسجدن کي آباد ڪرڻ جو لائق فقط اهو آهي، جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ٿو. نماز قائم ڪري ٿو. زڪوات ڏئي ٿو ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ٿو ڊڄي، ته اهڙن ماڻهن بابت اميد آهي، ته هو هدايت وارا ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جون مسجدون آباد ڪندڙ اهي ماڻهو ٿي سگهن ٿا، جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا هجن ۽ نماز قائم ڪن، زڪوات ڏين ۽ الله کانسواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄن، انهن کان ئي اميد آهي ته سڌي راهه تي هلندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ مجاور ۽ خادم مسجدن جا ته اهي ٿيندا جيڪي الله تي ايمان آڻين ۽ آخرت جي ڏينهن کي به مڃين، ۽ قائم ڪن نماز ۽ ڏين زڪوات، ۽ نه ڊڄن سواءِ الله جي، انهن ۾ ئي اميد آهي ته اهي سنئين راهه تي هلندا رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي مسجدن کي آباد ڪندڙ ته صرف اهي ماڻهو ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آڻين، نماز قائم ڪن، زڪوات ڏين ۽ الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي کان نه ڊڄن. اميد آهي ته اهي ئي ماڻهو هدايت حاصل ڪرڻ وارن مان ٿيندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله جون مسجدون صرف اُهوئي آباد ڪري سگهي ٿو جنهن الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ ان نماز قائم ڪئي ۽ زڪواة ادا ڪئي ۽ الله کانسواءِ (ڪنهن کان) نه ڊنو. سو اميد آهي ته اِهي ئي ماڻهو هدايت لهڻ وارن مان ٿي ويندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) حقيقت ۾ مسجدن آباد ڪرڻ وارو ته اهو آهي جنهن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو، نماز قائم ڪيائين، زڪواة ادا ڪيائين ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊنو. اهڙن ماڻهن مان اميد ڪجي ٿي ته اهي (بخت ۽ فلاح جي) واٽ جا پانڌيئڙا ثابت ٿيندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَجَعَلتُم سِقايَةَ الحاجِّ وَعِمارَةَ المَسجِدِ الحَرامِ كَمَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَجٰهَدَ فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَوۥنَ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
اوھان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ تعظيم واري مسجد کي آباد رکڻ اُن (جي عملن) جھڙو ڪيو آھي ڇا جنھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو، الله وٽ (ھي ۽ اُھو) برابر نه آھن، الله ظالم قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا اوهان ماڻهن هيءَ ڳالهه ٺهرائي رکي آهي ته حاجين کي پاڻي پيارڻ جو بندوبست رکڻ ۽ ڪعبت الله کي آباد رکڻ اهڙو ئي وڏي درجي وارو ڪم آهي جهڙو انهيءَ شخص جو ڪم جنهن الله ۽ آخرت تي ايمان آندو آهي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو. الله وٽ اهي ٻئي برابر ناهن ۽ الله (جو قانون آهي ته هو) ظلم ڪندڙن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه نٿو کولي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا توهان برابر سمجھو ٿا (اُن کي) جيڪو حاجين کي پاڻي پياري ٿو ۽ مسجدالحرام کي آباد ڪري ٿو انهيءَ ماڻهو وانگر جيڪو الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان آڻي ٿو ۽ الله جي راه ۾ جهاد ڪري ٿو، (خبردار ! مؤمن ۽ ڪافر) الله تعالى وٽ برابر ناهن، ۽ الله تعالى ظالم قوم کي هدايت نٿو ڏئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا حاجين کي پاڻي رسائڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) کي آباد ڪرڻ ان شخص جي (اعمال) جهڙو ڪيو آهي! جنهن خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ خدا جي راھ ۾جهاد ڪيو. خدا وٽ ته اهي ماڻهو هڪجهڙا نه آهن. ۽ الله ظالم ماڻهن جي هدايت نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڪيو ٿا حاجين کي پاڻي پيارڻ (واري) ۽ مسجد حرام جي آباد ڪرڻ (واري کي) ان جي مثل جو ايمان آندائين الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ جهاد ڪيائين الله جي واٽ ۾ نه ٿا برابر ٿين الله وٽ ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم ظالم کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام کي آباد ڪرڻ کي اوهان ان ماڻهوءَ (جي عمل) جهڙو ڪيو آهي جنهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيو ۽ الله جي رستي ۾ جنگ ڪئي؟ اهي الله وٽ برابر نه آهن. ۽ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد الحرام کي آباد ڪرڻ کي ان ماڻهو (جي عمل) وانگر سمجهيو آهي؟ جنهن الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائين. اهي الله وٽ برابر نه ٿا ٿي سگهن. ۽ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا پاڻِي پيارڻ پانڌيِين، پڻ ڪعبي جو ڪم ڪار، مُقرّر ڪيان مَٽ تِنهن؟، مَڃيو جِنهن موچار، الله ۽ آخر ڏينهن کي، پڻ جوٽِي جَنگ جُونجھار، ربَّ سچي جي راه ۾؛ سي سَرکانَه، وَٽ سَتّار، ۽ ڏاڍن کي ڏاتار، سَنِئين سُهائي ڪانه ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ بيت الله جي آباد رکڻ کي ان ماڻهوءَ جي برابر سمجهيو آهي، جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻي ۽ الله جي واٽ ۾ جهاد ڪري؟ اهي الله وٽ برابر نٿا ٿي سگهن ۽ الله بي انصاف ماڻهن کي سمجهه نٿو ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان ماڻهن حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) جي مجاوري ڪرڻ کي انهيءَ شخص جي ڪم جي برابر ڪيو آهي، جنهن ايمان آندو الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ جنهن جهاد ڪيو الله جي راهه ۾؟ الله جي نظر ۾ ته اهي ٻئي برابر نه آهن ۽ الله ظالمن کي هدايت نه بخشيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ماڻهن پاڻي پيارڻ حاجين کي ۽ مجاوري ڪرڻ مسجد الحرام جي کي ان ماڻهو جي ڪم برابر سمجهيو آهي، جيڪو الله ۽ ڏينهن آخرت تي ايمان رکي ٿو ۽ جهاد ڪيائين الله جي راهه ۾؟ ناهن برابر اهي ٻئي الله وٽ، ۽ الله ڪابه رهنمائي نه ڪندو آهي ڪنهن قوم ظالم جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان ماڻهن حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام کي آباد ڪرڻ کي ان ماڻهوءَ جي برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنھن الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آندو آهي ۽ الله تعالى جي رستي ۾ جھاد ڪيو آهي؟ الله تعالى جي نظر ۾ اهي ٻئي برابر نه آهن ۽ الله تعالى ظالم ماڻهن کي هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان (رڳو) حاجين کي پاڻي پيارڻ ۽ مسجد حرام جي آبادي ۽ مرمت جو بندوبست ڪرڻ (جي عمل) کي ان شخص جي (عملن) جي برابر قرار ڏنو آهي جنهن الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ ان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيو؟ اهي ماڻهو الله جي بارگاهه ۾ برابر نٿا ٿي سگهن، ۽ الله ظالم قوم کي هدايت نٿو فرمائي۔(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا توهين ائين سمجهيون ويٺا آهيو ته حاجين جي لاءِ پاڻي پيئارڻ جو بندوبست ۽ مسجد الحرام کي وسائڻ ان شخص جهڙو ڪم آهي جنهن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ الله جي راه ۾ جهاد ڪيائين؟ الله وٽ ته اهي ٻئي برابر ڪونهن، ۽ الله ظلم ڪندڙن تي (ڪاميابيءَ جي) واٽ نه کوليندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم أَعظَمُ دَرَجَةً عِندَ اللَّهِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
جن مڃيو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجين مالن ۽ پنھنجين جانين سان جھاد ڪيو سي الله وٽ مرتبي ۾ بلڪل وڏا آھن، ۽ اُھي مُراد ماڻڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جانين ۽ مالن سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو تن جو يقيناً الله وٽ تمام وڏو مان مرتبو آهي ۽ اهي ئي آهن جي ڪامياب ٿيڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ الله جي راه ۾ پنهنجي مالن ۽ نفسن سان جهاد ڪيو، (انهن جو) الله تعالى وٽ تمام وڏو درجو آهي، ۽ اِهي ئي ڪامياب ٿيندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ايمان آندو ۽ (خدا جي لاءِ وطن ڇڏيو ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪيو، تن جو درجو خدا وٽ گهڻو وڏو آهي. ۽ اهي ئي ماڻهو (اعلى درجي تي) رسڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو ايمان آندائون ۽ هجرت ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون الله جي واٽ ۾ مالن پنهنجن سان ۽ سرن پنهنجن سان وڏا آهن درجي جي لحاظ سان الله وٽ ۽ اهي ئي ڪامياب ٿيندڙ آهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجي مال ۽ جان سان جنگ ڪئي، تن جو درجو الله وٽ وڏو آهي. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين ۽ پنهنجن مالن سان جهاد ڪيائون الله وٽ انهن جو درجو وڏو آهي. ۽ اهي ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آندو جن ايمان، پڻ ساڻيھ سِڌاريا، ۽ لَڙيا ربّ جي راھ ۾، سندسِ سِر سان، ۽ سامان، وَڏاسي واحد وَٽ، مَنجھ مَرتبي ۽ مانَ، ۽ بِهتر بي گمان، اُهي سوڀارا سَڀِين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو، وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيائون، اهي الله وٽ وڏو درجو رکن ٿا، اهي ئي ڪامياب آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله وٽ ته انهن ئي ماڻهن جو وڏو درجو آهي، جن ايمان آندو ۽ جن سندس راهه ۾ گهرگهاٽ ڇڏيا ۽ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو. اهي ئي ڪامياب آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن به ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ جهاد ڪيو الله جي راهه ۾ پنهنجي مال ۽ جانين سان، انهن جو وڏو درجو آهي الله وٽ ۽ اهڙا ئي ماڻهو آهن ڪامياب.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله تعالى جي رستي ۾ پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪيو، الله تعالى وٽ انهن جا وڏا درجا آهن ۽ اهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ انهن هجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جانين سان جهاد ڪندا رهيا اُهي الله جي بارگاهه ۾ درجي جي لحاظ کان تمام وڏا آهن، ۽ اُهي ماڻهو ئي مراد کي پهچڻ وارا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪيائون ۽ پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ته يقيناَ الله وٽ انهن جو وڏو درجو آهي ۽ اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يُبَشِّرُهُم رَبُّهُم بِرَحمَةٍ مِنهُ وَرِضوٰنٍ وَجَنّٰتٍ لَهُم فيها نَعيمٌ مُقيمٌ (آيت : 21) |
انھن کي سندن پالڻھار پاڻ وٽان ٻاجھ ۽ راضپي ۽ انھن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ انھن لاءِ سدائين نعمتون آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سندن پروردگار کين پنهنجي رحمت ۽ ڪامل رضامنديءَ جي خوشخبري ڏئي ٿو ۽ پڻ سندن لاءِ اهڙي باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ هنن جي لاءِ دائمي نعمتون هونديون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربيءَ جي مبارڪ زبان سان، الله تعالى کين پنهنجي طرفان رحمت ۽ رضامندي ۽ اهڙن باغن جي بشارت ٿو ڏئي جنهن ۾ دائمي نعمت هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن پالڻهار کين پنهنجي عنايت ۽ خوشنودي ۽ اهڙن (چهچ ساون) باغن جي بشارت ڏئي ٿو جنهن ۾ انهن لاءِ هميشه جو عيش (۽ آرام) هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خوشخبر ڏي ٿو انهن کي رب انهن جو رحمت جي پاڻ وٽان ۽ رضا مندي جي ۽ بهشتن جي انهن لاءِ ان ۾ نعمتون دائمي آهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سندن پاليندڙ انهن کي پنهنجي طرفان مهرباني ۽ رضامنديءَ ۽ باغن جي خوشخبري ٻڌائي ٿو جن ۾ انهن لاءِ هميشة جو آرام آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي سندن پالڻهارُ خوشخبري ڏئي ٿو پاڻ وٽان رحمت ۽ راضپي جي ۽ انهن بهشتن جي جن ۾ انهن لاءِ سدائين جون نعمتون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خاصِي کِير اُنهن کي، ڏئي ٿو سَندنِ ڏاتار، ۽ پنهنجي رَضا، رَحمت جي، ٻِيا پڻ باغ بهار، اُنهن لئي آهن، جَن ۾، سَدا سهنج سُڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن رب کين پنهنجي طرفان رحمت ۽ رضامندي ۽ اهڙن باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو، جن ۾ هميشه جون نعمتون هونديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن رب کين پنهنجي رحمت ۽ کانئن راضي هجڻ ۽ اهڙين جنتن جي خوشخبري ٿو ڏئي، جتي انهن لاءِ دائمي آرام جا سامان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي خوشخبري سندن رب جي طرفان رحمت جي آهي ۽ اهي راضپي الله جي ۾ اهڙن باغن ۾ رهندا جتي انهن جي لاءِ هميشه جو رهڻ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن پالڻھار کين پنھنجي رحمت، راضپي ۽ اهڙن باغن جي خوشخبري ڏي ٿو جنھن ۾ انهن لاءِ سدائين نعمتون هونديون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن جو رب کين پنهنجي پاران رحمت جي ۽ (پنهنجي) رضا جي ۽ (انهن) جنتن جي خوشخبري ڏي ٿو جن ۾ انهن جي لاءِ دائمي نعمتون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن جو پالڻهار، کين پنهنجيءَ رحمت ۽ رضا جي ۽ باغيچن جي بشارت ڏئي ٿو جتي انهن جي لاءِ هميشه جون نعمتون هونديون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 22) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ڇوته الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهي انهن ۾ هميشه رهڻ وارا هوندا، يقيناً الله وٽ (نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ) تمام وڏو اجر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، بيشڪ الله تعالى وٽ اجرِ عظيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي انسان سدائين ابد الآباد تائين انهن باغن ۾ رهندا. بيشڪ خدا وٽ ته تمام وڏو اجورو (۽ ثواب) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندڙ هوندا ان ۾ هميشہ بيشڪ الله، ان وٽ اجر وڏو آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اتي (اهي) هميشة رهڻ وارا آهن. بيشڪ الله وٽ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. ۽ بيشڪ الله وٽ زبردست اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُونِ هميشه اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، بارِي بَخشڻهار، اُن وَٽ اَجر وَڏاندرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي انهن ۾ هميشه رهندا- بيشڪ الله وٽ وڏو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ۾ هو سدائين رهندا، بيشڪ الله وٽ اجورا ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اتي هو هميشه رهڻ وارا آهن، بيشڪ الله وٽ خدمتن جو بدلو ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو ان ۾ هميشه رهندا، بيشڪ الله تعالى وٽ وڏو اجر آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اُهي) انهن ۾ هميشه هميشه رهندا بيشڪ الله وٽ ئي وڏو اجر آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهي اهڙين نعمتن ۾ هميشه رهڻ وارا هوندا. يقيناَ الله وٽ (نيڪ ماڻهن جي لاءِ) تمام وڏو اجر آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا ءاباءَكُم وَإِخوٰنَكُم أَولِياءَ إِنِ استَحَبُّوا الكُفرَ عَلَى الإيمٰنِ وَمَن يَتَوَلَّهُم مِنكُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 23) |
اي مؤمنؤ پنھنجن پئرن ۽ پنھنجن ڀائرن کي دوست نه وٺو جيڪڏھن (اُھي) ڪفر کي ايمان کان پيارو رکن (ته)، ۽ جيڪي اوھان مان انھن سان دوستي ڪندا سي ئي ظالم آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا ڀائر ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر کي وڌيڪ پيارو رکن ته انهن کي پنهنجو رفيق ۽ ڪارساز نه بنايو ۽ جيڪڏهن اوهان مان جيڪو به انهن کي رفيق ۽ ڪارساز بنائيندو ته اهو اهڙن ماڻهن مان هوندو جيڪي (پاڻ تي) ظلم ڪرڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان پنهنجي والدين ۽ ڀائرن کي پسند نه ڪريو جيڪڏهن اهي ايمان جي بدران ڪفر کي پسند ڪن ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو توهان مان انهن سان دوستي رکي ٿو پوءِ اهي ئي ظالم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهان جا پيءُ (ماءُ) ۽ اوهان جا ڀائر (ڀينرون) ايمان جي بجاءِ ڪفر کي ٿا چاهين ته اوهين کين پنهنجو سڄڻ نه سمجهو. ۽ اوهان مان جيڪو شخص انهن سان الفت رکندو ته اهي ئي ماڻهو ظالم آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه بنايو پيئرن پنهنجن کي ۽ ڀائرن پنهنجن کي دوست جيڪڏهن پسند ڪن ڪفر کي ايمان تي ۽ جيڪو دوست بنائيندو انهن کي اوهان مان پوءِ اهي ئي ظالم آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! اوهين پنهنجن ابن ۽ پنهنجن ڀائرن کي دوست ڪري نه وٺو جيڪڏهن اهي ڪفر کي ايمان کان پسند ڪن. ۽ جيڪي اوهان مان انهن کي دوست ڪري وٺندا، سي ئي ظالم آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! پنهنجي پيئرن ۽ پنهنجي ڀائرن کي دوست ڪري نه وٺو، جي اُهي ڪفر کي ايمان کان وڌيڪ پيارو رکن ٿا. ۽ اوهان مان جيڪو انهن کي دوست ڪري وٺندو ته پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، جن مڃيو!، سي پَنهنجي پِيء ۽ ڀار، نه ڌاريو دوست دِين تي، جي ڪُفر ڪيؤن اِختيار، ۽ جو به، اوهان، اُنهن کي، ڌاري دوست، يار، پوءِ آهن، اُهي آوار، هاڃيڪار هَڏهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهان جا وڏا ۽ ڀائر ايمان جي بدران ڪفر کي پسند ڪن ٿا، ته انهن سان دلي پيار نه رکو ۽ جيڪو اوهان مان انهن سان دلي پيار رکندو، ته اهڙا ماڻهو وڏا نافرمان آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! پنهنجن پيئرن ۽ ڀائرن کي به پنهنجو ساٿي نه بڻايو جيڪڏهن اهي ايمان تي ڪفر کي پسند ڪندا هجن. توهان مان جيڪي کين ساٿي بڻائيندا، اهي ئي ظالم هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! نه ڪريو پنهنجن پيئرن ۽ ڀائرن کي پنهنجو دوست رفيق جيڪڏهن اهي ترجيح ڏين ڪفر کي ايمان تي، توهان مان جن ماڻهن ائين ڪيو (انهن کي ساٿي بڻايو) اهڙا ئي ماڻهو ظالم هوندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! پنھنجي پيئرن ۽ پنھنجي ڀائرن کي به پنھنجو دوست نه بنايو جيڪڏهن هو ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر کي ترجيح (۽ اهميت) ڏين ( اهڙيءَ حالت ۾) توهان مان جيڪو به کين دوست ٺاهيندو ته اهي سڀ ظالم آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي ايمان وارؤ! توهان پنهنجي ابن (ڏاڏن) ۽ ڀائرن کي به دوست نه بڻايو جيڪڏهن اُهي ايمان کي ڪفر تي محبوب رکندا هجن، ۽ توهان مان جيڪو به انهن کي دوست بڻائيندو ته اُهي ئي ماڻهو ظالم آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مسلمانؤ! جيڪڏهن توهان جا وڏا ۽ توهان جا ڀائر (يعني ابا ڏاڏا، مٽ مائٽ ۽ دوست احباب) ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر کي پيارو رکن ته اهڙن ماڻهن کي پنهنجو رفيق ۽ دوست نه بڻايو ۽ جيڪي شخص اهڙن ماڻهن کي دوست بڻائيندا ته اهي ظالم ليکبا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل إِن كانَ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم وَإِخوٰنُكُم وَأَزوٰجُكُم وَعَشيرَتُكُم وَأَموٰلٌ اقتَرَفتُموها وَتِجٰرَةٌ تَخشَونَ كَسادَها وَمَسٰكِنُ تَرضَونَها أَحَبَّ إِلَيكُم مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَجِهادٍ فى سَبيلِهِ فَتَرَبَّصوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 24) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھان جا پيئر ۽ اوھان جو اولاد ۽ اوھان جا ڀائر ۽ اوھان جون زالون ۽ اوھان جا مائٽ ۽ اُھي مال جي اوھان ڪمايا آھن ۽ واپار جنھن جي بند ٿيڻ کان ڊڄو ٿا ۽ جايون جن کي پسند ڪريو ٿا سي اوھان کي الله ۽ سندس پيغمبر ۽ سندس واٽ ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آھن ته (ايسين) ترسو جيسين الله پنھنجو عذاب آڻي، ۽ الله بي دين قوم کي (سڌو) رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! مسلمان کي) چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون زالون ۽ توهان جا مائٽ ۽ توهان جو مال جو توهان ڪمايو آهي ۽ توهان جو واپار جنهن جي سرد پوڻ ۽ نقصان هيٺ اچڻ جو توهان کي انديشو ٿئي ٿو ۽ توهان جي رهڻ جا مڪان جي توهان کي ايتري قدر پسند آهن، اهي سڀ شيون اوهان کي الله کان سندس رسول کان ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پياريون آهن ته (حق جي دعوت اوهان جي محتاج ناهي) توهان ترسو ۽ انتظار ڪريو جيستائين جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي سو توهان جي اڳيان آڻي ۽ الله (جو مقرر قانون آهي ته هو) فاسقن لاءِ (سعادت ۽ ڪاميابيءَ جي) راهه نٿو کولي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پُٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون گھر واريون ۽ توهان جا مائِٽ ۽ توهان جا مال، جيڪي توهان ڪمايو ٿا، ۽ توهان جا واپار جن جي نقصان جو خوف ڪريو ٿا ۽ گھر، جن کي توهان پسند ڪريو ٿا (اهي سڀ شيون) جيڪڏهن توهان کي پياريون آهن الله ۽ الله جي رسول کان ۽ جهاد فِي سَبِيلِ الله کان ته پوءِ توهان انتظار ڪريو ايستائين جو الله پنهنجو حڪم آڻي، ۽ الله تعالى گنهگار قوم کي هدايت نٿو ڏئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته اوهان جا پيءُ ڏاڏا ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جا مٽ مائٽ ۽ اوهان جون زالون ۽ اوهان جي قبيلي وارا ۽ اهو مال اسباب جيڪو اوهان ڪمائي رکي ڇڏيو آهي ۽ اهو واپار (وڙو) جنهن جي (بازار) ٿڌي ٿيڻ جو اوهان کي انديشو آهي ۽ (محل) ماڙيون جن کي اوهين پسند ڪريو ٿا. اهي جيڪڏهن اوهان کي خدا کان ۽ سندس رسول کان ۽ سندس راھ ۾ جهاد کان ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن ته اوهين ٿورو ترسو جيستائين خدا پنهنجو حڪم (عذاب) آڻي. ۽ خدا نافرمان ماڻهن جي هدايت نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ جيڪڏهن آهن پيئر اوهان جا ۽ پٽ اوهان جا ۽ ڀائر اوهان جا ۽ زالون اوهان جون ۽ ڪٽنب اوهان جا ۽ مال جو ڪمايو اوهان انهن کي ۽ واپار جو انديشو ٿا ڪيو نقصان ۾ پوڻ جو انهيءَ کان ۽ جايون جو پسند ڪيو ٿا انهن کي وڌيڪ پيارا آهن اوهان کي الله ۽ ان جي رسول ۽ ان جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ کان پوءِ انتظار ڪيو تانجو آڻي الله امر پنهنجو ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم فاسق کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته جيڪڏهن اوهان جا ابا ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جا ڀائر ۽ اوهان جون زالون ۽ اوهان جا مائٽ ۽ اهي مال جي اوهان ڪمايا آهن ۽ واپار جنهن جي گهٽجي وڃڻ کان ڊڄو ٿا ۽ رهڻ جون جايون جن کي پسند ڪريو ٿا اوهان وٽ الله ۽ سندس رسول ۽ سندس رستي ۾ جنگ ڪرڻ کان زياده پيارا آهن ته انتظار ڪريو جيسين الله پنهنجو حڪم موڪلي. ۽ الله نافرمان قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) چؤ ته جيڪڏهن اوهان جا پيئر ۽ اوهان جو اولاد ۽ اوهان جا ڀائر ۽ اوهان جون زالون ۽ اوهان جا رشتيدار ۽ اُهي مال جيڪي توهان ڪمايا آهن ۽ (اهو) واپار جنهن جي نقصان کان ڊڄو ٿا ۽ (اهي) گَهرَ جن کي توهان پسند ڪيو ٿا سي (سڀ) جيڪڏهن اوهان کي الله ۽ ان جي رسول کان ۽ ان جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن ته پوءِ انتظار ڪيو ايستائين جو الله پنهنجو حڪمِ (عذاب) آڻي. ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ته اَبا اوهان جا، پٽ، ڀاء، ٻايون ۽ ٻار، ۽ مِٽ اوهان جا، مال پڻ، جو ميڙيان، ڪِ ورِي واپار، ڇِرڪو جِنهن جي، ڇِيهي ڪنان، ۽ ماڙِيون موچار، رَبَّ ۽ سندس رسول کان، پيارا اوهان پار؟ پڻ واٽ سَندسِ ۾، ويڙه کان،پوءِ ڪڍو اِنتظار، اَچي پَنهنجي اَمر سان، جاسين ربُّ، جبّار، ۽ ڏوهارِينِ ڏاتار، سَنئين سُهائي ڪا نه ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن اوهان جا وڏا، پٽ، ڀائر، زالون، قبيلا، ڪمايل مال، واپار مندي ٿيڻ جو ڊپ ۽ دل وڻندڙ جايون، اوهان کي الله ۽ سندس رسول ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن، ته پوءِ انتظار ڪريو، جيسين الله پنهنجو حڪم موڪلي ۽ الله نافرماني ڪندڙن کي سنئين راهه نه لڳائيندو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! کين ِٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن توهانجا پيئر ۽ توهانجا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهانجون زالون ۽ توهانجا مٽ مائٽ ۽ توهانجا اهي مال جيڪي توهان ڪمايا آهن ۽ توهانجا واپار وڙا جن جي بيهجي وڃڻ جو توهان کي ڊپ آهي ۽ توهانجا اهي گهر جيڪي توهانکي ڏاڍا وڻندا آهن، توهانکي الله ۽ سندس رسول ۽ سندس واٽ ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن ته پوءِ تيستائين انتظار ڪريو جو الله پنهنجو فيصلو آڻي توهانجي آڏو ظاهر ڪري ۽ الله فاسقن کي سنئين واٽ نه وٺائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ ته جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون زالون ۽ توهان جا مٽ مائٽ ۽ توهان جا اهي مال جيڪي توهان ڪمايا آهن، توهان جا اهي ڪاروبار جن ۾ نقصان پوڻ جو ڊپ آهي، ۽ اهي گهر جيڪي توهان کي وڻن ٿا، جيڪڏهن اهي توهان کي الله ۽ سندس رسول کان ۽ سندس راهه ۾ جهاد کان وڌيڪ پيارا آهن ته انتظار ڪريو ايستائين جو الله پنهنجو فيصلو آڏو آڻي توهان جي، ۽ الله رهنمائي نه ڪندو آهي فاسق ماڻهن جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) کين واضح طور ٻڌائي ڇڏ ته جيڪڏهن توهان جا ابا ڏاڏا، پٽ، ڀائر، گهر واريون، مائٽ، توهان جو مال جيڪو توهان ڪمايو آهي، توهان جو ڪاروبار جنھن جي نقصان ٿيڻ کان توهان ڊڄو ٿا ۽ توهان جا گهر، جن کي توهان پسند ڪريو ٿا اهي سڀ توهان کي الله تعالى، سندس رسول (ﷺ) ۽ الله تعالى جي رستي ۾ جھاد ڪرڻ کان وڌيڪ پيارا آهن ته پوءِ انتظار ڪريو جيستائين الله تعالى پنھنجو حڪم نازل فرمائي. الله تعالى نافرمان قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي نبي مڪرم!) توهان فرمايو: جيڪڏهن توهان جا ابا (ڏاڏا) ۽ توهان جا پٽ (ڌيئرون) ۽ توهان جا ڀائر (ڀينرون) ۽ توهان جون گهرواريون ۽ توهان جا (ٻيا) رشتيدار ۽ توهان جا مال جيڪي توهان (محنت سان) ڪمايا ۽ واپار ۽ ڪاروبار جن جي نقصان کان توهان ڊڄندا رهو ٿا ۽ اُهي گهر جن کي توهان پسند ڪيو ٿا، توهان وٽ الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ۽ ان جي واٽ ۾ جهاد کان وڌيڪ محبوب آهن ته پوءِ انتظار ڪريو ايستائين جو الله پنهنجي (عذاب جو) حڪم آڻي. ۽ الله نافرمان ماڻهن کي هدايت نٿو فرمائي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! مسلمانن کي) چئه : جيڪڏهن توهان جا پيئر، توهان جا پٽ، توهان جا ڀائر، توهان جون زالون، توهان جي برادري، توهان جو مال- جيڪو توهين ڪمايو آهي، توهان جي تجارت- جنهن جي ختم ٿي وڃڻ کان توهين ڊڄو ٿا، توهان جي رهڻ جون جايون جيڪي توهان کي ڏاڍيون پسند آهن، اهي سموريون شيون توهان کي الله کان، ان جي رسول کان ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پياريون آهن ته (پوءِ حق به توهان جو ڪو محتاج ڪونهي) انتظار ڪريو، ايستائين جو جيڪو ڪجهه خدا کي ڪرڻو آهي اهو ڪري ڇڏي ۽ الله فاسقن تي (ڪاميابي ۽ بخت جي) واٽ نه کوليندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ فى مَواطِنَ كَثيرَةٍ وَيَومَ حُنَينٍ إِذ أَعجَبَتكُم كَثرَتُكُم فَلَم تُغنِ عَنكُم شَيـًٔا وَضاقَت عَلَيكُمُ الأَرضُ بِما رَحُبَت ثُمَّ وَلَّيتُم مُدبِرينَ (آيت : 25) |
بيشڪ الله اوھان کي گھڻن ھنڌن ۾ سوڀ ڏني ۽ (پڻ جنگ) حُنين جي ڏينھن جو جڏھن اوھان جي گھڻائي اوھانکي عجب ۾ وڌو ۽ اوھان کان اوھان جي گھڻائي ڪجھ به ٽاري نه سگھي ۽ زمين پنھنجي ويڪرائي ھوندي (به) اوھان تي سوڙھي ٿي ويئي پوءِ اوھين پُٺيرا ٿي ڦريؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مسلمانؤ!) هيءَ حقيقت آهي ته الله تعاليٰ گهڻن ئي موقعن تي اوهان جي مدد ڪئي (جڏهن اوهان کي اوهان جي ٿورائي ۽ هيڻائيءَ سبب ڪاميابيءَ جي اميد ڪانه هئي) ۽ حنين واري جنگ جي موقعي تي به. جڏهن توهان پنهنجي گهڻائي سبب بي پرواهه ٿو ويؤ (۽ سمجهيو هيوَ ته فقط پنهنجي گهڻائي سان فتح حاصل ڪري وٺنداسين) تڏهن اها گهڻائي اوهان جي ڪجهه به ڪم نه آئي ۽ زمين پنهنجي سڄي ڪشادگيءَ هوندي به (اوهان جي لاءِ) تنگ ۽ سوڙهي ٿي ويئي، آخر ڇا ٿيو جو توهان پٺي ڏئي ميدان مان ڀڄڻ لڳؤ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تحقيق الله تعالى توهان جي مدد فرمائِي گھڻن جنگي محاذن تي ۽ جنگِ حُنَين واري ڏينهن، جڏهن توهان کي پنهنجي لشڪر جي گھڻائيءَ تي ناز هو پوءِ توهان کي توهان جي گھڻائي فائدو نه پهچايو ۽ توهان تي زمين تنگ ٿي پئي پنهنجي ڪُشادگيءَ جي باوجود پوءِ توهان مان ڪجھه ماڻهو منتشر (ڇڙ و ڇڙ) ٿي پوئتي هٽيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) خدا اوهان جي ڪيترن ئي جاين تي (غيبي) مدد ڪئي ۽ (خاص ڪري) حنين واري جنگ جي ڏينهن، جڏهن اوهان کي پنهنجي (تعداد جي) گهڻائي مغرور ڪري ڇڏيو هو، پوءِ اها گهڻائي اوهان کي ڪجھ به ڪم نه آئي ۽ (اوهان اهڙو ته گهٻرايو جو) زمين پنهنجي ڪشادگيءَ هوندي(به) اوهان تي تنگ هئي. پوءِ اوهان پٺ ڏئي ڀڳا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق مدد ڪئي اوهان جي الله گهڻين جاين ۾، ۽ حنين واري ڏينهن جڏهن پسند آئي اوهان کي گهڻائي اوهان جي، پوءِ نه دفع ڪيائين اوهان کان ڪا شيءِ ۽ تنگ ٿي اوهان تي زمين، ان هوندي جو ڪشادي هئي ان کان پوءِ ڦريئو اوهان پٺي ڏيندڙ(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله اوهان کي گهڻن ميدانن ۾ فتح ڏني ۽ حُنين جي ڏينهن ۾ به جڏهن اوهان کي اوهان جي گهڻائي خوشيءَ ۾ وڌو پوءِ اوهان کي ڪجهه به ڪم نه آئي ۽ زمين پنهنجي ڪشادگيءَ هوندي اوهان تي تنگ ٿي پوءِ اوهين پٺ ڏئي ڦريا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله گهڻن هنڌن تي توهان جي مدد ڪئي ۽ حُنين واري ڏينهن (ته خاص لطف فرمايو) جڏهن اوهان کي اوهان جي گهڻائي خوشيءَ واري ناز ۾ وڌو هيو پر اها اوهان جي ڪنهن ڪم نه آئي ۽ زمين پنهنجي ڪشادگي جي باوجود اوهان تي تنگ ٿي پئي پوءِ اوهان پٺي ڏئي ڦري ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گھڻن هَنڌنِ، ۽ حُنين ڏِينهن ، ڏِنان ڏَڍ ڏَاتار، جڏهن وَڻيان واڌِي پَنهنجِي؛ پوءِ نه لاٿِيئـِينان لاچار، ۽ ڪِيڏي ڪُشادگِي سان ٿِئِي، ڀُون اَوهان تي بار، تِنهنان پوءِ تَڪرار، موڙيان مُنهن ميدان مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، الله اوهان کي گهڻن ئي هنڌن تي مدد ڏني ۽ ”حنين“ جي ڏينهن به، جڏهن اوهان کي پنهنجي گهڻائي تي گهمنڊ هو، پر اُها اوهان جي ڪنهن ڪم نه آئي، ۽ زمين ڪشادي هجڻ هوندي به اوهان تي تنگ ٿي پئي، پوءِ اوهين پٺ ڏيئي ڀڳؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هن کان اڳ به گهڻن ئي موقعن تي توهانجي مدد ڪري چڪو آهي. تازو حـُـنين واري ڏينهن (سندس مدد جو شان توهان ڏسي چڪا آهيو) انهيءَ ڏينهن توهانکي پنهنجي گهڻائيءَ تي ڏاڍو ناز هو، مگر اها توهانجي ڪنهن ڪم نه آئي ۽ زمين ڪشادي هجڻ جي باوجود توهان لاءِ تنگ ٿي پئي ۽ توهان پٺي ڏئي موٽيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مدد ڪئي آهي الله ڪيترن ئي موقعن تي توهان جي ۽ ڏهاڙي حنين جي (اهو شان ته توهان ڏٺو آهي) جڏهن توهان کي غرور هو پنهنجي گهڻائيءَ جو، پر اها توهان کي ڪم نه آئي ڪجهه به ۽ پنهنجي ڪشادگيءَ جي باوجود زمين توهان تي تنگ ٿي پئي، پوءِ توهان پٺي ڏئي ڀڄي نڪتؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى توهان جي گهڻن موقعن تي مدد ڪري چڪو آهي ۽ حنين واري جنگ جي ڏينھن به (توهان کي سرخرو ڪيو هو) جنھن ڏينھن توهان کي پنھنجي گهڻائيءَ تي وڏو ناز هو پر اها گهڻائي توهان کي بلڪل ڪم نه آئي، زمين پنھنجي ڪشادگيءَ هوندي توهان لاءِ سوڙهي ٿي پئي هئي ۽ توهان پٺي ڏئي ڀڄي ويا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ الله ڪيترن ئي جاين تي توهان جي مدد فرمائي ۽ (خاص ڪري) حنين جي ڏينهن جڏهن توهان جي (افرادي قوت جي) گهڻائي تي توهان کي ناز هو پوءِ اُها (گهڻائي) توهان کي ڪجهه فائدو نه ڏيئي سگهي ۽ زمين باوجود ان جي جو اُها ڪشادي هئي توهان تي تنگ ٿي ويئي اهڙي طرح توهان پٺي ڏيکاريندي ڦري ويا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (مسلمانؤ!) اها حقيقت آهي ته الله گهڻن موقعن تي توهان جي مدد ڪري چڪو آهي (جڏهن ته توهان کي پنهنجي ٿورائي ۽ هيڻائيءَ سبب فتح جي اميد نه هئي) ۽ جنگِ حُنين جي موقعي تي به (توهان جي مدد ڪيائين) جڏهن توهين پنهنجي گهڻائيءَ تي آڪڙجي پيا هيئو (۽ سمجهي ويٺا هيئو ته صرف پنهنجي گهڻائيءَ سان ميدان جيتيندؤ) ته ڏسو، اها گهڻائي توهان کي ڪنهن ڪم نه آئي ۽ ڌرتي پنهنجي هيڏي وسعت جي باوجود توهان تي تنگ ٿي چڪي، آخرڪار توهين پٺي ڏئي ڀڄڻ لڳؤ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ أَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَنزَلَ جُنودًا لَم تَرَوها وَعَذَّبَ الَّذينَ كَفَروا وَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 26) |
موٽي الله پنھنجي پار کان آرام پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جو) لشڪر لاٿائين جن کي نه ٿي ڏٺوَ، ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، ۽ اِھا ڪافرن جي سزا آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي پنهنجي طرفان دل جي تسلي ۽ قرار نازل فرمايو ۽ اهڙيون فوجون لاٿيون جيڪي اوهان کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيون ۽ (اهڙيءَ طرح) انهن ماڻهن کي عذاب ڏنائين جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي ۽ اهائي جزا آهي انهن ماڻهن جي جيڪي ڪفر جي راهه اختيار ڪن (يعني سندن بدعمليءَ جو لازمي نتيجو اهوئي آهي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ الله پنهنجي رحمت نازل فرمائِي رسولِ عربيءَ تي ۽ صحابِه ڪرام تي ۽ الله نازل ڪيو لشڪر (ملائڪن جي) کي جيڪو توهان نه ڏٺو ۽ الله تعالى ڪافرن تي سخت عذاب ڪيو، ۽ اها ڪافرن جي سزا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن خدا پنهنجي رسول تي ۽ مومنن تي پنهنجي (طرفان) تسڪين نازل فرمائي ۽ (رسول جي مهابي ڪري) فرشتن جا لشڪر موڪليائين جن کي اوهين ڏسي به نه پيا سگهو ۽ ڪافرن تي عذاب نازل ڪيو. ۽ ڪافرن کي اها ئي سزا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ لاٿائين سڪون پنهنجو رسول پنهنجي تي ۽ مؤمنن تي ۽ لاٿائين اهڙو لشڪر جونه ڏٺو اوهان ان کي ۽ عذاب ڪيائين انهن کي جوڪفر ڪيائون ۽ اهو بدلو آهي ڪافرن جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجو آرام لاٿو، ۽ (اهڙن) لشڪرن کي لاٿائين جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين. ۽ اها ڪافرن جي سزا آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله پنهنجو سُڪون پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي لاٿو ۽ (ملائڪن جا) لشڪر لاٿائين جن کي اوهان نه پئي ڏٺو ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين. ۽ اها (سزا ئي) منڪرن جو بدلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي پَنهنجي مُرسل تي، پڻ مَٿي مُسلمِين، خُدا اُتارِي خاطرِي، تَسَلِّي ۽ تَسڪِين، ۽ لاٿئـِين لَشڪر، جي نه ڏِٺان؛ ۽ جي ڦِريا ڪنان دِين، ۽ تن ڏِنئـِين سَزا سَنگِين، اِي اُجورو اِنڪاريِـين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله پنهنجي رسول ۽ مومنن کي پنهنجي طرفان دلجاءِ ڏني ۽ اهڙا لشڪر لاٿائين، جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين، اهائي ڪافرن جي سزا آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ الله پنهنجو آٿت پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي نازل ڪيو ۽ اهي لشڪر لاٿائين، جيڪي توهانکي نظر نه ٿي آيا ۽ حق جي منڪرن کي سزا ڏنائين، جو اهوئي بدلو آهي، انهن ماڻهن جو جيڪي حق جو انڪار ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ نازل ڪيو الله سڪون پنهنجي رسول ۽ مٿان مؤمنن جي، ۽ نازل فرمايا اهي لشڪر جيڪي توهان کي ڏسڻ ۾ نه ٿي آيا ۽ سزا ڏنائين ڪافرن کي، ۽ حق جي منڪرن لاءِ اهو ئي بدلو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ الله تعالى پنھنجي رسول (ﷺ) ۽ مؤمنن تي دلي سڪون لاٿو ۽ (ميدان ۾) اهڙا لشڪر لاٿا جن کي توهان ڏٺو ئي ڪونه ۽ ڪافرن کي سزا ڏني ۽ ڪافرن جو اهو ئي بدلو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ الله پنهنجي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجي تسڪين (رحمت) نازل فرمائي ۽ ان (ملائڪن جا اهڙا) لشڪر لاٿا جن کي توهان نه ڏسي سگهيا ۽ انهن ماڻهن کي عذاب ڏنائين جيڪي ڪفر ڪري رهيا هئا، ۽ اِها ئي ڪافرن جي سزا آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ الله، پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي پنهنجي طرفان دل جو سڪون ۽ قرار نازل فرمايو ۽ اهڙيون فوجون لاٿائين جيڪي توهان کي نظر نه ٿي آيون ۽ (اهڙيءَ طرح) انهن ماڻهن کي عذاب ڏنائين جن ڪفر جي واٽ ورتي هئي ۽ اهوئي بدلو آهي انهن ماڻهن جو- جيڪي ڪفر جي واٽ وٺندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ يَتوبُ اللَّهُ مِن بَعدِ ذٰلِكَ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 27) |
موٽي اُن کانپوءِ الله جنھن لاءِ وڻيس تنھن تي ٻاجھ سان موٽندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) وري ان کان پوءِ الله تعاليٰ جنهن کي چاهيندو تنهن ڏانهن پنهنجي رحمت جي موٽ ڪندو (يعني توبهه قبول ڪندو) ۽ الله وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اُن کان پوءِ الله توبه قبول فرمائي ٿو جنهن ٻانهي جي پاڻ چاهي، ۽ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ خدا جنهن جي چاهي توبه قبول فرمائي. ۽ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ توبہ قبول ڪرڻ سان وري ٿو جنهن تي گھري ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري ان کانپوءِ جنهن تي الله کي وڻي تنهن تي مهرباني ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (سزا ڏيڻ) کان بعد به الله جنهن جي چاهي توبه قبول ڪري ٿو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي والِي، ورٖي اُن مَٿي، جو وِيندس پوءِ وَڻِي، ۽ پَڪ سان، پاڪ ڌَڻِي، مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله جنهن کي وڻيس توبهه نصيب ڪري ٿو ۽ الله وڏي بخشش ۽ وڏي رحمت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري (توهان اهو به ڏسي چڪا آهيو ته) اهڙيءَ طرح سزا ڏيڻ کان پوءِ الله جنهن کي گهري توبه ڪرڻ جي توفيق به ڏئي ٿو، الله معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (توهان اهو به ڏٺو ته) الله اهڙي سزا ڏيڻ کان پوءِ جنهن کي گهري توبه جي توفيق بخشي ٿو، ۽ الله بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري ان کان پوءِ الله تعاليٰ جنھن کي چاهي توبہ جي توفيق نصيب فرمائي، الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ الله ان کانپوءِ به جنهن جي گهري ٿو توبه قبول فرمائي ٿو (يعني ان کي اسلام جي توفيق ۽ رحمت جي توجهه سان نوازي ٿو)، ۽ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هاڻي الله جنهن تي چاهيندو پنهنجي رحمت سان موٽي پوندو (يعني ان جي توبهه قبول ڪندو) ۽ الله وڏو بخشڻهار- نهايت مهربان آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّمَا المُشرِكونَ نَجَسٌ فَلا يَقرَبُوا المَسجِدَ الحَرامَ بَعدَ عامِهِم هٰذا وَإِن خِفتُم عَيلَةً فَسَوفَ يُغنيكُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ إِن شاءَ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 28) |
اي مؤمنؤ مشرڪ رڳو پليت آھن تنھنڪري ھن ورہ پڄاڻا تعظيم واريءَ مسجد جي ويجھو نه وڃن، ۽ جيڪڏھن (اوھين) سڃائيءَ کان ڊڄندا آھيو ته جيڪڏھن الله گھريو ته پنھنجي فضل سان اوھانکي سگھوئي آسودو ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! حقيقت هي آهي ته مشرڪ پليت آهن، (يعني شرڪ جي ڪري هنن جي دل جي پاڪائي هلي ويئي آهي) تنهن ڪري گهرجي ته هاڻي هن سال کان پوءِ (يعني سن 9 هجري بعد) ڪعبت الله جي ويجهو نه اچن ۽ جيڪڏهن توهان کي (هنن جي آمدرفت بند ٿيڻ ڪري) سڃائي ۽ تنگيءَ جو انديشو هجي (جو هو ضروري شيون آڻي واپار ڪندا آهن ته گهٻرايو نه) الله تعاليٰ چاهيندو ته جلدئي اوهان کي پنهنجي فضل سان مالامال ڪري ڇڏيندو. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! مشرڪ ئي پليد آهن تنهنڪري مسجدالحرام کي قريب نه ٿين، هن سال کان پوءِ، ۽ جيڪڏهن توهان مسڪينيءَ جو خوف ڪريو ٿا ته پوءِ الله تعالى جلدي پنهنجي فضل سان جيڪڏهن چاهي توهان کي شاهوڪار ڪندو، بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! مشرڪ تي بلڪل پليت آهن. ته پوءِ اهي هن سال کان پوءِ مسجد الحرام (ڪعبي) جي ويجهو به نه اچن. ۽ جيڪڏهن اوهين (هنن کان الڳ ٿيڻ ۾) سڃائي کان ڊڄو ٿا ته جيڪڏهن خدا گهريو ته جلد ئي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان اوهان کي آسودو ڪندو. بيشڪ خدا وڏو دانا ۽ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! ان کان سواءِ ڪجھ ناهي ته مشرڪ پليد آهن پوءِ نه ويجھا وڃن، مسجد حرام کي پنهنجي هن سال کان پوءِ جيڪڏهن خوف ٿا ڪيو، غريبيءَ جو پوءِ جلدي غني بنائيندو اوهان کي الله پنهنجي مهربانيءَ سان جيڪڏهن گھرندو، بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! مشرڪ بالڪل پليت آهن پوءِ اهي سندن هن سال کانپوءِ مسجد حرام جي ويجهو نه وڃن. ۽ جيڪڏهين اوهين سڃائيءَ کان ڊڄو ٿا ته پوءِ جيڪڏهن الله گهريو ته اوهان کي پنهنجي فضل مان بي پرواهه ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ مشرڪَ پليتُ آهن سو اُهي پنهنجي هن سال (سنه 9 هـ) کان پوءِ مسجدالحرام جي ويجهو (به) نه اچن. پوءِ جيڪڏهن اوهان سُڃائي کان ڊڄو ٿا ته پوءِ جي الله گهريو ته جلد پنهنجي فضل سان اوهان کي شاهوڪار ڪري ڇڏيندو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مڃيو، جن مَذڪور!، ته غير گڏِيندڙ، گندگِي، پوءِ هِن وره، سندنِ پُئان، ويجھانَه وَڃن وَهلور، پاڪ مِهت کي؛ پوءِ، جي ڊِنا مِسڪِينِي کان مُور، ته بِلڪل پَنهنجي ڀال سان، ڀَلو ڪندان ڀرپور، جي گُھريو ربَّ، غفور، واحد واقِف ويڄ وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! بيشڪ مشرڪ ته ناپاڪ آهن تنهنڪري هن سال کان پوءِ ڪعبي کي ويجها نه اچن- جيڪڏهن اوهان کي غريبيءَ جو انديشو آهي ته جيڪڏهن الله گهرندو ته اوهان کي جلد ئي پنهنجي مهربانيءَ سان غني ڪندو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! مشرڪ پليد آهن، تنهنڪري هن سال کانپوءِ اهي مسجد حرام جي ويجهو ئي نه اچن ۽ جيڪڏهن توهانکي سڃي ٿي وڃڻ جو ڊپ آهي ته ستت ئي الله جي گهريو ته توهانکي پنهنجي فضل سان آسودو ڪري ڇڏيندو، الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، بيشڪ مشرڪ پليت آهن تنهن ڪري اهي ويجهو نه وڃن مسجد الحرام (حرمت واري) جي هن سال کان پوءِ، جي توهان کي سڃائيءَ جو خوف آهي ته پوءِ توهان کي آسودو ڪندو الله پنهنجي فضل سان جي هو چاهي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ مشرڪ ناپاڪ آهن، هن سال کان پوءِ هو مسجد حرام جي ويجهو به نه اچن ۽ جيڪڏهن توهان کي غربت (۽ مفلسيءَ) جو خوف هجي ته جلد ئي الله تعالى چاهيو ته توهان کي پنھنجي فضل سان خوشحال ڪري ڇڏيندو. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي ايمان وارؤ! مشرڪ ته سمورا ناپاڪ آهن سو اُهي پنهنجي هن سال کانپوءِ (يعني مڪي جي فتح کانپوءِ سنه هجري کان) مسجد حرام جي ويجهو نه اچن ۽ جيڪڏهن توهان کي (واپار جي گهٽ ٿيڻ جي ڪري) سڃي ٿيڻ جو ڊپ آهي ته (گهٻرايو نه) جلدئي الله جيڪڏهن گهرندو ته توهان کي پنهنجي فضل سان مالدار ڪري ڇڏيندو، بيشڪ الله خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مسلمانؤ! حقيقت اها آهي ته مشرڪ نجس آهن (يعني شرڪ انهن جي دلين جي پاڪائي وڃائي ڇڏي آهي)، تنهنڪري هيلوڪي سال کانپوءِ (يعني سنه هجريءَ کانپوءِ) مشرڪ ماڻهو مسجد الحرام جي ويجهو (به) نه اچن ۽ جيڪڏهن توهان کي (مشرڪن جي اچ وڃ جي بند ٿيڻ جي ڪري) سڃائيءَ جو فڪر آهي (ته هو ضرورت جون سڀ شيون ٻاهران آڻيندا آهن ۽ واپار ڪندا آهن) ته گهٻرايو نه! الله چاهيندو ته ترت ئي توهان کي به پنهنجي فضل سان آسودو ڪري ڇڏيندو، الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو (۽ پنهنجن سمورن ڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قٰتِلُوا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَلا يُحَرِّمونَ ما حَرَّمَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَلا يَدينونَ دينَ الحَقِّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ حَتّىٰ يُعطُوا الجِزيَةَ عَن يَدٍ وَهُم صٰغِرونَ (آيت : 29) |
جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان جيڪي نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ نڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي حرام ڪيل شيء کي حرام ڪري ڄاڻندا آھن ۽ نڪي سچو دين قبول ڪندا آھن تن سان ايستائين وڙھو جيسين (اُھي) رعيتي پنھنجي ھٿان جزيو ڏين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهل ڪتاب مان جن ماڻهن جو حال هي آهي جو نڪي خدا تي (سچو) ايمان رکن ٿا، نڪي آخرت جي ڏينهن تي ۽ نڪي انهن شين کي حرام سمجهن ٿا، جن کي الله ۽ سندس رسول حرام ٺهرايو آهي، نڪي سچي دين تي عمل ڪندڙ آهن، تن سان به (اي مسلمانو) جنگ ڪيو، جيستائين ڪه هو پنهنجي خوشيءَ سان جزيو ڏيڻ قبول ڪن ۽ اهڙي حالت بڻجي جو هنن جي سرڪشي ٽٽي ويئي هجي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان جنگ ڪريو انهن ماڻهن سان جيڪي نٿا ايمان آڻن الله تعالى تي ۽ نه قيامت تي ۽ نٿا حرام سمجھن (انهن شين کي) جيڪي الله ۽ الله جي رسول حرام ڪيون آهن ۽ نٿا اعتقاد رکن اهلِ ڪتاب جا دين اسلام تي ايستائين جو اهي (شڪست کائِي) پنهنجي هٿ سا جزيه ڏين ۽ اهي ذليل ٿيندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهل ڪتاب وارن مان جيڪي نه ته (دل سان) خدا تي ايمان رکن ٿا ۽ نه آخرت جي ڏينهن تي ۽ نه (وري) خدا ۽ ان جي رسول جي حرام ڪيل شين کي حرام ڪري سمجهن ٿا ۽ نه سچي دين کي اختيار ڪن ٿا، انهن سان وڙهندا رهو ايستائين جو اهي ماڻهو ذليل ٿي (پنهنجي) هٿ سان جزيو ڏين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنگ ڪيو انهن سان جيڪي نٿا ايمان آڻين الله تي ۽ نه قيامت جي ڏينهن تي، ۽ نٿا حرام سمجھن اهو جيڪو حرام ڪيو الله ۽ ان جي رسول ۽ نٿا قبول ڪن دين سچو انهن مان جيڪي ڏنا ويا ڪتاب تانجو ڏين جزيو هٿ سان حالانڪ اهي (ذليل) مغلوب آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن مان اوهين انهن سان جنگ ڪريو، جيڪي الله ۽ پڇاڙيءَ جي ڏينهن تي ايمان نه ٿا آڻين ۽ جيڪي الله ۽ سندس رسول حرام ڪيو آهي تنهن کي حرام نه ٿا سمجهن ۽ سچي دين جي فرمانبرداري نه ٿا ڪن، تان جو اهي خوار ٿي پنهنجي هٿان جزيه ڏين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ماڻهن سان جنگ ڪيو جيڪي نه الله تي ايمان آڻن ٿا ۽ نه آخرت واري ڏينهن تي ۽ نه الله ۽ ان جي رسول جي حرام ڪيل شين کي حرام ڪن ٿا ۽ نه ئي دينِ حق (اسلام کي پنهنجو) دين بنائن ٿا. اهي انهن مان آهن جن کي ڪتاب ڏنو ويو. (ساڻن لڙو) ايستائين جو ذليل ٿي پنهنجي هٿن سان ڍل ڏين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاشڪ لَڙو تن سان، جي نه مَڃِين مَلول، الله ۽ آخر ڏينهن کي، پڻ ڪن ڪِين قَبول، هَرگز جِنهن کي حرام ڪيو ربَّ، ۽ سَندسِ رَسول، ۽ دين، نه سَچي دين کي، ڀانئـِن بُوالفَضُول، پَرهِيل ڪَڙِهيل ڪتاب جا، تان جُزْيو ڏِين جُھول، ۽ اَدا ڪن مَحصُول، هَٿ سان ، حڪم بَردار ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارن مان انهن سان وڙهو، جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن ۽ نڪي ان کي حرام ڄاڻن ٿا، جنهن کي الله ۽ سندس رسول حرام ڪيو آهي ۽ نڪي هو سچي دين کي قبول ڪن ٿا، ايستائين جيسين هو جزيو ڏئي رعيت ٿي هٿ هيٺ رهڻ قبول ڪن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنگ ڪريو اهل ڪتاب مان انهن ماڻهن سان، جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿا آڻين ۽ جيڪي ڪجهه الله ۽ سندس رسول حرام ڪيو آهي، تنهن کي حرام نٿا ڪن ۽ سچي دين کي پنهنجو دين نٿا بڻائين (انهن سان لڙو) تانجو اهي پنهنجي هٿ سان جزيو ڏين ۽ پــَـست ٿي رهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنگ ڪريو انهن ماڻهن سان (اهلِ ڪتاب مان) جيڪي الله ۽ آخرت تي ايمان نٿا آڻين ۽ حرام نٿا ڪن جيڪي حرام قرار ڏنو آهي الله ۽ سندس رسول ۽ نٿا بنائن پنهنجو دين، حق واري دين کي، انهن سان وڙهو جن تي نازل ڪيل آهي ڪتاب، ايستائين جو اهي جزيو ڏين پنهنجن هٿن سان ۽ اهي ننڍا ٿي رهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهل ڪتاب مان جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان نٿا رکن، الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) طرفان حرام ڪيل شين کي حرام نٿا سمجهن ۽ سچي دين کي قبول نٿا ڪن، انهن ماڻهن سان ايستائين جنگ ڪريو جيستائين هو ماتحت ٿي پنھنجو پاڻ جزيو ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي مسلمانؤ!) توهان اهل ڪتاب مان انهن ماڻهن سان (به جوابي) جنگ ڪريو جيڪي نه الله تي ايمان رکن ٿا ۽ نه آخرت جي ڏينهن تي ۽ نه انهن شين کي حرام سمجهن ٿا جن کي الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) حرام قرار ڏنو آهي ۽ نه ئي دينِ حق (يعني اسلام) اختيار ڪن ٿا، ايستائين جو (اُهي اسلام جي حڪم آڏو) تابع ۽ مغلوب ٿي پنهنجي هٿ سان ٽيڪس ادا ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهلِ ڪتاب منجهان جن ماڻهن جو اهو حال آهي ته نه ڪي الله تي (سچو) ايمان رکن ٿا، نه ڪي آخرت تي، نه ڪي انهن شين کي حرام سمجهن ٿا- جن کي الله ۽ ان جي رسول (سندن ڪتاب ۾) حرام قرار ڏنو آهي ۽ نه ڪي سچي دين تي عمل پيرا آهن ته (مسلمانؤ!) اهلِ ڪتاب سان (به) جنگ جوٽيو، ايستائين جو هو پنهنجي خوشيءَ سان جزيو ڏيڻ قبول ڪن ۽ صورتحال اهڙي ٿي پوي جو انهن جي سرڪشي ڌوڙ ٿي وڃي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَتِ اليَهودُ عُزَيرٌ ابنُ اللَّهِ وَقالَتِ النَّصٰرَى المَسيحُ ابنُ اللَّهِ ذٰلِكَ قَولُهُم بِأَفوٰهِهِم يُضٰهِـٔونَ قَولَ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ قٰتَلَهُمُ اللَّهُ أَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 30) |
۽ يَھُودين چيو ته عُزير الله جو پُٽ آھي ۽ نصارن چيو ته عيسىٰ الله جو پُٽ آھي، اِھو سندن واتن سان آھي، اڳين ڪافرن جي چوڻ جھڙي رِيس ڪندا آھن، الله مٿن لعنت ڪري، ڪيڏي جو ڪيڏي ڀُلايا ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ يهودي چون ٿا ته عزير الله جو پٽ آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته مسيح الله جو پٽ آهي. اهي هنن جون ڳالهيون آهن فقط زبان کان آيل. (دماغ هلائين ته ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه چون) اهي ماڻهو به اهڙي ڳالهه ٿا چون جهڙي اڳي ڪافر چوندا هئا، مٿن الله جي لعنت هجي هو ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ يهودين چيو ته عُزَير، الله جو پُٽُ آهي، ۽ عيسائين چيو ته عيسيٰ، الله جو پُٽُ آهي (معاذ الله)، اهي انهن جا زباني افواهه آهن، اهي به انهن ڪافرن جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي انهن کان اڳ ۾ هئا، الله انهن کي هلاڪ ڪري، اهي ڪيڏانهن اُبتا وڃي رهيا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يهودي ته هئين چون ٿا ته عزيز خدا جو پٽ آهي ۽ (وري) نصارى چون ٿا مسيح (عيسى) خدا جو پٽ آهي. اها ته انهن جي ڳالھ آهي ۽ (اها به خود) سندن زباني. هي ماڻهو به انهن ڪافرن وانگر ئي ڳالهيون ٺاهڻ لڳا جيڪي انهن کي به برباد ڪري (ڏسو ته) ڪئين ابتا وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو يهودين ته عزير الله جو پٽ آهي ۽ چيو نصارن ته مسيح الله جو پٽ آهي اهو قول انهن جو سندن منهن سان آهي مشابه ٿا ٿين قول انهن جي کي جو ڪفر ڪيائون اڳ ۾ هلاڪ ڪري انهن کي الله ڪيڏي ٿا اونڏا ڪيا وڃن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ يهودين چيو ته عزير، الله جو پٽ آهي ۽ عيسائين چيو ته مسيح، الله جو پٽ آهي. اها سندن وات جي ڳالهه آهي، اڳين ڪافرن جي ڳالهه جي ريس ڪن ٿا. الله انهن کي برباد ڪري، ڪيئن اُبتا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ يهودين چيو ته عُـــزيرُ الله جو پُٽ آهي ۽ نصارن چيو ته مسيح (عيسيٰ) الله جو پُٽ آهي. اها انهن جي واتن (زبانن) جي ڳالهه آهي. انهن ماڻهن جي قول سان مشابهت ڪن ٿا جيڪي اڳ ڪفر ڪري چڪا. الله انهن کي برباد ڪري ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ يَـهُودين عُزَيز کي، اُتو پُٽ اَلله، ۽ عِيسايَن، عِيسٰى کي چَيو، دادلو درگاه، اِي مِڙئـِي سَندنِ مُنهن جا، آهِن ٺَلها ٺاه، آکِين اُنهن جي، آکيل جِيئن، جي اِنهيان اڳ گُمراه، مارٖين شال الله!، ڪِيئن ڪا هيا وَڃن ڪُوڙ ڏي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يهودين چيو ته ”عزير الله جو پٽ آهي“ ۽ نصارن چيو ته ”مسيح الله جو پٽ آهي“ اهي (رڳو) سندن زبان کان نڪتل ڳالهيون آهن، اهي به انهن جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جي کانئن اڳ ڪافر ٿي چڪا آهن. الله جي مٿن ڦٽڪار هجي، هو ڪيڏانهن ڀٽڪي رهيا آهن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يهودي ٿا چون ته عــُـزير الله جو پٽ آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته مسيح الله جو پٽ آهي، اهي بي بنياد ڳالهيون آهن، جيڪي هو پيا ٿا پنهنجي واتان ڪڍن، انهن ماڻهن سان ريس ڪندي جيڪي کانئن اڳ ڪفر ۾ پيل هئا. الله جي مار پوين! ڪيئن ابتا پيا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا آهن يهودي ته عزير پٽ آهي الله جو ۽ چوندا آهن نصارا ته مسيح پٽ آهي الله جو، اهي ڳالهيون (اصلي) حقيقت نه آهن جيڪي اهي چوندا آهن پنهنجي واتان، انهن ماڻهن وانگر جيڪي ڪفر ۾ مبتلا ٿيا ان کان اڳي، مار پوي الله جي انهن تي هي ڪٿان ڌوڪو پيا کائن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودين چيو ته عزير (+) الله تعالى جو پٽ آهي ۽ وري عيسائين چيو ته عيسى (+) الله تعالى جو پٽ آهي. هي انهن جون بي بنياد ڳالهيون آهن جيڪي هو چئي رهيا آهن. هو انهن ماڻهن جي ريس ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي اڳ ۾ ڪفر ڪري چڪا آهن. الله تعالى جي انهن تي مارَ پوي ، هو ڪاڏي وڃي ڀٽڪي رهيا آهن؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ يهودين چيو: عزيز (عليه السلام) الله جا پٽ آهن ۽ نصارن چيو: مسيح (عليه السلام) الله جا پٽ آهن. اِهو انهن جو (بيڪار) قول آهي جيڪو پنهنجي واتان ڪڍن ٿا. هي انهن ماڻهن جي قول سان مشابهت (اختيار) ڪن ٿا جيڪي (انهن کان) پهريان ڪفر ڪري چڪا آهن، الله کين تباهه ڪري هي ڪٿي ڀٽڪندا ٿا وتن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ يهودين چيو: عزير، الله جو پٽ آهي ۽ عيسائين چيو: مسيح، الله جو پٽ آهي. اهي انهن جون اجايون ڳالهيون آهن (نه ته ڪهڙو سمجهدار اهڙيون ڳالهيون ڪندو؟) انهن ماڻهن به انهن جهڙي ئي ڳالهه ڪئي جيڪي کانئن اڳ ڪفر جي واٽ هلي چڪا آهن. مٿن الله جي لعنت هجي !- ڪيڏانهن ٿا ڀٽڪندا وتن؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
اتَّخَذوا أَحبارَهُم وَرُهبٰنَهُم أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ وَالمَسيحَ ابنَ مَريَمَ وَما أُمِروا إِلّا لِيَعبُدوا إِلٰهًا وٰحِدًا لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ سُبحٰنَهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 31) |
( ۽ ) پنھنجن عالمن ۽ پنھنجن فقيرن ۽ عيسىٰ پُٽ مريم جي کي الله کانسواءِ پالڻھار ڪري ورتائون، ۽ ھڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان ھو پاڪ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن (اهل ڪتاب) الله کي ڇڏي پنهنجي عالمن ۽ درويشن کي (پنهنجا) رب کڻي بنايو آهي ۽ پڻ مريم جي پٽ مسيح کي حالانڪ کين جيڪو حڪم ڏنو ويو هو سواءِ هن کان سواءِ ڪجهه نه هو ته هڪ خدا جي ٻانهپ ڪيو. کانئس سو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (يعني خدا جي حڪمن خلاف ڪنهن به انسان جي حڪم جي تابعداري نه ڪجي) الله تعاليٰ پاڪ آهي، انهيءَ (شرڪت ۽ شريڪن) کان جي سندس ذات سان شامل ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن پنهنجي پادرين ۽ راهبن ۽ عيسيٰ پُٽُ مريم کي معبود بنايو، (سچي) الله تعالى کان سواءِ، حالانڪ نه حڪم ويو (انهن کي) مگر (صرف اهو ته) هڪ الله جي عبادت ڪن، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر الله سندس ذات شرڪ کان پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ماڻهن پنهنجي خدا کي ڇڏي پنهنجن عالمن کي ۽ پنهنجن زاهدن کي ۽ مريم جي پٽ مسيح کي پنهنجو پروردگار بڻائي ڇڏيو، هوڏانهن کين اهو ئي حڪم ڏنو ويو هو ته اڪيلي خدا جي عبادت ڪن جنهن کان سواءِ (ٻيو) ڪو به لائق عبادت جي نه آهي. جنهن ڳالھ کي اهو ماڻهو سندس شريڪ ٿا بنائين اهو ان کان پاڪ پاڪيزه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ورتائون پادرين ۽ راهبن پنهنجن کي رب ڪري سواءِ الله جي ۽ مسيح پٽ مريم جي کي ۽ نه امر ڪيا ويا مگر تانت عبادت ڪن معبود هڪ جي نه آهي ڪوبه عبادت جو حقدار سواءِ ان جي پاڪائي آهي ان جي ان کان جو شرڪ ڪن ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله کانسواءِ انهن پنهنجن عالمن ۽ درويشن کي پاليندڙ ڪري ورتو ۽ مريم جي پٽ مسيح کي به، هوڏانهن کين رڳو هيءَ حڪم ڪيو ويو هو ته هڪ الله جي بندگي ڪن. ان کانسواءِ ڪو معبود نه آهي. الله انهن کان پاڪ آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن الله کان سواءِ پنهنجي عالمن ۽ پنهنجي دُرويشن کي رب ڪري ورتو آهي ۽ مريم جي پٽ مسيح (عيسى)کي به. حالانڪه اهي ڪو به حڪم نه ڏنا ويا هئا سواءِ هن جي ته هڪ معبود جي پوڄا ڪن، ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي. اُهو (الله) انهن کان پاڪ آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجا ڄاهيون پاڻ ڌَڻِي، سوا رب، سُبحان، پَڙهيا، پِير، به عيسٰى پٽ مريم مِهربان، ۽ اَصل نه ڪيو ويو اُنهن کي، مگر هِي فرمان، ته پُوڄيو، هِڪ درگاه کي، ٻِي درگاه، اِن ري ڪا نه، جي گَڏِينِ، مَنجھ گُمان، سو پَڪ تن کان، پاڪ گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن خدا کي ڇڏي پنهنجن عالمن ۽ فقيرن کي رب ڪري ورتو ۽ مسيح پٽ مريم جي کي (به). ۽ اصل ۾ انهن کي رڳو هڪ ڌڻيءَ جي عبادت جو حڪم ڏنل آهي، جنهن ڌاران ڪو به عبادت جو لائق نه آهي، اُهو سندن ڀائيواريءَ کان پاڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن الله کي ڇڏي پنهنجن عالمن ۽ بزرگن کي پنهنجو رب بڻايو آهي ۽ اهڙيءَ طرح مسيح پٽ مريم جي کي پڻ، حالانڪه کين هڪڙي معبود کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو ويو هو، اهو جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، اهو پاڪ آهي انهن شرڪ وارين ڳالهين کان جيڪي اهي ماڻهو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ورتو آهي پنهنجن عالمن ۽ درويشن کي پنهنجو رب ڪري، سواءِ الله جي ۽ مسيح پٽ مريم کي، جڏهن ته کين اهو حڪم ناهي ته اهي بندگي ڪن سواءِ الله واحد جي، جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، اهو پاڪ آهي انهن مشرڪانه ڳالهين کان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن الله تعالى کي ڇڏي پنھنجي عالمن، درويشن ۽ مسيح ابن مريم کي پنھنجو پالڻھار بنائي ڇڏيو آهي. حالانڪه کين صرف هڪ معبود جي عبادت ڪرڻ جو (واضح) حڪم ڏنو ويو هو . (ڇو ته) الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود ناهي، الله تعالى جي ذات انهن کان پاڪ آهي جن کي هو شريڪ بنائين ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن الله کانسواءِ پنهنجي عالمن ۽ زاهدن کي رب بڻائي ورتو هو ۽ مريم جي پٽ مسيح (عليه السلام) کي (به) حالانڪه کين ان کانسواءِ (ڪوبه) حڪم نه ڏنو ويو هو ته اُهي اڪيلي هڪ (ئي) معبود جي عبادت ڪن جنهن کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي اُهو انهن کان پاڪ آهي جن کي اِهي شريڪ ٺاهن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن ماڻهن الله کي ڇڏي پنهنجن عالمن ۽ پِيرن کي رب بڻائي ورتو ۽ مريم جي پٽ مسيح کي به!- حالانڪه انهن کي جيڪو حڪم ڏنو ويو هيو اهو صرف ايترو هيو ته : هڪ خدا جي بندگي ڪريو، جنهن کانسواءِ ڪوئي معبود ڪونهي- اهو پاڪ آهي انهن ڀائيوارن کان جيڪي (مشرڪ ماڻهو) ان جي ذات سان شريڪ ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يُريدونَ أَن يُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَيَأبَى اللَّهُ إِلّا أَن يُتِمَّ نورَهُ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 32) |
( ۽ ) پنھنجن واتن سان الله جي نُور کي وسائڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رھندو جيتوڻيڪ ڪافر ارھا ٿين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو چاهين ٿا ته الله جي روشنيءَ (يعني حقيقي دين) کي پنهنجي ڦوڪن سان وسائي ڇڏين، حالانڪ الله تعاليٰ اها روشني ڪامل ڪرڻ کان سواءِ رهندو، اگرچه ڪافرن کي اها ڳالهه پسند نه هجي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي ارادو ڪن ٿا ته نبوت جي نور کي پنهنجي ڦوڪن سان وِسائِن پر الله تعالى نبوت جي نور کي مڪمل ڪري ٿو جيتوڻيڪ ڪافر اُن کي ناپسند ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو گهرن ٿا ته پنهنجن واتن (ڦوڪن) سان خدا جي نور کي وسائن پر الله پنهنجي نور کي ڪامل ڪرڻ کانسواءِ ٻئي ڳالھ قبول نٿو ڪري جيتوڻيڪ ڪافر ناپسند ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ارادو ٿا ڪن ته وسائن الله جي نور کي واتن پنهنجن سان ۽ انڪار ٿو ڪري الله مگر هي ته پورو ڪري پنهنجي نور کي جيتوڻيڪ نه پسند ڪيو ڪافرن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجن واتن سان الله جي نور کي وسائڻ گهرن ٿا ۽ الله پنهنجي نور کي ڪامل ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڳالهه قبول نه ٿو ڪري جيتوڻيڪ ڪافر ناپسند ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي چاهن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجي واتن (ڦوڪن) سان اجھائي ڇڏن ۽ الله قبول نه ٿو ڪري سواءِ هن ڳالهه جي ته پنهنجي نور کي مڪمل ڪري توڙي جو ڪافر ناپسند ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿاگُھرن، ته نُور غَفُور، وِسائين سَندنِ وات سان، ۽ مالِڪ نه گُھري ٿو مگر، ته ظاهر ڪندو ضرور، پُورو پَنهنجو نُور، مَرمَٺيان لڳي مُنڪرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهي الله جي روشني کي پنهنجي ڦوڪن سان اُجهائڻ گهرن ٿا مگر الله کي پنهنجي روشنيءَ کي پورائي تي آڻڻ ڌاران ٻيو ڪجهه به منظور ناهي، کڻي ڪافرن کي ائين نه وڻي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو چاهن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجي ڦوڪن سان اُجهائن، مگر الله پنهنجي روشنيءَ کي توڙ رسائڻ کانسواءِ نه رهندو، پوءِ کڻي اهو ڪافرن کي ڪيڏو به اڻ وڻندڙ ڇونه لڳي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي چاهين ٿا ته پنهنجي ڦوڪن سان الله جي روشني وسائين، پر الله پنهنجي روشني مڪمل ڪرڻ بنا مڃڻ وارو نه آهي، ڀلي ڪافر ڇونه ارها ٿين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي نور کي هي ماڻهو پنھنجي ڦوڪن سان وسائڻ گهرن ٿا حالانڪه الله تعالى کي پنھنجي نور کي مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه برداشت نه آهي، ڀلي ڪافرن کي اها ڳالهه نه وڻي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهي چاهن ٿا ته الله جو نور پنهنجن ڦوڪن سان اُجهائن ۽ الله (اِها ڳالهه) قبول نٿو فرمائي مگر اِهو (ٿو چاهي) ته هو پنهنجي نور کي ڪمال تائين پهچائي توڻي جو ڪافر (ان کي) ناپسند ئي ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهي ماڻهو چاهين ٿا ته الله جي روشني پنهنجين ڦوڪن سان وسائي ڇڏين، حالانڪه الله اها روشني پوري ڪرڻ کانسواءِ نه رهندو ڀلي ڪافرن کي (ان روشنيءَ جاچمڪاٽ) نه وڻن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 33) |
اُھو (الله) اھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان ھن لاءِ موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري جيتوڻيڪ مشرڪ رنج ٿين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (ها) اهوئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي حقيقي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، انهيءَ لاءِ ته انهيءَ دين کي سڀني (هٿراڌو ٺاهيل) دينن تي غالب ڪري ڇڏي، اگرچه مشرڪن کي ائين ٿيڻ پسند نه اچي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله اُهو آهي جنهن پنهنجي رسولِ عربيءَ کي هدايت سان موڪليو ۽ دينِ اسلام کي موڪليو انهي لاءِ ته دينِ اسلام کي هر مذهب تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪ ان کي ناپسند ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجي رسول (محمد) کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي مشرڪ ناپسند ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) اهوئي آهي جو موڪليائين رسول پنهنجو هدايت ۽ سچي دين سان تانته، غالب ڪري ان کي سڀني دينن تي جيتوڻيڪ نه پسند ڪيو مشرڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي مشرڪ ناپسند ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (الله ئي) آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪ ناپسند ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو، جنهن اُماڻيو، مُرسل سَندسِ مَڻيهار، سُونهپ ۽ سَچي دين سان، ته اُن کي ڪري اِظهار، هَر پَنٿ مَٿي هَر پار، توءِ مُشرڪ مَٺيان ڀانِئينِ تنهن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري، پوءِ کڻي مشرڪن کي اها ڳالهه نه وڻندي هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو آهي ته جيئن ان کي هرهڪ دين تي غالب ڪري، پوءِ کڻي مشرڪن کي اها ڳالهه نه وڻي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي (الله) جنهن موڪليو آهي پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي، جيئن غالب ڪري سڀني دينن تي ان کي، پوءِ ڀلي ڪيترو به مشرڪ رنج ڇو نه ٿين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله پاڪ ئي آهي جنھن پنھنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي موڪليو ته جيئن هو هن دين کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪري، ڀلي مشرڪن کي اها ڳالهه نه وڻي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهو ئي (الله) آهي جنهن پنهنجي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي هدايت ۽ حق واري دين ساڻ موڪليو ته جيئن اهو (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي هر دين (واري) تي غالب ڪري ڇڏي توڻي جو مشرڪن کي برو لڳي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (هائو!) الله ئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي حقيقي هدايت ۽ سچي دين سميت موڪليو ته جيئن ان دين کي سمورن دينن تي غالب ڪري ڇڏي- ڀلي مشرڪن کي اهو منصوبو نه وڻي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ كَثيرًا مِنَ الأَحبارِ وَالرُّهبانِ لَيَأكُلونَ أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ يَكنِزونَ الذَّهَبَ وَالفِضَّةَ وَلا يُنفِقونَها فى سَبيلِ اللَّهِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 34) |
اي ايمان وارؤ ڪتاب وارن عالمن ۽ فقيرن مان گھڻا ماڻھن جو مال ٺڳيءَ سان کائيندا آھن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا آھن، ۽ جيڪي سون ۽ رپي جو خزانو گڏ ڪندا آھن ۽ اُھو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھن تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! ياد رکو ته (يهودين ۽ عيسائين جي) عالمن ۽ درويشن ۾ هڪ وڏو تعداد اهڙن ماڻهن جو آهي جيڪي ماڻهن جو مال ناحق ناجائز طور کائن ٿا، ۽ الله جي راهه کان انهن کي روڪين ٿا ۽ جيڪي ماڻهو سون چاندي پنهنجي خزاني ۾ گڏ ڪري رکندا رهن ٿا ۽ ان کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! بيشڪ گھڻا پادري ۽ راهب ناجائز طريقي سان ماڻهن جا مال کائن ٿا ۽ روڪين ٿا دينِ اسلام کان، ۽ جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي گڏ ڪن ٿا ۽ انهيءَ کي الله جي راه ۾ خرچ نٿا ڪن، پوءِ توهان انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! (انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هو ته يهودين ۽ نصرانين) جي عالمن ۽ درويشن مان گهڻا ناحق ماڻهن جا مال کائن ٿا ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ کان روڪين ٿا. ۽ جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ ان کي الله جي راھ ۾ خرچ نٿا ڪن(اي رسول) تن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ گھڻا (يهودين جي) اڳواڻن ۽ (عيسائي) درويشن سڏائيندڙن مان البته کائن ٿا مال ماڻهن جا باطل (ذريعي) سان ۽ روڪين ٿا واٽ الله جي کان ۽ اهي جو ٿا گڏ ڪري رکن سون ۽ چاندي ۽ نه ٿا خرچ ڪن انهن کي الله جي واٽ ۾ پوءِ بشارت ڏي انهن کي دردناڪ عذاب جي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! اهل ڪتاب جي عالمن ۽ درويشن مان گهڻا، ماڻهن جا مال ناحق کائين ٿا ۽ الله جي رستي کان روڪين ٿا. (اُهي) ۽ جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ ان کي الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪن تن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ، (34)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ (انهن اهلِ ڪتاب) عالمن ۽ درويشن مان گهڻن جو حال اهو آهي اهي ماڻهن جا مال ناحق (طريقي سان) کائن ٿا ۽ الله جي راهه کان روڪن ٿا. ۽ جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ ان کي الله جي راه ۾ خرچ نه ٿا ڪن ته پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان !، هَڻو ڳالھ هِنيِين سان، ته پرهيَنِ، پيرنِ مان، گھڻا بي گمان، مُفت کائـِن ماڻهن جا، مال مُقرّر، ڏان، اِن طَمع مٿي تَعبان، ته روڪينِ، ربَّ جي راه کان، ۽ اُهي، جن ڪَٺي ڪيا، رٖيڙهي رُپا، سونَ، ۽ اُن مان، ربَّ جي راه ۾، وَرِي ڪوڏِي ڏِين ڪو نه، پوءِ ڏي اُنهن کي اون، سُورن واري ساڙه جِي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مومنو! بيشڪ گهڻا، عالم ۽ درويش ماڻهن جي مال کي ڪوڙ سان کائين ٿا ۽ الله جي واٽ کان بند رکن ٿا- ۽ جيڪي شخص سون ۽ چاندي کي ڪٺو ڪن ٿا ۽ ان کي الله جي واٽ ۾ خرچ نٿا ڪن، تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! انهن اهل ڪتاب جي اڪثر عالمن ۽ بزرگن جي حالت اها آهي ته هو ماڻهن جا مال باطل طريقن سان کائن ٿا ۽ کين الله جي راهه کان روڪين ٿا.، دردناڪ سزا جي خوشخبري ڏي انهن کي، جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ انهن کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بيشڪ ڪيترا ئي آهن (اهلِ ڪتاب) عالم ۽ درويش جيڪي کائيندا آهن ماڻهن جو مال باطل طريقي سان ۽ روڪيندا آهن الله جي راهه کان، اهي ماڻهو گڏ ڪري رکندا آهن سون ۽ چاندي ۽ نه ڪندا آهن خرچ الله جي راهه ۾، پوءِ انهن کي ڏي خوشخبري دردناڪ سزا جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ (اهل ڪتاب جي) گهڻن ئي عالمن ۽ درويشن جو اهو حال آهي جو هو ماڻهن جا مال ٺڳيءَ سان کائين ٿا ۽ کين الله تعالى جي رستي کان روڪين به ٿا ۽ جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي گڏ ڪن ٿا ۽ ان کي الله تعالى جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن ته اهڙن ماڻهن کي تڪليف واري عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ (اهلِ ڪتاب جا) اڪثر علماءَ ۽ درويش، ماڻهن جا مال ناحق (طريقي سان) کائن ٿا ۽ الله جي واٽ کان روڪين ٿا (يعني ماڻهن جي مال سان پنهنجون ٽجوڙيون ڀرين ٿا ۽ دينِ حق جي مضبوطي ۽ اشاعت تي خرچ ڪرڻ کان روڪين ٿا)، ۽ جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي جو ذخيرو ڪن ٿا ۽ ان کي الله جي واٽ ۾ خرچ نٿا ڪن انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌايو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مسلمانؤ، ياد رکو! (سماج ۾) عالمن ۽ مشائخن (يعني پيرن) جي هڪ وڏي کيپ اهڙن ماڻهن جي هجي ٿي- جيڪا ماڻهن جو مال ناجائز طريقن (يعني پنهنجي ڪوڙي روحاني ڏِک جي ذريعي فتوى فروشين ۽ عمليات جي غلط استعمال) سان هڙپ ڪن ٿا ۽ الله جي (حقيقي آزادي يعني توحيد ۽ خوشحال سماج اڏڻ واري حقيقي) راهه ۾ رڪاوٽون وجهن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو سون چاندي (يعني انساني ضرورتن جون شيون: جايون، پلاٽ، زمينون ۽ ڪارخانن وغيره جي صورت ۾) ذخيرو ڪندا رهن ٿا ۽ الله جي راهه (يعني مستحق بندن ۽ روزگار کي عام ڪرڻ جي مَدّ) ۾ خرچ نه ٿا ڪن ته اهڙن ماڻهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَومَ يُحمىٰ عَلَيها فى نارِ جَهَنَّمَ فَتُكوىٰ بِها جِباهُهُم وَجُنوبُهُم وَظُهورُهُم هٰذا ما كَنَزتُم لِأَنفُسِكُم فَذوقوا ما كُنتُم تَكنِزونَ (آيت : 35) |
جنھن ڏينھن (سندن مال) دوزخ جي باھ ۾ تپائبو (جڏھن تپندو ته) پوءِ اُن سان سندن پيشانيون ۽ سندن پاسريون ۽ سندن پٺيون ڏنڀبيون، (چئبن ته) ھيءُ اُھو (خزانو) آھي جيڪو پاڻ لاءِ گڏ ڪيو ھيوَ (ان جو) مزو چکو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (دردناڪ عذاب جي) انهيءَ ڏينهن (جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ) جڏهن (انهن جو گڏ ڪيل) سون چاندي جو ڍير باهه ۾ تپايو ويندو ۽ ان سان سندن مٿا، پاسا ۽ پٺيون ڏنڀيون وينديون. (۽ ان وقت کين چيو ويندو ته) هي آهي اهو خزانو جو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪري رکيو هو. سو جيڪو خزانو گڏ ڪري رکيو هو تنهنجو مزو اڄ چکي وٺو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جنهن وقت تَپايا ويندا (سون ۽ چاندي) جهنم جي باه ۾ پوءِ داغ ڏنو ويندو انهيءَ سان سندن پيشانين ۽ پاسن ۽ پُٺن کي، (۽ انهن کي چيو ويندو) هي اهو آهي جيڪو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو هو (دنيا ۾) پوءِ توهان گڏ ڪرڻ جي عيوض عذاب چکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن ان (سون ۽ چاندي) کي دوزخ جي باھ ۾ تپايو ويندو. پوءِ ان سان سندس پيشانين ۽ پاسن ۽ پٺين تي داغ ڏنا ويندا (۽ کين چيو ويندو ته) هي اهو ئي (خزانو) آهي جنهن کي اوهين پاڻ لاءِ گڏ ڪري رکندا هئا، تنهن جو مزو چکو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن تپايو ويندو ان تي جھنم جي باھ ۾ پوءِ ڏنڀيون وينديون ان سان پيشانيون انهن جون ۽ پاسا انهن جا ۽ پٺيون انهن جون هي اهو آهي جو گڏ ڪري رکيو اوهان پنهنجي پاڻ لاءِ پوءِ چکو اهو جو ٿي گڏ ڪري رکيو اوهان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن اُن (سون ۽ چانديءَ) کي دوزخ جي باهه ۾ تپايو ويندو پوءِ ان سان سندن پيشانين ۽ پاسن ۽ پٺين تي داغ ڏنا ويندا (۽ کين چيو ويندو ته) هيءُ اهوئي (خزانو) آهي جنهن کي اوهين پاڻ لاءِ گڏ ڪري رکندا هئا پوءِ جو اوهين گڏ ڪندا هئا تنهن جو مزو چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن ان (سون چاندي) کي جهنم جي باهه ۾ تپايو ويندو پوءِ ان سان سندن پيشانين ۽ سندن پاسن ۽ سندن پُٺين کي ڏنڀيو ويندو. (۽ چيو ويندو) هي اُهو آهي جنهن کي اوهان پاڻ لاءِ گڏ ڪري رکيو هيو پوءِ چکو (ان جو مزو) جيڪي اوهان گڏ ڪري رکندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَھلي جَھنّم باه ۾، جَلائـِينِ جڏهن، پوءِ پاسا، پيشانِيون ۽ پُٺيون، تِنهن سان، ڏِين ڏَنڀ تڏهن، پُوريان پَنهنجي پاڻ لئي، هي سو مال هَڏهن، جو هُئا ڪَٺٖي ڪندا ڪڏهن، پوءِ چَکو چاش اِنهيء جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن اهو دوزخ جي باهه ۾ تپائبو، پوءِ ان سان سندن پيشانين ۽ پاسرين ۽ پٺن کي ڏنڀيو ويندو (چئبن ته) ”هي اُهو آهي جنهن کي اوهان پاڻ لاءِ ڪٺو ڪيو هو، هاڻي ان جي ڪٺي ڪرڻ جو مزو چکو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙو ڏينهن ايندو جو انهيءَ سون ۽ چانديءَ کي دوزخ جي باهه ۾ تپايو ويندو ۽ پوءِ ان سان انهن ماڻهن جي پيشانين، پاسن ۽ پٺين کي ڏنڀيو ويندو. هيءُ اٿوَ اهو خزانو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو هو، هاڻي چکو مزو پنهنجي ميڙيل دولت جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڏينهن ايندو جو تپايو ويندو ان سون ۽ چاندي کي جهنم جي باهه ۾ ۽ پوءِ ڏنڀيو ويندو انهن ماڻهن جي پيشانين ۽ پاسن ۽ پٺين کي، هي آهي اهو خزانو جيڪو توهان پاڻ لاءِ گڏ ڪيو هو، هاڻي چکو پنهنجي ميڙيل دولت جو مزو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن ان (سون ۽ چانديءَ) کي جھنم جي باهه ۾ تپايو ويندو، پوءِ سندن نرڙن، پاسراٽين ۽ پٺين کي ڏنڀيو ويندو (۽ کين چيو ويندو ته) هي اهو خزانو آهي جنھن کي توهان پنھنجي لاءِ گڏ ڪري رکيو هو، سو هاڻي پنھنجي گڏ ڪيل خزاني جو مزو چکو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جنهن ڏينهن ان (سون، چاندي ۽ مال) کي دوزخ جي باهه ۾ تپايو ويندو پوءِ ان (تپيل مال) سان انهن جون پيشانيون ۽ انهن جا پاسا ۽ انهن جون پٺيون ڏنڀيون وينديون، (۽ انهن کي چيو ويندو) ته هي اُهوئي (مال) آهي جيڪو توهان پنهنجي جانين (جي فائدي) جي لاءِ گڏ ڪيو هو سو توهان (هن مال جو) مزو چکو جنهن کي توهان گڏ ڪندا رهيا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڏکوئيندڙ عذاب جو اهو ڏينهن-جڏهن (انهن پاران گڏ ڪيل سرمايا ۽) سون چانديءَ جا ذخيرا دوزخ جي باهه ۾ تپايا ويندا ۽ انهن سان سندن پيشانيون، سندن پاسا ۽ سندن پٺيون ڏنڀيون وينديون (۽ ان مهل چئبن:) هي اهو ئي مال آهي جيڪو توهين (عوام جي حقن تي راتاها هڻي مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان) ذخيرو ڪندا رهيا هيئو، اڄ ان (ذخيره اندوزيءَ) جو مزو چکو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ عِدَّةَ الشُّهورِ عِندَ اللَّهِ اثنا عَشَرَ شَهرًا فى كِتٰبِ اللَّهِ يَومَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ مِنها أَربَعَةٌ حُرُمٌ ذٰلِكَ الدّينُ القَيِّمُ فَلا تَظلِموا فيهِنَّ أَنفُسَكُم وَقٰتِلُوا المُشرِكينَ كافَّةً كَما يُقٰتِلونَكُم كافَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 36) |
بيشڪ مھينن جو ڳاڻيٽو يقيناً ڪتاب الاھي ۾ الله وٽ ٻارھن مھينا آھن جنھن ڏينھن کان آسمانن ۽ زمين کي بڻايائين منجھانئس چار (مھينا) تعظيم وارا آھن، اِھو پڪو دين آھي، تنھنڪري اوھين پاڻ کي منجھن نقصان نه لايو، ۽ سڀني مشرڪن سان وڙھو جھڙي طرح اوھان سان سڀيئي وڙھن ٿا، ۽ ڄاڻو ته الله پرھيزگارن سان گڏ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ وٽ مهينن جو ڳاڻاٽو ٻارهن مهينن جو آهي. الله جي ڪتاب ۾ ائين ئي لکيو ويو انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيائين. انهن (ٻارنهن مهينن) مان چار مهينا حرمت جا مهينا ٺهرايا ويا (جن ۾ جنگ ڪرڻ ناجائز آهي، پوءِ انهن حرمت جي مهينن ۾ (جنگ ۽ خونريزي ڪري) پنهنجي جانين تي ظلم نه ڪيو. ۽ اوهان سڀني (مسلمانن) کي گهرجي ته سڀني مشرڪن سان گڏجي لڙائي ڪيو، جيئن هو سڀ اوهان سڀني سان گڏجي لڙائي ٿا ڪن ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي (هر حال ۾) متقي آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ مهينن جو تعداد الله تعالى وٽ ٻارهن مهينا آهي، الله تعالى جي ڪتاب ۾ جنهن ڏينهن کان الله تعالى آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا انهن مهينن مان چار مهينا (حج جي ڪري) مُعزز آهن، اهو دين مستقيم (سڌو) آهي، پوءِ انهن مهينن ۾ پنهنجو پاڻ تي ظلم نه ڪريو، ۽ توهان سڀني مشرڪن سان جنگ ڪريو جيئنڪ اُهي سڀئي گڏجي توهان سان جنگ ڪن ٿا، ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ مهينن جو شمار خدا وٽ، خدا جي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾جنهن ڏينهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو اٿس (تڏهن کان) ٻارنهن مهينا آهي، جن مان چار مهينا ادب (۽ عزت) جا آهن. اهو ئي دين سڌي راھ آهي، ته انهن چئن مهينن ۾ اوهين پاڻ تي (خون خرابي ڪري) ظلم نه ڪريو ۽ جيئن مشرڪ سڀ ملي ڪري اوهان سان وڙهن تئين اوهين به انهن سان وڙهو. ۽ ياد رکو ته خدا پڪ پرهيزگارن سان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ڳاڻاٽو مهينن جو الله وٽ ٻارهن مهينا آهن الله جي ڪتاب ۾ ان ڏينهن جو پيدا ڪيائين آسمانن ۽ زمين کي انهن مان چار عزت وارا آهن اهو دين پڪو آهي پوءِ نه ظلم ڪيو انهن ۾ سرن پنهنجن تي ۽ جنگ ڪيو مشرڪن سڀني سان جيئن جنگ ڪن ٿا اوهان سان سڀئي ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله گڏ آهي پرهيز گارن سان.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ مهينن جو شمار الله وٽ الله جي ڪتاب ۾ جنهن ڏينهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو اٿس (تڏهن کان) ٻارهن مهينا آهي انهن مان چار (مهينا) ادب جا آهن. اهوئي سڌو دين آهي، پوءِ انهن ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪريو. ۽ سڀني مشرڪن سان جنگ ڪريو جيئن اهي اوهان سڀني سان جنگ ڪن ٿا. ۽ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ مهينن جو ڳاڻيٽو الله وٽ ٻارهن مهينا آهي الله جي ڪتاب ۾ جنهن ڏينهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيائين انهن مان چار (رجب، ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم) حرمت وارا آهن. اهو ئي سڌو دين آهي سو انهن (مهينن) ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪيو ۽ سڀني مشرڪن سان جنگ ڪيو جيئن توهان سڀني سان جنگ ڪن ٿا. ۽ ڄاڻو ته الله پرهيزگارن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻارهن ماه، مَهِينن جو، صاحب وٽ شُمار، قادر جي ڪتاب ۾، وَٽان تِنهين وار، اُڀن ۽ زمين کي، جوڙيو جڏهن جبار، چارمَهِينا مَنع جا، تِنين مان تڪرار، دين اِهو دائـمًـا، قانون برقرار، پوءِ تِنِين ۾، نه ڏيو تڪرار، جو کو پَنهنجي جان کي. ۽ مِڙِئي مُشرڪن سان، ڪريو جَنگ جِدال، جِيئن اوهان سان، جنگ ڪَن، ڪَٺي ڪُل ڪُلال، ۽ سَمجھو ته نيڪن نال، سائـِين ڀيڙو ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جي خلقجڻ جي ڏينهن کان وٺي، الله وٽ سندس ڪتاب ۾ مهينن جو ڳاڻيٽو ٻارهن مهينا آهي، جن مان چار عزت وارا آهن- اهوئي سڌو دين آهي. تنهنڪري انهن ۾ پنهنجي پاڻ تي ظلم نه ڪجو ۽ اوهين به مشرڪن سان ائين سڀ گڏجي جنگ ڪريو، جيئن هو سڀ گڏجي اوهان سان جنگ ٿا ڪن ۽ ڄاڻو ته الله نيڪن جو همراهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ مهينن جو تعداد جڏهن کان الله آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، الله جي لکئي اندر ٻارنهن ئي آهي ۽ انهن مان چار مهينا حرام (عزت وارا) آهن، اهوئي صحيح قاعدو آهي. تنهنڪري انهن چئن مهينن ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪريو ۽ مشرڪن سان سڀئي گڏجي وڙهو، جيئن هو سڀئي گڏجي توهان سان وڙهندا آهن ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله متقين سان ئي گڏ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ مهينن جو ڳاڻيٽو الله وٽ ٻارهن مهينا آهي الله جي ڪتاب ۾، جڏهن کان پئدا ڪيو ويو آهي آسمانن ۽ زمين کي، انهن مان چار مهينا (رجب کان محرم) حرمت وارا آهن، اهو ئي پورو ضابطو آهي تنهن ڪري ظلم نه ڪريو انهن (مهينن) ۾ پاڻ تي، ۽ گڏجي وڙهو مشرڪن سان، جهڙيءَ طرح اهي توهان سان گڏجي وڙهن ٿا، ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته بيشڪ الله متقي (پرهيزگارن) سان گڏ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مھينن جو تعداد ٻارنهن آهي، اهو تعداد الله تعالى جي نظام ۾ ان ڏينھن کان مقرر آهي جڏهن هن آسمانن ۽ زمين کي بنايو هو، انهن مھينن مان وري چار مھينا (يعني رجب- ذوالقعد- ذوالحجّ ۽ مُحَرَّم) عزت وارا مھينا آهن ( جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي جنگ ڪرڻ حرام آهي) اهو ئي صحيح دين آهي. انهن مھينن جي خلاف ورزي ڪري پنھنجو پاڻ تي ظلم نه ڪريو ها باقي انهن مشرڪن سان وڙهندا رهو جيڪي توهان سان حرام مھينن ۾ گڏجي وڙهن ٿا، توهان اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى پرهيزگارن سان گڏ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ الله وٽ مهينن جي ڳڻپ الله جي ڪتاب (يعني قدرت جي لِکي) ۾ ٻارهن مهينا (لکيل) آهي جنهن ڏينهن کان ان آسمانن ۽ زمين (جي نظام) کي پيدا فرمايو هو انهن مان چار مهينا (رجب، ذوالقعد، ذوالحج ۽ محرم) حرمت وارا آهن. اِهو ئي سنئون دين آهي سو توهان انهن مهينن ۾ (پاڻمرادو جنگ ۽ لڙائي ۾ ملوث ٿي) پنهنجي جانين تي ظلم نه ڪجو ۽ توهان (به) سڀني مشرڪن سان اهڙي طرح (جوابي) جنگ ڪريو جيئن اُهي سڀئي (گڏجي) توهان سڀني تي جنگ مڙهين ٿا، ۽ معلوم هجيوَ ته بيشڪ الله پرهيزگارن سان گڏ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) الله وٽ مهينن جو ڳاڻيٽو ٻارهن مهينا آهي، الله جي ڪتاب ۾ ائين ئي لکيو ويو- جنهن ڏينهن آسمانن کي ۽ زمين کي ان پيدا ڪيو (يعني جڏهن کان آسمان جڙيا آهن، ته الله جو طئه ٿيل حساب اهوئي آهي) انهن ٻارهن مهينن مان چار مهينا حرمت جا مهينا ٿيا (يعني: رجب، ذي قعده، ذي الحجه ۽ محرم جيڪي امن جا مهينا ليکبا هئا ۽ انهن مهينن ۾ جنگ ممنوع هئي) دين جي سنئين واٽ اهائي آهي، تنهنڪري حرمت جي انهن مهينن ۾ (ويڙهه ۽ رتوڇاڻ ڪري) پنهنجين جانين تي ظلم نه ڪريو. ۽ مڙني مشرڪن سان بغير ڪنهن رک رکاءَ جي جنگ جوٽيو جهڙيءَ طرح هو توهان مڙني سان بغير ڪنهن رک رکاءُ جي جنگ جوٽين ٿا. ۽ ياد رکو ته الله انهن جو ساٿي آهي جيڪي متقي آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّمَا النَّسيءُ زِيادَةٌ فِى الكُفرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذينَ كَفَروا يُحِلّونَهُ عامًا وَيُحَرِّمونَهُ عامًا لِيُواطِـٔوا عِدَّةَ ما حَرَّمَ اللَّهُ فَيُحِلّوا ما حَرَّمَ اللَّهُ زُيِّنَ لَهُم سوءُ أَعمٰلِهِم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 37) |
تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ ته الله جي حرام ڪيلن مھينن جي ڳاڻيٽي جي پورائي ڪن پوءِ جن کي الله حرام ڪيو آھي تن کي حلال ٿا ڪن، اُنھن لاءِ سندن بڇڙا ڪرتوت سينگاريا ويا، ۽ الله ڪافر ٽوليءَ کي ھدايت نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ”نَسِي“ (يعني ڪنهن مهيني کي سندس جاءِ تان هٽائڻ جيئن مڪي جا ڪافر پنهنجي مطلب لاءِ ۽ ٻين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪندا هئا) هن کان سواءِ ڪجهه ناهي ته ڪفر ۾ ڪجهه وڌيڪ زيادتي ڪرڻ آهي. ان جي ڪري ڪافر گمراهيءَ ۾ پون ٿا. ساڳئي ئي مهيني کي هڪڙي سال حلال سمجهن ٿا (يعني ان ۾ لڙائي جائز ٺهرائن ٿا) وري ساڳئي ئي مهيني کي ٻئي سال حرام ٺهرائين ٿا (يعني ان ۾ لڙائي ناجائز ٺهرائين ٿا) انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ حرمت جي مهينن جو جيڪو ڳاڻاٽو رکيو آهي، تنهن کي پنهنجي ڳاڻاٽي مطابق ڪري الله جي حرام ڪيل مهينن کي حلال ڪري ڇڏين. سندن نظرن ۾ سندن برا ڪم سهڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ الله (جو قانون آهي ته هو) حق جي منڪرن لاءِ (ڪاميابي ۽ سعادت جي) راهه نٿو کولي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوئتي هٽائڻ (حج جي مهينن کي) ڪُفر ۾ زيادتي آهي، انهيءَ سان ڪافر گمراه ٿين ٿا، هڪڙي سال انهن کي حلال بنائن ٿا ته ٻئي سال حرام بنائن ٿا، ان لاءِ ته حج وارن چئن مهينن جو تعداد پورو ڪن، پوءِ حلال ڪن ٿا انهيءَ کي جنهنکي الله حرام ڪيو، سندن بداعمالي سندن لاءِ سينگاري وئي آهي، ۽ الله ڪافرن جي قوم کي هدايت نٿو ڏئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مهينن کي اڳتي پٺتي ڪرڻ به ڪفر جو واڌارو آهي. جو ان ڪري ڪافر ڀٽڪي وڃن ٿا، هڪ سال ته ان ساڳي مهيني کي حلال ٿا ڄاڻن ته وري ٻي سال انهيءَ مهيني کي حرام چون ٿا ته جيئن خدا جيڪي (چار مهينا حرام) ڪيا آهن. انهن جي ڳاڻيٽي کي پورو ڪن ۽ خدا جي حرام ڪيل مهينن کي حلال ڪن. انهن کي سندن بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. ۽ خدا ڪافر کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان سواءِ ناهي ته اڳتي پوئتي ڪرڻ واڌارو ڪرڻ آهي ڪفر ۾ گمراهه ڪيا وڃن ٿا ان سان اهي جو ڪفر ڪيائون حلال سمجھن ٿا ان کي هڪ سال ۽ حرام سمجھن ٿا ان کي ٻئي سال تانته برابر ڪن ڳاڻيٽو ان جو جيڪو حرام ڪيو الله پوءِ حلال ڪن ان کي جو حرام ڪيو الله سينگاريا ويا انهن لاءِ برا عمل انهن جا ۽ الله نٿو هدايت ڪري ڪافر قوم کي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ادب واري مهيني کي پوئتي ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آهي، ان سان ڪافرن کي گمراهه ڪيو وڃي ٿو. ان (مهيني) کي هڪ سال حلال ڪن ٿا ۽ ٻئي سال حرام ڪن ٿا، هن لاءِ ته جن مهينن کي الله حرام ڪيو آهي تن جي ڳاڻيٽي کي پورو ڪن پوءِ الله جي حرام ڪيل مهينن کي حلال ڪن. انهن کي سندن بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. ۽ الله ڪافر قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ نسيء (يعني عزت وارن مهينن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ) ڪفر ۾ اضافو آهي. ان سان ڪافرن کي گمراهه ڪيو وڃي ٿو جو ڪنهن مهيني کي هڪ سال حلال ڪن ٿا ۽ ٻئي سال حرام ڪن ٿا تان جو جن مهينن کي الله حرام ڪيو آهي تن جو ڳاڻيٽو به پورو ڪن (۽) پوءِ الله جي حرام ڪيل کي حلال (به) ڪن. انهن کي سندن برا ڪم سهڻا بنائي ڏيکاريا ويا آهن. ۽ الله ڪافرن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اَڌڪ جِي ڳالھ، واڌارو ڪُفر ۾، اُن سان، مُنجهايا، سي وڃن، ڦِريا جي ڦيريال، حلال ڪن هڪ سال ۾، حرام ڪَنِس ٻِي سال، تان اَنداز اُن جو، بِهارِينِ بحال، ڪيا مَهِينا مَنع جا، جيڪي جَلَّ جَلال، پوءِ هادِيءَ، جو حرام ڪيو، تِنهن کي ڪَن حلال، سِينگاريا سَندنِ لئي وِيا، اُنهن جا اَعمال، ڏَسي نه، واٽ وِصال، قادر، ڪافِر قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مهينا پٺتي هٽائڻ ڪفر ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، جنهن سان ڪافر گمراهي ۾ پون ٿا، جو ڪنهن (مهيني کي) هڪ سال حلال ٿا ڪن ۽ ٻئي سال حرام ته الله جي حرام ڪيل مهينن جو رڳو ڳاڻيٽو پورو ڪري الله جي حرا م ڪيل مهيني کي حلال ڪن، سندن بڇڙا عمل کين چڱا معلوم ٿين ٿا ۽ الله ڪافرن کي واٽ نٿو لڳائي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نسيءُ (حرام ڪيل مهينن کي اڳ پوءِ ڪرڻ) ته ڪفر ۾ اڃان به وڌيڪ ڪفر واري حرڪت آهي، جنهن وسيلي اهي ڪافر گمراهيءَ ۾ ٿا وڌا وڃن. ڪنهن سال ڪنهن مهيني کي ٿا حلال ڪن ۽ وري ڪنهن سال انکي حرام ٿا ڪري ڇڏين تانته الله جي حرام ڪيل مهينن جو تعداد به پورو ڪن ۽ الله جي حرام ڪيل کي حلال به ڪن! سندن بڇڙا ڪم انهن لاءِ ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا ويا آهن ۽ الله حق جي منڪرن کي هدايت نه ڏيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ نسي (عزت وارن مهينن ۾ ڦير ڦار) وڌيڪ ڪافراڻي حرڪت آهي ان سان اهي ماڻهو گمراهيءَ ۾ مبتلا ڪيا وڃن ٿا، ڪنهن سال هڪ مهيني کي حلال ڪري ته ڪنهن سال ان کي حرام ڪري الله جي حرام ڪيل مهينن جو ڳاڻيٽو پورو ڪن ٿا، سينگاريا ويا آهن انهن جا برا ڪم ۽ الله هدايت نٿو ڏئي حق جي منڪرن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ نسيءُ (يعني عزت وارن مھينن کي پنھنجي سهولت خاطر اڳتي پوئتي ڪرڻ) وارو عمل ڪفر ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو آهي، جنھن جي ذريعي ڪافر وڌيڪ گمراهه ڪيا وڃن ٿا. عزت وارن مھينن کي هو ڪنھن سال (پنھنجي مقصد خاطر) حلال ڪندا آهن ته وري ڪنھن سال (جڏهن مقصد نه هوندو آهي ته) ان ئي مھيني کي عزت وارو سمجهندا آهن ته جيئن الله تعالى جي مقرر ڪيل عزت وارن مھينن جو تعداد پورو ڪن. وري هو الله تعالى جي عزت وارن مهينن کي (جنگ، فساد ۽ خوني بدلا وٺڻ لاءِ) حلال ڪندا آهن انهن جا برا عمل سندن نظر ۾ سھڻا بڻايا ويا آهن ۽ الله تعالى اهڙن ڪافرن کي هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (حرمت وارن مهينن کي) اڳتي پوئتي هٽائڻ صرف ڪفر ۾ واڌارو آهي ان سان اُهي ڪافر گمراهه ڪيا وڃن ٿا جيڪي ان کي هڪ سال حلال سمجهن ٿا ۽ ٻئي سال ان کي حرام قرار ڏين ٿا ته جيئن انهن (مهينن) جو شمار پورو ڪن جن کي الله حرمت بخشي آهي ۽ ان (مهيني) کي حلال (به) ڪن جن کي الله حرام فرمايو آهي. انهن جي لاءِ سندن برا عمل سهڻا بڻايا ويا آهن، ۽ الله ڪافرن جي جماعت کي هدايت نٿو فرمائي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) “نسيءَ” (يعني مهيني کي پنهنجي حساب کان هيڏي هوڏي ڪري ڇڏڻ جيئن جاهليت جي دور جو دستور ٿي ويو هيو) ته رڳو ڪفر ۾ وڌي وڃڻ آهي، ان سان ڪافر گمراهيءَ ۾ پون ٿا. ساڳئي ئي مهيني کي هڪ سال حلال سمجهن ٿا (يعني ان ۾ ويڙهه جائز قرار ڏيو ڇڏين) ۽ وري ساڳئي ئي مهيني کي ٻئي سال حرام قرار ڏئي ڇڏين ٿا (يعني ان مهيني ۾ ويڙهه کي حرام سمجهن ٿا) ته جيئن الله حرمت جي مهينن جو جيڪو ڳاڻيٽو جوڙيو آهي ان کي پنهنجي ڳاڻيٽي جي مطابق ڪري، الله جي حرام ڪيل مهينن کي حلال ڪري ڇڏين! انهن جي نظرن ۾ سندن بڇڙا ڪم سهڻا ڏسجن ٿا ۽ الله (جو قانون آهي ته هو) حق جي منڪرن تي (ڪاميابيءَ ۽ بخت جي) واٽ نه کوليندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ما لَكُم إِذا قيلَ لَكُمُ انفِروا فى سَبيلِ اللَّهِ اثّاقَلتُم إِلَى الأَرضِ أَرَضيتُم بِالحَيوٰةِ الدُّنيا مِنَ الءاخِرَةِ فَما مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا فِى الءاخِرَةِ إِلّا قَليلٌ (آيت : 38) |
اي ايمان وارؤ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو جڏھن اوھان کي چئبو آھي ته الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) نڪرو ته زمين ڏانھن ڳرا ٿي ڪرندا آھيو، آخرت جي بدران دنيا جي حياتي سان راضي ٿيا آھيو، دنيا جي حياتي جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورڙي کانسواءِ نه آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته الله جي راه ۾ قدم کڻو (يعني جهاد لاءِ نڪرو) تڏهن توهان جا پير ڳورا ٿو زمين کي چهٽي پون ٿا؟ ڇا آخرت کي ڇڏي فقط دنيا جي زندگيءَ تي ريجهي ويا آهيو؟ (جيڪڏهن ائين آهي) ته (ياد رکو ته) دنيا جي زندگيءَ جو متاع ته آخرت جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي، پر تمام ٿورو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان کي ڇا ٿيو! جنهن وقت توهان کي چيو ويو ته الله جي راه ۾ توهان جهاد ڪريو (اُن وقت) توهان ويهي رهيا، ڇا توهان آخرت جي عيوض دنيا جي حياتي پسند ڪريو ٿا، پوءِ ناهي سامان دنيا جي حياتيءَ جو آخرت جي مقابلي ۾ مگر تمام ٿورڙو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن (به) اوهان کي چيو وڃي ٿو ته خدا جي راھ ۾ (جهاد جي لاءِ نڪرو) ته اوهين زمين تي ڳرا ٿي پئو ٿا. ڇا اوهان دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پسند ڪريو ٿا؟ ته (ياد رکو!)دنيا جي زندگي جو ساز سامان، آخرت جي (عيش آرام جي) مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! ڇا حال آهي اوهان جو؟ جڏهن چيو وڃي ٿو اوهان کي ته نڪرو الله جي واٽ ۾ ته ڳرا ٿي پيؤ زمين ڏانهن ڇا راضي ٿيو حياتيءَ دنيا واريءَ تي عوض آخرت جي پوءِ ناهي سامان حياتيءَ دنيا واريءَ جو بمقابل آخرت جي مگر تمام ٿورو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو جڏهن اوهان کي چيو وڃي ٿو ته الله جي رستي ۾ (جنگ لاءِ) نڪرو ته زمين تي ڳرا ٿي پئو ٿا. ڇا اوهان دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان پسند ڪيو آهي؟ پوءِ دنيا جي حياتيءَ جو سامان آخرت (جي مقابلي) ۾ ٿورو ئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ جو جڏهن اوهان کي چيو وڃي ٿو ته الله جي راهه ۾ (جهاد لاءِ) نڪرو ته زمين تي ڳرا ٿي پئو ٿا. (يعني کُپّ کوڙي ويهي رهو ٿا) ڇا اوهان آخرت جي بدلي دنياوي زندگي تي راضي ٿي ويا؟ پوءِ دنياوي زندگي جو سامان آخرت جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ناهي مگر تمام ٿورڙو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، جن مڃيو!، آن سان ڪهِڙي ڪار؟ ته جڏهن چَئجي اوهان کي، ته تهدِل ٿيو تيار، نِڪرو ربَّ جِي راه ۾، ته ڀُون تي ٿِيو بار، ڪَيان ننڍِي ڄَمار، اِختيار آخرت تي. اڳيان آخرت جي، نَفعو نَنڍِي ڄمار، ناھِ وَڏِي ڪا وار، مگر مُدّت ٿورڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو جڏهن چئجيوَ ٿو ته الله جي واٽ ۾ جهاد لاءِ نڪرو، ته زمين تي بار ٿي پئو ٿا؟ ڇا اوهين آخرت جي بدران دنيا جي حياتي تي راضي ٿيا آهيو؟ پر آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگيءَ جو فائدو ٿورو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهانکي الله جي راهه ۾ نڪري پوڻ لاءِ چيو ويو ته توهان زمين سان چنبڙي ســُـڪ ٿي ويؤ؟ ڇو ڀلا توهان کي آخرت جي مقابلي ۾ دنيا جي زندگي وڻي وئي ڇا؟ ائين آهي ته پوءِ توهان کي معلوم هجي ته دنيا واريءَ زندگيءَ جو اهو سمورو سامان آخرت ۾ ته تمام ٿورڙو لڳندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جڏهن توهان کي چيو ويو ته نڪري پئو الله جي راهه ۾ ته چنبڙي پيؤ زمين سان، ڇا توهان راضي ٿي ويا دنيا جي حياتيءَ تي آخرت جي مقابلي ۾؟ جيڪڏهن ائين آهي ته دنيا جي حياتيءَ جو هي سڀ سامان آخرت ۾ تمام ٿورو ثابت ٿيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهان کي چيو وڃي ٿو ته الله تعالى جي رستي ۾ نڪرو ته توهان نٽائڻ ۽ گسائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا (۽ گهرن ۾ ويهي رهڻ کي ترجيح ڏيو ٿا) ڇا توهان آخرت جي عيوض دنيا جي زندگيءَ تي راضي ٿي ويا آهيو؟ جڏهن ته دنيا جي زندگيءَ جو سامان آخرت جي زندگيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي ايمان وارؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهان کي چيو وڃي ٿو ته توهان الله جي واٽ ۾ (جهاد جي لاءِ) نڪرو ته توهان ڳورا ٿي زمين (جي مادي ۽ سفلي دنيا) جي طرف جهڪي ٿا وڃو، ڇا توهان آخرت جي بدلي دنيا جي زندگي کان راضي ٿي ويا آهيو؟ ۽ آخرت (جي مقابلي) ۾ دنيا جي زندگي جو ساز ۽ سامان ڪجهه به نه آهي مگر تمام ئي ٿورڙي (حيثيت رکي ٿو).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مسلمانؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهان کي چئجي ٿو ته: الله جي راهه ۾ نڪري پئو، ته توهان جا پير ڳورا ٿي زمين ۾ ڄمي وڃن ٿا. ڇا آخرت کي ڇڏي، دنياوي زندگيءَ تي ريجهي ويا آهيو؟ (جيڪڏهن ائين ئي آهي) ته (ياد رکو!) دنيا جي زندگيءَ جو سامان ته آخرت جي مقابلي ۾ تمام ٿوري فائدي وارو آهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِلّا تَنفِروا يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا وَيَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم وَلا تَضُرّوهُ شَيـًٔا وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
جيڪڏھن نه نڪرندؤ ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو، ۽ اوھان کانسواءِ ٻي قوم مٽائي آڻيندو ۽ اوھين کيس ڪُجھ ضرر نه رسائيندؤ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن (جهاد لاءِ) قدم نه کڻندؤته ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان کي دردناڪ عذاب ۾ وجهندو، ۽ اوهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي آڻي کڙو ڪندو، ۽ توهان (پاڻ کي دشمنن کان بچائڻ ۾ غفلت ڪرڻ سان) الله جو ته ڪجهه به ڪم بگاڙي نه سگهندؤ (اٽلندو پنهنجو ئي نقصان ڪندؤ) ۽ الله تعاليٰ هر ڪنهن ڳالهه تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان نه نڪتا ته توهان کي سخت عذاب چکايو ويندو، ۽ توهان جي عيوض ٻي قوم پيدا ڪئي ويندي ۽ توهان کيس ڪنهن قسم جو نقصان نه پهچائي سگھندا، ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن هاڻي به نه نڪرندو ته خدا توهان تي دردناڪ عذاب نازل ڪندو ۽ (خدا ڪو مجبور ته آهي ڪين) اوهان جي بدلي ڪنهن ٻي قوم کي آڻيندو ۽ اوهان سندس ڪجھ به بگاڙي نه ٿا سگهو ۽ خدا هر ڳالھ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن نه نڪرندو ته عذاب ڪندو اوهان کي عذاب دردناڪ ۽ مٽي آڻيندو قوم (ٻي) اوهان کان سواءِ ۽ نه نقصان ڏيندو ان کي ڪجھ به ۽ الله هر شِيءِ تي قادر آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن نه نڪرندؤ ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ اوهان کانسواءِ ٻي قوم کي اوهان جي جاءِ تي آڻيندو ۽ اوهين ان جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندؤ. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اوهان (جهاد ۾) نه نڪرندؤ ته (الله) اوهان کي دردناڪ عذاب ڪندو ۽ اوهان جي جاءِ تي ٻي قوم آڻيندو ۽ اوهان ان کي ڪنهن شيءِ جو نقصان پهچائي نه سگهندؤ. ۽ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه نِڪرندا جيڪڏهن، ته ڏِيندان پوءِ ڏاتار، سزا ڪا سخت ڳَرِي؛ ۽ ٻِي ڪا قوم ٻِيهار، آڻي اَوهان جي جاءِ تي، نِرمل نيڪ نِبار، ۽ اَوهين نه رساڻِيندا اُن کي، حَرج هِڪڙو وار، ۽ هر ڪم کي، ڪَلتار، پُهچڻ وارو پاڻ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين نه نڪرندؤ ته الله اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو- ۽ اوهان بدران ٻيءَ قوم کي پيدا ڪندو ۽ اوهين الله (جي دين) کي ڪجهه به نقصان نه ڏيئي سگهندؤ ۽ الله هر ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان نه نڪرندؤ ته الله توهان کي دردناڪ سزا ڏيندو ۽ توهان جي بدران ڪنهن ٻئي ٽولي کي آڻيندو ۽ توهان الله جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندؤ. هو هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن توهان نه اٿندؤ ته توهان کي دردناڪ سزا ملندي ۽ توهان جي جاءِ تي ٻئي ٽولي کي اٿاريو ويندو ۽ توهان (خدا کي) ڪجهه نٿا ڪري سگهو، ۽ الله هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان (جنگ لاءِ) نه نڪرندا ته الله تعالى توهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو، توهان جي جاءِ تي ٻي قوم آڻيندو (جنھن کان اهو ڪم وٺندو) توهان الله تعالى کي ڪو به نقصان نٿا پھچائي سگهو، الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن توهان (جهاد جي لاءِ) نه نڪرندؤ ته اُهو توهان کي دردناڪ عذاب ۾ مبتلا فرمائيندو ۽ توهان جي بدران (ڪنهن) ٻئي قوم کي آڻيندو ۽ توهان ان کي ڪجهه به نقصان نه پهچائي سگهندؤ، ۽ الله هر شيءِ تي وڏي قدرت رکي ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪڏهن (جنگ واسطي) نه نڪرندؤ ته ياد رکو! هو توهان کي هڪ اهڙي عذاب ۾ مبتلا ڪندو جيڪو ڏکوئيندڙ هوندو ۽ توهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي کيپ کي آڻيندو ۽ توهين (دفاع کان غافل ٿي) الله جو ڪجهه ڪونه بگاڙي سگهندؤ (پنهنجو ئي نقصان ڪندؤ) ۽ الله ته هر ڳالهه تي قادر آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِلّا تَنصُروهُ فَقَد نَصَرَهُ اللَّهُ إِذ أَخرَجَهُ الَّذينَ كَفَروا ثانِىَ اثنَينِ إِذ هُما فِى الغارِ إِذ يَقولُ لِصٰحِبِهِ لا تَحزَن إِنَّ اللَّهَ مَعَنا فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلَيهِ وَأَيَّدَهُ بِجُنودٍ لَم تَرَوها وَجَعَلَ كَلِمَةَ الَّذينَ كَفَرُوا السُّفلىٰ وَكَلِمَةُ اللَّهِ هِىَ العُليا وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 40) |
جيڪڏھن پيغمبر کي مدد نه ڏيندؤ ته بيشڪ کيس الله مدد ڏني آھي جنھن مھل ڪافرن (مڪي مان) کيس ڪڍي ڇڏيو ٻن مان ھڪڙو پاڻ ھو جڏھن اُھي غار ۾ ھوا تڏھن پنھنجي سنگتيءَ کي چيائين ته اُلڪو نه ڪر تحقيق الله اسان سان (گڏ) آھي، پوءِ الله مٿس پنھنجو آرام لاٿو ۽ کيس اھڙي لشڪر سان مدد ڪيائين جو اُن کي اوھان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالھ کي ھيٺ ڪيائين، الله جي ڳالھ (ھميشه) مٿاھين آھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان الله جي رسول جي مدد نه ڪندؤ ته (نه ڪيو) الله ته سندس مدد ڪئي ۽ انهيءَ وقت مدد ڪئي جڏهن ڪافرن کيس (مڪي مان) ڪڍي ڇڏيو هو (۽ هو فقط ٻه ڄڻا هئا، هڪ پاڻ سڳورا ۽ ٻيو حضرت ابوبڪر صديق) ۽ ٻن ۾ ٻيو (الله جو رسول) هو ۽ ٻئي (ثور جي) غار ۾ لڪا ويٺا هئا. ان وقت الله جي رسول پنهنجي سنگتيءَ کي چيو هو ته، غمگين نه ٿي، يقيناً الله اسان سان ساڻ آهي. (هو دشمنن کي اسان تي قابض نه ڪندو) پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي قرار ۽ تسلي هن تي (يعني حضرت ابوبڪر صديق تي) نازل ڪئي ۽ پڻ اهڙين فوجن سان مدد ڪئي جن کي توهان نٿا ڏسو، ۽ آخرڪار ڪافرن جي ڳالهه هيٺ ٿي، (يعني هو ناڪامياب ٿيا) ۽ الله ئي جي ڳالهه آهي جنهن کي بلندي آهي ۽ الله تعاليٰ غالب پوندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان رسولِ عربيءَ جي مدد نه ڪندا پوءِ بيشڪ الله سندس مدد ڪندو، جنهن وقت رسولِ عربيءَ کي ڪافرن هجرت ڪرائي، رسولِ عربي ۽ ابوبڪر صديق اُن وقت غارِ ثور ۾ موجود هئا، ان وقت رسولِ عربي پنهنجي اصحابي (ابوبڪر صديق) کي فرمايو تون منهنجو انتظار نه ڪر بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي، پوءِ الله پنهنجي رحمت ابوبڪر صديق تي نازل فرمائي ۽ ان کي اهڙي لشڪر سان مضبوط بنايو جيڪو توهان نه ڏٺو ۽ الله تعالى ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺ ڪيو، ۽ پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪيو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اوهين هن رسول جي مدد نه ڪندو ته (ڪا پرواھ نه آهي، خدا مددگار آهي) هن ته پنهنجي رسول جي تڏهن به مدد ڪئي جڏهن کيس (مڪي جي) ڪافرن (گهر کان) ٻاهر ڪڍيو هو (تنهن وقت فقط ٻه آدمي هئا ۽) ٻيو پاڻ (رسول) هو جڏهن پنهنجي ساٿي کي (سندس روڄ راڙي تي) سمجهائي رهيو هو ته گهٻرائي نه! بيشڪ الله اسان ساڻ آهي. پوءِ خدا پنهنجي طرفان مٿس تسڪين نازل فرمائي ۽ (فرشتن جي) اهڙي لشڪر سان مدد ڪئي جن کي اوهان ماڻهن ڏٺو به نه ۽ خدا ڪافرن جي ڳالھ کي ڪيرائي ڇڏيو. ۽ خدا جي ڳالھ (هميشه) مٿي آهي. ۽ خدا ته غالب حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن مدد نه ڪندؤ اوهان ان جي پوءِ تحقيق مدد ڪئي ان جي الله جڏهن ڪڍيو ان کي انهن ماڻهن جو ڪفر ڪيائون ٻيو ٻن ۾ جنهن وقت اهي ٻئي هئا غار ۾ جڏهن فرمائي پيو واسطي ساٿيءَ پنهنجي ته نه غمگين ٿي بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي پوءِ لاٿو الله سڪون پنهنجو ان تي ۽ مدد ڪيائين ان جي اهڙن لشڪرن سان جو نه ڏٺو اوهان انهن کي ۽ ڪيائين ڳالھ انهن جي کي جو ڪفر ڪيائون هيٺ ۽ ڳالھ الله جي اهائي مٿي آهي ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن ان جي مدد نه ڪندؤ ته بيشڪ الله (اڳي به) ان جي مدد ڪئي آهي جڏهن کيس ڪافرن (مڪي مان) هن حالت ۾ ڪڍيو جو هو ٻن ڄڻن مان هڪ پاڻ هو. جڏهن اهي ٻئي غار ۾ هئا، جڏهن ان پنهنجي سنگتيءَ کي چيو ٿي ته غم نه ڪر! بيشڪ الله اسان ساڻ آهي. پوءِ الله مٿس پاڻ وٽان تسلي نازل ڪئي ۽ کيس اهڙن لشڪرن سان مدد ڏنائين جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالهه کي بالڪل هيٺ ڪيائين، ۽ الله جي ڳالهه (هميشه) مٿي آهي ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اوهان ان (رسول الله ﷺ ) جي مدد نه ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله ان جي مدد ان وقت به ڪئي هئي جڏهن ان کي ڪافرن (سندس وطن مڪي مان) ڪڍيو هيو اهو ٻن مان ٻيو هيو جنهن وقت اُهي ٻئي غار۾ هئا جڏهن پنهنجي ساٿي کي چيائين ته:”غم نه ڪر، الله اسان سان گڏ آهي“. پوءِ الله ان تي پنهنجو سڪون نازل ڪيو ۽ اهڙي لشڪر جي ذريعي ان کي طاقت ڏنائين جنهن کي اوهان نه پئي ڏٺو ۽ ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺ ڪيائين. ۽ الله جي ڳالهه مٿاهين آهي. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي مدد نه ڏِيندوسِ، ته مدد ڏِنَيسِ مُلڪ جي مُختيار، جڏهن، جن ڪُفر ڪيو، ڪَڍِي ڪَيونسِ ٻَهار، مُهڙ ٻِن ۾ مِهر ڀَريو، جڏهن غازِي ٻَئـِي، مَنجھ غار، جَڏهن يارسِ کي، ٿي ڏِنان، دِلاسا دلدار، ته دل ۾، نه دونکو ڌار، پَرور ڀيڙو پاڻ سان. پوءِ اَلله پَنهنجو اُن تي، لاٿو قلب قرار، ۽ لاشڪ ڏِني لَشڪرن سان، اُنهيءَ کي، آڌار، جي ڪَٽڪ توهان ڪِين ڏٺا؛ ۽ ڦِريا جي فُجّار، ڳالھ سَندِي تن ڳهيلڙن، هيٺ ڪئـِي، هيڪار، اَعلىٰ ڳالھ اَلله جِي، مَٿاهِين موچار، ۽ غالب آهي غفار، حِڪمتِي هوشيار، گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اوهين (رسول) جي مدد نه ڪندؤ، ته الله سندس مدد ان وقت به ڪئي هئي، جڏهن ڪافرن کيس وطن کان ڪڍيو هو. جڏهن هو ٻن غار وارن مان هڪ هو، ان مهل پنهنجي همراهه کي چيائين ته ”غم نه ڪر- بيشڪ الله اسان ساڻ آهي-“ پوءِ الله مٿس پنهنجي طرفان دلجاءِ لاٿي ۽ ان کي اهڙن لشڪرن سان مدد ڏنائين جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ الله ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺاهون ڪري ڏيکاريو ۽ الله جي ئي ڳالهه هميشه مٿاهين آهي ۽ الله غالب، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان نبيءَ جي مدد نه ڪئي ته پرواهه ناهي. الله ته سندس مدد ان وقت به ڪري چڪو آهي، جڏهن ڪافرن کيس ڪڍي ڇڏيو هو. جڏهن هو ٻن مان ٻيو هو، جڏهن جو ٻئي غار ۾ هئا، تنهن وقت هو پنهنجي ساٿيءَ کي چئي رهيو هو ته، "غم نه ڪر الله اسان سان گڏ آهي". ان وقت الله مٿس پنهنجي طرفان آٿت نازل ڪئي ۽ سندس مدد اهڙن لشڪرن سان ڪيائين، جيڪي توهانکي نظر نٿي آيا ۽ ڪافرن جي ڳالهه گهٽ ڪيائين ۽ الله جي ڳالهه ته مٿانهين ٿيڻي آهي، الله زبردست ۽ دانائيءَ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي توهان مدد نه ڪئي نبيءَ جي، (پرواهه ناهي) الله سندس ان وقت به مدد ڪئي جڏهن ڪافرن کيس ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته اهو صرف ٻن ڄڻن مان ٻيو هو جڏهن اهي ٻئي غار ۾ هئا، جڏهن چئي رهيو هو پنهنجي ساٿيءَ کي ته، غم نه ڪر، الله اسان سان گڏ آهي. نازل ڪيو ان وقت الله سڪون ان تي ۽ سندس مدد اهڙن لشڪرن سان ڪئي جيڪي توهان کي نظر نه آيا، ۽ هيٺ ڪيائين انهن ماڻهن جي ڳالهه جيڪي ڪفر ۾ پيل هئا، ۽ الله جي ڳالهه ته آهي ئي مٿاهين، ۽ بيشڪ الله غالب ۽ داناءُ بينا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان رسول الله (ﷺ) جي مدد نه ڪندا ته (ڪا ڳالهه نه آهي) الله تعالى سندس ان وقت به مدد ڪري چڪو آهي جڏهن (مڪّي جي) ڪافرن کيس جلاوطن ڪيو هو، (مڪّي مان نڪرڻ وقت) جڏهن ٻن ڄڻن مان هڪ پاڻ سڳورا هئا ۽ جنھن وقت اهي غار ۾ هئا ته پنھنجي ساٿيءَ کي چئي رهيا هئا ته پريشان نه ٿيءُ، بيشڪ الله تعالى اسان سان گڏ آهي. پوءِ ان وقت الله تعالى پنھنجي طرفان مٿس دلي سڪون لاٿو ۽ کيس اهڙن لشڪرن جي ذريعي مدد ڏني جن کي توهان نه پيا ڏسي سگهو ۽ رب پاڪ ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺ ڪري ڇڏيو، الله تعالى جي ڳالهه بلند ۽ مٿانھين رهي ۽ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن توهان ان جي (يعني رسول الله صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي اسلام جي غلبي واري جدوجهد ۾) مدد نه ڪندؤ (ته ڇا ٿيو) بيشڪ الله کيس (اُن وقت به) مدد سان نوازيو هو جڏهن ڪافرن ان کي (وطن مڪي مان) ڪڍيو هو ان حال ۾ ته اُهو ٻن (هجرت ڪرڻ وارن) مان ٻيو هو جڏهن ته ٻئي (رسول الله صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ۽ ابوبڪر صديق رضي الله عنه) غارِ (ثور) ۾ هئا جڏهن اُهي پنهنجي ساٿي (ابوبڪر صديق رضي الله عنه) کي فرمائي رهيا هئا غمگين نه ٿي بيشڪ الله اسان سان گڏ آهي پوءِ الله انهن تي پنهنجي تسڪين نازل فرمائي ۽ انهن کي (ملائڪن جي) اهڙن لشڪرن جي ذريعي قوت بخشي جن کي توهان نه ڏسي سگهيا ۽ ان ڪافرن جي ڳالهه کي هيٺ ڪري ڇڏيو، ۽ الله جو فرمان ته (هميشه) بلند و بالا ئي آهي، ۽ الله غالب، حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪڏهن توهين الله جي رسول جي مدد نه ڪندؤ ته (نه ڪيو) الله پنهنجي رسول جي پاڻ مدد ڪئي آهي ۽ تڏهن ڪئي اٿائين جڏهن ڪافرن کيس ان حالت ۾ جلا وطن ڪيو هو جو (صرف ٻه ماڻهو هئا ۽) ٻن ۾ ٻيون (الله جو رسول) هيو ۽ ٻئي غارِ (ثور) ۾ لڪا ويٺا هئا ان وقت الله جي رسول پنهنجي ساٿيءَ (حضرت ابوبڪر رضه) کي چيو هيو ته: گهٻراءِ نه، يقيناَ الله اسان سان گڏ آهي (هو دشمنن کي اسان تي ڪڏهن به غلبو نه ڏيندو). اتي ئي الله، پنهنجو سڪون ۽ قرار مٿس نازل ڪيو ۽ وري اهڙين فوجن سان کيس مدد ڏنائين جن کي توهين نه ٿي ڏٺو ۽ نيٺ ڪافرن جي ڳالهه پست ڪري ڇڏيائين ۽ (توهين ڏسي رهيا آهيو ته) الله جي ڳالهه ئي بلند آهي ۽ الله، غالب- حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
انفِروا خِفافًا وَثِقالًا وَجٰهِدوا بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم فى سَبيلِ اللَّهِ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 41) |
(ھر حال جنگ جي) ٿوري سامان ۽ گھڻي سامان سوڌا (جھاد لاءِ) نڪرو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪريو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو! هٿيارن ۽ سامان سان جو) هلڪو هجي توڙي ڳورور هجي، جنهن به حال ۾ هجو نڪري کڙا ٿيو (جو مدافعت لاءِ توهان کي سڏيو ويو آهي) ۽ پنهنجي مال سان ۽ پنهنجي جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو، جيڪڏهن توهان (پنهنجي نفعو نقصان) ڄاڻو ٿا ته، هي (يعني جهاد ڪرڻ) توهان جي حق ۾ بهتر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان خوشيءَ سان گھران نڪرو يا ناخوشيءَ سان ۽ توهان الله جي راه ۾ جهاد ڪريو پنهنجي مالن ۽ جانين سان، اهو توهان لاءِ تمام بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) (هر حال ۾) نڪري پئو. هلڪا (بنا هٿيارن) هجو يا ڳرا (هٿيارن سان) ۽ پنهنجي جان سان خدا جي راھ ۾ جنگ ڪريو. جيڪڏهن اوهان کي عقل آهي ته (ڄاڻو ته) اها ئي ڳالھ اوهان جي لاءِ چڱي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نڪرو هلڪا ٿي يا ڳرا ٿي ۽ جھاد ڪيو پنهنجن مالن ۽ پنهنجن سرن سان الله جي واٽ ۾ اهو اوهان جي لاءِ ڀلو آهي جيڪڏهن آهيو جو ڄاڻو ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (هر حال ۾ ) نڪري پئو، هلڪا (ٿوري سامان سان) هجو يا ڳرا (گهڻي سامان سان) هجو ۽ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان الله جي رستي ۾ جنگ ڪريو. اهو (ڪم) اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جهاد ۾) نڪري پئو هلڪا هجو يا ڳرا ۽ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو. اهو اوهان لاءِ بهتر آهي جي اوهان ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نِڪرو ربَّ جِي راه ۾، پيادا، سُوار، ۽ پَنهنجي جان، مال سان، جنگ ڪريو جُونجھار!، جي اَٿان سُڌ سَنڀار، ته ڀَلو اوهان لئي، آھِ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هلڪن خواهه ڳرن هٿيارن سان نڪرو ۽ الله جي واٽ ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪريو، جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا، ته اها ڳالهه اوهان لاءِ بهتر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪري پئو هلڪا هجو توڙي ڳورا ۽ جهاد ڪريو الله جي راهه ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان، اهو توهان لاءِ ڏاڍو چڱو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نڪري پئو کڻي هلڪا هجو يا ڳرا، ۽ جهاد ڪريو پنهنجن مالن سان ۽ پنهنجي جانين سان الله جي راهه ۾، اهو توهان جي لاءِ سٺو آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻي وٺو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ايمان وارؤ!) الله تعالى جي راهه ۾ نڪري پئو، خالي هٿين هجو يا (اسلحي سان) ڀريل هٿ، پنھنجي مال ۽ پنھنجي جانين سان جھاد ڪريو، جيڪڏهن توهان يقين رکو ته اهو ئي توهان جي لاءِ بھتر آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان هلڪا ۽ ڳورا (هر حال ۾) نڪري پئو ۽ پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪريو، اهو توهان جي لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان (حقيقت) کان واقف آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (مسلمانؤ! سامان جي ٻوجهه کان) هلڪا هجو يا سٿيل- جهڙي به حال ۾ آهيو، نڪري پئو (جو دفاع جي لاءِ توهان کي سڏيو پيو وڃي) ۽ پنهنجي مال ۽ پنهنجين جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو. جيڪڏهن توهين (پنهنجو نفعو نقصان) ڄاڻو ٿا ته اهو(جهاد ۽ دفاع) توهان جي حق ۾ بهتر آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لَو كانَ عَرَضًا قَريبًا وَسَفَرًا قاصِدًا لَاتَّبَعوكَ وَلٰكِن بَعُدَت عَلَيهِمُ الشُّقَّةُ وَسَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَوِ استَطَعنا لَخَرَجنا مَعَكُم يُهلِكونَ أَنفُسَهُم وَاللَّهُ يَعلَمُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 42) |
جيڪڏھن سامان سولو ۽ سفر ھلڪو ھجي ھا ته ضرور تنھنجي پٺيان لڳن ھا پر مٿن پنڌ پري ٿيو، ۽ الله جو قسم سگھوئي کڻندا (چوندا ته) جيڪڏھن اسين توفيق ساريون ھا ته اوھان سان گڏ نڪرون ھا، پاڻ کي (منافقيءَ سببان) ھلاڪ ڪن ٿا، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن (تنهنجو سڏ ڪنهن اهڙي ڳالهه لاءِ هجي ها جنهن ۾) ترت فائدو ڏسڻ ۾ اچي ها ۽ اهڙي سفر لاءِ هجي ها جو سولو هجي ها ته اهي (منافق) بي ڌڙڪ تنهنجي پٺيان لڳن ها، پر هنن کي (تبوڪ جي) راهه دوريءَ جي راهه ڏسڻ ۾ آئي (تنهن ڪري نٽائڻ لڳا) ۽ (تون ڏسندين ته هو) سگهوئي الله جا قسم کڻي (مسلمانن کي) چوندا ته جيڪڏهن اسان جو وس هجي ها ته ضرور توهان سان شامل ٿي نڪرون ها (افسوس سندن حال تي) هو (ڪوڙا قسم کڻي) پاڻ کي تباهيءَ ۾ وجهي رهيا آهن ۽ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته هو بلڪل ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪڏهن ويجھي دولت ۽ سفر آسان هجي ها ته توهان سان (اهي) گڏ هلن ها، پر انهن کي تڪليف وارو رستو ڏکيو پئجي ويو، ۽ جلدي الله جو قسم کڻندا ته جيڪڏهن اسان کي توفيق هجي ها ته توهان سان گڏ جهاد لاءِ نڪرون ها، اهي پنهنجن نفسن کا هلاڪ ڪن ٿا ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) جيڪڏهن زبردست فائدو ۽ سولو سفر هجي ها ته ضرور تنهنجي پٺيان هلن ها پر انهن کي پنڌ پري معلوم ٿيو. پر (جيڪڏهن پٺتي رهجي وڃڻ جو هنن کان سبب پڇندين ته) اهي ماڻهو يڪدم خدا جا قسم کڻندا ته جيڪڏهن اسان ۾ طاقت هجي ها ته اسين به ضرور اوهان سان نڪري پئون ها. (اهي ماڻهو ڪوڙا قسم کڻي) پاڻ کي برباد ڪن ٿا. ۽ خدا ته ڄاڻي ٿو (اهي ماڻهو بلڪل ڪوڙا قسم کڻي) پاڻ کي برباد ڪن ٿا. ۽ خدا ته ڄاڻي ٿو ته اهي ماڻهو بلڪل ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن هجي ها سامان ويجهو ۽ سفر وچولو ته البته پويان هلن ها تنهنجي ۽ پر پري کان ڏسڻ ۾ آئي انهن کي تڪليف ۽ جلد قسم کڻندا الله جو ته جيڪڏهن طاقت رکون ها ته البته نڪرون ها اوهان سان گڏ هلاڪ ڪن ٿا سرن پنهنجن کي ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اهي البته ڪوڙا آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (جنهن جنگ لاءِ تون کين سڏين ٿو سو) جيڪڏهن ويجهو مال ۽ هلڪو سفر هجي ها ته ضرور تنهنجي پٺيان هلن ها پر انهن کي پنڌ پري معلوم ٿيو. ۽ الله جا قسم کڻندا ته جيڪڏهن اسان کان ٿي سگهي ها ته ضرور اوهان سان نڪرون ها. پاڻ کي برباد ٿا ڪن. ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن مالِ (غنيمت) ويجهو ۽ سفر وچولو (آسان) هجي ها ته ضرور (اُهي منافق) تنهنجي پـٺيان هلي پون ها ۽ پر انهن کي پنڌ پري ڏکيو ٿيو. ۽ سگهو ئي الله جا قسم کڻندا جي اسان سگهه ساريون ها ته اوهان سان گڏ هلون ها. اهي پنهنجو پاڻ کي هلاڪ ڪن ٿا ۽ الله ڄاڻي ٿو ته پڪ سان اُهي ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوند هُئـِي وٿ ويجھڙِي، يا پُور پُنون پَنڌ، ته پُٺيان تُنهنجي پاڻِهين، رَميا مٿي رَند، پر ڪَشالو سِر ڪَنڌ، ڏاڍ لڳنِ ڏُور ڪو. ۽ وِهلو ڏِينِ ويساه، ته آهي قسم الله جو، ته آجا هُجون، ته اوهان سان، هَليا سون هَمراه، جو کي ۾ جِيء پَنهنجا، وِجھن ٿا وِڻاه، ڄاڻي تو اَلله ، ته ڪُوڙا آهِن قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن مال ويجهو هجي ها ۽ مسافري به سولي هجي ها، ته توسان هلن ها، مگر کين ڏکي مسافري پري معلوم ٿيڻ لڳي. اجهو ٿا اچي قسم کائين ته، ”جي اسان جي وس هجي ها ته جيڪر اسين توسان گڏ نڪرون ها!“ اهي پاڻ کي برباد ڪري رهيا آهن ۽ الله ڄاڻي ٿو ته هو پڪ ڪوڙا آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! جيڪڏهن فائدو سولو ملي سگهي ها ۽ سفر سڻائو هجي ها ته هو ضرور تنهنجي ڪڍ لڳي پون ها، پر مٿن اهو رستو ڏاڍو اڙانگو ٿي پيو. هاڻي هو الله جا قسم کڻي چوندا ته جيڪڏهن اسان هلي سگهون ها ته ضرور توهان سان گڏ هلون ها. هو ته پاڻ ٿا پاڻ کي تباهيءَ ۾ وجهن، الله خوب ٿو ڄاڻي ته هو ڪوڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) جيڪڏهن فائدو سولو ۽ سفر هلڪو هجي ها ته ضرور اهي توهان جي پويان اچن ها پر انهن جي لاءِ هي رستو ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو، پر اهي هاڻي خدا جا قسم کڻي چوندا ته جيڪڏهن اسين نڪري سگهون ها توهان سان ته ضرور گڏ هلون ها، اهي پاڻ کي تباهيءَ ۾ وجهي رهيا آهن، ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) جيڪڏهن مال ملڻ جو وڏو آسرو هجي ها ۽ سفر به ويجهو هجي ها ته هي (منافق) ضرور توهان سان گڏ هلن ها پر اهو (روم ملڪ جو) سفر ته انهن لاءِ تمام پري (۽ مشڪل) ٿي پيو، هاڻي هو الله تعالى جا قسم کڻي چوندا ته جيڪڏهن اسان ۾ذرا به طاقت هجي ها ته توهان سان گڏ ضرور نڪرون ها، هي پنھنجو پاڻ کي ئي برباد ڪن ٿا، الله تعالى کي معلوم آهي ته بيشڪ هي (منافق) ڪوڙا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن (غنيمت جو) مال حاصل ڪرڻ جي ويجهو هجي ها ۽ (جهاد جو) سفر وچولو ۽ سولو ته اُهي (منافق) يقيناً توهان جي پٺيان هلي پون ها پر (اُهو) اڙانگو پنڌ انهن کي پري ڏسڻ ۾ آيو، ۽ (هاڻي) اُهي عنقريب الله جا قسم کڻندا ته جيڪڏهن اسان ۾ سگهه هجي ها ته ضرور توهان سان گڏ نڪري پئون ها اُهي (انهن ڪوڙين ڳالهين سان) پنهنجو پاڻ کي (وڌيڪ) هلاڪت ۾ ٿا وجهن ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اُهي واقعي ڪوڙا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تنهنجو سڏ ڪنهن اهڙي ڳالهه جي لاءِ هجي ها جنهن ۾ فوري فائدو نظر اچي ها ۽ اهڙي سفر جي لاءِ- جيڪو سنهنجو هجي ها ته (اِهي منافق) بي ڌڙڪ تنهنجي ڪڍ اچن ها- پر کين رستو، تمام پري ٿي نظر آيو (تنهن ڪري ٽال مٽول ڪرڻ لڳا) ۽ (تون ڏسجان ته اهي) قَسم کڻي (مسلمانن کي) چوندا: جيڪڏهن اسان ۾ سگهه هجي ها ته ضرور توهان سان گڏجي نڪرؤن ها ۽ (افسوس، انهن تي!) اِهي (قَسم کڻي) پاڻ کي ئي برباد پيا ڪن ۽ الله ڄاڻي ٿو ته منافق صفا ڪوڙا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
عَفَا اللَّهُ عَنكَ لِمَ أَذِنتَ لَهُم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكَ الَّذينَ صَدَقوا وَتَعلَمَ الكٰذِبينَ (آيت : 43) |
الله توکي معاف ڪيو، کين تو ڇالاءِ موڪل ڏني جيسين توکي سچا پڌرا ٿين ھا ۽ (تون) ڪوڙن کي ڄاڻين ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) الله توکي بخشي! تو ڇو ائين ڪيو جو (هنن جي ڪوڙن عذرن تي) هنن کي (پٺتي رهڻ جي) اجازت ڏئي ڇڏيئي؟ (تيستائين ته اجازت نه ڏئين ها) جيستائين توکي چڱي طرح معلوم ٿي وڃي ها ته ڪهڙا سچا آهن ۽ پرکي وٺين ها ته ڪهڙا ڪوڙا) آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي درگذر فرمايو، توهان انهن کي ڇا لاءِ اجازت ڏني (يعنى انهن کي اجازت نه ڏيو ها) ايستائين جو توهان لاءِ (انهن مان) سچا ظاهر ٿين ها ۽ توهان ڪوڙن کي معلوم ڪريو ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) خدا تو کي معاف ڪري تو کين (پٺتي رهڻ جي) ڇو اجازت ڏني! (تون جيڪڏهن ائين نه ڪرين ها ته) تو تي سچ ڳالهائڻ وارا (ته) ظاهر ٿين ها (۽) وري ڪوڙن کي به جدا سڃاڻين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) درگذر فرمايو الله توکان تو ڇو اجازت ڏني انهن کي تانجو ظاهر ٿين تنهنجي لاءِ اهي جو سچا ٿيا ۽ ڄاڻين تون ڪوڙن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله توکي معاف ڪري! تو کين ڇو موڪل ڏني؟ تان جو سچ چوڻ وارا تو وٽ ظاهر ٿين ۽ تون ڪوڙن کي ڄاڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله توکي معاف فرمائي تو انهن کي (جنگ ۾ نه هلڻ جي) موڪل ڇو ڏني؟ تانجو اهي تو وٽ ظاهر ٿي پون ها جن سچ چيو ۽ تون ڪوڙن کي به ڄاڻين ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي مولىٰ مَعاف ڪيو؛ ڇو موڪل ڏِينِئينِ مِير؟، تان سچاجيڪي سِيل ۾، توتي کُلن خَبِيرَ!، پڻ سَمِجھين تن سُڌير!، ۽ ڪوڙا جيڪي قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله توکي معاف ڪيو. تو انهن کي ان وقت تائين ڇو موڪل ڏني، جيسين تو وٽ سچا پڌرا نه ٿيا آهن ۽ نڪي تو ڪوڙن کي معلوم ڪيو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي ! الله توکي معاف ڪري، انهن کي موڪل ڇو ڏنئه؟ (توکي کين موڪل ڏيڻ نه کپندي هئي) تانته اها ڳالهه توتي کلي پوي ها ته ڪير سچا هئا ۽ تون ڪوڙن کي به ڄاڻي وٺين ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) معاف ڪري الله توکي، تو ڇو موڪل ڏني انهن کي؟ (تون پاڻ موڪل نه ڏين ها) جيئن ظاهر ٿئي ها ته ڪهڙا ماڻهو سچا آهن ۽ ڄاڻي وٺين ها ڪوڙن کي به.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان کي معاف ڪري، اهڙن منافقن کي توهان ڇو اجازت ڏني؟ (اجازت نه ڏيڻ جي صورت ۾) توهان جي سامھون سچ ڳالهائڻ وارا وائکا ٿي وڃن ها ۽ ڪوڙن جي توهان کي خبر پئجي وڃي ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله توهان کي سلامت (۽ باعزت و عافيت) رکي توهان انهن کي موڪل (ئي) ڇو ڏني (ته اُهي جنگ ۾ شريڪ نه ٿين) ايستائين جو اُهي ماڻهو (به) توهان جي لاءِ ظاهر ٿي وڃن ها جن سچ پئي ڳالهايو ۽ توهان ڪوڙ ڳالهائڻ وارن کي (به) ڄاڻي وٺو ها.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) الله توکي بخشي! تون ائين ڇو ڪيو جو (انهن جي منافقا نه بهانن تي) کين (پوئتي رهي پوڻ جي) اجازت ڏئي ڇڏي؟ تيستائين کين مهلت نه ڏئين ها، جيستائين تون پڪ ڪري وٺين ها ته ڪير سچا آهن، ڪير ڪوڙا آهن! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لا يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 44) |
جن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيو آھي سي پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪرڻ ۾ توکان موڪل نٿا گھرن، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا سي ڪڏهن به توکان اجازت نه گهرندا ته پنهنجي مال سان ۽ پنهنجي جانين سان (الله جي راهه ۾) جهاد ڪريون ۽ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ڪير متقي آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو الله ۽ قيامت تي ايمان آڻن ٿا اُهي توهان کان اجازت نٿا وٺن پنهنجي مالن ۽ نفسن سان جهاد نه ڪرڻ جي، ۽ الله پرهيزگارن کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جيڪي ماڻهو (دل سان) خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا، اهي ته پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان جهاد (نه) ڪرڻ جي اجازت گهرڻ وارا نه آهن. (پر اهي از خود ويندا) ۽ خدا پرهيزگارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا موڪل وٺن توکان اهي جو ايمان آڻين ٿا الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ته جھاد ڪن مالن پنهنجن ۽ سرن پنهنجن سان ۽ الله ڄاڻندڙ آهي تقوى وارن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين ٿا سي پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان جنگ ڪرڻ کان توکان موڪل نه ٿا گهرن. ۽ الله پرهيزگارن کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جيڪي الله ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان رکن ٿا سي توکان موڪل نه گھرندا جو پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان جهاد (نه) ڪن. ۽ الله پرهيزگارن کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موڪل نه وَٺندئـِي، مُورهين، آڻِين جي اِيمان، اللهَ ۽ آخر ڏينهن تي؛ ته لَڙن مَنجھ ميدان، سندنِ سَمر سامان سان، پڻ سندنِ جِسم جان، ۽ سَمجھندڙ سُبحان، ثابِت سِيل رکندڙِين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن الله ۽آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو آهي، سي ته پنهنجن مالن ۽ جانين سان توکان جهاد کان (بچڻ لاءِ) موڪل نه وٺندا، ۽ الله نيڪن کي خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن جو الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آهي، اهي ته ڪڏهن به توکان اها اجازت نه گهرندا ته کين پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪرڻ کان معاف ڪيو وڃي، الله متقين کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڪڏهن به توکي عرض نه ڪندا جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا سچيءَ دل سان الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي، ته انهن کي جهاد ڪرڻ کان معافي ڏني وڃي سندن مالن ۽ جانين سان، بيشڪ الله ته چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو پرهيزگارن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان رکن ٿا، اهي پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪرڻ کان بچڻ جي اوهان کان اجازت نٿا گهرن. الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهي ماڻهو جيڪي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا توهان کان (ان ڳالهه جي) اجازت نه گهرندا ته اُهي پنهنجي مال ۽ جان سان جهاد (نه) ڪن، ۽ الله پرهيزگارن کي خوب ڄاڻي ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪي ماڻهو الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا اهي ڪڏهن به توکان اجازت جا طلبگار نه ٿيندا ته پنهنجي مال سان ۽ پنهنجين جانين سان (الله جي راهه ۾) جهاد ڪن (يعني هو جهاد کان بلڪل به نه ڪيٻائيندا) ۽ الله ڄاڻي ٿو ته ڪير متقي آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّما يَستَـٔذِنُكَ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَارتابَت قُلوبُهُم فَهُم فى رَيبِهِم يَتَرَدَّدونَ (آيت : 45) |
انھن کان سواءِ ٻيو ڪو توکان موڪل نه گھرندو جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندا آھن ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آھن پوءِ اُھي پنھنجي شڪ ۾ حيران آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) توکان اجازت گهرڻ وارا ته اهي ئي آهن جي (في الحقيقت) الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن ۽ انهن جون دليون شڪ ۾ پيل آهن. تنهن ڪري شڪ جي حالت ۾ پيا ٿا ٻڏن چڙهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اجازت ته فقط (جهاد نه ڪرڻ جي) اهي ماڻهو وٺن ٿا جيڪي الله ۽ قيامت تي ايمان نٿا آڻن ۽ سندن دليون شڪ ۾ آهن، پوءِ اهي پنهنجي شڪ ۾ پريشان آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پٺتي رهڻ جي) اجازت ته فقط اهي ئي ماڻهو وٺندا جيڪي خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن، پڻ سندن دليون (هر قسم جا) شڪ شبها ڪري رهيون آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي شڪ شبهات ۾ ڊاوان ڊول ٿي رهيا آهن (ته ڇا ڪريون ۽ ڇا نه ڪريون)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق موڪلن ٿا وٺن توکان اهي جو نه ٿا ايمان آڻين الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ شڪ ڪيو دلين انهن جي پوءِ اهي شڪ پنهنجي ۾ ٿا حيران ڦرن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) توکان رڳو اهي موڪل گهرن ٿا جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي نه ٿا مڃين ۽ سندن دلين ۾ شڪ پيل آهي پوءِ اهي پنهنجي شڪ ۾ حيران آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تو کان موڪل رڳو اُهي گهرن ٿا جيڪي الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان نه ٿا رکن ۽ انهن جون دليون شڪ ۾ پيل آهن پوءِ اُهي پنهنجي شڪ ۾ حيران آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موڪل وَٺندئـِي مُورسي، جي آڻين، نه ايمان، الله ۽ آخر ڏينهن تي، ۽ جيءَ ۾، سَندنِ جان، پوءِ پَنهنجي مَنجھ گُمان، ڦِر ڦِر کائينِ ڦيريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ توکان موڪل اُهي ئي شخص گهرن ٿا جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن ۽ سندن دلين ۾ شڪ آهي، تنهن ڪري اُهي پنهنجي شڪ ۾ ئي حيران آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيون اجازتون ته فقط اهي ماڻهو گهرندا آهن، جن جو الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان ڪونهي، سندن دلين ۾ شڪ پيل آهي ۽ هو پنهنجي شڪ ۾ ئي پيا ٿا دليون هڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙا عرض ته رڳو اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي ايمان نٿا آڻين الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي، ۽ شڪ آهي جن جي دلين ۾، اهي ته پنهنجي شڪ تي ئي حيران آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت تي ايمان نٿا رکن سي ئي توهان کان اجازت گهرن ٿا ڇوته سندن دلين ۾ شڪ آهي پوءِ هو پنھنجي شڪ ۾ ئي ٻڏتر جو شڪار آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان کان (جهاد ۾ شريڪ نه ٿيڻ جي) اجازت صرف اُهي ئي ماڻهو وٺندا جيڪي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن ۽ انهن جون دليون شڪ ۾ پيل آهن سو اُهي پنهنجي شڪ ۾ حيران ۽ پريشان آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توکان اجازت طلبيندڙ ته اهي آهن جيڪي (حقيقت ۾) الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿا رکن ۽ انهن جون دليون شڪ ۾ ٻڏيون پيون آهن تنهنڪري هو شڪ جي حالت ۾ ٻڏي- تري رهيا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو أَرادُوا الخُروجَ لَأَعَدّوا لَهُ عُدَّةً وَلٰكِن كَرِهَ اللَّهُ انبِعاثَهُم فَثَبَّطَهُم وَقيلَ اقعُدوا مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏھن ٻاھر نڪرڻ گھرن ھا ته ان لاءِ تياريءَ جو سامان تيار ڪن ھا پر الله سندن (جھاد تي) وڃڻ پسند نه ڪيو تنھنڪري کين توفيق نه ڏنائين ۽ چيو ويونِ ته وھندڙن سان گڏجي وِھو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن سچ پچ انهن (منافقن) نڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي ها ته ان لاءِ ڪجهه نه ڪجهه سمر ۽ سامان جي تياري ضرور ڪن ها، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) الله تعاليٰ سندن اٿڻ (۽ جنگ لاءِ نڪرڻ) پسند ئي نه ڪيو. تنهن ڪري هنن کي ڳورو ڪري ڇڏيائين ۽ کين چيو ويو (يعني سندن ڳورائي کين چيو ته) ٻين ويهي رهڻ وارن سان گڏ توهان به ويهي رهو (۽ جنگ لاءِ نه نڪرو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي نڪرڻ جو ارادو رکن ها ته جهاد لاءِ ڪو سامان تيار ڪن ها، پر الله انهن جي نڪرڻ کي ناپسند فرمايو پوءِ اهي سست ٿيا ۽ انهن کي چيو ويو ته توهان ويهي رهو (گھرن ۾) ويهندڙن سان گڏ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي (گهرن کان) نڪرڻ جو پڪو ارادو ڪن ها ته (ڪجھ نه ڪجھ ته) تياري ڪن ها، مگر (ڳالھ هئين آهي ته) خدا هنن سان گڏ موڪلڻ کي پسند نه ڪيو ته کين ڪاهل ڪري ڇڏيائين ۽ (ڄڻ ته) کين چيل آهي ته اوهين رهجي وڃڻ وارن سان ويٺا (مکيون ماريندا) رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ارادو ڪن ها نڪرڻ جو ته هو تياري ڪن ها ان لاءِ تياري ڪرڻ ۽ پر نه پسند ڪيو الله اٿڻ انهن جي کي پوءِ ڳرو ڪيائين انهن کي ۽ چيو ويو ته ويهو ويهندڙن سان گڏ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ٻاهر نڪرڻ گهرن ها ته ان لاءِ سامان تيار ڪن ها پر الله سندن اٿڻ کي ناپسند ڪيو پوءِ انهن کي روڪي ڇڏيائين ۽ چيو ويو ته وهندڙن سان گڏ ويهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي (جهاد ۾) نڪرڻ جو ارادو ڪن ها ته ان لاءِ سامان تيار ڪن ها ۽ پر الله انهن جي اٿڻ کي نا پسند ڪيو پوءِ انهن کي روڪي ڇڏيائين ۽ (انهن لاءِ ) چيو ويو ته ويهندڙن سان گڏ ويهي رهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نِيت جي نِڪرڻ جِي، هُوند ڪيؤن هيڪار، ته ڪيؤن سَمر سُورايون، تِنهن لئي تيار، پر اَلله اُٿڻ اُنهن جو، ڀانتو بُرو ۽ بيڪار، پوءِ جُنبڻ کان جِهاد تي، جَھليو کِين جَبار، ۽ ٻوليون وِيو ٻِيهار، ته وِهو ڀيڙا وِهندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي هو (جهاد ۾) نڪرڻ جو ارادو ڪن ها، ته اُن لاءِ سامان ته تيار ڪن ها. مگر الله سندن هلڻ کي پسند ئي نه ڪيو ۽ کين روڪي ڇڏيو ۽ حڪم ٿين ته ”اوهان به ويٺلن سان ويهي رهو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن سندن ارادو سچ پچ نڪرڻ جو هجي ها ته هو ان لاءِ ڪا تياري ڪن ها پر الله کي ته سندن اٿڻ پسند ئي نه هو، تنهنڪري کين سست ڪري ڇڏيائين ۽ چيو وينِ ته ويٺا رهو ويٺلن سان گڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سچ پچ سندن ارادو نڪرڻ جو هجي ها ته اهي (ضرور) ان جي لاءِ تياري به ڪن ها، پر سندن اٿڻ پسند نه هو الله کي، ان ڪري انهن کي سُست ڪيائين ۽ چيو ويو ته ويٺا رهو ويهڻ وارن سان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن واقعي انهن جي نيت (جنگ ۾) هلڻ جي هجي ها ته هو ان لاءِ ضرور (ٿورو گهڻو) سامان تيار ڪن ها. ( خير) الله تعالى کي ته اهڙن (منافق) ماڻهن جو هلڻ به پسند نه هو، تنھنڪري کين هلڻ جي توفيق به نصيب نه ڪئي ۽ کين (ڪن لاٽاريءَ سبب) چيو ويو ته توهان به (ٻين) ويھندڙن سان گڏ ويهي رهو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن انهن (واقعي جهاد جي لاءِ) نڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي ها ته اُهي ان جي لاءِ (ڪجهه نه ڪجهه) سامان ته ضرور تيار ڪن ها پر (حقيقت اها آهي ته انهن جي ڪوڙ ۽ منافقت جي ڪري) الله انهن جو (جهاد جي لاءِ) اُٿڻ (ئي) پسند نه فرمايو تنهنڪري ان کين (اُتي ئي) روڪي ڇڏيو ۽ انهن کي چئي ڇڏيو ته توهان (جهاد کان لنوائي) ويهڻ وارن سان گڏ ويهي رهو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪڏهن واقعي انهن ماڻهن نڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي ها ته ان جي لاءِ ٿوري گهڻي تياري ضرور ڪن ها، پر (حقيقت اها آهي ته) الله، انهن جو اٿڻ پسند ئي نه ڪيو تنهنڪري کين توفيق ئي نه ڏنائين ۽ کين چيو ويو (يعني انهن جي عدم توفيقيءَ چيو:) ويهي رهو توهان به- ويهي رهندڙن سان گڏ! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لَو خَرَجوا فيكُم ما زادوكُم إِلّا خَبالًا وَلَأَوضَعوا خِلٰلَكُم يَبغونَكُمُ الفِتنَةَ وَفيكُم سَمّٰعونَ لَهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
جيڪڏھن اوھان ۾ (گڏجي) نڪرن ھا ته اوھان ۾ شرارت کانسواءِ ٻيو ڪُجھ نه وڌائين ھا ۽ ضرور اوھانجو ٻگيٿرو گھرندڙ ٿي اوھان جي وچ ۾ فساد وجھڻ لاءِ ڊوڙن ھا، ۽ اوھان ۾ اُنھن جا (ڪي) جاسوس آھن، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اهي (منافق) توهان مسمانن ۾ (رل مل ٿي) نڪرن ها ته توهان جي اندر سواءِ خرابين جي ٻيو ڪجهه به زياده نه ڪن ها ۽ ضرور هو توهان جي وچ ۾ فتنه انگيزي جا ڄار پکيڙين ها ۽ (توهان کي معلوم آهي ته) توهان ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جي سندن ڳالهين تي ڪن ڏيڻ وارا آهن، ۽ الله تعاليٰ خوب ڄاڻي تو ته ڪير ظلم ڪرڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اهي توهان سان نڪرن ها ته توهان ۾ افواهه پکيڙي، توهان جي وچ ۾ فتنو پيدا ڪن ها، ۽ توهان جي وچ ۾ انهن جا جاسوس موجود آهن، ۽ الله خوب ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اهي ماڻهو تو سان گڏجي نڪرن به ها ته اوهان ۾ فساد پيدا ڪن ها ۽ اوهان لاءِ فتني ڪرڻ واسطي اوهان ۾ (هيڏانهن هوڏانهن) گهوڙا ڊوڙائيندا ڦرن ها ۽ اوهان مان (ئي) سندن جاسوس به آهن (جيڪي اوهان جي ڳالھ هنن کي ٻڌائين ٿا) ۽ خدا شرارت ڪرڻ وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن نڪرن ها اوهان ۾ ته نه وڌائن ها اوهان لاءِ مگر نقصان ۽ البته ڊوڙن ها اوهان جي وچ ۾ طلب ڪن ها اوهان ۾ فتنو ۽ اوهان ۾ گھڻا ٻڌندڙ آهن انهن لاءِ ۽ الله ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي، .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهان (جي لشڪر) سان نڪرن ها ته اوهان ۾ فساد کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌائين ها ۽ اوهان جي وچ ۾ بگيڙ وجهائڻ جي تلاش ۾ گهوڙا ڊوڙائين ها. ۽ اوهان ۾ انهن جي ڳالهه مڃڻ وارا آهن ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اهي اوهان سان گڏ نڪرن ها ته اوهان ۾ سواءِ فتني جي ڪجهه نه وڌائن ها ۽ ضرور توهان جي وچ ۾ فساد وجهڻ لاءِ ڊوڙن ها ۽ اوهان ۾ انهن جا ڪي جاسوس آهن. ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي نِڪتااوهان نال، ته ذَرو نه وَڌائـِينِيان ضروري، ۽ آڏا بِيٺا اوهان کي، ڪَنان نبي نهال، گُھرن اوهان وچ ۾، بگيڙو بحال، ۽ آهن اوهان ۾، اُنهن جا، جُوڻت جوڙِيوال، ۽ هاڃيڪارن حال، سَمجھندڙ سُبحانہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان سان نڪرن ها، ته ٻيڻي فساد ڪرڻ بنا ٻيو ڇا ڪن ها؟ اوهان جي وچ ۾ فتني کڙي ڪرڻ لاءِ ڊوڙندا رهن ها ۽ (هاڻي به) اوهان ۾ انهن جا ڪجهه جاسوس موجود آهن- الله ظالمن کي خوب سمجهي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن هو توهان سان گڏجي نڪرن ها ته توهان ۾ خرابيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ جو واڌارونه ڪن ها، هو توهانجي وچ ۾ فتنو کڙو ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪن ها ۽ توهان جي جماعت جي حالت اها آهي، جو منجهس گهڻا ئي اهڙا ماڻهو موجود آهن،جيڪي انهن جون ڳالهيون ڪـَـن لائي ٻڌن ٿا. الله انهن ظالمن کي خوب ٿو ڄاڻي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن اهي نڪرن ها توهان سان ته اهي توهان ۾ خرابيءَ کان سواءِ ڪوبه واڌارو نه ڪن ها ۽ ڊڪ ڊوڙ ڪن ها توهان ۾ فتني جي، ۽ توهان جي ٽولي ۾ اهڙا به آهن جيڪي ڪن ڏئي کين ٻڌن ٿا، ۽ بيشڪ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو انهن ظالمن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هي (منافق جنگ لاءِ) نڪرن ها ته توهان جي اندر خرابي پيدا ڪن ها ۽ اوهان جي وچ ۾ فساد وجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه به ڪن ها ته توهان جي اندر فتني ڦھلائڻ جي ضرور ڪوشش ڪن ها ۽ اوهان جي اندر (ڪجهه ماڻهو) انهن جا جاسوس آهن، (پر) الله تعالى اهڙن ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن اُهي توهان سان (شامل ٿي) نڪرن ها ته توهان جي لاءِ صرف شر ۽ فساد ئي وڌائين ها ۽ توهان جي وچ ۾ (ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي لاءِ) ڊُڪ ڊوڙ ڪن ها اُهي توهان جي اندر فتنو برپا ڪرڻ چاهن ٿا ۽ توهان ۾ (اڃا به) انهن جا (ڪجهه) جاسوس موجود آهن، ۽ الله ظالمن کان چڱيءَ ريت واقف آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪڏهن اهي توهان مسلمانن سان (رَلي ملي) نڪرن ها ته توهان ۾ سواءِ فساد ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه نه ڪن ها ۽ ضرور توهان جي درميان فتني بازيءَ جا گهوڙا ڊوڙائين ها (۽ هيڏانهن جي ڳالهه هوڏي ۽ هوڏانهن جي ڳالهه هيڏي پيا ڪن ها!) ۽ (توهين ڄاڻو ٿا ته) توهان ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي انهن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان ڌرن ٿا (تنهنڪري ظاهر آهي ته انهن جي موجودگيءَ سان سواءِ فتني جي ٻيو هٿ به ڇا اچي ها؟!) ۽ الله ڄاڻي ٿو ته ڪير ظالم آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لَقَدِ ابتَغَوُا الفِتنَةَ مِن قَبلُ وَقَلَّبوا لَكَ الأُمورَ حَتّىٰ جاءَ الحَقُّ وَظَهَرَ أَمرُ اللَّهِ وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 48) |
اُھي اڳ بيشڪ فساد جي فڪر ۾ ھوا ۽ تولاءِ بڇڙيون صلاحون ڪندا رھيا ايتري تائين جو مدد آئي ۽ الله جو حُڪم غالب ٿيو ۽ اُھي ناراض ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي حقيقت آهي ته انهن (منافقن) هن کان اڳي به (احد واري جنگ وقت) فتني جون ڪوششون ڪيون ۽ تنهنجي تجويزون ڊاهڻ چاهيائون، تانجو نيٺ سچائي ظاهر ٿي پيئي ۽ الله جو حڪم غالب پيو، اگرچه ائين ٿيڻ هنن کي سخت ناپسند هو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تحقيق هن کان اڳ ۾ انهن فتنو پيدا ڪيو ۽ توهان لاءِ حيلا هلايائون ايستائين جو حق آيو ۽ الله جو حڪم ظاهر ٿيو ۽ اهي ناپسند ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) انهن ماڻهن پڪ اڳ ۾ ئي فساد وجهڻ چاهيو ٿي ۽ تنهنجون ڪيئي ڳالهيون ڦيرايون تان جو حق آيو ۽ خدا جو ئي حڪم غالب رهيو ۽ کين ناپسند ٿيندو رهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق طلب ڪيائون فتني کي اڳي ئي ۽ ابتو ڦيرايائون تنهنجي لاءِ ڪمن کي تانجو آيو حق ۽ غالب ٿيو امر الله جو اهي ناخوش آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هن کان اڳ به بگيڙ وجهائڻ گهريو هئائون ۽ تنهنجا ڪم اُبتا ڪيا هئائون تان جو حق آيو (يعني الله جي مدد پهتي) ۽ الله جو حڪم غالب ٿيو هوڏانهن اهي (ان ڳالهه کي) پسند ڪندڙ نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تحقيق انهن پهريان به فتنو وجهڻ پئي چاهيو ۽ تنهنجي ڪمن کي ابتو ڪرڻ ۾ لڳل هئا ايستائين جو حق اچي ويو ۽الله جو حڪم پڌرو ٿي ويو حالانڪه اُهي مَٺيان سمجهندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَ ڳ نه اَوس اوهان مَٿي، آندئون اِمتحان، ۽ تولئي رِٿون رِٿي چُڪا، نِدوريون نِڌان، تان صحِي سَچ آيو، ۽ دونڪيون دِين دَيَّان، آهن هِي حيوان، بُرو ڀائيندڙ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ته اڳ فتني کڙي ڪرڻ جو فڪر ڪيو هو ۽ تو لاءِ ڪاررواين ۾ ڦير گهير ڪندا رهيا. تان جو سچو واعدو اچي ويو. الله جو حڪم غالب رهيو ۽ اُهي ناپسند ئي ڪندا رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کان اڳ به انهن ماڻهن فتنا کڙا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ توکي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر طرح جون اٽڪلون هلائي چڪا آهن، تانجو انهن جي مرضيءَ جي خلاف حق اچي ويو ۽ الله جو حڪم غالب ٿيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن پئدا ڪيو هو فتنو هن کان پهرين به ۽ توهان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سڀ تدبيرون به اختيار ڪيون تان جو حق اچي ويو سندن مرضيءَ خلاف ۽ الله جو ڪم غالب ٿي ويو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (منافقن) ته پھريائين به فساد وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ (تو کي ناڪام ڪرڻ لاءِ) پنھنجي ڪارروائين کي تبديل ڪندا رهيا هئا، ايستائين جو حق اچي ويو ۽ الله تعالى جو حڪم غالب رهيو، کين اها ڳالهه پسند ئي نه آئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) حقيقت ۾ اُهي اڳ ۾ به فتنو کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ۽ توهان جا ڪم درهم برهم ڪرڻ جون تدبيرون ڪندا رهيا آهن ايستائين جو حق اچي پهتو ۽ الله جو حڪم غالب ٿيو ۽ اُهي (ان کي) ناپسند ئي ڪندا رهيا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) اها حقيقت آهي ته انهن ماڻهن هن کان پهريان به فتنن برپا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ توهان جي خلاف هر قسم جون تدبيرون وري وري آزمايائون. (جيئن جنگِ اُحد ۾ منافقن پنهنجي پاران ڪائي ڪسر نه ڇڏي هئي) ايستائين جو سچائي پڌري ٿي پئي ۽ الله جو حڪم غالب ٿيو جڏهن ته منافق الله جي ان سموري حڪمت کي ڪراهت سان ڏسي رهيا هئا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِنهُم مَن يَقولُ ائذَن لى وَلا تَفتِنّى أَلا فِى الفِتنَةِ سَقَطوا وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 49) |
۽ منجھائن ڪو آھي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجھ، خبردار (اُھي پاڻ) فتني ۾ پيل آھن، ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (منافقن) ۾ ڪو اهڙو به آهي جو چوي ٿو ته مون کي اجازت ڏيڻ فرمايو (ته گهر ۾ ويٺو رهان) ۽ مون کي فتني ۾ نه وجهو. ياد رکو ته، اهي ماڻهو هونئين ئي فتني جي کڏ ۾ ڪري پيا آهن (جو ڪوڙا عذر ٺاهي خدا جي راهه کان منهن موڙيو اڀڙن) ۽ بلاشبه دوزخ ڪافرن کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي چون ٿا ته اسان کي اجازت ڏي ۽ اسان کي فتني ۾ نه وجھه، خبردار ! فتني ۾ ته اهي پاڻ ڪِري پيا، ۽ بيشڪ جهنم ڪافرن جو گھيرو ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي صاف لفظن ۾ چون ٿا ته مون کي ته (پٺ تي رهڻ جي) اجازت ڏيو. ۽ مون کي مصيبت ۾ نه ڦاسايو. (اي رسول) ڄاڻ ته اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ مصيبت ۾ (اونڌي منهن) وڃي پيا. ۽ پڪ دوزخ ته ڪافرن کي گهيرو ڪيل ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان اهو به آهي جيڪو چوي پيو ته اجازت ڏي مون کي ۽ نه فتني ۾ وجھ مون کي خبردار فتني ۾ ته ڪري پيا ۽ بلاشڪ جھنم البته گھيراءُ ڪندڙ آهي ڪافرن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ڪو آهي جو چوي ٿو ته مون کي موڪل ڏي ۽ مون کي خرابيءَ ۾ نه وجهه. خبردار اهي (پاڻ) خرابيءَ ۾ ڪريا. ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان ڪو اهڙو به آهي جيڪو چوي ٿو ته: ”مون کي موڪل ڏي ۽ مون کي فتني ۾ نه وجهه“. خبردار! اُهي پاڻ فتني ۾ ڪريل آهن ۽ بيشڪ جهنم ڪافرن کي گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَراڻي وهلور، ڪو اُنهن مان، ته اِجازت مون ڏِيو، ۽ حُسن جي بازار ۾، مون مَ ڦاسايو مُور، سَمجھ، ته اُهي اَ ڳ ڪِريا، مَنجھ فِتني ۽ فُتور، ۽ دوزخ ڀاه ڀرپُور، ڪونڊو ڪندڙ ڪافرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن مان ڪو اهڙو به آهي، جو چوي ٿو ته ”مون کي موڪل ڏي ۽ خرابي ۾ نه وجهه.“ سمجهي ڇڏيو، اُهي خرابيءَ ۾ پئجي چڪا آهن، بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گهيري وٺندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو چوي ٿو ته "مونکي موڪل ڏي ۽ مونکي فتني ۾ نه وجهه". ٻڌي ڇڏيو، فتني ۾ ته اهي پيل آهن ۽ جهنم انهن ڪافرن کي وڪوڙي ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن مان ڪو اهڙو به آهي جيڪو چوي ٿو ته، مون کي اجازت ڏيو ۽ آزمائش ۾ نه وجهو. ٻڌي ڇڏيو ته فتني ۾ اهي پاڻ پيل آهن، ۽ بيشڪ دوزخ وڪوڙي رکيو آهي انهن ڪافرن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (منافقن) مان هڪڙو اهڙو به آهي جيڪو چوي ٿو ته مون کي اجازت ڏيو ته مان جنگ تي نه هلان ۽ مون کي آزمائش ۾ نه وجهو. خبردار! هي ته (سڀئي) اڳيئي آزمائش ۾ پيل آهن، بيشڪ ڪافرن کي جھنم گهيري ۾ ورتو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن مان اُهو شخص (به) آهي جيڪو چوي ٿو ته توهان مون کي اجازت ڏيو (ته آئون جهاد تي وڃڻ جي بدران گهر ۾ ويٺل رهان) ۽ مون کي فتني ۾ نه وجهو، ٻڌو! ته اُهي فتني ۾ (ته پاڻ ئي) ڪِري پيا آهن، ۽ بيشڪ جهنم ڪافرن کي گهيريندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن (منافقن) ۾ ڪو اهڙو به آهي جيڪو چوي ٿو: مون کي اجازت ڏيو (ته گهر ۾ ويٺو رهان) ۽ مون کي آزمائش ۾ نه وجهو- ته ٻڌي ڇڏيو! منافق ماڻهو فتني ۾ پئجي چڪا (ڇاڪاڻ جو ڪوڙا بهانا ٺاهي الله جي راهه کان منهن موڙيائون ۽ فتنو ته اهوئي فتنو آهي- جيڪو انهن منافقن گهڙي رکيو آهي) ۽ بي شڪ! ڪافر، دوزخ جي گهيراءَ ۾ آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِن تُصِبكَ حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكَ مُصيبَةٌ يَقولوا قَد أَخَذنا أَمرَنا مِن قَبلُ وَيَتَوَلَّوا وَهُم فَرِحونَ (آيت : 50) |
(اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪو سھنج پھچندو آھي ته کين ڏکيو لڳندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو توکي اھنج پھچندو آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ پنھنجو ڪم اڳيئي سنڀالي ورتو اٿؤن ۽ اُھي سرھا ٿي ڦرندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن توکي ڪا چڱي ڳالهه حاصل ٿئي ٿي ته هنن (منافقن) کي ساڙ ۽ ڏک ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن توکي ڪا تڪليف درپيش اچي ٿي ته چوڻ لڳن ٿا ته انهيءَ ئي خيال اچڻ ڪري اسان اڳيئي دورانديشي ڪري مصلحت وارو عمل ڪيو (۽ پيغمبر سان انهي ڪم ۾ شامل نه ٿياسين) ۽ پوءٌ (ڳچيءَ کي موڙو ڏيئي) وڏي خوشيءَ ۾ ڦري هليا وڃن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان کي نيڪي پهچي ٿي ته انهن کي نٿي وڻي، ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي، چون ٿا ته بيشڪ اسان پنهنجو ڪم اڳ ۾ ئي درست ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي خوشيءَ سان موٽن ٿا (جهاد ۾ شرڪت کان سواءِ)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تو کي فائدو رسيو ته کين ساڙ ٿو ٿئي. پر جيڪڏهن تو تي ڪا تڪليف اچي ٿي ته اهي چون ٿا ته (ان ڪري ئي) اسان پنهنجو ڪم اڳ ۾ ئي ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ (هئين چئي) خوش ٿي (تو وٽان اٿي) واپس ٿي وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن پهچي ٿي توکي ڀلائي ته بري لڳي ٿي انهن کي ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي توکي مصيبت ته چون ٿا تحقيق درست ڪري ورتو اسان ڪم پنهنجي کي اڳي ئي ۽ موٽن ٿا ۽ اهي خوش ٿيندڙ آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته انهن کي رنج ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن توکي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چون ٿا ته اسان پنهنجو ڪم اڳي ئي سنڀالي ورتو ۽ اهي خوش ٿي موٽن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن تو کي ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته انهن کي ڏکي لڳي ٿي ۽ جيڪڏهن تو کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چون ٿا: ”اسان پنهنجو معاملو اڳي ئي سنڀالي ورتو“ ۽ اهي خوشيون ملهائيندي موٽن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي نيڪِي رسَئـِي نِهال!، ته بُرو ڀانئينِ اُن کي، ۽ جو توکي رَسي تڪليف ڪا، ته چونِ اِهڙي چال، ته اسان اِنهائـِي اََڳي، پَڪڙِي پَنهنجِي ڳالھ، ۽ پانهون ٿِيا پيمال، ۽ اُهي هوندا خوش اُن حال ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي توکي ڪو فائدو پهچي ٿو ته انهن کي نه ٿو وڻي ۽ جي توکي ڪا مصيبت پيش اچي ته چون ٿا ”اسان اڳ ۾ ئي خبرداريءَ کان ڪم ورتو هو“ ۽ هو خوش ٿي موٽي وڃن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو ڀلو ٿو ٿئي ته انهن کي ڏک ٿو ٿئي ۽ توتي ڪا مصيبت ٿي اچي ته پوئين پيرين موٽي خوشيون ڪندا چوندا وڃن ٿا ته ڏاڍو چڱو ٿيو جو اسان اڳيئي پنهنجو معاملو ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي تنهنجو ڀلو ٿئي ٿو ته کين تڪليف ٿئي ٿي، ۽ توتي اچي ٿي ڪا مصيبت، ته منهن موڙي خوشيءَ مان چون ٿا ته، چڱو ٿيو اسان ته اڳي ئي پنهنجو معاملو ٺيڪ ڪري ڇڏيو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) جيڪڏهن توهان کي ڪا ڀلائي ملي ٿي ته انهن منافقن کي برو لڳي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پھچي ٿي ته هو خوش ٿيندي موٽندا آهن ۽ (دل ۾) چوندا آهن ته چڱو ٿيو جو اسان اڳ ۾ ئي پنھنجي معاملات ۾ هوشياري ورتي هئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن توهان کي ڪا ڀلائي (يا راحت) پهچي ٿي (ته) اُها انهن کي بري ٿي لڳي ۽ جيڪڏهن توهان کي مصيبت (يا تڪليف) پهچي ٿي (ته) چون ٿا ته اسان ته اڳ ۾ ئي پنهنجي ڪم (۾ احتياط) کي اختيار ڪيو هو ۽ خوشيون ملهائيندا موٽن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن توکي ڪا چڱائي پلئه پوي ٿي ته اُها منافقن کي بري لڳي ٿي ۽ جيڪڏهن توکي ڪا مصيبت پلئه پوي ٿي ته منافق چوندا وتن ٿاته: (ڏٺوَ!) تڏهن ته اسين پهريان ئي نٽايو هيو ۽ پوءِ لوڏ ڏئي خوش ٿيو هليا ٿا وڃن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل لَن يُصيبَنا إِلّا ما كَتَبَ اللَّهُ لَنا هُوَ مَولىٰنا وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 51) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آھي تنھن کانسواءِ ٻيو ڪي اسانکي ڪڏھن نه پھچندو، اُھو اسانجو سنڀاليندڙ آھي، ۽ مؤمنن کي رڳو الله تي ڀروسو ڪرڻ جڳائي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون) چئو ته، اسان کي ڪجهه به پيش نٿو اچي سگهي سواءِ ان جي جيڪي الله تعاليٰ اسان جي لاءِ (پنهنجي ڪتاب ۾) لکي ڇڏيو آهي. اهوئي اسان جو ڪارساز آهي ۽ مؤمنن کي گهرجي ته فقط الله تي (هر طرح جو) ڀروسو رکن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو هرگز اسان کي ڪا تڪليف نٿي پهچي، سواءِ ان جي جيڪا الله اسان جي تقدير ۾ لکي آهي، الله اسان جو مددگار آهي، الله تعالى تي مؤمنن کي توڪل رکڻ گھرجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته اسان تي ڪڏهين به ڪا مصيبت اچي نٿي سگهي پر اها ئي جيڪا خدا اسان جي لاءِ (اسان جي تقدير ۾) لکي ڇڏي آهي. اهو ئي اسان جو مالڪ (مختيار) آهي. ۽ ايمان وارن کي گهرجي به (ائين ته آهي). خدا تي ئي ڀرسو رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته هر گز نه پهچندو اسان کي مگر جيڪو لکيو الله اسان لاءِ اهو مالڪ اسان جو آهي ۽ الله تي پوءِ گھرجي ته توڪل ڪن مؤمن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آهي تنهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به اسان کي نه پهچندو. هو اسان جو مالڪ آهي. پوءِ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ کپي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) چؤ ته: ”اسان کي ٻيو ڪجهه ڪونه پهچندو سواءِ ان جي جيڪو الله اسان لاءِ لکي ڇڏيو آهي اُهو ئي اسان جو ڪارساز آهي ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اسان کي آزار، نه رَسندو، مگر مُور سو، اَلله جيڪو انگ، لکيو، هُوندو اسان هارِ، اُهو آھِ اَسان جو، سَچو سنڀاليدار، پوءِ بارِي مٿي بار، مَڙهڻ گھرجي مومنِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اسان کي اهو ئي پهچندو، جيڪي الله اسان لاءِ لکيو آهي، هو اسان جو مالڪ آهي ۽ مومنن کي ته سڀ ڪم الله کي ئي سونپڻ گهرجن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته، "اسانکي ڪڏهن به ڪا (برائي يا ڀلائي) نٿي رسي پر اهائي جيڪا الله اسان لاءِ لکي ڇڏي آهي. الله ئي اسانجو مولا آهي ۽ مؤمنن کي مٿس ئي ڀاڙڻ گهرجي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) اسان کي ڪا (برائي يا ڀلائي) نٿي پهچي پر جيڪا الله اسان لاءِ لکي آهي. اهو ئي اسان جو مولا آهي ۽ الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي ايمان وارن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) کين ٻڌايو ته اسان کي الله تعالى جي طرفان اسان لاءِ لکيل (ڀلائي يا مصيبت) کان سواءِ ٻِي ڪا به شيءِ نه پھچندي آهي، هو اسان جو مالڪ آهي ۽ مؤمنن کي الله تعالى تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي حبيب!) توهان فرمايو ته اسان کي هرگز (ڪجهه) نه پهچندو مگر اُهوئي ڪجهه جيڪو الله اسان جي لاءِ لکي ڇڏيو آهي، اُهوئي اسان جو ڪارساز آهي ۽ الله ئي تي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اي پيغمبر! چئي ڇڏ، اسان کي اهوئي پلئه پوندو جيڪو الله اسان جي لاءِ (پنهنجي تقدير ۾) لکي ڇڏيو آهي. الله ئي اسان جو ڪارساز آهي ۽ مؤمنن کي گهرجي ته الله تي ئي ڀروسو رکن- (الله کانسواءِ ڪير به ڀروسي جوڳو ڪونهي!) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل هَل تَرَبَّصونَ بِنا إِلّا إِحدَى الحُسنَيَينِ وَنَحنُ نَتَرَبَّصُ بِكُم أَن يُصيبَكُمُ اللَّهُ بِعَذابٍ مِن عِندِهِ أَو بِأَيدينا فَتَرَبَّصوا إِنّا مَعَكُم مُتَرَبِّصونَ (آيت : 52) |
(اي پيغمبر منافقن کي) چؤ ته اوھين اسان لاءِ ٻن چڱاين مان ھڪڙي کانسواءِ انتظار نه ڪڍندا آھيو، ۽ اسين (به) اوھان لاءِ انتظار ڪڍندا آھيون ته الله پاڻ وٽان يا اسان جي ھٿان اوھان کي سزا پھچائي، پوءِ اوھين انتظار ڪڍو اسين (به) اوھان سان گڏ منتظر آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون انهن کي) چئو ته توهان اسان جي لاءِ جنهن ڳالهه جو انتظار ڪيو ٿا (يعني جنگ ۾ قتل ٿيڻ جو) اهو اسان جي لاءِ ٻن چڱاين مان هڪڙي چڱائي آهي (يعني فتح ۽ شهادت جي چڱاين مان شهادت واري چڱائي) ۽ اسان توهان جي لاءِ جنهن ڳالهه جا منتظر آهيون اها هيءَ آهي ته الله تعاليٰ اوهان تي پاڻ وٽان ڪو عذاب موڪلي ۽ يا اسان جي هٿان عذاب ڏياري، سو هاڻي (نتيجي جو) انتظار ڪيو. اسان به توهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارا آهيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو نٿا انتظار ڪريو توهان اسان لاءِ سواءِ ٻن ڀلاين مان هڪڙي (فتح ٻِئي شهادت)، ۽ اسين (مسلمان) توهان لاءِ الله جي عذاب جو انتظار ڪريون ٿا جيڪو الله تعالى توهان کي پاڻ ڪندو يا اسان جي هٿان ڪرائيندو، پوءِ توهان انتظار ڪريو بيشڪ اسان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون (منافقن کي) چئو اوهين ته اسان جي لاءِ (فتح يا شهادت) ٻن ڀلاين مان هڪ جو انتظار ڪريو ٿا ۽ اسين اوهان لاءِ هن ڳالھ جو انتظار ڪريون ٿا ته الله پنهنجي طرفان يا اسان جي هٿان اوهان کي ڪو عذاب پهچائي. ته پوءِ (چڱو!) اوهين به انتظار ڪريو، اسين به اوهان سان (گڏ) گڏ انتظار ڪريون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: نٿا انتظار ڪيو اسان لاءِ مگر هڪ جو ٻن ڀلاين مان ۽ اسين انتظار ڪيون ٿا اوهان لاءِ هي ته پهچائي اوهان کي الله عذاب پاڻ وٽان يا هٿن اسان جن سان پوءِ انتظار ڪيو بيشڪ اسان اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته اوهين رڳو ٻن ڀلاين مان هڪ جو اسان لاءِ انتظار ڪريو ٿا ۽ اسين اوهان لاءِ هن ڳالهه جو انتظار ڪريون ٿا ته الله پنهنجي طرفان يا اسان جي هٿان اوهان کي سزا پهچائي پوءِ اوهين (به) انتظار ڪريو،اسين به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”اوهان اسان جي لاءِ ٻن ڀلاين (فتح يا شهادت) مان هڪ جو ئي انتظار ڪري رهيا آهيو ۽ اسان اوهان لاءِ هن ڳالهه جو انتظار ڪيون ٿا الله پنهنجي طرفان يا اسان جي هٿان اوهان کي سزا پهچائي پوءِ اوهان (به) انتظار ڪيو اسين به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اوهين نه اَسان لئي، ڪڍو، مگر اِنتظار، ٻن چڱايان هيڪ لئي، بهشت، ڪِ باغ بهار، ۽ اسين به اوهان لئي، ڏِسون ته اَلله ڪو آزار، پهچائـِينِيان پاڻ وٽان، يا اسان هَٿان هيڪار، پوءِ تَرسو ڪجھ تڪرار، اَسين به اوهان گڏ تَرسڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو اوهين ته اسان جي حق ۾ ٻن چڱاين مان هڪڙيءَ جي ئي واٽ پيا نهاريو مگر اسين اوهان جي حق ۾ هن ڳالهه جي واٽ ٿا نهاريون، ته الله اوهان کي پاڻ وٽان يا اسان جي هٿان عذاب پهچائي، تنهن ڪري اوهين به پيا واٽ ڏسو. اسين به اوهان سان گڏ پيا واٽ نهاريون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته "توهان اسانجي باري ۾ جنهن ڳالهه جو انتظار ٿا ڪريو سا ته رڳو ٻن ڀلاين مان هڪڙي ڀلائي آهي ۽ اسين توهانجي باري ۾ جنهن ڳالهه جو انتظار ٿا ڪيون، اُها ته اِها آهي ته الله پاڻ ٿو توهانکي سزا ڏئي يا اسانجي هٿان ٿو ڏياري؟ چڱو ڀلا هاڻي توهان به انتظار ڪريو ۽ اسان به توهان سان گڏ ٿا انتظار ڪريون"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (انهن کي) توهان جيڪو انتظار پيا ڪريو اسان لاءِ، سو سواءِ ٻن ڀلاين مان هڪڙي ڀلائي آهي، ۽ اسان توهان جي باري ۾ جنهن لاءِ انتظار ۾ آهيون سو هي ته الله پاڻ توهان کي عذاب (سزا) ڏئي ٿو يا اهو اسان جي هٿان ڏياري ٿو، هاڻي توهان به انتظار ڪريو ۽ اسان به توهان سان گڏ انتظار ۾ آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) (انهن منافقن کي) ٻڌائي ڇڏيو ته توهان اسان جي لاءِ ٻن ڀلاين (يعني فتح يا شھادت) مان هڪ ڀلائيءَ جو انتظار ڪريو ٿا پر اسان ته اوهان جي لاءِ ان ڳالهه جو انتظار ڪريون ٿا ته توهان کي الله تعالى خود عذاب ڏئي ٿو يا اسان جي ذريعي عذاب ڏياري ٿو. سو توهان پنھنجي حساب سان انتظار ڪريو اسان به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان فرمايو: ڇا توهان اسان جي حق ۾ ٻن ڀلاين (يعني سوڀ ۽ شهادت) مان هڪ جو ئي انتظار ڪري رهيا آهيو (يعني اسان شهيد ٿا ٿيون يا غازي بڻجي ٿا موٽون)؟ ۽ اسان توهان جي حق ۾ (توهان جي منافقت جي ڪري) ان ڳالهه جو انتظار ڪري رهيا آهيون ته الله پنهنجي بارگاهه مان توهان کي (خاص) عذاب ٿو ڏئي يا اسان جي هٿن سان. سو توهان (به) انتظار ڪريو اسان (به) توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيون (ته ڪنهن جو انتظار نتيجه خيز آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) تون کين چئه: توهين اسان جي لاءِ جنهن ڳالهه جو انتظار ڪريو ٿا (يعني جنگ ۾ قتل ٿي وڃڻ جو ته) اهو اسان جي لاءِ ٻن بشارتن منجهان هڪ نه هڪ بشارت ضرور آهي (يا فتح يا شهادت) ۽ اسين توهان جي لاءِ جنهن ڳالهه جو انتظار ڪريون ٿا سا اها آهي ته الله توهان تي پاڻ وٽان ڪو عذاب موڪليندو يا اسان جي هٿان ئي توهان کي عذاب ڏياريندو. ته هاڻي (نتيجي جو) انتظار ڪريو، اسين به ٿا توهان سان گڏجي انتظار ڪريون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَنفِقوا طَوعًا أَو كَرهًا لَن يُتَقَبَّلَ مِنكُم إِنَّكُم كُنتُم قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 53) |
چؤ (اي منافقو) سَرھا ٿي توڻي ارھا ٿي خرچ ڪريو ته اوھان کان ڪڏھن قبول نه ڪبو، ڇوته اوھين بي دين ٽولي آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ چؤ ته، توهان (منافق ظاهري طور) خوشيءَ سان (حق جي راهه ۾) خرچ ڪيو يا ناخوشيءَ سان خرچ ڪيو، توهان جو خرچ ڪرڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. ڇو ته توهان ماڻهو (الله جي حڪمن جا) نافرمان آهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، اهي خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان خرچ ڪن ليڪن هرگز انهن جو (خرچ ڪرڻ) قبول نه ڪيو ويندو، (ان لاءِ ته) بيشڪ اها گنهگار قوم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته اوهين ماڻهو خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبوريءَ سان، اوهان جي خيرات ته هرگز قبول نه ڪئي ويندي، ڇو ته اوهين پڪ بدڪار ماڻهو آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: خرچ ڪيو اوهان خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان هر گز نه قبول ڪيو ويندو اوهان کان بيشڪ اوهان هيئو قوم فاسق .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبوريءَ سان، اوهان کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو ڇوته اوهين نافرمان قوم آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”خوشيءَ سان خرچ ڪيو يا اَرَهائِيءَ سان هرگز اوهان کان قبول ڪونه ڪيو ويندو. ڇو ته بيشڪ اوهان بي فرمان قوم آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، خرچيو خوشِي، يا ناخوشِي، ته به آن کان مُور ملول!، پوندوڪِين قبول، آهيو ڪا نيارِي قوم ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته خوشيءَ سان خرچ ڪريو خواهه رنج مان، ته به اوهان کان قبول نه ڪبو- بيشڪ اوهين نافرمان ماڻهو آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته، "پنهنجا مال خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبوريءَ سان اهي قبول نه پوندا، ڇاڪاڻ ته توهان فاسق ماڻهو آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) توهان پنهنجا مال سرها ٿي خرچ ڪريو يا ارها ٿي هر حالت ۾ اهي قبول نه ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ ته توهين ماڻهو فاسق آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين) چؤ ته (اي منافقو!) توهان خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا مجبور ٿي خرچ ڪريو توهان جو هي خرچ ڪرڻ هرگز قبول نه ڪيو ويندو. بيشڪ اوهان نافرمان ماڻهو آهيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: توهان خوشيءَ سان خرچ ڪريو يا ناخوشيءَ سان توهان کان هرگز اُهو (مال) قبول نه ڪيو ويندو، بيشڪ توهان نافرمان آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (تون چئه ته) توهين خوشيءَ سان (حق جي راهه ۾) خرچ ڪريو يا ڪراهت سان، توهان جو خرچ ڪرڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ جو توهين هڪ اهڙي جماعت ٿي چڪا آهيو جيڪا (الله جي حڪمن جي) نافرمان آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما مَنَعَهُم أَن تُقبَلَ مِنهُم نَفَقٰتُهُم إِلّا أَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَبِرَسولِهِ وَلا يَأتونَ الصَّلوٰةَ إِلّا وَهُم كُسالىٰ وَلا يُنفِقونَ إِلّا وَهُم كٰرِهونَ (آيت : 54) |
۽ کانئن سندن خرچ جو قبول ڪرڻ ھن کانسواءِ نه جھليو ويو ته اُھي الله ۽ سندس پيغمبر جا مُنڪر آھن ۽ نڪي آرس ڪرڻ کان سواءِ نماز پڙھندا آھن ۽ نڪي (الله جي واٽ ۾) رنج کانسواءِ خرچيندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن جو خرچ ڪرڻ هن ڪري قبول نه پيو جو هنن الله ۽ سندس رسول کي نه مڃيو. (اگرچه ظاهري طور ايمان جي دعويٰ ۾ هو ڪنهن کان به پٺتي نه آهن) هو نماز لاءِ اچن ٿا ته سستي ۽ ڍرائي سان ۽ مال خرچ ڪن ٿا پر سخت ناپسندي ۽ ناراضگيءَ سان.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ خرچ قبول نه ٿيڻ جو سبب هي آهي ته بيشڪ انهن الله ۽ الله جي رسول جو انڪار ڪيو ۽ اهي نٿا ادا ڪن نماز مگر سُستيءَ سان ۽ نٿا خرچ ڪن اهي (الله جي راه ۾) مگر مجبوريءَ کان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندن خيرات جي قبول ٿيڻ کي ٻي ڪا ڳالھ آڏو نه آهي هن کان سواءِ جو هنن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو ۽ نماز لاءِ اچن به ٿا ته سست بڻجي ۽ خدا جي راھ ۾ ڏين ٿا ته به بددليءَ سان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه روڪيائون انهن کي هن ڳالھ کان جو قبول ڪيا وڃن انهن کان خرچ انهن جا مگر هن شيءِ جو بيشڪ انهن ڪفر ڪيو الله ۽ ان جي رسول سان ۽ نه ٿا اچن نماز تي مگر هن حال ۾ جو اهي سست آهن ۽ نه ٿا خرچ ڪن مگر جو اهي نه پسند ڪندڙ آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن خرچن جي قبول ٿيڻ کي ٻي ڪا ڳالهه آڏو نه آئي هن کانسواءِ جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو، ۽ اهي نماز تي سستيءَ سان ئي اچن ٿا ۽ خرچ فقط لاچاريءَ سان ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي خرچن (خيراتن) جي قبوليت ۾ ٻي ڪا رڪاوٽ ڪانه آئِــي سواءِ هن جي جو انهن الله ۽ ان جي رسول سان ڪفر ڪيو ۽ نماز جي ادائگي لاءِ نه ٿا اچن مگر اهي سست ئي آهن ۽ خرچ نه ٿا ڪن مگر ان حال ۾ جو اُهي ناخوش هوندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه جَھليَنِ ڪنهن، ته خرچ سندنِ، مٿي ٿِين منظور، ربَّ ۽ سندس رسول کان، مگر ڦِريا مُور، نَڪا پڙهنِ نماز، مگر سُست، سَندين ۾ سُور، ۽ ذرو نه ڏِينِ ضرور، مگر مَٺورا اُن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن خير خيرات جي قبول ٿيڻ ۾ هن کان سواءِ ڪا به شيءِ روڪ نه ٿي وجهي، جو هنن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو، اهي نماز رڳو ڀڳل دل سان ٿا پڙهن ۽ خرچ به رڳو رنج سان ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن ڏنل مال قبول نه پوڻ جو ڪارڻ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي ته انهن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو آهي، نماز لاءِ اچن ٿا ته آرس ڀڃندا اچن ٿا ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ته دل نه گهرندي خرچ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جا مال قبول نه هئڻ جو سبب ان کان سواءِ ٻيو نه آهي ته انهن ڪيو آهي ڪفر الله ۽ سندس رسول سان، ۽ اهي نماز لاءِ ايندا آهن ته کين آرس هوندي آهي ۽ خرچ ڪندا آهن (الله جي راهه ۾) بلڪل ئي بي دليءَ سان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جا خرچ ڪيل مال ان ڪري قبول نه ڪيا ويندا جو انهن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جو انڪار ڪيو آهي ۽ سستيءَ سان نماز تي ايندا آهن ۽ الله تعالى جي راهه ۾ رڳو مجبور ٿي خرچ ڪندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ سندن انهن نفقن (يعني صدقن) جي قبول ٿيڻ ۾ ڪا (ٻئي) شيءِ رڪاوٽ نٿي سواءِ ان جي ته اُهي الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جا منڪر آهن ۽ اُهي نماز جي ادائيگي جي لاءِ نٿا اچن مگر سستيءَ ۽ بي رغبتي سان ۽ اُهي (الله جي واٽ ۾) خرچ (به) نٿا ڪن مگر ان حال ۾ ته اُهي اَرها ٿين ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ منافق، خرچ ڪرڻ جي قبوليت کان صرف ان ڪري محروم ڪيا ويا جو انهن الله ۽ ان جي رسول کان انڪار ڪيو (توڙي جو هو ايمان جي دعوى ۾ ڪنهن کان پوئتي ڪونهن) هو نماز تي اچن ٿا ته ٻرو چڙهيل حالت ۾ ۽ (حق جي راهه ۾) مال خرچ ڪن ٿا ته خرچ ٿي وڃڻ جي ڪوفت سندن دلين ۾ گهر ڪيل آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِها فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 55) |
پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجھي، الله رڳو گھرندو آھي ته دنيا جي حياتي ۾ اُن سان کين عذاب ڪري ۽ سندن ساہ ڪُفر جي ئي حالت ۾ نڪرن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ هيءَ ڳالهه ته انهن ماڻهن وٽ مال ۽ دولت آهي ۽ گهڻي اولاد وارا آهن توکي عجب ۾ نه وجهي. هي ته رڳو انهيءَ لاءِ آهي ته الله تعاليٰ (سندن) مال ۽ اولاد جي ذريعي ئي کين دنيوي زندگيءَ ۾ عذاب ڏيڻ چاهي ٿو. (جو منافقي ۽ ڪنجوسائي ۽ بي سبب مال جو خرچ ڪرڻ هنن لاءِ وڏي مصيبت آهي، ۽ هنن جي اولاد جو مسلمان ٿيڻ ۽ کين ڇڏي وڃڻ به هنن کي رات ڏينهن ساڙ ڏئي رهيو آهي) ۽ (باقي رهي آخرت جي ڳالهه سو) هنن جو ساهه هن حالت ۾ نڪرندو جو هو ان وقت به ڪفر ۾ هوندا (۽ ايمان کان محروم هوندا).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ توهان کي عجب ۾ نه وجھي سندن مال ۽ اولاد جي گھڻائي، ۽ الله ارادو فرمائي ٿو ته انهن (ڪافرن) کي سندن مال ۽ اولاد ذريعي دنيا جي حياتيءَ ۾ عذاب چکائي، ڇو ته اهي ڪفر ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) پوءِ تو کي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد حيرت ۾ وجهي، الله ته فقط هيءُ گهري ٿو ته انهن شين جي (هڻڻ) ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾ کين سزا ڏئي پڻ جڏهين سندن ساھ نڪرن ته اهي ڪافر (جا ڪافر ئي) رهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه عجب ۾ وجھن توکي مال انهن جا ۽ نه اولاد انهن جو ان کان سواءِ نه آهي جو ارادو ٿو فرمائي الله تانته عذاب ڪري انهن کي انهن سان حياتيءَ دنيا واريءَ ۾ ۽ نڪرن ساھ انهن جا ان حالت ۾ جو اهي ڪافر آهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ توکي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد عجب ۾ وجهي. الله فقط هيءُ گهري ٿو ته انهن شين جي (هئڻ) ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾ کين سز ا ڏئي ۽ سندن ساهه ڪفر جي حالت ۾ نڪرن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تو کي سندن مال ۽ نه ڪي سندن اولاد عجب ۾ وجهي. الله صرف اهو ئي چاهي ٿو جو انهن (شين جي) ذريعي انهن کي دنيا جي زندگي ۾ عذاب ڏئي ۽ سندن جانيون ان حال ۾ نڪرن جو اُهي ڪافر هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عجب نه لَڳـئـِي اُنهن جا، مال، ويا وَه واه!، گُهري، ته دَرد دنيا ۾، اُنهن سان ڏِينِ اَلله، پڻ پُڄڻ سَندن پَساه، اُهي هونِ ڦِريل تِنهن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن مال ۽ اولاد توکي عجب ۾ نه وجهن- الله ته ائين ئي ٿو گهري ته انهن کي ان جي ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾ به عذاب ڏئي ۽ سندن جان ڪفر جي حالت ۾ ئي نڪري وڃي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن مال ۽ اولاد کي ڏسي دوکو نه کاءُ، الله ته گهري ٿو ته انهن ئي شين جي وسيلي سندن دنيا واري زندگيءَ ۾ به کين عذاب ڀوڳائي ۽ ساهه ڏين ته به ڪفر جي حالت ۾ ڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڌوڪو نه کائو سندن مال، دولت ۽ اولاد جي گهڻائي ڏسي، بيشڪ الله چاهي ٿو ته انهن شين جي وسيلي کين عذاب ۾ مبتلا ڪري دنيا جي حياتي ۾ ئي ۽ جي اهي جان به ڏين ته حق جي انڪار واري حالت ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) سندن مالن ۽ اولاد کي ڏسي تعجب نه ڪر. بيشڪ الله تعالى چاهي ٿو ته دنيا جي حياتيءَ ۾ انهن ئي شين جي ذريعي کين عذاب ۾ مبتلا ڪري ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي کين موت اچي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) سو توهان کي نه (ته) انهن جا مال حيرت ۾ وجهن ۽ نه ئي انهن جو اولاد. بس الله ته اِهو ٿو چاهي ته انهن کي انهن ئي (شين) جي ڪري دنيا جي زندگي ۾ عذاب ڏئي ۽ انهن جا ساهه ان حال ۾ نڪرن جو اُهي ڪافر هجن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ٻُڌو! منافقن جو مال ملڪيت ۽ اولاد توهان کي عجب ۾ نه وجهي. الله، سندن مال ۽ (سندن ئي) اولاد جي ذريعي کين دنيوي زندگيءَ ۾ ئي عذاب ڏيڻ چاهيو آهي (جو منافقت ۽ بخيليءَ جي ڪري مال جي ڳڻتي انهن جي مٿي جو سور بڻيل آهي ۽ پنهنجي اولاد کي پاڻ کان بيزار ۽ اسلام تي ثابت قدم ڏسي رات ڏينهن پڄري رهيا آهن) ۽ (باقي رهيو آخرت جو معاملو- ته) سندن ساهه ان حالت ۾ نڪرندا جو هو ڪافر هوندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَيَحلِفونَ بِاللَّهِ إِنَّهُم لَمِنكُم وَما هُم مِنكُم وَلٰكِنَّهُم قَومٌ يَفرَقونَ (آيت : 56) |
۽ الله جو قسم کڻندا آھن ته اُھي اوھان منجھان آھن، ۽ (حقيقت ڪري) اُھي اوھان منجھان نه آھن پر اُھا ڊڄڻي قوم آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو اهي منافق) الله جا قسم کڻي کڻي (اوهان کي) يقين ٿا ڏيارين ته هو توهان مان ئي آهن (يعني اوهان وانگُر ايمان وارا آهن) حالانڪ هو اوهان مان ناهن، بلڪ هڪ اهڙي ٽولي آهن جيڪي ڊپ ۽ هراس ۾ آهن (ته متان اسان جي منافقي ظاهر ٿي پوي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله جا قسم کڻن ٿا ته بيشڪ اهي (ڪافر) توهان (مسلمانن) مان آهن، حالانڪ اهي توهان مان ناهن پر اُهي بُزدل ماڻهو آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) اهي ته خدا جا قسم کڻندا ته بيشڪ اهي اوهان مان ئي آهن. هوڏانهن اهي اوهان مان نه آهن، پر اهي آهن ڊڄڻا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم ٿا کڻن الله جو ته بيشڪ اهي البته اوهان مان آهن حالانڪه ناهن اهي اوهان مان پر اهي قوم آهن جو ٿا ڊڄن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جا قسم کڻن ٿا ته بيشڪ اهي اوهان مان آهن هوڏانهن اهي اوهان مان نه آهن پر اهي اهڙي قوم آهن جي (اوهان کان) ڊڄن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي الله جا قسم کڻن ٿا ته اُهي اوهان مان آهن. حالانڪه اُهي اوهان مان نه آهن ۽ پر اُهي اهڙي قوم آهن جيڪي (اوهان کان) ڊڄن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کَڻندا قسم خداجا، ته اِهي مَنجھان اوهان مجبور، ۽ اوهان منجھان نه مُور، اِي وَڳ سو، وَڳر ٽوڙِين سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله جا قسم ٿا کڻن ته پڪ اوهان منجهان آهن پر حقيقت ۾ هو اوهان مان نه آهن. مگر هو ڊڄڻا ماڻهو آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو الله جا قسم کڻي چون ٿا ته اسان توهان مان آهيون، حالانڪه هو هرگز توهان مان ناهن. دراصل هو توهان کان ڊڄن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي قسم کڻي خدا جو چون ٿا ته اسان توهان مان آهيون، پر اهي هرگز توهان مان نه آهن ۽ اصل ۾ اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي توهان کان ڊنل آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هي (منافق) قسم کڻي چوندا آهن ته اسان ته توهان منجهان ئي آهيون پر هو توهان منجهان نه آهن هي ته ڊڄڻا ماڻهو آهن (جيڪي توهان کان ڊڄن ٿا). (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ هو (ايتري قدر بزدل آهن جو) الله جا قسم کڻن ٿا ته اُهي توهان مان ئي آهن حالانڪه اُهي توهان مان ناهن پر اُهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (پنهنجي منافقت جي ظاهر ٿيڻ ۽ ان جي انجام کان) ڊڄن ٿا (ان لاءِ اُهي تقيي جي صورت ۾ پنهنجو مسلمان هجڻ ظاهر ڪن ٿا).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (منافق) الله جا قسم کڻي (توهان کي) يقين ٿا ڏيارين ته هو توهان منجهان ئي آهن حالانڪه هو توهان منجهان ناهن-بلڪه هڪ وکريل ٽولو آهن.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لَو يَجِدونَ مَلجَـًٔا أَو مَغٰرٰتٍ أَو مُدَّخَلًا لَوَلَّوا إِلَيهِ وَهُم يَجمَحونَ (آيت : 57) |
جي ڪا پناھ جي جاءِ يا ڪي چُرون يا ڪو گھڙڻ جو ھنڌ لھن ھا ته اُن ڏانھن اُھي ڊوڙندا ئي ڦِرن ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (هنن جي دلين جي خوف ۽ نفرت جو حال هي آهي جو) جيڪڏهن هنن کي پناهه جي ڪا جاءِ ملي وڃي يا ڪا غار ملين يا ڪو لڪي ويهڻ جو سوراخ ملين ته هو هڪدم اوڏاهين رخ رکندا ڄڻ ته رسو ڇنائي ڀڄي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪڏهن انهن کي پناه جي جاءِ، يا ڪو غار، يا لِڪڻ جي جاءِ ملين ته اوڏانهن ڀڄڻ ۾ اهي دير ئي نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو جيڪڏهن اهي پناھ جي جاءِ يا ڪي غار (پاڻ کي لڪائڻ لاءِ) ڪو گهڙڻ جو هنڌ لهن ها ته رسيون ٽوڙائي ڀڄن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن لهن ها پناه جي جاءِ يا غار يا داخل ٿيڻ جي جاءِ ته البته پٺي ڏئي ڀڄن ها ان ڏانهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اهي پناهه جي جاءِ يا ڪي غار يا (پاڻ کي لڪائڻ لاءِ) ڪو گهڙڻ جو هنڌ لهن ها ته تکو تکو هلندي ئي ان ڏي ڦرن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جي ڪا پناهه جي جاءِ يا ڪو غار يا ڪو گِـــهڙَڻَ جو هنڌ لهن ها ته ان ڏانهن تڪڙا ڀڄندا وڃن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوند، هَنڌ پناه جو، لَهن چُر، ياگُر، ته داخل ٿِينس ڌُر، اُهي لوڌيندا لَوند کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن انهن کي ڪا پناهه جي جاءِ يا غار يا پيهي وڃڻ جي جاءِ ملي وڃي ها ته هو ان ڏي تکا ڊوڙي هليا وڃن ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن هو ڪا پناهه وٺڻ جي جاءِ يا ڪا چــُـرَ يا لڪي ويهڻ جو ڪو هنڌ لهن ته ڀڄي وڃي ان ۾ لڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اهي ڪا پناهه جي جاءِ ڏسن يا ڪا چُر يا ڪا ويهڻ جي جاءِ، ته ڀڄي وڃي ان ۾ لڪي ويهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن کين ڪا پناهه ملي وڃي يا ڪو غار يا ٻي ڪا اندر گهڙي وڃڻ جي جاءِ ملي وڃين ها ته هو کڙين تي زور ڏيئي اوڏانهن ڀڄي لڪي وڃن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (سندن ڪيفيت اها آهي جو) جيڪڏهن اُهي ڪا پناهگاهه يا غار يا سرنگ لهن ته انتهائي تيزي سان ڀڄندي ان ڏانهن موٽي وڃن (۽ توهان سان گڏ هڪ گهڙي به نه رهن مگر هن وقت اُهي مجبور آهن ان ڪري ڪوڙي وفاداري ڄاڻائڻ ٿا).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (انهن جي دلين ۾ موجود دهشت ۽ نفرت جي اها حالت آهي جو) کين جيڪڏهن ڪا پناهه گاهه ملي پوي يا ڪا غار يا ڪائي به لڪي وڃڻ جي چُر، ته اهي امالڪ اوڏانهن ڊيهه ڪن ۽ سندن حالت اها هجي جهڙوڪر رسا ڇنائي ڀڄي رهيا هجن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِنهُم مَن يَلمِزُكَ فِى الصَّدَقٰتِ فَإِن أُعطوا مِنها رَضوا وَإِن لَم يُعطَوا مِنها إِذا هُم يَسخَطونَ (آيت : 58) |
۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي صدقن (جي وراھڻ) ۾ طعنو ھڻندا آھن، پوءِ جيڪڏھن منجھانئس ڏجين ته سَرھا ٿيندا آھن ۽ جيڪڏھن منجھانئس نه ڏجين ته انھي ئي مھل ڪاوڙبا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جي زڪوات جو مال ۽ صدقا ورهائڻ ۾ توتي (پاسخاطريءَ جي) تهمت لڳائين ٿا، پوءِ هنن جي حالت ته هيءَ آهي جو جيڪڏهن کين ان مان ڏنو وڃي ٿو ته خوش ٿا ٿين ۽ جيڪڏهن ان مان کين نٿو ڏنو وڃي ته بس هڪدم (ڪاوڙ ۾) بگڙي ٿا پون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي توهان تي مالِ غنيمت جي تقسيم ۾ الزام هڻن ٿا، پوءِ جيڪڏهن کين مالِ غنيمت ڏجي ٿو ته راضي ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن نٿو ڏنو وڃي ته ان وقت اهي (توهان کان) ناراض ٿين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) انهن مان ڪي ته اهڙا به آهن جو تو کي خيرات جي (ورهائڻ) ۾ (بي واجبي) الزام ڏين ٿا پوءِ جيڪڏهن کين ڪجھ (چڱو حصو) مليو ته خوش ٿين ٿا، پر جيڪڏهن (سندن مرضي موجب) ان مان نٿو ملي ته پوءِ يڪدم بگڙن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حالانڪه اهي زوري ڪري ٿا ڀڄن ۽ انهن مان اهي به آهن جو طعنو هڻن ٿا توکي صدقن (جي باري) ۾ پوءِ جيڪڏهن ڏنا ويا ان مان ته راضي ٿيا جيڪڏهن نه ڏنا ويا ان مان ته ان وقت اهي ڪاوڙ ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جي خيرات (ورهائڻ) ۾ تنهنجو عيب ڪڍن ٿا، پوءِ جيڪڏهن انهن کي ان مان ڪجهه ملي ٿوته راضي ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن کين ان مان نه ٿو ملي ته ان ئي وقت اهي ڪاوڙجن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي صدقن (جي ورهاست ۾) تو تي طعنه زني ڪن ٿا، پوءِ جي انهن کي ان مان ڪجهه ڏنو وڃي ته راضي ٿي ويندا ۽ جي ڪجهه نه ڏنا وڃن ته ان وقت ئي ڪاوڙجي وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي ٽوڪينِ توکي، تن مَنجھان، صدقن منجھ سُڌير!، جي مِلينِ مال تِنهن مَنجهان، ٿِيا سَرها مَنجھ سَرِير، ۽ جي مِلينِ، تِنهن مان مير!، ته اِجھو ڪن پِيا آڪڙون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان ڪي زڪوات (وراهڻ) بابت توتي طعنا هڻن ٿا، جو جيڪڏهن انهن کي ان مان ڏجي، ته هو خوش ٿين ۽ پر جي نه ملين، ته هو ناراض ٿين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي، انهن مان ڪي ماڻهو صدقن جي ورهاست جي باري ۾ توتي اعتراض ڪن ٿا. جيڪڏهن انهيءَ مال مان ڪجهه ملين ٿو ته راضي ٿي پون ٿا ۽ نٿو ملين ته وٺي ٿا ڪاوڙ ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ۽ انهن مان ڪي ماڻهو توتي اعتراض ڪن ٿا صدقن جي ورهائڻ ۾، جي کين ان مال مان ڪجهه ڏنو وڃي ته خوش ٿين ۽ جي نه ڏنو وڃي ته اهي ڪاوڙجڻ ٿا لڳن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي تنھنجي خيرات ورهائڻ تي اعتراض ڪن ٿا. پر جيڪڏهن ان مال مان کين ڏنو وڃي ته خوش، جي نه ملين ته فوراً ڪاوڙجي ويندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن مان ئي ڪجهه اهڙا آهن جيڪي صدقن (جي ورهاست) ۾ توهان تي اعتراض ڪن ٿا، پوءِ جيڪڏهن انهن کي انهن (صدقن) مان ڪجهه ڏنو وڃي ته اُهي راضي ٿي وڃن ۽ جيڪڏهن کين ان مان ڪجهه نه ڏنو وڃي ته اُهي هڪدم ناراض ٿي ويندا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ منجهانئن ڪجهه اهڙا آهن جيڪي زڪواة جو مال ونڊڻ ۾ توتي الزام هڻي رهيا آهن (ته تون ماڻهن جي پاسداري ٿو ڪرين!) وري سندن حالت اها آهي جو، کين ڪجهه ملي پوي ته خوش ٿيو پون، کين نه ملي ته امالڪ مڇرجيو پون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو أَنَّهُم رَضوا ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ سَيُؤتينَا اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَرَسولُهُ إِنّا إِلَى اللَّهِ رٰغِبونَ (آيت : 59) |
۽ الله ۽ سندس پيغمبر جيڪي کين ڏنو آھي تنھن تي جيڪڏھن راضي ٿين ھا ۽ چون ھا ته اسان کي الله ڪافي آھي اسان کي الله پنھنجي فضل سان ڏيندو ۽ سندس پيغمبر (به ڏيندو) اسين الله ڏانھن اميدوار آھيون (ته اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا).(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها) جيڪڏهن هيئن ٿئي ها جو جيڪي الله ۽ سندس رسول کين ڏنو، تنهن تي راضي رهن ها ۽ چون ها ته الله تعاليٰ اسان جي لاءِ ڪافي (رزاق) آهي. الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان اسان کي (گهڻوئي) عطا فرمائيندو ۽ سندس رسول به (ڏيڻ ۾ گهٽتائي ڪانه ڪندو) اسانجي لاءِ الله ئي مقصود آهي (۽ هن ۾ ئي اميدون رکي ڏانهنس متوجهه ٿيون ٿا).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي راضي ٿين ها جيڪو الله ۽ الله جي رسول انهن کي عطا ڪيو، ۽ ايئن چون ها ته الله اسان لاءِ ڪافي آهي، جلدي اسان کي الله ۽ الله جو رسول پنهنجي فضل سان عطا ڪندو، بيشڪ اسان الله سان محبت رکندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي به خدا ۽ سندس رسول کين عطا فرمايو هو، جيڪڏهن اهي ان تي خوش ٿين ها ۽ چون ها ته اسان جي لاءِ خدا ڪافي آهي (هينئر نه سهي ته) جلد ئي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ۽ سندس رسول اسان کي ضرور ڏيندو. اسين ته بيشڪ خدا سان لنئو لڳايون ويٺا آهيون. (ڪهڙو نه چڱو ٿين ها!)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي راضي ٿين ها ان کان جو ڏنو انهن کي الله ۽ ان جي رسول ۽ چون ها ته ڪافي آهي اسان جي لاءِ الله جلد ڏيندو اسان کي فضل پنهنجي مان ۽ ان جو رسول بيشڪ اسين الله ڏانهن رغبت رکندڙ آهيون.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن الله ۽ سندس رسول جيڪي کين ڏنو آهي تنهن تي جيڪڏهن راضي ٿين ها ۽ چون ها ته الله اسان کي ڪافي آهي الله اسان کي پنهنجي فضل مان ڏيندو ۽ سندس رسول (به ڏيندو) اسين الله ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون (ته انهن لاءِ چڱو هجي ها) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو جي ان تي راضي ٿي وڃن ها! جيڪو انهن کي الله ۽ ان جي رسول ڏنو هيو ۽ چون ها ته اسان کي الله ڪافي آهي جلد اسان کي الله ۽ ان جو رسول پنهنجي فضل سان ڏيندو. بيشڪ اسان الله ڏانهن اميد رکڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوند رِيڌا اُن مٿي، جو ڏِننِ مُناسب مال، ربَّ ۽ رسول اُنهن جي، پوءِ چيائون اِهڙِي چال، ته الله بس اسان کي، ڏيندو سون جَلَّ جَلال، پڻ پيغمبر اُن جو، سندسِ ڀال مان بحال، اسين اُميدنِ نال، رُجوع ٿِيَڻاربَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جيڪڏهن اُهي ان تي راضي ٿين ها، جيڪي الله ۽ سندس رسول کين ڏنو ۽ چون ها ته ”اسان کي الله ڪافي آهي جلد ئي الله ۽ سندن رسول پنهنجي فضل سان اسان کي ڏيندا- بيشڪ اسين الله ڏانهن ئي رغبت رکون ٿا.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو الله ۽ سندس رسول جيڪي کين ڏنو هو، انهيءَ تي ئي راضي ٿي ويهن ها ۽ چون ها ته، "الله اسان لاءِ ڪافي آهي، هو پنهنجي فضل مان اسانکي ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏيندو ۽ سندس رسول به اسانتي مهرباني ڪندو، اسان ته الله ڏانهن ئي اميد لڳايو ويٺا آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو اهي راضي رهن ها ان تي جيڪي الله ۽ سندس رسول کين ڏنو آهي ۽ چون ها ته الله ئي اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو الله پنهنجي فضل مان اسان کي ٻيو به ڏيندو ۽ سندس رسول به مهربان ٿيندو، اسان جون نگاهون ته الله ڏانهن ئي آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن لاءِ اهو ئي بھتر هو ته کين جيڪو ڪجهه الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) ڏنو هو ان تي راضي رهن ها ۽ چون ها ته اسان جي لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي. الله تعالى پنھنجي فضل مان اسان کي (گهڻو ڪجهه) ڏيندو ۽ سندس رسول (ﷺ) به اسان کي عنايت ڪندو. بيشڪ اسان جي اميد ته الله تعالى ۾ئي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ڪهڙو نه ڀلو هجي ها جيڪڏهن اُهي ماڻهو ان تي راضي ٿين ها جيڪو انهن کي الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) عطا فرمايو هو ۽ چون ها ته اسان کي الله ڪافي آهي. عنقريب اسان کي الله پنهنجي فضل سان ۽ ان جو رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم وڌيڪ) عطا فرمائيندو. بيشڪ اسان الله جي ئي طرف راغب آهيون (۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ان جو ئي واسطو ۽ وسيلو آهي، ان جو ڏيڻ به الله جو ئي ڏيڻ آهي. جيڪڏهن اِهو عقيدو رکن ها ۽ اعتراض نه ڪن ها ته اِهو بهتر هجي ها).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها!) جيڪڏهن الله ۽ سندس رسول جي ڏني تي راضي رهن ها ۽ چون ها ته: اسان جي لاءِ الله ڪافي آهي، الله پنهنجي فضل سان اسان کي (گهڻو ڪجهه) عطا فرمائيندو ۽ ان جو رسول به (سخا ۽ نوازش ۾ گهٽ نه ڪندو ) اسان جي رغبت ته صرف الله سان آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّمَا الصَّدَقٰتُ لِلفُقَراءِ وَالمَسٰكينِ وَالعٰمِلينَ عَلَيها وَالمُؤَلَّفَةِ قُلوبُهُم وَفِى الرِّقابِ وَالغٰرِمينَ وَفى سَبيلِ اللَّهِ وَابنِ السَّبيلِ فَريضَةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 60) |
صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جون دليون (اسلام ڏانھن) ميلاپ ڪرايل آھن (تن لاءِ) ۽ ٻانھن جي آجي ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي واٽ ۾ (جھاد ڪرڻ) ۽ مسافرن لاءِ آھن، (اِھو) الله (جي پار) کان حُڪم ٿيل آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) صدقي جو مال (يعني زڪوات جو مال) فقط فقيرن (نادارن) لاءِ ۽ مسڪينن لاءِ ۽ انهن (ڪامورن) لاءِ جي ان جي وصولي لاءِ مقرر ڪيا وڃن، ۽ انهن لاءِ جن جي دلين ۾ (حق جي ڪلمي جي) الفت (شوق محبت) پيدا ڪرڻي آهي (مثلاً تبليغ ڪرڻ سان). ۽ انهن لاءِ جن جا گَردن (غلاميءَ جي زنجيرن ۾) جڪڙيل آهن (۽ انهن کي آزاد ڪرائڻو آهي) ۽ پڻ قرضدارن جي لاءِ (جي قرض ۾ پورجي ويا هجن ۽ قرض لاهڻ جي طاقت ڪانه اٿن) ۽ الله جي راه ۾ (يعني جهاد لاءِ ۽ انهن سڀني ڪمن لاءِ جي جهاد وانگر حق جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ لاءِ هجن) ۽ مسافرن لاءِ (جي مفلس هجن ۽ گهر پهچي نه سگهن) آهي. اهو الله جي طرف کان ٺهرايل حڪم آهي ۽ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) زڪوات جا حقدار فقير آهن ۽ مسڪين آهن ۽ عاملينِ زڪوات (زڪوات ۾ ڪم ڪندڙ) آهن ۽ اسلام ڏانهن رغبت ڪندڙ آهن ۽ ٻانها آهن ۽ قرضي آهن ۽ مجاهد آهن ۽ مسافر آهن، اِهي (ماڻهو) مقرر ڪيل آهن الله جي طرفان، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اڳياڙي ڪندڙن ۽ جن کي ورهائڻ منظور آهي تن لاءِ ۽ جن جي ڳيچن ۾ ( غلامي جو ڳٽ پيل آهي تن جي) آزاد ڪرائڻ لاءِ ۽ قرضدارن لاءِ (جيڪي پاڻ لاهي نٿا سگهن) ۽ خدا جي راھ ( جهاد) ۾ ۽ مسافرن لاءِ آهن. (اهي حق) خدا جي طرف کان فرض ڪيل آهن. ۽ خدا سڀ ڪجھ ڄاڻيندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان سواءِ ڪجھ به ناهي ته صدقا فقيرن جي لاءِ آهن ۽ مسڪينن جي لاءِ ۽ ان تي ڪم ڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ جو الفت ڏياريل آهن دليون انهن جون آزاد ڪرائڻ ٻانهن جي ۾ ۽ قرضين لاءِ ۽ الله جي واٽ ۾ ۽ مسافر لاءِ مقرر آهي الله وٽان ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) صدقا رڳو فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اڳاڙي ڪندڙن ۽ جن جي دل پرچائڻ منظور آهي. تن (لاءِ) ۽ گردنن جي آزاد ڪرائڻ ۾ ۽ قرضدارن (لاءِ) ۽ الله جي رستي ۾ (جنگ ڪرڻ لاءِ) ۽ مسافرن لاءِ آهن. (هيءُ حڪم) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي. ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ صدقا فقط فقيرن ۽ مسڪينن ۽ ان جي اُڳاڙي ڪرڻ وارن (عاملن) ۽ جن جي دلين ۾ اسلام جي الفت پيدا ڪرڻي آهي ۽ ٻانهن کي آزاد ڪرڻ ۽ قرضين ۽ الله جي راهه ۾ ۽ مسافرن لاءِ آهن. هي الله پاران فرض آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صدقا، ته سُڃن، ۽ جَڏن، پڻ تِنهن تي تپيدار، پڻ دِليون واريل دِين ڏي، پڻ ٻانهن لئي ٻيهار، ۽ قرضين، ۽ ربَّ جي راه ۾، پڻ آيل کي آڌار، فَرض مُقرّر مال ۾، پاران پالڻهار، صاحب سمجھدار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زڪوات ته رڳو هنن لاءِ آهي: فقير، محتاج، اها وصول ڪندڙ ڪامورا، اهي شخص جن جي دل وٺڻي آهي، ٻانها آزاد ڪرائڻ، قرض دارن جو قرض، الله جي راهه ۾ مسافر- اهو حڪم الله جي طرف کان مقرر آهي ۽ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي صدقا ته اصل ۾ غريبن ۽ ضرورتمندن لاءِ آهن ۽ انهن لاءِ جيڪي زڪوات جي ڪم تي لڳايل آهن ۽ انهن لاءِ به جن جون دليون وٺڻيون هجن ۽ (غلاميءَ کان) ڪنڌ آزاد ڪرائڻ لاءِ ۽ قرضدارن جي مدد ڪرڻ لاءِ ۽ الله جي واٽ ۾ ۽ مسافرن جي پرگهور لاءِ، اهو فرض ٿيل آهي الله جي طرفان ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي صدقا ته اصل ۾ فقيرن ۽ مسڪينن لاءِ آهن ۽ انهن لاءِ جيڪي انهيءَ ڪم تي مقرر آهن ۽ انهن لاءِ جن جون دليون موهڻ مطلوب هجن، پڻ اهي ڳچيون (ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ) ۽ قرضدارن جي مدد لاءِ ۽ الله جي راهه ۾ ۽ مسافر نوازي ۾ ڪم آڻڻ لاءِ، هي هڪ فرض آهي الله جي طرفان، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ دانا بينا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ صدقا (يعني زڪوات) غريبن، مسڪينن، ان جي وصولي ڪندڙ ملازمن، تاليف قلب (يعني غير مسلم جن جي دلين کي اسلام ڏانھن مائل ڪرڻو هجي)، غلامن (يعني قيدين) کي آزاد ڪرائڻ، قرضدارن، الله تعالى جي راهه ۾ هلندڙ ماڻهن ۽ مسافرن جو ئي حق آهي. هي حڪم الله تعالى جي طرف کان فرض آهي. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ صدقو (زڪواة) صرف غريبن ۽ محتاجن ۽ ان جي وصولي تي مقرر ڪيل ڪارڪنن ۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ آهي، جن جي دلين ۾ اسلام جي محبت پيدا ڪرڻ مقصود هجي ۽ (وڌيڪ اهو ته) انساني ڳچين کي (غلامي جي زندگيءَ مان) آزاد ڪرائڻ ۾ ۽ قرضدارن جي بار لاهڻ ۾ ۽ الله جي واٽ ۾ ۽ مسافرن تي (زڪواة جو خرچ ڪيو وڃڻ حق آهي). اهو (سڀ) الله جي پاران فرض ڪيو ويو آهي ۽ الله خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) صدقي جو مال (يعني زڪواة جو مال) ته صرف فقيرن جي لاءِ ۽ مسڪينن جي لاءِ آهي ۽ انهن جي لاءِ- جيڪي ان جي اُڳاڙيءَ جي ڪم تي مقرر ٿيل هجن ۽ جن جي دلين ۾ (حق جي ) الفت پيدا ڪرڻي آهي ۽اهي جن جا ڪنڌ (غلاميءَ جي زنجيرن ۾) جڪڙيل آهن (۽ کين آزاد ڪرائڻو آهي)، پڻ قرضين جي لاءِ (جيڪي قرض ۾ ورتل هجن ۽ قرض ادا ڪرڻ جي سگهه نه رکندا هجن) ۽ الله جي راهه ۾ (يعني جهاد جي لاءِ يعني انهن مڙني ڪمن جي لاءِ جيڪي حق جي بالادستيءَ واسطي هجن) ۽ مسافرن جي لاءِ (جيڪي پنهنجي ماڳ نه پهچي سگهندا هجن ۽ مفلسيءَ جي حالت ۾ هجن). اها الله جي طرفان طئه ٿيل ڳالهه آهي ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ- (پنهنجن سمورن حڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِنهُمُ الَّذينَ يُؤذونَ النَّبِىَّ وَيَقولونَ هُوَ أُذُنٌ قُل أُذُنُ خَيرٍ لَكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَيُؤمِنُ لِلمُؤمِنينَ وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ يُؤذونَ رَسولَ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 61) |
۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته پر ٻڌڙيو آھي، چؤ ته اوھان لاءِ پر ٻڌڙيو ڀلو آھي الله کي مڃيندو آھي ۽ مؤمنن (جي صلاح) کي (به) مڃيندو آھي ۽ اوھان مان ايمان وارن لاءِ ٻاجھارو آھي، ۽ جيڪي الله جي پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (منافقن) ۾ آهي ماڻهو به آهن (جي الله جي) نبي سڳوري کي (پنهنجي بد الفاظن سان) تڪليف ڏيڻ چاهين ٿا ۽ چون ٿا ته هي شخص (يعني رسول الله) ته گهڻو ٿو ٻڌي ۽ سڀ ڳالهه تي ڪن ٿو ڏئي. (يعني جيڪو به ماڻهو ڪا ڳالهه کيس چوي ٿو سا مڃي ٿو. اي پيغمبر! تون چئو ته، بيشڪ مان گهڻي ٻڌڻ وارو آهيان، پر توهان جي ئي بهتري لاءِ (گهڻو ڪن ٿو ڏيان، ڇو ته مان حق کان سواءِ ڪابه ڳالهه قبول نٿو ڪريان). هو (يعني خدا جو رسول) الله تي يقين ٿو رکي ۽ سچن مؤمنن جي ڳالهه تي اعتبار ٿو ڪري ۽ هو انهن ماڻهن لاءِ سراسر رحمت آهي جن اوهان مان ايمان آندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذاءُ پهچاڻ چاهين ٿا تن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار رکيل) آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذائن ٿا ۽ چون ٿا ته رسولِ عربي هر ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو، توهان فرمايو ڳالهه تسليم ڪرڻ توهان لاءِ بهتر آهي، رسولِ عربي الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ صحابهِ ڪرام تي ڀروسو ڪري ٿو ۽ پاڻ ڪريم توهان مان مؤمنن لاءِ رحمت آهن، ۽ جيڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذائن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪي انهن مان اهڙا آهن جي (اسان جي) رسول کي ايذائن ٿا ۽ چون ٿا ته هي ڪن (هي ڪن) آهن (کين) چئو ته اهي ڪن اوهان جي ڀلي ٻڌڻ لاءِ آهن جي خدا تي ايمان رکن ٿا ۽ مومنن جي ڳالھ تي يقين رکي ٿو ۽ اوهان مان جن ماڻهن ايمان آندو آهي انهن لاءِ رحمت ۽ جيڪي خدا جي رسول کي ستائن ٿا. تن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان اهي به آهن جو ايذائين ٿا نبي کي ۽ چون ٿا ته اهو ڪَن (جو ڪچو) آهي فرماءِ ته ڪن ڀلائي جو آهي اوهان جي لاءِ ايمان ٿو رکي الله تي ۽ اعتبار ٿو ڪري مؤمنن تي ۽ رحمت آهي انهن لاءِ جو ايمان آندائون اوهان مان ۽ اهي جو ايذائين ٿا الله جي رسول کي انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪي انهن مان اهڙا آهن جي نبيءَ کي ايذائين ٿا ۽ چون ٿا ته هي پرمتڙيو آهي. (کين) چئو ته پرمتڙيو اوهان جي ڀلي لاءِ (ٿيو) آهي، الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ ايمان وارن جي ڳالهه تي يقين ڪري ٿو ۽ اوهان مان ايمان وارن لاءِ رحمت آهي. ۽ جيڪي الله جي رسول کي ايذائين ٿا تن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (منافقن) مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي نبي کي ايذاءُ پهچائن ٿا ۽ چون ٿا ”اُهو ڪنن جو ڪچو آهي“. چؤ :” اهو اوهان جي ڀلائي لاءِ هر ڀلائي جي ڳالهه ٻڌڻ وارو آهي. اُهو الله تي ايمان رکي ٿو ۽ مؤمنن جي ڳالهه تي يقين رکي ٿو ۽ اوهان مان ايمان وارن لاءِ رحمت آهي.۽ جيڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذائن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي رنجاڻِين رَسُول کي، ۽ ٻولِينِ ٻُڌُو ٻيهار، ٻول، ته ٻُڌو اوهان لئي، اُو مُرڳو ئـِي موچار، جو مڃي ربُّ مُختار، پڻ مَڃي عُذر مَڃيندڙين. ۽ رحمت اوهان مان، اُنهن لئي، جن آندو اِعتبار، ۽ جي ايذائـِين الله جو، مُرسل مَڻيان دار، تِنين لئي تڪرار، سُورن ڀَريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان ڪي اهي به آهن، جي نبيءَ کي ايذاءُ ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته ”هو رڳو ٻڌندڙ آهي“ چئو ته ڪن ڏئي ٻڌندڙ ته اوهان لاءِ چڱو آهي، جو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ مومنن تي يقين رکي ٿو ۽ اوهان مان ايمان آڻيندڙن تي مهربان آهي- ۽ جيڪي الله جي رسول کي ايذاءُ ڏين ٿا، انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان ڪي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي ڳالهين سان نبيءَ کي ايذائن ٿا ۽ چون ٿا ته هو ڪَنن جو ڪچو آهي. چوين ته، "هو توهانجي ڀلائيءَ لاءِ آهي، الله تي ايمان اٿس ۽ مؤمنن تي ويساه، هو ته سراسر رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جن توهان مان ايمان آندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو رسول کي ڏکوئن ٿا، انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪي انهن مان اهڙا به آهن جيڪي ڏکوئن ٿا نبيءَ کي (ڳالهين سان) ۽ چون ٿا ته هي شخص ڪنن جو ڪچو آهي. چؤ! اهو توهان جي ڀلائي لاءِ ائين آهي ايمان رکي ٿو الله تي ۽ ڀروسو ڪري ٿو ايماندارن تي، ۽ سراسر رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايماندار آهن توهان مان، ۽ جيڪي ماڻهو ايذائن ٿا رسول الله کي، انهن جي لاءِ دردناڪ سزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن (منافقن) مان ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي (پنھنجي ڳالهين جي ذريعي) نبي (ﷺ) کي تڪليف ڏين ٿا ۽ چون ٿا ته هو ته ٻين جي مشورن تي هلي ٿو، توهان چؤ ته توهان جي لاءِ ٻين جي مشورن تي هلڻ وارو ئي بهتر آهي، هو الله تعالى تي ايمان رکي ٿو، مؤمنن جي ڳالهه تي يقين ڪري ٿو ۽ توهان مان جيڪي ايمان وارا آهن انهن جي لاءِ سراسر رحمت بڻيل آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رسول (ﷺ) کي تڪليف ڏين ٿا تن لاءِ تڪليف وارو ئي عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن (منافقن) مان اُهي ماڻهو به آهن جيڪي نبي (مڪرم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي ايذاءَ پهچائن ٿا ۽ چون ٿا اُهي ته ڪنن (جا ڪچا) آهن. فرمايو: توهان جي لاءِ ڀلائي جا ڪن آهن اُهي الله تي ايمان رکن ٿا ۽ اهل ايمان (جي ڳالهين) تي يقين ڪن ٿا ۽ توهان مان جن ايمان آندو آهي انهن جي لاءِ رحمت آهن، ۽ جيڪي ماڻهو رسول الله(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي (پنهنجي بدعقيدگي، بدگماني ۽ بدزباني جي ذريعي) اذيت پهچائن ٿا انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن (منافقن) ۾ (اُهي به ماڻهو) آهن جيڪي الله جي نبيءَ کي (به پنهنجي ٻاڙن ٻولن سان) ايذائين ٿا ۽ چون ٿا: هي ماڻهو ته گهڻو ٻڌندڙ آهي (يعني ڪنن جوڪچو آهي- جنهن جيڪا ڳالهه ڪئي، سامڃي ورتائين، اي پيغمبر!) تون چئه: بلڪل، هو گهڻو ٻڌندڙ آهي پر توهانجي بهتريءَ لاءِ (ڇاڪاڻ جو هو، حق جي ڳالهه کانسواءِ ڪائي ڳالهه قبول نه ڪندو آهي) هو الله تي يقين رکندو آهي ۽ هو (سچن) مؤمنن جي ڳالهه تي به يقين رکي ٿو (جن جي سچائي هر قسم جي امتحانن ۾ کري ثابت ٿي چڪي آهي) ۽ هو مؤمنن جي لاءِ رحمت آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذائين ٿا ته انهن کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته انهن جي لاءِ درد ڀريو عذاب آهي!(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم لِيُرضوكُم وَاللَّهُ وَرَسولُهُ أَحَقُّ أَن يُرضوهُ إِن كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 62) |
اوھان لاءِ الله جو قسم کڻندا آھن ته اوھان کي راضي ڪن، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھن ته الله ۽ سندس پيغمبر وڌيڪ حقدار آھن جو اُن کي راضي ڪن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو) اهي (منافق) اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻن ٿا، انهيءَ لاءِ ته اوهان کي خوش ڪري وٺن، حالانڪ جيڪڏهن هو سچا مؤمن هجن ها ته (سمجهن ها ته) الله ۽ سندس رسول هن ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهن ته هن کي (پنهنجي ايمان ۽ عملن سان) راضي رکن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي (منافق) الله جا قسم کڻي توهان کي راضي ڪن ٿا، ۽ الله ۽ الله جو رسول وڌيڪ حقدار آهي جو ان کي راضي ڪن جيڪڏهن اهي مؤمن آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانوٰ) اهي اوهان جي اڳي الله جا قسم کڻن ٿا ته (جيئن) اوهان کي راضي ڪن حالانڪه جڏهن سچا ايماندار آهن ته الله ۽ ان جو رسول وڌيڪ حقدار آهن جو انهن کي راضي ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم کڻن ٿا الله جو اوهان جي لاءِ تانته راضي ڪن اوهان کي ۽ الله ۽ ان جو رسول وڌيڪ حقدار آهن هن ڳالھ جا ته راضي ڪن ان کي جيڪڏهن آهن مؤمن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اهي اوهان جي اڳيان) الله جا قسم کڻن ٿا ته اوهان کي راضي ڪن، هوڏانهن الله ۽ سندس رسول زياده حقدار آهن جو انهن کي راضي ڪن جيڪڏهن اهي ايمان وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي اوهان جي سامهون الله جا قسم کڻن ٿا ته جيئن اوهان کي راضي ڪن. حالانڪه الله ۽ ان جو رسول وڌيڪ حقدار آهي جو ان کي راضي ڪن جيڪڏهن ايمان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کڻن قسم خداجا، ته خوش اوهان کي ڪن، ۽ ربَّ ۽ سَندنِ رسول جو، ويتر حق مَٿن، ته راضِي تِنهن رکن، آهن، جي ايمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اوهان وٽ قسم ٿا کڻن ته اوهان کي راضي ڪن، پر جي هو مومن آهن ته الله ۽ سندس رسول کي راضي ڪرڻ ان کان وڌيڪ اٿن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو توهانجي سامهون قسم ٿا کڻن ته جيئن توهانکي راضي ڪن، حالانڪه جيڪڏهن مؤمن آهن ته الله ۽ سندس رسول ان ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهن ته هو کين راضي ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم کڻن ٿا اهي ماڻهو الله جو توهان جي آڏو جيئن توهان کي خوش ڪن، ته الله ۽ سندس رسول حقدار آهن جو انهن کي خوش ڪرڻ جي ڳڻ ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي توهان کي راضي ڪرڻ لاءِ توهان جي سامھون الله تعالى جا قسم کڻن ٿا حالانڪه الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) ئي وڌيڪ حقدار آهن، جيڪڏهن هي پڪي ايمان وارا آهن ته هو ان کي راضي ڪرڻ جو فڪر ڪن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) مسلمانؤ! (هي منافق) توهان جي سامهون الله جا قسم کڻن ٿا ته جيئن توهان کي خوش رکن حالانڪه الله ۽ ان جو رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) وڌيڪ حقدار آهي ته اُهي ان کي راضي ڪن جيڪڏهن هي ايمان وارا هجن ها (ته اها حقيقت ڄاڻي وٺن ها ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم کي راضي ڪن ها، رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي راضي ٿيڻ سان ئي الله راضي ٿي ويندو آهي ڇوته ٻنهي جي رضا هڪ آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (مسلمانؤ!) اِهي توهان جي سامهون الله جا قَسم کڻن ٿا ته جيئن توهان کي راضي ڪري وٺن، حالانڪه جيڪڏهن اهي واقعي مؤمن هجن ها ته سمجهي ڇڏين ها ته الله ۽ ان جو رسول ان ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهن ته کين (پنهنجي ايمان ۽ عمل سان) راضي رکن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَعلَموا أَنَّهُ مَن يُحادِدِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَأَنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدًا فيها ذٰلِكَ الخِزىُ العَظيمُ (آيت : 63) |
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھ؟ منجھس سدائين رھڻ وارو آھي، اِھا وڏي خواري آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا (اڃا تائين) هنن کي هيءَ ڳالهه به معلوم نه ٿي آهي ته جيڪو به الله ۽ سندس رسول جو مقابلو ٿو ڪري تنهن جي لاءِ دوزخ جي باهه آهي ۽ هميشه ان ۾ سڙندو؟ ۽ اها تمام وڏي ذلت ۽ خواري آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ جيڪو ماڻهو الله ۽ الله جي رسول جي بي فرماني ڪري ٿو پوءِ بيشڪ ان لاءِ باه جهنم جي آهي ان ۾ هميشه رهندو، اهائي وڏي خواري آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا، اهي ماڻهو ايترو به نٿا ڄاڻن ته جنهن شخص خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ته ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي جو ان لاءِ دوزخ جي باھ (تيار ڪيل) آهي جنهن ۾ اهو هميشه (سڙندو ٻرندو) رهندو. اها ئي ته وڏي (۾ وڏي) خواري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڄاتائون ته تحقيق ڳالھ هيئن آهي ته تحقيق جيڪو مخالفت ٿو ڪري الله جي ۽ ان جي رسول جي پوءِ بيشڪ ان لاءِ باھ جھنم جي آهي هميشہ هوندا ان ۾ اها خواري وڏي آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا نه ڄاتائون ته جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪري ٿو تنهن لاءِ دوزخ جي باهه آهي، ان ۾ پيو رهندو. اها وڏي خواري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهي نه ٿا ڄاڻن ته جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم جي باهه آهي ان ۾ هميشه رهندو. اها تمام وڏي خواري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا سَمجھوَن نه هن ڳالھ کي؟ ته جي تِکا ٿِين تڪرار، ربَّ ۽ سندس رسول سان، ته آگ ڪري اُن هار، مَنجھسِ سَڀ ڄمار، جَائـِي اِها جُٺ وِڏِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، خبر نه اٿن، ته جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو، ته ان لاءِ پڪ دوزخ جي باهه آهي جنهن ۾ هميشه رهندو، اها وڏي خواري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا کين ڄاڻ نه آهي ته جيڪو الله ۽ سندس رسول جو مقابلو ڪندو، ان لاءِ جهنم جي باهه آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندو؟ اها تمام وڏي خواري آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن کي خبر نه آهي ته جيڪو مقابلو ڪري ٿو الله ۽ سندس رسول سان، ته بيشڪ ان لاءِ دوزخ جي باهه آهي جنهن ۾ اهو هميشه رهندو، ۽ اها ته خواري آهي تمام وڏي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن کي خبر نه آهي ته جيڪو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان مقابلو ڪندو ته ان جي لاءِ دوزخ جي باهه آهي، جنھن ۾ هو هميشه رهندو، اها هڪ وڏي رسوائي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا اُهي نٿا ڄاڻن ته جيڪو شخص الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي مخالفت ڪري ٿو ته ان جي لاءِ دوزخ جي باهه (مقرر) آهي جنهن ۾ اُهو هميشه رهڻ وارو آهي، اِها تمام وڌيڪ خواري آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا (اڃا تائين) هنن اها ڳالهه (به) نه ڄاتي ته جيڪو الله ۽ ان جي رسول سان سينو ساهي ٿو، ان جي لاءِ دوزخ جي باهه آهي جنهن ۾ هميشه جلندو. اها تمام وڏي رسوائي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَحذَرُ المُنٰفِقونَ أَن تُنَزَّلَ عَلَيهِم سورَةٌ تُنَبِّئُهُم بِما فى قُلوبِهِم قُلِ استَهزِءوا إِنَّ اللَّهَ مُخرِجٌ ما تَحذَرونَ (آيت : 64) |
منافق مسلمانن تي ڪنھن سورة جي لھڻ کان ڊڄن ٿا ته جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو متان مسلمانن کي ڄاڻائي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين پيا ٺـٺولي ڪريو، ڇوته جنھن کان ڊڄندا آھيو سو الله پڌرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) منافق هن ڳالهه کان به ڊڄن ٿا (يعيني مسخريءَ طور چون ٿا ته) شل ائين نه ٿئي جو سندن باري ۾ ڪا سورت نازل ٿئي ۽ جيڪي سندن دلين ۾ (لڪل) آهي سو کين (يعني مسلمانن کي کليءَ طرح) ٻڌائي ڇڏي. (اي پيغمبر!) تون انهن کي چئي ڏي ته اوهان (پنهنجي عادت مطابق) مسخريون ڪندا رهو. يقيناً الله تعاليٰ هاڻي اها ڳالهه ڪڍي ٻاهر ڪرڻ وارو آهي جنهن جو توهان کي انديشو رهي ٿو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) منافق ڊڄن ٿا ته متان انهن لاءِ ڪا سورت نازل ٿئي جيڪا سندن دل جا راز ظاهر ڪري، رسولِ عربي توهان فرمايو ڀلي توهان مذاق ڪريو، بيشڪ الله تعالى انهيءَ کي ظاهر ڪندڙ آهي جنهن کان توهان ڊڄو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) منافق هن کان ڊڄن ٿا ته متان ڪا مسلمانن جي (رسول جي معرفت) ڪا سورت نازل ٿئي جا، جيڪي (منافقن جي) دلين ۾ آهن تنهن جي مسلمانن کي خبر ڏي. (اي رسول!کين) چئو ته ڀلي مسخريون ڪريو. جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا تنهن کي خدا ضرور ظاهر ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڊڄن ٿا منافق هن کان ته لاٿي وڃي انهن تي ڪا سورة جو خبر ڏي انهن کي ان (راز) جي جو دلين انهن جي ۾ آهي فرماءِ ته: مسخريون ڪيو بيشڪ الله ظاهر ڪندڙ آهي ان کي جو ڊڄو ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) منافق ڊڄن ٿا ته متان مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت لاٿي وڃي جا جيڪي سندن دلين ۾ آهي تنهنجي مسلمانن کي خبر (نه) ڏئي. چئو ته ڀلي مسخريون ڪريو. جنهن کان ڊڄو ٿا تنهن کي الله بيشڪ پڌرو ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) منافق کٽڪي ۾ آهن ته متان انهن (مسلمانن) تي ڪا اهڙي سورت نه نازل ڪئي وڃي جيڪا انهن کي خبر نه ڏئي جيڪا انهن (منافقن) جي دلين ۾ آهي. چؤ: ”ڀلي ٺٺوليون ڪيو، بيشڪ الله اُها (ڳالهه) ظاهر ڪرڻ وارو آهي جنهن جو اوهان کي کُٽڪو لڳل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کوٽا رکن خوف اِهو، ته ڪا سُورت تن سِر، وَڃِي اُتاري اُنهن مَٿي، پوءِ کولي ڏينِ خبر، آهن جي اَندر، ڪُوڙ سندنِ قُلُوْب ۾ چئو، هَسو مَر هَرهَر، اَلله جَلَّ جَلالہٗ ٻَهون ڪندو ٻاهر، جنهن جو، ڀَـؤُٿا ڀانئيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منافق ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا، ته مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت نازل نه ٿئي، جا کين سندن دلين جي احوال بابت خبر ڏئي- چئو ته ٺٺوليون ڪري وٺو- بيشڪ الله ان ڪري هر ڳالهه کي پڌرو ڪندو، جنهن جو ڊپ اٿوَ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي منافق ڊڄن ٿا ته متان مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت نه نازل ٿي پوي، جيڪا سندن دلين جا پول پڌرا ڪري ڇڏي، اي نبي چوين ته، "اڃان ڪريو ٺٺوليون، الله ته اها ڳالهه ظاهر ڪرڻ وارو آهي جنهن جي کلي پوڻ جو توهان کي ڊپ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڊڄن ٿا اهي منافق ته ڪٿي نازل نه ٿئي (مسلمانن تي) ڪائي اهڙي سورة جيڪا سندن دلين جا ڀيد نه کولي وجهي، تون چؤ (اي نبي!) اڃا وڌيڪ ٺٺوليون ڪريو، بيشڪ الله ان ڳالهه کي پڌرو ڪندو آهي، جنهن کان ڊڄو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منافق ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت نازل نه ٿي وڃي جنھن سان اسان جي دلين جا راز کين معلوم ٿي وڃن. کين چؤ ته توهان اڃا به ٽوڪون ڪريو. بيشڪ الله تعالى هر ان شيءِ کي ظاهر ڪرڻ وارو آهي جنھن کان توهان ڊڄو ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) منافق ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته مسلمانن تي ڪا اهڙي سورت نازل ڪئي وڃي جيڪا کين انهن ڳالهين کان خبردار ڪري جيڪي انهن (منافقن) جي دلين ۾ (لڪل) آهن. فرمايو: توهان ٺٺوليون ڪندا رهو، بيشڪ الله اُها (ڳالهه) ظاهر فرمائڻ وارو آهي جنهن کان توهان ڊڄو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) منافق ان ڳالهه کان (به) ڊڄن ٿا ته ڪٿي انهن بابت ڪا سورة نه نازل ٿي پوي ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي دلين ۾ (لڪل آهي) متان الله کين (کليل لفطن ۾) ٻڌائي ڇڏي. (تنهنڪري اي پيغمبر!) تون کين چئه: توهين (پنهنجي عادت جي مطابق) چٿرون ڪندا رهو، جنهن ڳالهه جو توهان کي کٽڪو ر هندو آهي يقيناَ الله، هاڻي اها ڳالهه (ڳُجهه مان) ڪڍي ظاهر ڪرڻ وارو آهي.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم لَيَقولُنَّ إِنَّما كُنّا نَخوضُ وَنَلعَبُ قُل أَبِاللَّهِ وَءايٰتِهِ وَرَسولِهِ كُنتُم تَستَهزِءونَ (آيت : 65) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن کائن پڇين ته ضرور چوندا ته بيشڪ کِل ۽ راند ٿي ڪئي سون، (کين) چؤ ته الله ۽ سندس آيتن ۽ سندس پيغمبر سان مسخري ڪيوَ ٿي ڇا؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇين ته (اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟ ته) هو ضرور جواب ۾ چوندا ته اسان ته هونئن ئي مزي طور هڪڙي ڳالهه ڪري ۽ فقط کل چرچو ٿي ڪيو. تون (کين) چئو ته، ڇا توهان الله سان سندس آيتن سان ۽ سندس رسول سان کل چرچو ٿا ڪيو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندا ته اهي ضرور چوندا، اسين فقط مذاق ۾ چئون ٿا، رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا توهان الله ۽ الله جي قرآن ۽ الله جي رسول سان مذاق ڪريو ٿا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته ضرور چوندا ته اسان خوش طبعي ۽ مذاق ٿي ڪئي. تون چوين ته ڇا اوهان الله ۽ سندس آيتن ۽ رسول تي ٺٺولي ٿي ڪئي؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته البته ضرور چوندا ته ان کان سواءِ ڪجھ به ناهي ته مذاق ٿي ڪئي سون ۽ راند ٿي ڪئي سون فرماءِ ته: ڇا الله سان ۽ ان جي آيتن سان ۽ ان جي رسول سان چٿر ٿي ڪيَوَ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته ضرور چوندا ته اسان خوش طبعي ۽ راند ٿي ڪئي. چئو ته ڇا اوهان الله ۽ سندس ڳالهين ۽ سندس رسول تي ٺٺولي ٿي ڪئي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي انهن کان پڇندين ته ضرور چوندا ته: ”اسان خوشطبعي ۽ راند پئي ڪئي“. چؤ ته: ”ڇا اوهان الله سان ۽ان جي آيتن ۽ ان جي رسول سان مذاق پئي ڪئي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي پُڇندينِ، ته ڇوندا، ته خالِي ڪيا سون خيال، چَرچا چَٿر ٿا ڪريو، ٻِي نه آهي ڳالھ، چئو الله، ڪِ، سندس آيتون، يا سندسِ نبيء نال، چَٿرون ڪِهڙِي چال، اَحمق ڪندا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته چوندا ”اسان رڳو کل ۽ وندر ٿي ڪئي“- چئو ”ڇا، اوهان الله ۽ سندس آيتن ۽ رسول تي ٺٺوليون ٿي ڪيون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن پڇندينِ ته ڪهڙيون پئي ڳالهيون ڪـيوَ ته جهٽ چوندا ته اسان ته پئي مڙيئي کل ڀوڳ ۽ چرچا ڪيا. چوين ته ڇا توهان جي ٺٺولبازيءَ جو هنڌ به الله، سندس آيتون ۽ سندس رسول ئي هئا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن انهن کان پڇو ته توهان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪيون، ته هڪدم چوندا اسان کل ڀوڳ پئي ڪئي، انهن کي چؤ، ڇا توهان جا الله ۽ سندس آيتن ۽ رسول سان اهي کل ڀوڳ ڪندا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن انهن کان سندن چيل ڳالهين جي باري ۾ پڇا ڪندين ته هو اهو چوندا ته اسان ته رڳو ڀوڳ ۽ وندر خاطر ڳالهائي رهيا هئاسين، تون چؤ ته توهان الله تعالى، ان جي آيتن ۽ سندس رسول (ﷺ) جي باري ۾ ڀوڳ ٿا ڪريو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇو ته اُهي ضرور اِهوئي چوندا ته اسان ته صرف (سفر ڪٽڻ جي لاءِ) ڳالهه ٻولهه ۽ دل وندرائيندا هئاسين. فرمايو: ڇا توهان الله ۽ ان جي آيتن ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تان مسخريون ئي ڪيون؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇين (ته اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟) ته اهي جواب ۾ اهوئي چوندا ته: اسين ته مڙئي ايئن دل وندرائڻ جي لاءِ هڪ ڳالهه ڇيڙي ڇڏي هئي بس کل مذاق پئي ڪئي سون! (کين) چئه: ڇا توهين الله سان، سندس آيتن سان ۽ ان جي رسول سان کل مذاق ٿا ڪريو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لا تَعتَذِروا قَد كَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم إِن نَعفُ عَن طائِفَةٍ مِنكُم نُعَذِّب طائِفَةً بِأَنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 66) |
بھانو نه ڪريو بيشڪ ايمان کانپوءِ ڪُفر اٿوَ، جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کان ٽرنداسون ته ٻيءَ ٽوليءَ کي ھن سببان سزا ڏينداسون جو اُھي ڏوھي ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) بهانا نه بنايو- حقيقت هيءَ آهي ته توهان ايمان جو اقرار ڪري وري ڪفر اختيار ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان (يعني خدا تعاليٰ) توهان مان هڪڙي جماعت کي (سندن پشيماني ۽ باز اچڻ تي) معاف به ڪري ڇڏيون ته به هڪڙي ٽوليءَ کي ضرور عذاب ڏينداسين هن ڪري جو (اصل ۾) اهي ئي گنهگار هئا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان عذر پيش نه ڪريو، تحقيق توهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو، جيڪڏهن توهان مان ڪن ماڻهن کي اسين معاف ڪريون ته به ڪن ماڻهن تي عذاب ڪنداسين انهي سببان جو بيشڪ اهي ڏوهاري آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاڻي بهانو نه ڪريو، حق هي آهي ته اوهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿي ويا. جيڪڏهن اوهان مان ڪن کي معاف به ڪريون تڏهن به ڪن کي سزا ضرور ڏينداسون. ڇو ته اهي پڪ ڏوهاري آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه عذر پيش ڪيو تحقيق ڪفر ڪيو توهان ايمان آڻڻ پنهنجي کان پوءِ جيڪڏهن معاف ڪنداسون جماعت هڪ کان اوهان مان ته عذاب ڪنداسون هڪ جماعت کي سببان ان جي جو بلاشڪ اهي مجرم هئا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بهانو نه ڪريو بيشڪ اوهان پنهنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪفر ڪيو. جيڪڏهن اسين اوهان مان هڪ جماعت کي معاف ڪنداسون ته ٻي جماعت کي هن ڪري سزا ڏينداسون جو اهي ڏوهاري آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) معذرت نه ڪيو بيشڪ اوهان ايمان آڻڻ بعد ڪفر ڪيو آهي. اگر جي اوهان مان هڪ ٽولي کي معاف ڪيون (ته به) ٻي ٽولي کي ضرور عذاب ڪنداسين ڇو ته اُهي ڏوهاري آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اصل نه عُذر گُذاريو، ڦِريا آهيو ڦيريال!، اوهان جي ايمان کان، پُڃاڻا پيمال!، جي مَنجھايان ڪِنهن ميڙ کي، نخشيداسون بحال، ته ڏِينداسون ٻِي ٻارِيءَ کي، جوڙي ڪو جَنجال، اِن نِبيري نال، ته هُئاڀَڃندڙ حُڪمن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي عذر نه ڪريو- اوهان ته پاڻ کي مومن چئي ڪفر ڪرڻ لڳا آهيو- جيڪڏهن اسين اوهان مان ڪن کي معاف ڪريون، ته به ڪن کي ته ضرور سزا ڏينداسون، جو هو پڪ ڏوهاري آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي بهانا نه گهڙيو، توهان ايمان آڻي پوءِ وري ڪفر ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان توهان مان هڪڙي ٽولي کي معاف ڪيو به، ته ٻئي ٽولي کي ته ضرور سزا ڏينداسون، ڇو جو هو ڏوهاري آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي بهانا نه ڪريو، توهان ڪفر ڪيو آهي ايمان آڻڻ کان پوءِ، جيڪڏهن اسان معاف به ڪريون هڪ ٽولي کي توهان مان، ته ضرور سزا ڏينداسين ٻئي ٽولي کي به، ڇاڪاڻ ته اهو به ڏوهي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) بھانا نه ڳوليو، توهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان توهان مان هڪ ٽوليءَ کي معاف ڪريون ته ٻي ٽوليءَ کي ته ضرور سزا ڏينداسين، ڇاڪاڻ جو (اصلي) ڏوهاري اهي ئي آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (هاڻي) توهان معذرت نه ڪريو، بيشڪ توهان پنهنجي ايمان (جي اظهار) کانپوءِ ڪافر ٿي ويا آهيو، جيڪڏهن اسان توهان مان هڪ جماعت کي معاف به ڪري ڇڏيون (تڏهن به) ٻئي جماعت کي عذاب ڏينداسين ان ڪري جو اُهي ڏوهاري هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بهانا نه ڪيو، حقيقت اها آهي ته توهين ايمان جو اقرار ڪري وري ڪفر ڪيو. جيڪڏهن اسين توهان منجهان هڪ ٽولي کي (ان جي توبهه تائب ٿيڻ ۽ هٺيلو نه هئڻ سبب) معاف به ڪري ڇڏيئون، تڏهن به اسين هڪ ٽولي کي ضرور عذاب ڏينداسون، ڇاڪاڻ جو (اصل ۾) هو ڏوهي آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ بَعضُهُم مِن بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمُنكَرِ وَيَنهَونَ عَنِ المَعروفِ وَيَقبِضونَ أَيدِيَهُم نَسُوا اللَّهَ فَنَسِيَهُم إِنَّ المُنٰفِقينَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 67) |
منافق ۽ منافقياڻيون ھڪ ٻئي جھڙا آھن، (اُھي) مَدن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ چڱن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ پنھنجا ھٿ (خيرات ڏيڻ کان) بند ڪندا آھن، الله کي وساريائون تنھنڪري الله (به) کين وساريو، بيشڪ منافق بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀ هڪٻئي جي جنس آهن. برائين جو حڪم ڏين ٿا ۽ چڱين ڳالهين کان روڪين ٿا ۽ (حق جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ کان) پنهنجون مٺيون بند رکن ٿا. حقيقت هيءَ آهي ته هنن الله کي وساري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري الله تعاليٰ به کين وساري ڇڏيو آهي. (يعني کين ڊگهو رسو ڏنو آهي ته ڀلي پاڻ کي پاڻ وڌيڪ برن ڪمن ڪرڻ سان تباهي جي کڏ ۾ وجهن) بيشڪ اهي منافق ئي آهن جي (حق جي دائري کان) ٻاهر نڪري ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) منافق مرد ۽ منافق عورتون پنهنجا پاڻ ۾ آهن، (اهي) بُرن ڪمن جو چون ٿا ۽ چڱن ڪمن کان روڪين ٿا ۽ بخيلي ڪن ٿا، انهن (منافقن) الله کي وساريو پوءِ الله انهن کي نظر انداز ڪيو، بيشڪ اهي منافق ئي گنهگار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀني جي هڪ چال آهي. جي بڇڙي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ چڱي ڪم کان جهلين ٿا. ۽ پنهنجا هٿ (خدا جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ کان) بند رکن ٿا. خدا کي وساريو اٿن پوءِ خدا کين (ڄڻ ته) وساريو آهي. بيشڪ منافق نافرمان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) منافق مرد ۽ منافق عورتون بعضي انهن جا بعض مان آهن امر ڪن ٿا برائيءَ جو ۽ روڪين ٿا چڱائيءَ کان ۽ بند ٿا رکن هٿن پنهنجي کي وساريائون الله کي پوءِ ڇڏيائين انهن کي بيشڪ منافق اهيئي فاسق آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) منافق مرد ۽ منافق زالون سڀني جي هڪ چال آهي. بڇڙي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ چڱي ڪم کان جهلين ٿا. ۽ پنهنجا هٿ بند رکن ٿا. الله کي وساريو اٿن پوءِ الله انهن کي وساريو آهي. بيشڪ منافق ئي نافرمان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) منافق مرد ۽ منافق عورتون هڪ ٻئي مان آهن. (يعني هڪ ٻئي جي هم رنگ ۽ هم ڍنگ آهن) براين جو حڪم ڪن ٿا ۽ نيڪين کان روڪن ٿا ۽ پنهنجا هٿ (خيرات کان) بند رکن ٿا. الله کي وساريائون پوءِ ان به کين فراموش ڪري ڇڏيو. بيشڪ منافق ئي نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَڙا، ٻايون، پِچاپڙا، هڪ ٻئي جا همراه، موچارايان منع ڪن، ڏَسينِ ڏوه گناه، ۽ سَندنِ هٿ خير کان، بندينِ سي بَدخواه، وِساريئون الله کي، تڏهن وِسارينِ الله؛ گُناهِي گمراه، ۽ مَن کوتا موُرهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀ هڪ آهن، جي بڇڙيون ڳالهيون سيکارين ٿا، چڱن ڪمن کان روڪين ٿا ۽ پنهنجن هٿن کي بند رکن ٿا، انهن خدا جو خيال نه ڪيو، ته خدا به انهن جو ڪو خيال نه ڪيو. بيشڪ منافق وڏا بدڪار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منافق مرد توڙي عورتون مڙئي هڪجهڙا آهن. برائيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ ڀلائيءَ کان روڪن ٿا ۽ پنهنجا هٿ ڀلائي ڪرڻ کان سوگها جهلي ٿا ڇڏين. هنن الله کي وساريو ته الله به کين وساري ڇڏيو، بيشڪ اهي منافق ئي نافرمان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀ هڪ ٻئي جي رنگ ۾ آهن، برائيءَ جو حڪم ڪن ٿا ۽ روڪين ٿا ڀلائيءَ کان ۽ خير کان روڪين ٿا پنهنجا هٿ، هنن وساريو الله کي ته الله به کين وساري ڇڏيو، بيشڪ اهي منافق فاسق آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منافق ماڻهو ۽ منافق عورتون سڀ هڪ جھڙا آهن، اهي برائيءَ جو حڪم ڏيندا آهن ۽ نيڪيءَ جي ڪمن ۽ پنھنجي هٿن کي (الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ کان) روڪيندا آهن، انهن الله تعالى کي وساري ڇڏيو ته الله تعالى به کين وساري ڇڏيو، بيشڪ منافق نافرمان ئي آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) منافق مرد ۽ منافق عورتون هڪٻئي (جي جنس) مان آهن. اِهي ماڻهو برين ڳالهين جو حڪم ڏين ٿا ۽ سٺين ڳالهين کان روڪين ٿا ۽ پنهنجا هٿ (الله جي واٽ ۾ خرچ ڪرڻ کان) بند رکن ٿا، انهن الله کي وساري ڇڏيو ته الله کين وساري ڇڏيو، بيشڪ منافق ئي نافرمان آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀ هڪجهڙا-، برائيءَ جو حڪم ڏين ٿا، سٺين ڳالهين کان روڪين ٿا، حقيقت اها آهي ته هنن الله کي وساري ڇڏيو، نتيجو اهو نڪتو جو اهي به الله جي حضور ۾ وساريا ويا (يعني جيڪو الله کان ويسلو ٿي ويندو آهي ته الله جي ٻاجهه ۽ سعادت به ان کي وساري ڇڏيندي آهي) بي شڪ! اهي منافق ئي آهن جيڪي (حق جي ليڪي کان) نڪري چڪا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَعَدَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالكُفّارَ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها هِىَ حَسبُهُم وَلَعَنَهُمُ اللَّهُ وَلَهُم عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 68) |
الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ ڪافرن کي دوزخ جي باھ جو انجام ڏنو آھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا کين بس آھي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آھي، ۽ انھيءَ لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) منافق مردن ۽ منافق عورتن لاءِ ۽ (کليو کلايو) انڪار ڪندڙن لاءِ الله جي طرف کان دوزخ جي باهه جو واعدو ٿيل آهي. جنهن ۾ هو هميشه رهندا ۽ اها باهه هنن لاءِ ڪافي (سزا) آهي. پڻ الله تعاليٰ مٿن لعنت ڪئي ۽ هنن لاءِ اهڙو عذاب آهي جو قائم رهندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن سان، باه جهنم جو وعدو ڪيو آهي اهي جهنم ۾ هميشه رهندا، جهنم انهن لاءِ ڪافي آهي، ۽ الله کين پنهنجي رحمت کان پري رکيو آهي، ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن سان دوزخ جي باھ جو واعدو ڪيو آهي. ان ۾ سدائين پيا رهندا. کين اها بس آهي ۽ خدا مٿن لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وعدو ڪيو الله منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن سان جھنم جي باهه جو هميشہ رهندا ان ۾ اها ڪافي آهي انهن لاءِ ۽ لعنت ڪئي انهن تي الله ۽ انهن لاءِ عذاب هميشہ وارو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله منافق مردن ۽ منافق زالن ۽ ڪافرن سان دوزخ جي باهه جو وعدو ڪيو آهي، ان ۾ پيا رهندا. انهن کي اها بس آهي، ۽ الله مٿن لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ هميشة جو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله وعدو ڪيو آهي منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن سان جهنم جي باهه جو اُهي ان ۾ هميشه رهندا. اها (باهه) انهن کي ڪافي آهي ۽ الله انهن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُوڙن، ڪُوڙِيُن ۽ ڪافرن، اَلله ڏِنو اَنجام، دائـِم دوزخ باھ جو، مَنجھسِ پاڻ مدام، بَس اُنهن لئي، باھ اِي، پڻ آگي، ربَّ علّام، تَڙيا سي تمام، ۽ سَدا ساڙو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله منافق مردن، عورتن ۽ ڪفر ڪندڙن کي دوزخ جي باهه جو واعدو ڏنو آهي جنهن ۾ هميشه رهندا- اها ڪافي سزا آهي ۽ الله انهن تي ڦٽڪار وڌي ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن لاءِ الله جهنم جي باهه جو وعدو ڪيو آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندا، اهائي سندن سزا آهي، مٿن الله جي لعنت آهي ۽ انهن لاءِ دائمي عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وعدو آهي الله جو انهن منافق مردن ۽ منافق عورتن سان، ۽ ڪافرن جي لاءِ ته اهي جهنم ۾ وڌا ويندا جتي هو هميشه رهندا، اها ئي انهن لاءِ ٺيڪ جڳهه آهي، ۽ لعنت آهي انهن تي الله جي، ۽ انهن لاءِ هميشه رهندڙ عذاب آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى منافق مردن، منافق عورتن ۽ ڪافرن سان جھنم جي باهه جو وعدو ڪيو آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندا، انهن لاءِ اها (سزا) ڪافي آهي، الله تعالى جي انهن سڀني جي مٿان لعنت آهي ۽ انهن جي لاءِ هميشه رهڻ وارو عذاب به آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ ڪافرن سان دوزخ جي باهه جو وعدو فرمائي ڇڏيو آهي (اُهي) ان ۾ هميشه رهندا، اُها (باهه) انهن کي ڪافي آهي، ۽ الله انهن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ هميشه برقرار رهڻ وارو عذاب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) منافق مردن ۽ منافق عورتن جي لاءِ ۽ منڪرن جي لاءِ الله جي طرفان دوزخ جي باهه جو واعدو آهي، هميشه ان ۾ رهندا ۽ اهائي باهه انهن جي لاءِ ڪافي آهي. پڻ الله، مٿن لعنت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ عذاب آهي- هميشه برقرار رهندڙ عذاب. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
كَالَّذينَ مِن قَبلِكُم كانوا أَشَدَّ مِنكُم قُوَّةً وَأَكثَرَ أَموٰلًا وَأَولٰدًا فَاستَمتَعوا بِخَلٰقِهِم فَاستَمتَعتُم بِخَلٰقِكُم كَمَا استَمتَعَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم بِخَلٰقِهِم وَخُضتُم كَالَّذى خاضوا أُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 69) |
اوھين (به) اھڙا ٿيا آھيو جيڪي اوھان کان اڳ ھوا (اُھي) اوھان کان سگھ ۽ مال ۽ اولاد ۾ گھڻو وڌيڪ ھوا، پوءِ پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتائون پوءِ اوھان به پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو جھڙي طرح اوھان کان اڳين پنھنجي نصيب آھر فائدو ورتو ۽ (اوھين به) اُنھن وانگر اجاين بحثن ۾ پئجي ويا آھيو جئن اُھي اجاين بحثن ۾ پيا، انھن جي ڪمائي دنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي، ۽ اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي منافقو اوهان جو حال به اهڙو ئي آهي) جهڙو انهن ماڻهن جو هو جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن. اهي اوهان کان وڌيڪ طاقت وارا هئا ۽ مال دولت ۽ اولاد به اوهان کان گهڻو هون. پوءِ جيڪي (دنيائي فائدا) هنن جي حصي ۾ آيا تن جو مزو ورتائون. اوهان به پنهنجي حصي جو فائدو اهڙيءَ طرح ماڻيو جهڙيءَ طرح هنن ماڻيو هو ۽ جهڙيءَ طرح (باطل پرستيءَ جون واهيات) ڳالهيون هو ڪري ويا، تهڙيءَ طرح توهان به ڪري ورتيون. (پوءِ ياد رکو ته) اهي ئي ماڻهو هئا جن جا سڀ ڪم دنيا ۽ آخرت ۾ ضايع ٿي ويا ۽ اهي ئي آهن جي گهاٽو ۽ نقصان پائيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (يعنى) انهن ماڻهن وانگر جيڪي انهن کان اڳ ۾ ٿي گذريا جيڪي قوت ۽ مال ۽ اولاد ۾ توهان کان زياده هئا، پوءِ انهن پنهنجي ڀاڱي مان فائدو ورتو پوءِ توهان به پنهنجي ڀاڱي مان فائدو وٺو جيئن توهان کان اَڳِيَنِ ماڻهن پنهنجي ڀاڱي مان فائدو ورتو (مطلب ته نيڪيءَ جو ثواب ۽ برائيءَ جو بدلو ڏنو ويندو) ۽ توهان به ڀلي مذاق ڪريو جيئنڪ توهان کان اَڳِيَنِ مذاق ڪئي، انهن ماڻهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ عمل ضايع ٿيا، ۽ اُهي ئي نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (منافقو!) انهن وانگر آهيو جي اوهان کان اڳ هئا، اهي اوهان کان (به) وڌيڪ طاقت وار هئا ۽ مال ۽ اولاد ۾ به گهڻو زياده هئن. پوءِ انهن پنهنجي حصي مان فائدو ورتو وري اوهان به پنهنجي حصي مان فائدو ورتو. جيئن اوهان کان اڳين پنهنجي حصي مان فائدو ورتو ۽ اوهان بيهودا ڪم ڪيا جيئن انهن بيهودا ڪم ڪيا. هي اهي ماڻهو آهن جن جو سڀ ڪجھ ڪيو ڪرتيو دنيا ۽ آخرت (ٻنهن ۾) اڪارت ويو. ۽ اهي ئي ماڻهو گهاٽي ۾ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن وانگر جو هئا اوهان کان اڳي هئا سخت اوهان کان طاقت ۾ ۽ گھڻا مالن ۽ اولاد جي لحاظ سان پوءِ نفعو ورتائون پنهنجي حصي سان پوءِ نفعو ورتو اوهان حصي پنهنجي سان جيئن نفعو ورتون انهن جو گذريا اوهان کان اڳ ۾ پنهنجي حصي سان ۽ مشغول رهيئو ان (ٽولي) وانگر جو مشغُول رهيا اهي ئي آهن جو چٽ ٿيا عمل انهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ اهي ئي نقصان وارا آهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن وانگر جيڪي اوهان کان اڳ هئا اهي اوهان کان زياده طاقت وارا هئا ۽ مال ۽ اولاد ۾ (به) اوهان کان وڌيڪ هئا، پوءِ انهن پنهنجي حصي مان فائدو ورتو وري اوهان به پنهنجي حصي مان فائدو ورتو جيئن اوهان کان اڳين پنهنجي حصي مان فائدو ورتو ۽ اوهان بيهودا ڪم ڪيا جيئن انهن بيهودا ڪم ڪيا. انهن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿيا. ۽ اهي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان انهن ماڻهن مثل آهيو جيڪي اوهان کان اڳ هئا اُهي اوهان کان وڌيڪ طاقتور ۽ گھڻي مال ۽ اولاد وارا هئا. پوءِ انهن پنهنجي (دنياوي) حصي مان فائدو ورتو پوءِ اوهان به پنهنجي حصي مان ائين ئي فائدو ورتو آهي جيئن انهن ماڻهن پنهنجي حصي مان فائدو ورتو هيو جيڪي اوهان کان اڳ هئا ۽ اوهان اجايا بحث ڪيا جيئن انهن اجايا بحث ڪيا هئا. اهي ئي آهن جن جا اعمال دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويا ۽ اهي ئي خساري وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن جي آچار، جي اوهان کان اڳي هُئا، ڏاڍا اوهان کان ڏِيل ۾، پڻ مال گھڻو، ۽ گَھرٻار، نَفعو سندنِ نصيب جو وَرتائون ڪا وار، پوءِ اوهان به، پنهنجي پَتِيء سان ڪيا عيش اَپار، جِيئن آن کان پِهرَينِ، پَتِيء سان وَرتا نفعا نِروار، ۽ بَڪيان جِيئن بَڪيون؛ اُهيئـِي آوار، دُنيا ۽ آخرت ۾، وِيا ڪيريا سَندنِ ڪم ڪار، ۽ آهن اُهي اِظهار، هارِيندڙ هَڙ مُوڙيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي منافقو! اوهين ته) انهن وانگر آهيو، جي اوهان کان اڳ هئا، اهي سخت قوت ۽ مال ۽ اولاد جي گهڻائي ۾ اوهان کان به وڌيڪ هئا- انهن به (دنيوي) حصي مان خوب فائدو ورتو، سو اوهان به پنهنجي (دنيوي) حصي مان خوب فائدو ورتو، جيئن اوهان کان اڳين ماڻهن پنهنجي حصي مان فائدو ورتو هو- ۽ اوهان بڇڙاين ۾ اهڙي طرح گهڙي پيؤ، جيئن اهي گهڙي پيا هئا- اهڙن جا چڱا ڪم دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿيا ۽ اُهي وڏي نقصان ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جا عمل به اهڙا ئي آهن، جهڙا توهان کان اڳين جا هئا. هو توهان کان طاقت ۾ زور هئا ۽ مال ۽ اولاد ۾ به گهڻا هئا، پوءِ انهن دنيا ۾ پنهنجي ڀاڱي جا مزا ورتا ۽ توهان به پنهنجي حصي جا مزا ائين ئي ورتا آهن، جيئن انهن ورتا هئا ۽ اهڙن ئي بحثن ۾ توهان به پيئو جهڙن بحثن ۾ هو پوندا هئا، پوءِ سندن پڇاڙي اها ٿي جو دنيا توڙي آخرت ۾ سندن سڀ عمل برباد ٿي ويا ۽ اهي ئي نقصان وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ماڻهن جا رنگ ڍنگ اهي ئي آهن جيڪي اڳين جا هئا، اهي توهان کان وڌيڪ سگهارا ۽ گهڻي وڌيڪ مال ۽ اولاد ۾ هئا. پوءِ انهن دنيا ۾ پنهنجي حصي جا مزا ماڻيا هئا ۽ توهان به پنهنجي حصي جا مزا ماڻيا، اهڙيءَ طرح انهن توهان کان اڳي ماڻيا ۽ اهڙن ئي اجاين بحثن ۾ توهان پئجي ويا جهيڙن ۾ اهي پيل هئا، انهن جي پڄاڻي اها ئي ٿي جو دنيا ۽ آخرت ۾ سندن ڪمائي ضايع ٿي وئي، ۽ اهي ٽوٽي ۾ پيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي منافقو!) توهان جي حالت انهن ماڻهن جھڙي آهي جيڪي توهان کان اڳ گذري چڪا آهن، اهي طاقت، مال ۽ اولاد جي حساب سان توهان کان به وڌيڪ هئا، انهن به پنھنجي حصي آهر دنيا مان خوب فائدو ورتو ۽ توهان به پنھنجي حصي آهر اهڙو فائدو ورتو جھڙو فائدو توهان کان اڳ گذري ويل ماڻهن ورتو هو ۽ جھڙيءَ طرح توهان اجاين بحثن ۾ پيا آهيو، هو به اجاين بحثن ۾ لڳا رهندا هئا. دنيا ۽ آخرت ۾ انهن سڀني جا اعمال چٽ ٿي ويا ۽ هو وڏي نقصان ۾ پئجي ويا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي منافقؤ! توهان) انهن ماڻهن وانگر آهيو جيڪي توهان کان اڳ ۾ هئا. اُهي توهان کان وڌيڪ طاقتور ۽ مال ۽ اولاد ۾ تمام گهڻو اڳرا هئا. پوءِ اُهي پنهنجي (دنيوي) حصي مان فائدو کڻي چڪا ۽ توهان (به) پنهنجي حصي مان (اهڙي طرح) فائدو کڻو ٿا جيئن توهان کان اڳين (دنيا جي لذت جي) پنهنجي مقرر حصي مان فائدو ورتو هو ۽ پڻ توهان (به اهڙي طرح) باطل ۾ داخل ۽ غرق آهيو جيئن اُهي باطل ۾ داخل ۽ غرق هئا. انهن ماڻهن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويا ۽ اهي ماڻهو خساري ۾ آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (منافقؤ! توهان جو اهوئي حشر ٿيو) جهڙو حشر توهان کان پهرين جو ٿيو اهي توهان کان وڌيڪ سگهارا هئا ۽ مال ۽ اولاد ۾ به توهان کان وڌيڪ هئا، تنهنڪري انهن جي حصي ۾ جيڪي مادي فائدا آيا تن مان هنن فائدو ورتو، توهين به پنهنجي حصي جو مادي فائدو وٺي ڇڏيو جيئن هنن ورتو هيو ۽ جهڙيءَ طرح (هو، هر قسم جي باطل پرستيءَ جا) بحث ڪري ويا، توهين به اهڙا بحث ڪيا ته اهي ئي ماڻهو هئا جن جا سمورا ڪم، دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿي چڪا ۽ اهي ئي خساري وارا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَأتِهِم نَبَأُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَقَومِ إِبرٰهيمَ وَأَصحٰبِ مَديَنَ وَالمُؤتَفِكٰتِ أَتَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 70) |
کانئن اڳين جي خبر نه پھتي اٿن ڇا جي نُوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم، ۽ ابراھيم جي قوم ۽ مَدين وارا ۽ اونڌن ٿيلن ڳوٺن وارا ھوا، جو اُنھن ڏانھن سندن پيغمبر پڌرن مُعجزن سان آيا (ته نه مڃيائون)، پوءِ الله جو شان نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي ظُلم ڪيائون ٿي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا انهن ماڻهن کي انهن ماڻهن جو احوال نه مليو آهي، جيڪي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم، ابراهيم جي قوم ۽ مدين جا ماڻهو ۽ اهي جن جا ڳوٺ ۽ آباديون اونڌيون (ڪري تباه) ڪيون ويون. انهن سڀني جا رسول انهن وٽ روشن دليلن سان آيا هئا (پر هو انڌا ٻوڙا رهيا ۽ تباه ٿيا) ۽ ائين هرگز ٿي نه ٿي سگهيو جو الله تعاليٰ مٿن ظلم ڪري، پر هو پاڻ ئي پاڻ ظلم ڪندا رهيا (۽ پاڻ کي پاڻ تباهن ڪيائون.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا انهن وٽ خبر نه پهتي انهن ماڻهن جي جيڪي کانئن اڳ ۾ ٿي گذريا، (يعنى) قوم (حضرت) نوح جي ۽ عاد ۽ ثمود جي، ۽ قوم (حضرت) ابراهيم جي ۽ قوم (حضرت) شعيب جي ۽ قوم (حضرت) لوط جي، انهن (سڀني) وٽ سندن رسولن معجزا آندا، پوءِ الله جو شان ناهي جو انهن تي ظلم ڪري پر اهي پنهنجي نفسن تي پاڻ ظلم ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا کين، انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي آهي جيڪي کانئن اڳ هئا. (جيئن) نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ ابرهيم جي قوم ۽ مدين وارا ۽ اونڌن ٿيل ڳوٺن وارا جن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي آيا ته (اهي عذاب ۾ آيا ۽) خدا مٿن ڏاڍ نه ڪيو پر اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه آئي انهن وٽ خبر انهن جي جيڪي اڳي هئا انهن کان نوح جي قوم جي ۽ عاد جي ۽ ثمود جي ۽ ابراهيم جي قوم جي ۽ مدين وارن ۽ اونڌا ڪري ڪيرايلن جي آيا انهن وٽ رسول انهن جا پنهنجن روشن دليلن سان پوءِ نه هو الله (جو هي دستور) تانته ظلم ڪري انهن تي ۽ پر (پاڻ) سرن پنهنجن تي ظلم ٿي ڪيائون.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن کي انهن جي خبر نه پهتي آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا (جيئن) نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم ۽ ابراهيم جي قوم ۽ مدين وارا ۽ اونڌن ٿيل ڳوٺن وارا. انهن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي آيا، پوءِ الله مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اُهي (خود) پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن وٽ انهن جي خبر نه پهتي؟ جيڪي انهن کان اڳ هئا نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ ابراهيم جي قوم ۽ مدين جا رهواسي ۽ اونڌيون ڪيل بستين وارا. انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ الله انهن تي ظلم ڪرڻ واور نه هيو پر اهي پاڻ پنهنجي جانين تي ظلم ڪندا رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ نَه اُنهن کي آئيو، اُن اڳين جو احوال؟ نُوح، عاد ۽ ثَـمُود جون، قومون ڪُل ڪُلال، قوم ابراهيم جِي، پڻ مَدين جا مَتوال، پڻ اُونڌي پُڙ، هَنيِلنِ ڳوٺن سَندِي ڳالھ، آينِ اُهڃاڻن سان، سندنِ نَبِي نِهال، اَلله نه اِهڙو، ته ڪري ڪو، ناحق تِنِين نال، پَر جاڙون ۽ جَنجال، هُئا پاڻِهين ڪندا پاڻ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، وٽن انهن ماڻهن جي عذاب جون خبرون نه پهتيون آهن جي کانئن اڳ ۾ هئا. (جيئن) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود جي ۽ ابراهيم جي قوم ۽ مدين جا رهاڪو ۽ اونڌو ڪيل ڳوٺ- جو انهن وٽ سندن پيغمبرن پڌريون نشانيون آنديون- پوءِ الله مٿن ظلم نه ڪيو، مگر اهي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن ماڻهن کي کانئن اڳ ٿي گذريل ماڻهن جي خبر نه پهتي آهي؟ نوح جي قوم، عاد، ثمود، ابراهيم جي قوم، مدين وارا ماڻهو ۽ اهي ڳوٺ جيڪي اونڌا ڪيا ويا، سندن رسولن وٽن پڌريون نشانيون آنديون، پوءِ اهو الله جو ته ڪم ئي نه هو، جو هو مٿن ظلم ڪري ها، مگر هو پاڻ تي پاڻ ظلم ڪرڻ وارا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن ماڻهن کي نه پهتي اڳين جي خبر (تاريخ)؟ نوح جي قوم، ۽ عاد ۽ ثمود ۽ ابراهيم جي قوم ۽ ماڻهو جيڪي مدين وارا هئا ۽ اهي وسنديون جن کي اونڌو ڪيو ويو، وٽن کڻي آيا سندن رسول چٽيون نشانيون، پوءِ اهو الله جو ڪم نه هو جو انهن تي ظلم ڪري پر اهي پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن کي ( انهن قومن جي برباديءَ جي) خبر نه پھتي آهي، جيڪي انهن کان اڳ گذري چڪيون آهن. جيئن نوح (ؑ) جي قوم، عاد، ثمود، ابراهيم (ؑ) جي قوم، مدين وارن ۽ انهن شهرن جي، جن کي (پاڙون پٽي) اونڌو ڪيو ويو هو، انهن جا رسول انهن وٽ واضح نشانيون کڻي آيا هئا پوءِ الله تعالى مٿن ڪو به ظلم نه ڪيو، بلڪ انهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا وٽن انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جيڪي کانئن اڳ ۾ هئا، قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود ۽ قوم ابراهيم ۽ مدين جا رهاڪو ۽ انهن ڳوٺن جا رهواسي جيڪي اونڌا ڪيا ويا، انهن وٽ (به) سندن رسول واضح نشانيون کڻي آيا هئا (مگر انهن نافرماني ڪئي) پوءِ الله ته اهڙو نه هو جو مٿن ظلم ڪري ها پر اُهي (حق جي انڪار جي ڪري) پنهنجي مٿان پاڻ ئي ظلم ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا منافقن وٽ اُنهن ماڻهن جي خبر نه آئي جيڪي کانئن پهريان گذري چڪا آهن؟ نوح جي قوم-عاد جي قوم-ثمود جي قوم- ابراهيم جي قوم ۽ مدين جا ماڻهو ۽ اهي قومون- جن جون وسنديون اونڌيون (ڪري تباهه) ڪيون ويون! انهن سڀني جا رسول، وٽن روشن دليلن سميت آيا هئا، (پر هو انڌائپ کان باز نه آيا ۽ تباهه ٿي ويا) ۽ هرگز ائين نه ٿو ٿي سگهي ته الله مٿن ظلم ڪري- پر هو ته پاڻ ٿا پنهنجن نفسن تي ظلم ڪن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَالمُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ يَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَيُطيعونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ سَيَرحَمُهُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن ۽ نماز کي قائم ڪندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندا آھن، اُنھن تي الله سگھوئي ٻاجھ ڪندو، تحقيق الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون سڀ هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن. هو نيڪي جو حڪم ڏين ٿا، برائيءَ کان روڪين ٿا، نماز قائم رکن ٿا، زڪوات ڏين ٿا، ۽ (هر حال ۾) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا. سو اهي ئي ماڻهو آهن جن تي جلد الله تعاليٰ رحمت ڪندو، يقيناً الله سڀني تي غالب ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون پنهنجا پاڻ ۾ هڪٻئي جا خيرخواهه آهن، (اهي) چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ٿا ۽ بُرن ڪمن کان روڪين ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ الله ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا، انهن مؤمنن تي جلدي الله پنهنجي ٻاجھه ڪندو، بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون زالون (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا رفيق آهن، چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا، ۽ بڇڙي ڪم کان جهلن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏيندا رهن ٿا، پڻ خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا. هي اهي آهن جن تي خدا جلد ئي رحم ڪندو. بيشڪ خدا غالب حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مؤمن مرد ۽ عورتون بعضي انهن مان مددگار بعض جا آهن امر ٿا ڪن نيڪيءَ جو ۽ روڪين ٿا برائيءَ کان ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ اطاعت ڪن ٿا الله ۽ ان جي رسول جي جلد رحم ڪندو انهن تي الله بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون زالون (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا مددگار آهن. چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ بڇڙي ڪم کان جهلين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا، ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا، انهن تي الله رحم ڪندو. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مددگار آهن اهي نيڪين جو امر ڪن ٿا ۽ براين کان روڪن ٿا، ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا. اهي آهن جن تي جلد الله رحم ڪندو. بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُؤمن ۽ مُؤمِنياڻيون، هِڪ ٻئي جا همراه، چَوَنِ چڱاين جو، ۽ جَھلِينَ، کان گناه، ۽ پڙهن نماز، ڏين زڪواتون ۽ حُڪم مڃِين هرگاه، ربَّ ۽ سندس رسول جو؛ اُنهن تي ڪندو اَلله، رحم جِي نِگاه، سائـِين سٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون هڪ ٻئي جا همراهه آهن. نيڪ ڪمن لاءِ چون ٿا، بڇڙن ڪمن کان منع ڪن ٿا، نماز کي قائم رکن ٿا، زڪوات ڏين ٿا، الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪن ٿا. اهڙن تي ئي الله جلد رحم ڪندو- بيشڪ الله غالب، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مؤمن مرد ۽ مؤمنياڻيون، اهي سڀئي هڪ ٻئي جا مددگار آهن، ڀلائيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ برائيءَ کان روڪن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ڏين ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪن ٿا، اهي ئي ماڻهو آهن، جن تي الله جي رحمت ٿيڻ واري آهي، بيشڪ الله سڀني تي غالب ۽ وڏو داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون هڪ ٻئي جا ساٿي آهن، حڪم ڏين ٿا ڀلائيءَ جو ۽ روڪين ٿا برائيءَ کان، ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏيندا آهن زڪوات، ۽ اطاعت ڪندا آهن الله جي ۽ سندس رسول جي، هنن ئي ماڻهن تي رحمت نازل ٿئي ٿي الله جي، بيشڪ الله ئي سڀني تي غالب حڪمت وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون ئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مددگار آهن، هو نيڪيءَ جو حڪم ڪندا آهن، برائيءَ کان روڪيندا آهن، نماز قائم ڪندا آهن، زڪوات ڏيندا آهن ۽ الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪندا آهن. اهڙن ماڻهن تي ئي الله تعالى جي رحمت نازل ٿيندي. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون هڪٻئي جا رفيق ۽ مددگار آهن. اُهي سٺين ڳالهين جو حڪم ڏين ٿا ۽ برين ڳالهين کان روڪين ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ادا ڪن ٿا ۽ الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي اطاعت بجا آڻين ٿا، انهن ئي ماڻهن تي عنقريب الله رحم فرمائيندو، بيشڪ الله وڏو غالب وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪي مرد ۽ عورتون مؤمن آهن ته اهي سڀ هڪ ٻئي جا رفيق آهن. نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا، برائيءَ کان روڪين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، زڪواة ادا ڪن ٿا ۽ (هر حال ۾) الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪن ٿا تنهنڪري اهي ئي ماڻهو آهن جن تي ستت ئي الله رحمت ڪندو. يقيناَ الله سڀ تي غالب (۽ پنهنجن سمورن ڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَعَدَ اللَّهُ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ أَكبَرُ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 72) |
الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان بھشت جو انجام ڪيو آھي جنھن جي ھيٺان واھيون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن ۽ (پڻ) ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ چڱين جاين جو (انجام اٿن)، ۽ الله جو راضپو (سڀ کان) تمام وڏو آھي، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي لاءِ الله جي طرف کان (دائمي نعمتن جي) باغن جو وعدو آهي. جن باغن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون (۽ انهيءَ ڪري ڪڏهن به خشڪ ٿيڻ وارا نه آهن) هو هميشه انهن ۾ رهندا. پڻ هنن جي لاءِ دائمي باغن ۾ پاڪ رهڻ جون جايون هونديون ۽ انهن سڀني (نعمتن) کان وڌيڪ ۽ وڏي (نعمت هي هوندي جو) الله تعاليٰ جي خوشنودي ۽ راضپو کين نصيب ٿيندو. اهائي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ۽ سعادت آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى باغن جو وعدو فرمايو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن سان، جن جي هيٺان نهرون وهنديون اهي انهن ۾ هميشه رهندا، (انهن لاءِ) بهشت جي باغن ۾ بهترين محل هوندا، ۽ الله جي ٻاجھه (انهن سڀني نعمتن کان) وڌيڪ آهي، اِها اِها تمام وڏي ڪاميابي آهي (بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن سان (بهشت جي) اهڙن باغن جو واعدو ڪيو آهي جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. (بهشت) عدن ۽ باغن جي سٺن سٺن محلن جو (به واعدو فرمايو آهي.) ۽ خدا جو راضپو ته انهن سڀني کان اتاهون آهي. اها ئي ته وڏي (اعلى درجي جي) ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وعدو ڪيو الله مؤمنن ۽ مؤمناڻين سان بهشتن جو، جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ هوندا انهن ۾ ۽ گھرن ڀلن جو باغن رهڻ وارن ۾ ۽ الله جي طرفان رضامندو وڏي شيءِ آهي اهائي ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن سان اهڙن باغن جو وعدو ڪيو آهي جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا ۽ رهڻ وارن باغن ۾ چٽين جاين جو (وعدو). ۽ الله جو راضپو سڀ کان وڏي شيءِ آهي. اهائي وڏي ڪامياب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن سان اهڙن باغن جو وعدو ڪيو آهي جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ پاڪيزه گهر آهن سدا بهار باغن ۾. ۽ الله جو راضپو تمام وڏو (شرف) آهي. اِها ئي زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُؤمن، ۽ مُؤمِنياڻين کي، ٻوليا باغ بهار، نالي مِٺي؛ ناليون، جن هيٺان هَلن هَر وار، سَدا ساڪِن اُن ۾، ۽ ٻِيون ماڙيون مَحل موچار، باغن مَنجھ بِهشت جي، گھاٽا گل گلزار، ۽ خوشنودِي خالق جِي، آھِ وَڏي اَپار، آهي اِي اِظهار، سَڀنيان سوڀ وَڏاندرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله مومن مردن خواهه عورتن کي اهڙن باغن جو واعدو ڏنو آهي، جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ انهن ۾ هميشه رهندا- هميشه جي باغن ۾ پاڪ مڪان ۾ هوندا ۽ الله جي رضا انهن سڀني کان وڏي (نعمت) هوندي، اها وڏي ڪاميابي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين سان الله جو وعدو آهي ته هو کين اهڙا باغ ڏيندو، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون ۽ هو منجهن سدائين رهندا. انهن سدا بهار باغن ۾ انهن لاءِ نهايت پاڪ صاف رهڻ جون جايون هونديون ۽ سڀ کان وڌيڪ هي ته کين الله جي رضا حاصل ٿيندي، اهائي ته تمام وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وعدو آهي الله جو انهن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن سان، ته کين اهڙا باغ ڏيندو جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ اهي انهن ۾ سدائين رهندا، ۽ هونديون انهن ئي سدا بهار باغن ۾ انهن جي لاءِ پاڪ جايون، کين راضپو الله جو وڌيڪ حاصل هوندو، اها ئي وڏي بهترين ڪاميابي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن سان الله تعالى اهڙن باغن جو وعدو ڪيو آهي جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون نھرون) وهنديون، هو انهن ۾ هميشه رهندا، هميشه رهڻ وارن باغن ۾ پاڪ صاف جڳھون (۽ محل ماڙيون) هونديون، وري ( انهن سڀني نعمتن سان گڏ) کين الله تعالى جي رضامندي به حاصل هوندي، جيڪا سڀني نعمتن کان وڏي نعمت ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله مومن مردن ۽ مومن عورتن سان جنتن جو وعدو فرمايو آهي جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن ۽ اهڙن پاڪيزه گهرن جو به (وعدو) فرمايو آهي جيڪي جنت جي خاص مقام تي سدابهار باغن ۾ آهن، ۽ (پوءِ) الله جي رضا ۽ خوشنودي (انهن سڀني نعمتن کان) وڌيڪ آهي (جيڪا وڏي اجر طور نصيب ٿيندي)، اِهائي زبردست ڪاميابي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي لاءِ الله جي طرفان (ابدي نعمتن جي) باغن جو واعدو آهي جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، هو هميشه باغن ۾ رهندا پڻ انهن جي لاءِ هميشگيءَ جي باغن ۾ ٺڪاڻا هوندا ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ (اها نعمت هوندي ته) الله جي رضامندين جو مٿن نزول ٿيندو، اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ جٰهِدِ الكُفّارَ وَالمُنٰفِقينَ وَاغلُظ عَلَيهِم وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 73) |
اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ ساڻن سختيءَ سان پيش اچ. (ڇو ته ڪافرن جون عهد شڪنيون ۽ منافقن جا فريب ۽ ٺڳيون هاڻي آخري حد تائين پهچي چڪيون آهن) آخر ته هنن جو مڪان دوزخ آهي ۽ دوزخ ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي پهچڻ لاءِ (۽ ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪريو ۽ انهن تي سختي ڪريو، ۽ سندن جاءِ جهنم آهي، ۽ سندن واپسيءَ جي جاءِ تمام خراب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول! ڪافرن سان (تلوار سان) ۽ منافقن سان (زبان جي ذريعي) جهاد ڪر ۽ مٿن سختي ڪر. ۽ سندن ٺڪاڻو ته دوزخ ئي آهي. ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي نبي (غيب جون خبرون ڏيندڙ) جھاد ڪر ڪافرن ۽ منافقن سان ۽ سختي ڪر انهن تي ۽ جاءِ انهن جي جھنم آهي ۽ بڇڙي جاءِ ٽڪڻ جي آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جنگ ڪر ۽ مٿن سختي ڪر! ۽ انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن مٿان سختي ڪر. ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي. ۽ بُري موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙن ۽ ڪُفارن ساڻ، لَڙ اي نَبِي! لال، ڪامل! مَٿنِ ڪَٺور ٿي، ۽ ڪاڙهو اُنهن ڪاڻ، بُڇڙو آهي ڀاڻ، ۽ مُوٽِي ماڳ رهڻ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ انهن تي سختي ڪر- انهن جي رهڻ جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ڪافرن ۽ منافقن ٻنهي جو پوريءَ طاقت سان مقابلو ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، سندن ٺڪاڻو نيٺ جهنم آهي ۽ اهو بڇڙي ۾ بڇڙو رهڻ جو هنڌ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! مقابلو پوري قوت سان ڪافرن ۽ منافقن جو ڪريو ۽ ساڻن سختيءَ سان پيش اچ، ۽ آخرڪار انهن جي جاءِ ته جهنم ئي آهي، ۽ اهو ڏاڍو برو ٺڪاڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي! (ﷺ) ڪافرن ۽ منافقن سان جھاد جاري رکندو اچ ۽ انهن سان سختيءَ وارو رويو اختيار ڪر ۽ انهن جو (آخري) ٺڪاڻو جھنم ئي آهي جيڪا بدترين جاءِ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اي نبي (معظم!) توهان ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪريو ۽ (امن دشمني، فساد انگيزي ۽ جارحيت جي ارتڪاب جي ڪري) انهن تي سختي ڪريو، ۽ انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اُهو برو ٺڪاڻو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اي پيغمبر! ڪافرن ۽ منافقن ٻنهي سان جهاد ڪر ۽ انهن سان سختيءَ وارو ورتاءُ ڪر (ڇاڪاڻ جو ڪافرن پاران واعدا ٽوڙڻ ۽ منافقن جا بهانا ۽ دوکا هاڻي دنگ ڪري چڪا آهن) آخرڪار انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، (۽ جنهن جو آخري ٺڪاڻو دوزخ ٿيو ته) دوزخ موٽڻ جي ڪيڏي نه بڇڙي جاءِ آهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَحلِفونَ بِاللَّهِ ما قالوا وَلَقَد قالوا كَلِمَةَ الكُفرِ وَكَفَروا بَعدَ إِسلٰمِهِم وَهَمّوا بِما لَم يَنالوا وَما نَقَموا إِلّا أَن أَغنىٰهُمُ اللَّهُ وَرَسولُهُ مِن فَضلِهِ فَإِن يَتوبوا يَكُ خَيرًا لَهُم وَإِن يَتَوَلَّوا يُعَذِّبهُمُ اللَّهُ عَذابًا أَليمًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم فِى الأَرضِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 74) |
الله جو قسم کڻندا آھن ته (پاڻ) نه چيو اٿن، ۽ بيشڪ ڪفر جو ڪلمو چيو اٿن ۽ پنھنجي اسلام (آڻڻ) کانپوءِ ڪُفر ڪيائون ۽ جنھن کي پھچي نه سگھيا تنھن لاءِ زور لاتائون، ۽ اِھو اُنھن رڳو ھن ڳالھ جو بدلو ڏنو جو الله پنھنجي فضل سان ۽ سندس رَسُول کين شاھوڪار ڪيو، ۽ پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ته انھن لاءِ ڀلي آھي، ۽ جيڪڏھن ڦرندا ته الله دُنيا ۽ آخرت ۾ کين ڏکوئيندڙ عذاب سان سزا ڏيندو، ۽ مُلڪ ۾ انھن لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهي (منافق) الله پاڪ جا قسم کڻي چون ٿا ته اسان ائين ڪونه چيو، پر سچ هي آهي ته هنن يقيناً ڪفر جي ڳالهه چئي، هو اسلام قبول ڪري وري به ڪفر جي چال چليا، ۽ انهيءَ ڳالهه جو منصوبو ٺاهيائون جنهن ۾ ڪامياب نه ٿيا. هنن ڇا جو وير ٿي ورتو؟ فقط هن ڳالهه جو ته الله ۽ سندس رسول انهن کي پنهنجي فضل سان (غنيمت جو مال ڏيئي ڏيئي ۽ واپار وڌائي) تونگر ڪري ڇڏيو هو. بهرحال جيڪڏهن اهي ماڻهو هاڻي به باز اچن ته سندن لاءِ بهتر آهي. پر جيڪڏهن منهن موڙيندا رهندا ته پوءِ ياد رکن ته الله تعاليٰ ضرور کين دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ روءِ زمين تي هنن لاءِ نڪو ڪو ڪارساز هوندو، نڪو ڪو مددگار.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله جو قسم کڻي (منافق) چون ٿا ته اسان ايئن نه چيو آهي حالانڪ تحقيق انهن ڪفر جو ڪلمون چيو آهي ۽ انهن اسلام آڻڻ کان پوءِ به ڪفر ڪيو آهي ۽ انهن اهو ارادو ڪيو جنهنکي پورو ڪري نه سگھيا، الله ۽ الله جي رسول انهن کي مالِ غنيمت سان غني ڪيو ان کي اهي عيب نه سمجھن، پوءِ جيڪڏهن اُهي توبه تائب ٿين ٿا ته انهن لاءِ بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرائين ٿا ته الله تعالى دنيا ۽ آخرت ۾ انهن تي دردناڪ عذاب ڪندو، ۽ انهن لاءِ زمين ۾ ڪوبه حمايتي ۽ مددگار ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي منافق خدا جا قسم کڻن ٿا ته اسان (ڪا به بڇڙي ڳالھ) نه چئي، هوڏانهن انهن پڪ ڪفر جو ڪلمو چيو ۽ پنهنجي اسلام کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ ان ڳالھ جو ارادو ڪيائون جنهن ۾ ناڪامياب رهيا ۽ (مسلمانن سان) رڳو هن ڳالھ سبب عداوت ڪيائون جو الله ۽ سندس رسول کين پنهنجي فضل سان شاهوڪار ڪيو پوءِ جيڪڏهن توبه ڪندا ته انهن لاءِ چڱو ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڦرندا ته خدا کين دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ ساري دنيا ۾ سندن نڪو حامي ٿيندو ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم کڻن ٿا الله جو ته نه چيائون حالانڪه البته تحقيق چيائون ڪفر جو ڪلمو ۽ ڪفر ڪيائون پنهنجي اسلام آڻڻ کان پوءِ ۽ پڪو ارادو ڪيائون ان جو جو نه پهچي سگھيا ۽ نه ڪاوڙيا مگر هن ڳالھ کان جو شاهوڪار ڪيو انهن کي الله ۽ ان جي رسول پنهنجي فضل سان پوءِ جيڪڏهن توبہ ڪندا ته هوندو ڀلو انهن جي لاءِ ۽ جيڪڏهن ڦرندا ته عذاب ڪندو انهن کي الله عذاب دردناڪ دنيا ۽ آخرت ۾ ناهي انهن لاءِ زمين ۾ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله جا قسم کڻن ٿا ته اسان نه چيو هوڏانهن انهن ڪفر جي ڳالهه چئي ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ ان شيءِ جو ارادو ڪيائون جنهن ۾ ناڪامياب رهيا ۽ اهو انهن رڳو هن ڳالهه جو بدلو ٿي ورتو جو الله ۽ سندس رسول کين پنهنجي فضل مان (غنيمت جو مال ڏيئي) شاهوڪار ڪيو پوءِ جيڪڏهن توبه ڪندا ته انهن لاءِ چڱو ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڦرندا ته الله کين دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ انهن لاءِ زمين ۾ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جا قسم کڻن ٿا ته انهن (ڪجهه) به نه چيو. حالانڪه بلاشڪ انهن ڪفر جو ڪلمو چيو ۽ پنهنجي اسلام آڻڻ بعد ڪفر ڪيائون ۽ اهڙي ڳالهه جو ارادو ڪيائون جا پوري ڪري نه سگهيا ۽ انهن رڳو هن ڳالهه جو بدلو ٿي ورتو ته الله ۽ ان جي رسول کين پنهنجي فضل سان شاهوڪار ڪيو. پوءِ جي توبه ڪندا اهو انهن لاءِ بهتر آهي ۽ جي ڦِرندا ته الله انهن کي عذاب ڪندو سختُ عذابُ دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ انهن لاءِ زمين ۾ نه ڪو دوست هوندو نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کڻندا قسم خداجا،ته مُنهان نَه ڪُڇيا مُور، ۽ ڪيائون ڳالھ ڪُفر جي، ڪِ ڦِريا، سندنِ مَڃڻُ پُٺيان مُور، ۽ پَهيون نه پُهتا جِنهن کي؛ ۽ نه وِڏُوڙا وَهلور، مگر مالِڪ مُلڪ ڌڻي، پڻ سندسِ نبي نور، ڀَريو تن ڀرپور، ڀَلي پنهنجي ڀال سان. جي موٽيا، ته موچارو تن لئي ۽ جي مُنهن موڙيؤن مُور، ته هِن ۽ هُن جھان ۾، سائين ڏِيندنِ سُور، ۽ ڀون اَندرڀَرپور، والِي، نه اُنهن جو، واهرُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سندن ڳالهائڻ بابت الله جا قسم کڻن، پر حقيقت ۾ انهن ڪفر جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ اسلام آڻن کان پوءِ ڪافر ٿي ويا ۽ اهڙيءَ ڳالهه جو ارادو ڪيو هئائون، جا کين هٿ نه لڳي ۽ هنن اهو بدلو رڳو هن ڳالهه جو ڏنو آهي ته انهن کي الله ۽ سندس رسول پنهنجي فضل سان مالدار ڪيو آهي. سو جيڪڏهن هن کان پوءِ به توبهه ڪندا ته انهن لاءِ چڱو آهي پر جي منهن موڙيائون ته الله دنيا ۽ آخرت ۾ کين دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ دنيا ۾ سندن نڪو يار هوندو نڪو مددگار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو الله جا قسم کڻي ٿا چون ته، اها ڳالهه نه چئي اٿن، حالانڪه انهن اها ڪفر واري ڳالهه ضرور چئي آهي، هنن اسلام آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو ۽ اهو ڪجهه ڪرڻ جو ارادو ڪيائون، جيڪو ڪري نه سگهيا. اهو سندن سارو وير رڳو انهيءَ ڳالهه جي ڪري آهي ته الله ۽ سندن رسول پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جيڪڏهن اهي پنهنجي روش کان باز آيا ته پاڻ لاءِ چڱو اٿن ۽ جيڪڏهن باز نه آيا ته الله کين ڏاڍي دردناڪ سزا ڏيندو، دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به ۽ زمين ۾ ڪوبه نه آهي جيڪو سندن واهرو ۽ مددگار هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو الله جو قسم کڻي چوندا آهن، ته اسان اها ڳالهه ناهي چئي، پر انهن ضرور اها ڪفر واري ڳالهه چئي ۽ انهن اسلام آڻڻ کان پوءِ ئي ڪفر ڪيو، ۽ انهن اهو ڪجهه ڪرڻ جو ارادو ڪيو جيڪو ڪري نه سگهيا، سندن ڪاوڙ انهيءَ تي آهي ته کين مالدار ڪري ڇڏيو آهي الله ۽ سندس رسول پنهنجي فضل سان، هاڻي جي اهي پنهنجي هلت کان باز اچن ته انهن لاءِ بهتر آهي، ۽ جي اهي نه رڪجن ته کين الله ڏاڍو ڏکوئيندڙ عذاب ڏيندو، دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به ، ۽ انهن لاءِ نه هوندو زمين تي سندن ڪوبه حمايتي ۽ مددگار.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (منافق) الله تعالى جو قسم کڻي چون ٿا ته اها ڳالهه اسان نه چئي آهي. حالانڪه انهن ڪفر وارو جملو ڳالهايو آهي هاڻي هو اسلام آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪري چڪا آهن ۽ انهن ته (توهان کي نقصان پھچائڻ جو) پڪو ارادو ڪيو هو پر هو نه ڪري سگهيا، ڇا هو رڳو ان ڳالهه جو بدلو وٺن پيا ته الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) پنھنجي مھربانيءَ سان کين (غنيمت جو مال ڏئي) خوشحال ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ جيڪڏهن هو توبہ ڪندا ته انهن لاءِ بهتر آهي پر جيڪڏهن هو منھن موڙيندا ته الله تعالى کين دنيا ۽ آخرت ۾ تڪليف ڏيندڙ عذاب ڏيندو ۽ زمين ۾ ڪير به سندن حمايت ۽ مدد ڪندڙ نه هوندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (هي منافق) الله جا قسم کڻن ٿا ته انهن (ڪجهه) نه چيو حالانڪه انهن يقيناً ڪفر جو ڪلمو چيو ۽ اُهي پنهنجي اسلام (کي ظاهر ڪرڻ) کانپوءِ ڪافر ٿي ويا ۽ انهن (ڪيئي ايذاءُ ڏيندڙ ڳالهين جو) ارادو (به) ڪيو هو جن کي اُهي نه ڪري سگهيا ۽ اُهي (اسلام ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي عمل مان) ۽ ڪنهن شيءِ کي ناپسند نه ڪري سگهيا سواءِ ان جي ته انهن کي الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) پنهنجي فضل سان غني ڪري ڇڏيو هو، سو جيڪڏهن هي (اڃا به) توبه ڪري وٺن ته انهن جي لاءِ بهتر آهي ۽ جيڪڏهن (اهڙي طرح) منهن موڙيندا رهن ته الله انهن کي دنيا ۽ آخرت (ٻنهي زندگين) ۾ دردناڪ عذاب ۾ مبتلا فرمائيندو ۽ انهن جي لاءِ زمين ۾ نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو مددگار.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) منافق الله جو قسم ٿا کڻن ته اسين ايئن نه چيو، ۽ حقيقت اها آهي ته انهن بلڪل ڪفر جي ڳالهه ڪئي. هو اسلام قبول ڪري وري ڪفر جي واٽ تي هليا ۽ ان ڳالهه جو منصوبو جوڙيائون جيڪا ماڻي نه سگهيا. انهن ته رڳو ان ڳالهه جو پلاند ڪيو (انتقام ورتو) جو الله پنهنجي رسول ۽ مؤمنن کي پنهنجي فضل سان (مالِ غنيمت عطا ڪري) کين آسودو ڪري ڇڏيو آهي. مطلب ته اهي ماڻهو جيڪڏهن هاڻي به مڙي پون ته اِهو انهن جي لاءِ بهتر آهي ۽ جيڪڏهن منهن موڙي وڃن ته پوءِ ياد رکن، الله کين ضرور دنيا ۽ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب ڏيندو ۽ روءِ زمين تي به انهن جو نه ڪي ڪو دوست (ڪارساز) آهي نه ئي وري ڪو مددگار. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِنهُم مَن عٰهَدَ اللَّهَ لَئِن ءاتىٰنا مِن فَضلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكونَنَّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ منجھائن ڪي آھن جن الله سان انجام ڪيو آھي ته جيڪڏھن پنھنجي فضل سان اسان کي ڏنائين ته ضرور خيرات ڏينداسون ۽ ڀلارن مان ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو ته) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جن الله سان عهد ڪيو هو ته، جيڪڏهن هو پنهنجي فضل سان اسان کي (مال ۽ دولت) عطا فرمائيندو ته اسان ضرور صدقا ڏينداسين ۽ ضرور نيڪي جي زندگي گذارينداسين (يعني صالح عمل ڪنداسين).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن مان ڪجھه اهڙا به آهن جن الله سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن اسان کي الله پنهنجي فضل سان (رزق) ڏنو ته اسين ضرور خيرات ڪنداسين ۽ ضرور اسين صالحين مان ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (منافقن) مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي خدا سان قول ۽ اقرار ڪري چڪا هئا ته جيڪڏهن پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان (ڪجھ مال) ڏيندو ته اسين ضرور خيرات ڪنداسون ۽ نيڪ ٿينداسون. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان اهي به آهن جن عهد ڪيو الله سان ته البته جيڪڏهن ڏيندو اسان کي فضل پنهنجي سان ته البته ضرور صدقو ڪنداسون ۽ البته ضرور هونداسون صالحن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن الله سان انجام ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي پنهنجي فضل مان ڏيندو ته اسين ضرور خيرات ڪنداسون ۽ نيڪي ڪندڙن مان ٿينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (منافقن) مان ڪجهه اهڙا آهن جن الله سان عهد ڪيو هيو ته جيڪڏهن الله اسان کي پنهنجي فضل مان ڪجهه ڏنو ته اسان ضرور صدقا ڪنداسين ۽ ضرور صالحن مان ٿينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن مان، ڪن اَنجام ڪيا، بارِيءَ سان بَحال، ته ڀَلي سندسِ ڀال مان، جي موڪ ڏِنوسون مال، ته صَدقا ڏينداسون، صِدق مان نالي مِٺي نال، ۽ نيڪن مان نِهال، هونداسون هر حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان ڪن الله سان عهد ڪيو ته ”جي اسان کي پنهنجي فضل سان مال ڏيندو، ته اسين خوب خيرات ڏينداسون ۽ خوب نيڪ ڪم ڪنداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان ڪي اهڙا به آهن، جن الله سان عهد ڪيو هو ته جيڪڏهن اسانکي پنهنجي فضل سان نوازيائين ته اسان خيرات ڏينداسون ۽ صالح ٿي رهنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جو الله سان وعدو هو ته جيڪڏهن ان اسان کي پنهنجي فضل سان نوازيو ته اسين خيرات ڪنداسين ۽ نيڪ ٿي رهنداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن منافقن منجهان ڪي اهڙا به آهن جن الله تعالى سان وعدو ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو پنھنجي فضل سان اسان کي نوازيندو ته اسان ضرور خيرات ڪڍنداسين ۽ نيڪوڪار ٿي رهنداسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن (منافقن) مان (ڪجهه) اُهي به آهن جن الله سان عهد ڪيو هو ته جيڪڏهن ان اسان کي پنهنجي فضل سان (دولت) عطا فرمائي ته اسان ضرور (ان جي واٽ ۾) خيرات ڪنداسين ۽ اسان ضرور نيڪن مان ٿي وينداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ منجهن (ڪجهه ماڻهو) اهڙا به آهن جن الله سان واعدو ڪيو هيو ته جيڪڏهن الله پنهنجي فضل سان اسان کي (مال ۽ دولت) عطا فرمائيندو ته اسين ضرور خيرات ڪنداسين ۽ ضرور نيڪ زندگي بسر ڪنداسين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا ءاتىٰهُم مِن فَضلِهِ بَخِلوا بِهِ وَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 76) |
پوءِ جنھن مھل پنھنجي فضل سان کين مال ڏنائين ته اُن جي ڪنجوسائي ڪيائون ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦريا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن الله تعاليٰ هنن کي پنهنجي فضل سان (مال) عطا فرمايو تڏهن ان ۾ ڪنجو سائي ڪرڻ لڳا، ۽ (پنهنجي عهد اقرار کان) ڦري ويا. ۽ حقيقت هي آهي ته (نيڪيءَ کان) هنن جون دليون ڦريل آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن الله انهن کي پنهنجي فضل سان نوازيو ته انهن بخل ڪيو ۽ منهن موڙي انڪار ڪيائون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن خدا پنهنجي فضل ۽ (ڪرم) سان کين عطا فرمايو ته لڳا ان ۾ ڪنجوسي ڪرڻ ۽ منهن موڙي ڦرڻ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڏنائين انهن کي فضل پنهنجي سان ته بخيلي ڪيائون ان ۾ ۽ ڦريا حالانڪه اهي منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن کين پنهنجي فضل مان ڏنائين ته ان ۾ ڪنجوسي ڪيائون ۽ منهن موڙي ڦريا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن کي پنهنجي فضل مان ڏنائين ته ان ۾ بخل ڪيائون ۽ (معاهدي کان) مُنهن موڙي ڦِري ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڀَلي پنهنجي ڀال مان، بَخشِيَنِ، ڪيؤنسِ بَند، ڦيريؤن ڪِياڙي ڪَنڌ، ۽ اُهي مُنهن مُوڙيندڙ مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جڏهن الله انهن کي پنهنجي فضل سان (مال) ڏنو، ته بخيلي ڪرڻ لڳا ۽ ڦري ويا ۽ هو هئا ئي منهن موڙيندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ جڏهن الله پنهنجي فضل سان کين شاهوڪار ڪري ڇڏيو ته بخيل ٿي پيا ۽ پنهنجي قول کان ائين ڦري ويا جو ڪَا پرواه ئي ڪانه اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جڏهن کين نوازيو الله پنهنجي فضل سان ۽ دولتمند ڪيو ته انهن ڪنجوسي ڪئي ۽ پنهنجي وعدي تان ڦري ويا ۽ ڪا پرواهه به نه ڪئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن (الله تعالى) کين پنھنجي مھربانيءَ سان (گهڻو ڪجهه) عطا ڪيو ته وري ڪنجوسي ڪرڻ لڳا ۽ پنھنجي ڪيل وعدي تان ئي ڦري ويا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن ان کين پنهنجي فضل سان (دولت) بخشي (ته) اُهي ان ۾ ڪنجوسي ڪرڻ لڳا ۽ اُهي (پنهنجي وعدي تان) منهن موڙيندي ڦري ويا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ جڏهن، الله کين پنهنجي فضل سان (مال) عطا فرمايو ته ان ۾ ڪنجوسائپ ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي واعدي تان ڦري ويا. ۽ حقيقت اها آهي ته (نيڪيءَ کان) انهن جون دليون ئي ڦريل آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَعقَبَهُم نِفاقًا فى قُلوبِهِم إِلىٰ يَومِ يَلقَونَهُ بِما أَخلَفُوا اللَّهَ ما وَعَدوهُ وَبِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 77) |
پوءِ الله سندن دلين ۾ کين سندن ملڻ جي ڏينھن تائين انھي سببان منافقي لاڳو ڪري ڇڏي جو الله سان اُھو انجام نه پاريائون جيڪو ساڻس ڪيائون ۽ اُنھي سببان جو ڪوڙ چوندا رھيا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (انهيءَ ڳالهه جو نتيجو هي نڪتو جو) سندن دلين ۾ منافقيءَ (جو مرض) دائمي ٿي ويو، انهيءَ تائين (يعني قيامت جي ڏينهن تائين جڏهن الله تعاليٰ جي اڳيان پيش ٿيندا ۽ اها حالت) هن ڪري ٿيندي جو هنن الله سان جيڪو واعدو ڪيو هو سو (ڄاڻي ٻجهي) نه پاڙيو ۽ پڻ هن ڪري جو ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا هئا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ الله قيامت تائين انهن جي دلين ۾ منافقي وِڌي انهيءَ سببان جو انهن الله سان ڪيل وعدي جي مخالفت ڪئي ۽ انهيءَ سببان جو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان جي خميازي ۾ پنهنجي ملاقات جي ڏينهن (قيامت) تائين سندن دلين ۾ ڄڻ ته نفاق وجهي ڇڏيو. هن ڪري جو انهن ماڻهن جيڪو واعدو خدا سان ڪيو هو تنهن جي خلاف ڪيائون. ۽ هن ڪري جو اهي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لاڳو ڪيائين انهن کي منافقي دلين انهن جي ۾ ان ڏينهن تائين جو ملندا ان سان سببان ان جي جو نه پورو ڪيائون الله سان اهو جو وعدو ڪيائون ان سان ۽ سببان ان جي جو ڪوڙ ٿي هنيائون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان (الله) سان ملڻ جي ڏينهن تائين انهن سان سندن دلين ۾ نفاق لڳائي ڇڏيائين هن ڪري جو جيڪو وعدو الله سان ڪيو هئائون سو ان سان نه پاڙيائون ۽ هن ڪري جو اهي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله ان جي سزا ۾ انهن جي دلين ۾ نفاق وجھي ڇڏيو الله سان ملڻ واري ڏينهن تائين اهو هن ڪري جو جيڪو الله سان وعدو ڪيائون ان جي خلاف ڪيائون ۽ هن ڪري به جو اهي ڪوڙ ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سِٽيائين سَندنِ دِلين ۾، ٻِچاپِڙِي ٻِيهار، تان ڏِسنَسِ، جِنهن ڏينهن ۾، وِيندي تِنهن وار، جو ڪيائون قادِر سان، ڪُوڙا قول قرار، ٻيو پڻ اِن آڌار، ته ڏِين زِبانيون جُوٺيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنڪري سندن دلين ۾ منافقي خدا سان ملڻ تائين رهجي ويئي، ڇو ته انهن جيڪو واعدو الله سان ڪيو هو، ان کان ڦري ويا ۽ هو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نتيجو اهو نڪتو ته انهيءَ قول نه نباهڻ جي ڪري، جيڪو الله سان ڪيو هئائون ۽ انهيءَ ڪري جو هو ڪوڙ پئي هڻندا هئا، الله انهن جي دلين ۾ نفاق وجهي ڇڏيو، جيڪو سندس اڳيان پيش ٿيڻ جي ڏينهن تائين انهن جي جند نه ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندن انهيءَ بد عهديءَ جي ڪري الله سندن دلين ۾ نفاق ويهاريو جيڪو ڏينهن شنوائي تائين انهن جي جند نه ڇڏيندو ڇاڪاڻ ته انهن عهد شڪني ڪئي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ الله تعالى سندن دلين ۾ منافقي واري طبيعت کي قيامت تائين لاءِ پڪو ڪري ڇڏيو، اهو ان ڪري جو انهن الله تعالى سان ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪيو ۽ ان ڪري به جو هو ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ ان انهن جي دلين ۾ نفاق کي (انهن جي پنهنجي ڪنجوسي جو) انجام بڻائي ڇڏيائين ان ڏينهن تائين جڏهن اُهي ان سان ملندا ان ڪري جو انهن الله سان پنهنجي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي ڪئي ۽ ان ڪري (به) جو اُهي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ ان ڳالهه جو نتيجو اهو نڪتو جو سندن دلين ۾ منافقت (جو روڳ) دائمي ٿي ويو-جيستائين وڃي هو الله سان ملن (يعني انهن جي منافقت موت تائين ختم نه ٿيندي). ڇاڪاڻ ته انهن الله سان جيڪو واعدو ڪيو اهو (ڄاڻي- ٻجهي) نه پاڙيائون، پڻ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري به عذاب ڀوڳيندا! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم وَأَنَّ اللَّهَ عَلّٰمُ الغُيوبِ (آيت : 78) |
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله سندن ڳجھا ۽ سندن پڌرا (سخن) ۽ سندن ڳجھيون صلاحون ڄاڻندو آھي ۽ تحقيق الله وڏو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (افسوس) هنن ايترو به نٿي ڄاتو ڇا؟ ته الله تعاليٰ سندن راز ۽ ڳجهه ۽ سندن ڳجهيون صلاحون ۽ منصوبا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ هيءَ ڳالهه ته الله تعاليٰ کان غيب جي ڪابه ڳالهه لڪل ناهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله سندن ظاهري ۽ باطني ڳالهيون ڄاڻي ٿو ۽ بيشڪ الله غيب جي ڳالهين کي خوب ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي ايترو به نه ڄاڻندا هئا ته خدا سندن (سڀني) ڀيدن ۽ سندن لڪل صلاحون ڄاڻي ٿو. ۽ خدا سڀ ڳجهيون ڳالهيون ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇانه ڄاتائون ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو راز انهن جو ۽ ڳجھا مشورا انهن جا ۽ بيشڪ الله غيبن کي ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڄاتو ته الله سندن راز ۽ سندن لڪل صلاحون ڄاڻي ٿو. ۽ الله سڀ ڳجهيون ڳالهيون چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا نه ڄاتائون ته بيشڪ الله انهن جا راز ۽ انهن جون سرگوشيون ڄاڻي ٿو ۽ بيشڪ الله ڳجهيون ڳالهيون چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا نه سَمجھون؟ ته ستار سندنِ ڳجھ ۽ ڳالهيون، ڄاڻي ڄاڻڻهار ۽ پڻ پرور پَر پُٺ پارکو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انهن کي اها خبر نه هئي ته، الله سندن دلين جي ڀيد ۽ ڳجهين صلاحن کي ڄاڻي ٿو؟ ۽ الله سڀني غيب جي ڳالهين کي خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته الله سندن ڳجهن رازن ۽ سندن سـُـس پُـس کي به ڄاڻي ٿو ۽ سڀني غيب جي ڳالهين جو پوريءَ طرح ڄاڻو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله کي معلوم آهن سندن راز ۽ جيڪي هو لڪل صلاحون ڪن ٿا، ۽ بيشڪ الله سڀني ڳجهين ڳالهين کان باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن منافقن کي خبر نه آهي ته بيشڪ الله تعالى کي سندن رازن ۽ سندن لڪيل مشورن جي سڀ خبر آهي. بيشڪ الله تعالى ڳجهين ڳالهين کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا انهن کي خبر ناهي ته الله انهن جا راز ۽ انهن جون سرٻاٽون ڄاڻي ٿو ۽ اِهو ته الله سڀني غيب جي ڳالهين کي خوب ڄاڻي ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (افسوس انهن تي!) ڇا انهن نه ڄاتو ته الله انهن جي رازن ۽ سُرٻاٽن کان سونهون آهي ۽ الله کان غيب جي به ڪائي ڳالهه ڳجهي ڪانهي.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الَّذينَ يَلمِزونَ المُطَّوِّعينَ مِنَ المُؤمِنينَ فِى الصَّدَقٰتِ وَالَّذينَ لا يَجِدونَ إِلّا جُهدَهُم فَيَسخَرونَ مِنهُم سَخِرَ اللَّهُ مِنهُم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 79) |
اِھي اھڙا آھن جو صدقي ڏيندڙن مؤمنن جي صدقي ڏئڻ ۾ طعنا ھڻندا آھن ۽ انھن کي (به طعنا ھڻندا آھن) جيڪي (مزدوري ڪرڻ جي) اوکائي کانسواءِ ڪي نه لھندا آھن ۽ انھن سان مسخريون ڪندا آھن، الله (به) سندن مسخرين جو کين بدلو ڏيندو ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جن (منافقن) ماڻهن جو حال هي آهي جو خوشيءَ ۽ اخلاص سان صدقا ڏيڻ وارن مؤمنن تي (رياڪاريءَ جي) تهمت لڳائين ٿا ۽ جن مؤمنن کي پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل ناهي (۽ ان ٿورڙي ڪمائي مان به جيترو ٿي سگهين ٿو اوترو حق جي راه ۾ خرچ ڪري ڇڏين ٿا) تن تي (اهي منافق) ٽوڪون ٿا ڪن. (کين ياد رکڻ گهرجي ته) دراصل الله جي طرف کان خود مٿن ٽوڪون ٿي رهيون آهن (جو ذلت ۽ نامراديءَ جي زندگي گذاي رهيا آهن) ۽ (آخرت ۾) هنن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار رکيل) آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جيڪي مؤمنن تي سندن ڪيل خيراتن تي الزام هڻن ٿا حالانڪ مؤمنن وڏي ڪوشش سان انهي (ملڪيت کي) حاصل ڪيو پوءِ اهي (منافق) مؤمنن سان مذاق ڪن ٿا، الله انهن کي مذاق جي جزا ڏيندو ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهي آهن) جيڪي ايمان وارن مان دل کولي خيرات ڪندڙن جي خيرات ڏيڻ ۾ عيب ڪڍن ٿا ۽ جيڪي پنهنجي محنت کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نٿا لهن تن جو به (عيب ڪڍن ٿا) پوءِ انهن تان ٺٺوليون ڪن ٿا ته خدا انهن تان ٺٺوليون ڪري ٿو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو طعنو ٿا هڻن خوشيءَ سان خيرات ڏيندڙن کي مؤمنن مان صدقن (جي باري) ۾ ۽ انهن کي جو نه ٿا لهن سواءِ محبت پنهنجي پوءِ چٿرون ڪن ٿا انهن سان چٿر جو بدلو ڏيندو الله انهن کي ۽ انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اِهي اُهي آهن) جيڪي ايمان وارن مان خوشيءَ سان خيرات ڪندڙن جي خيرات ڏيڻ ۾ عيب ڪڍن ٿا ۽ جيڪي پنهنجي محنت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿا لهن تن جو به (عيب ڪڍن ٿا) پوءِ انهن تان ٺٺوليون ڪن ٿا. الله انهن تان ٺوليون ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جيڪي ايمان وارن مان خوشيءَ سان گھڻي خيرات ڪرڻ وارن جي خيرات ۾ (رياڪاري جو) طعنو هڻن ٿا ۽ انهن ماڻهن کي به جيڪي پنهنجي محنت (مزدوري) کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿا لهن پوءِ هي انهن تان ٺٺوليون ڪن ٿا. الله انهن جي ٺٺولين جي سزا ڏيندو ۽ انهن لاءِ ايذائيندڙ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي خير ڏيندڙ مؤمنن تان، مَنجھ خير کِلن خوار، پڻ جي مَدد نه ڏِين، مگر پَنهنجِي پُڄندِي هار، پوءِ کِلن اُنهن مان؛ کِل جِي ڏِيندن جَزا جبّار، ۽ اُنهن لئي آزار، ڪو ڏاڍو آهي ڏُ کيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (منافق) اهڙا آهن، جو خوشيءَ سان ڏيندڙ مسلمانن جي خيرات تي طعنا هڻندا آهن. (خاص) انهن تي، جن کي مزوريءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به هٿ نٿو اچي، تن تان به هي ٺٺوليون ڪن ٿا. الله مٿن ٺٺوليون ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (هو انهن ڪنجوس دولتمندن کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي) جيڪي دل جي حضور سان مالي قربانيون ڪندڙ مؤمنن کي ٿا مهڻا ڏين ۽ انهن ماڻهن تي ٿا چٿرون ڪن، جن وٽ (الله جي واٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ) سواءِ محنت مزوريءَ جو ڪم ڪري ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه به ناهي، الله انهن ٽوڪون ڪندڙن تي ٿو ٽوڪون ڪري ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو ڪنجوس دولتمندن کي ڄاڻي ٿو) جيڪي طعنه زني ڪندا آهن رضا خوشيءَ سان صدقا ڏيندڙ مؤمنن تي ۽ انهن ماڻهن وٽ ڪجهه به نه آهي سواءِ محنت ڪشي ڪرڻ جي ته انهن تان ٺٺوليون ڪندا آهن، ٺٺوليون ڪري ٿو الله انهن تي، ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ سزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (منافق) اهڙن مؤمنن تي ٽوڪون ڪن ٿا جيڪي ويچارا وڏي خلوص سان مال نه هجڻ جي صورت ۾ صرف پنھنجي ڪم جي محنت کي الله تعالى جي راهه ۾ پيش ڪن ٿا، الله تعالى اهڙن ٽوڪون ڪندڙن کي (ضرور) بدلو ڏيندو ۽ انهن جي لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪي ماڻهو رضا ۽ خوشيءَ سان خيرات ڏيڻ وارن مومنن تي (انهن جي) صدقن ۾ (ڏيکاءُ ۽ مجبوري جو) الزام لڳائن ٿا ۽ انهن (غريب مسلمانن) تي به (عيب لڳائن ٿا) جيڪي پنهنجي محنت ۽ مشقت کانسواءِ (ڪجهه وڌيڪ طاقت) نٿا رکن سو اهي (انهن جي خرچ ڪرڻ واري جذبي تان به) کلن ٿا، الله انهن کي سندن مذاق جي سزا ڏيندو ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن ماڻهن جو حال اهو آهي ته خوشيءَ سان خيرات ڪندڙ مؤمنن تي (رياڪاريءَ جو) الزام هڻن ٿا، جن مؤمنن کي پنهنجي پورهئي ۽ پگهر جي ڪمائيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي (۽ ان مان به مؤمن ماڻهو جيترو ڏئي سگهن ٿا- حق جي راهه ۾ ڏئي ڇڏين ٿا ته منافق) انهن (مسڪين ۽ پورهيت مؤمنن) تي به چٿرون ڪن ٿا، تنهن ڪري (اهڙن منافقن کي معلوم هجڻ گهرجي) ته اصل ۾ الله جي طرفان خود انهن تي چٿرٿي رهي آهي (جو ذليل ۽ خوار ٿي زندگي گذاري رهيا آهن) ۽ (آّخرت ۾) انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
استَغفِر لَهُم أَو لا تَستَغفِر لَهُم إِن تَستَغفِر لَهُم سَبعينَ مَرَّةً فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 80) |
انھن لاءِ بخشش گھُرين يا انھن لاءِ بخشش نه گھُرين، جيڪڏھن اُنھن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گھُرين ته به الله انھن کي ڪڏھن نه بخشيندو، اھو ھن سببان آھي جو اُنھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو، ۽ الله بي دين قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون هنن لاءِ بخشش جي دعا گهرين، توڙي نه گهرين (هڪ ئي ڳالهه آهي.) جيڪڏهن تون ستر ڀيرا هنن لاءِ بخشش جي دعا گهرين ته به الله تعاليٰ کين هرگز ڪين بخشيندو. اهو هن ڳالهه جو نتيجو آهي جو هنن الله ۽ رسول (جي تابعداريءَ) کان انڪار ڪيو ۽ الله (جو مقرر قانون هي آهي ته) نافرمان باغين لاءِ هو (ڪاميابي ۽ سعادت جي) راهه ڪڏهن به نٿو کولي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان انهن (منافقن) لاءِ بخشش طلب ڪريو يا نه ڪريو، جيڪڏهن توهان انهن لاءِ سَتَر دفعا به بخشش طلب ڪندا ته به الله انهن کي بخش نه ڪندو، بخشش نه ٿيڻ جو سبب هي آهي ته بيشڪ انهن الله ۽ الله جي رسول جو انڪار ڪيو، ۽ الله گنهگار قوم کي هدايت نٿو ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) انهن لاءِ معاف گهرين يا معافي نه گهرين (انهن لاءِ هڪجهڙو آهي) تون هنن جي لاءِ ستر ڀيرا به مغفرت جي دعا گهرين ته به خدا کين هرگز معاف نه ڪندو. اها (سزا) هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو. ۽ خدا بدڪار ماڻهن کي منزل مقصود تائين نٿو پهچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مغفرت گھرين انهن لاءِ يا نه مغفرت گهرين انهن لاءِ جيڪڏهن مغفرت گهرندين انهن لاءِ ستر ڀيرا پوءِ ڪڏهن به نه بخشيندو الله انهن کي اهو هن سببان جو تحقيق انهن نه مڃيو الله ۽ ان جي رسول کي ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري فاسق قوم کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول ﷺ !) انهن لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين جيڪڏهن تون انهن لاءِ ستر ڀيرا معافي گهرندين ته به الله کين هرگز معاف نه ڪندو. اهو هن ڪري جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو. ۽ الله نافرمان قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون انهن (منافقن) لاءِ بخشش گهُرين يا بخشش نه گهُرين. جيڪڏهن تون انهن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گهرندين ته به الله انهن کي هرگز معاف نه ڪندو. اهو هِن ڪري جو انهن الله ۽ ان جي رسول سان ڪفر ڪيو. ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گُھرين، يانه گُهرين، تن لئي معافي موچار!، توڻي گُهرين، تن لئي، بخشِش سَتر بار، تبه مَرهِيندنِ، نه مُورهين، آگو اِن آڌار، ته ربَّ ۽ سندس رسول کان، ڪيو اُنهن انڪار، ۽ ڏَسي نه ڏِس ڏاتار، اُنهِيء ڪاهيارِي قوم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون انهن لاءِ بخشش گهرين يا نه گهرين، کڻي انهن لاءِ ستر ڀيرا بخشش گهرين، ته به الله انهن کي هرگز نه بخشيندو، اهو هن ڪري جو انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو، ۽ الله نافرمان ماڻهن کي واٽ نٿو لڳائي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تون اهڙن ماڻهن لاءِ معافي گهرين يا نه گهرين، جيڪڏهن تون ستر ڀيرا به انهن لاءِ معافي گهرندين ته به الله انهن کي اصلي معاف نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته انهن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو آهي ۽ الله فاسق ماڻهن کي ڇوٽڪاري واري واٽ نه ڏيکاريندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تون انهن جي لاءِ معافي جي درخواست ڪرين يا نه ڪرين، تون جي انهن جي لاءِ معافي جي درخواست ستر ڀيرا به ڪرين، تڏهن به الله کين معاف نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته انهن ڪفر ڪيو آهي الله ۽ سندس رسول سان، ۽ بيشڪ الله نٿو نجات جي راهه فاسق ماڻهن کي ڏيکاري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) (اهڙن منافقن لاءِ) بخشش جي دعا گهرين يا نه گهرين (ڳالهه برابر آهي) جيڪڏهن تون ستر ڀيرا به انهن لاءِ بخشش جي دعا گهرندين تڏهن به الله تعالى کين هرگز معاف نه ڪندو. (اسان جو اهو سخت رويّو) ان ڪري آهي ته انهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جو انڪار ڪيو ۽ الله تعالى اهڙن گناهگارن کي ڪڏهن به هدايت نه ڏيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان کڻي انهن (بدبخت، گستاخ ۽ توهان جي شان ۾ عيب ڪڍڻ وارن منافقن) جي لاءِ معافي گهرو يا انهن جي لاءِ معافي نه گهرو، جيڪڏهن توهان (پنهنجي طبعي شفقت، معافي ۽ درگذر جي ڪريمانه عادت جي پيش نظر) انهن جي لاءِ ستر ڀيرا به معافي گهرو تڏهن به الله انهن کي هرگز نه بخشيندو، اِهو ان ڪري جو انهن الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) سان ڪفر ڪيو آهي، ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نٿو فرمائي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) تون منافقن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪرين يا نه ڪرين (هاڻي انهن جي بخشش ٿيڻي ئي ناهي) تون کڻي ستر ڀيرا به انهن جي لاءِ بخشش جي دعا ڪندين تڏهن به الله، کين نه بخشيندو. اهو ان ڳالهه جو نتيجو آهي ته انهن الله ۽ ان جي رسول کان انڪار ڪيو ۽ الله (جو قانون اهو آهي ته هو) هدايت جي دائري مان نڪري ويندڙن تي (ڪاميابي ۽ بخت جي) واٽ ڪڏهن به نه کوليندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَرِحَ المُخَلَّفونَ بِمَقعَدِهِم خِلٰفَ رَسولِ اللَّهِ وَكَرِهوا أَن يُجٰهِدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَقالوا لا تَنفِروا فِى الحَرِّ قُل نارُ جَهَنَّمَ أَشَدُّ حَرًّا لَو كانوا يَفقَهونَ (آيت : 81) |
الله جي پيغمبر جي (جھاد تي) وڃڻ کانپوءِ پٺ تي رھندڙ پنھنجي (رھجي) وھڻ تي خوش ٿيا ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جِندن سان الله جي واٽ ۾ جِھاد ڪرڻ ناپسند ڪيائون ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته گرميءَ ۾ (جھاد لاءِ) نه نڪرو، (اي پيغمبرکين) چؤ ته دوزخ جي باھ ڏاڍي گرم آھي، جيڪڏھن سمجھن ھا (ته ايئن نه ڪن ھا).(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪي (منافق تبوڪ واري جهاد لاءِ شريڪ نه ٿيا ۽) پٺتي ڇڏيا ويا سي ڏاڍو خوش ٿيا ته الله جي رسول جي (خواهش جي) خلاف پنهنجي گهرن ۾ (مزي سان سلامت) ويٺا آهيون ۽ کين هيءَ ڳالهه سخت ناپسند لڳي ته پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيون. هنن ماڻهن کي چيو ته، اهڙي گرميءَ ۾ (گهر جو آرام ڇڏي) ڪوچ نه ڪيو. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، دوزخ جي گرمي ته (ان کان) گهڻو وڌيڪ گرم هوندي. جيڪڏهن هو سمجهه رکن ها (ته ڪڏهن به پوئتي رهجي پوڻ تي خوشيون نه ڪن ها).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي پوئتي رهندڙ (جنگِ تبوڪ کان) خوش ٿيا جو رسولِ عربي سان جهاد ۾ شريڪ نه ٿيا ۽ انهن کي الله جي راه ۾ پنهنجي مالن ۽ نفسن سان جهاد ڪرڻ نٿو وڻي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چون ٿا ته گرمي ۾ (جهاد لاءِ) نه نڪرو، رسولِ عربي توهان فرمايو جهنم جي باه تمام گھڻي گرم آهي، ڪاش اهي سمجھن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جنگ تبوڪ ۾) خدا جي رسول کان پري رهندڙ، پنهنجي وهڻ (جهاد ۾ نه وڃڻ) تي خوش ٿيا ۽ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان خدا جي راھ ۾ جنگ ڪرڻ کي ناپسند ڪيائون، ۽ چيائون ته (هن) گرمي ۾ (جنگ لاءِ) نه نڪرو (اي رسول!) تون چوين ته دوزخ جي باھ (جنهن ۾ اوهين سڙندو) انهي کان گهڻو گرم آهي، جيڪڏهن اهي ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خوش ٿيا پوئتي رهايل گھر ۾ ويهڻ پنهنجي تي رسول الله جي پويان ۽ نه پسند ڪيائون هيءَ ڳالھ ته جھاد ڪن مالن پنهنجن ۽ سرن پنهنجن سان الله جي واٽ ۾ ۽ چيائون ته نه نڪرو گرميءَ ۾ فرماءِ ته باھ جھنم جي سخت گرم آهي جيڪڏهن سمجھن ها .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله جي رسول جي (چوڻ جي) برخلاف، پٺ تي رهندڙ، پنهنجي ويهڻ تي خوش ٿيا ۽ پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سان الله جي رستي ۾ جنگ ڪرڻ کي ناپسند ڪيائون، ۽ چيائون ته گرميءَ ۾ (جنگ لاءِ) نه نڪرو. (کين) چئو ته دوزخ جي باهه ڏاڍي گرم آهي جيڪڏهن سمجهن ها (ته ائين نه ڪن ها) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رسول الله جي حڪم جي خلاف (جهاد کان) پوئتي رهجي وڃڻ وارا پنهنجي پوئتي رهجڻ تي خوش ٿيا ۽ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کي ناپسند ڪيائون ۽ چيائون ته ”گرمي ۾ نه نڪرو“. چؤ ته: ”جهنم جي باهه وڌيڪ گرم آهي. هائو جي سمجهن ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِهندڙ، سَندنِ وهڻ تي، خُوش ٿِيا خام خيال، اُبتڙ رَسُول ربَّ جي؛ ۽ ڀانيؤن بُرو بحال، سَندنِ سِر، ثَمرنال، لَڙڻ ربَّ جي راه ۾. ۽ چي، اُسهومَ، اُس ۾؛ چئو جَھنّم جو ڄيرو، مَنجھسِ سيڪ سَر سٖيرو، هُوندڪن، ڪو حوصلو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي پٺتي رهڻ وارا الله جي رسول کانپوءِ پنهنجي ئي رهڻ تي خوش ٿيا ۽ کين پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ نٿو وڻي ۽ (ٻين کي به) چوڻ لڳا ته ”اوهين گرميءَ ۾ نه نڪرو.“ چئو ته ”دوزخ جي باهه وڌيڪ گرم آهي!“ ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو سمجهن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي پوئتي رهي پوڻ جي موڪل ڏني وئي هئي، اهي الله جي رسول جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ گهر ۾ ويهي رهڻ تي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اهو نه وَڻين ته الله جي راهه ۾ مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن. اُنهن ٻين کي به چيو ته، "هن سخت گرميءَ ۾ نه نڪرو". چوين ته، "جهنم جي باهه ته اڃان به وڌيڪ گرم آهي". جيڪر ته انهن کي ان ڳالهه جي سمجهه هجي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوئتي رهڻ جي اجازت جن کي ڏني وئي. سي رسول الله جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ گهر ويهڻ تي خوش ٿيا ۽ کين پسند نه هو ته اهي پنهنجي مال ۽ جان سان جهاد ڪن الله جي راهه ۾، ۽ انهن ماڻهن کي چيو ته، هن گرميءَ ۾ نه نڪرو. کين چؤ ته جهنم جي باهه انهيءَ کان وڌيڪ سخت آهي، ڪاش کين ان جو شعور هجي ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جنگ ۾ نه هلڻ جي رعايت وٺڻ وارا) الله تعالى جي رسول (ﷺ) جو ساٿ نه ڏيڻ ۽ پنھنجي گهرن ۾ ويھي رهڻ تي ڏاڍا خوش آهن (ان ڪري جو) کين الله تعالى جي راهه ۾ پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪرڻ ناپسند لڳو پئي ۽ وري ٻين کي به چوندا وتن پيا ته (اڙي) هھڙي گرميءَ ۾ نه نڪرو. (اي نبي ﷺ!) توهان کين چؤ ته جھنم جي گرمي ته هن گرميءَ کان گهڻو وڌيڪ سخت آهي. ڪاش! انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) رسول الله(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي مخالفت جي ڪري (جهاد کان) پٺيان رهڻ وارا (اِهي منافق) پنهنجي ويهي رهڻ تي خوش پيا ٿين ۽ هُنن ان ڳالهه کي پسند نه ٿي ڪيو ته پنهنجي مال ۽ پنهنجي جانين سان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪن ۽ چوندا هئا ته هن گرمي ۾ نه نڪرو، فرمايو دوزخ جي باهه سڀ کان وڌيڪ گرم آهي، جيڪڏهن اُهي سمجهن ها (ته ڪهڙو نه سٺو هجي ها).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪي (منافق جهاد ۾ شريڪ نه ٿيا ۽) پوئتي رهايا ويا ته هو ان ڳالهه تي خوش ٿيا ته الله جي رسول جي خواهش جي ابتڙ پنهنجن گهرن ۾ ويهي رهيا آهن ۽ کين اها ڳالهه خراب لڳي ته پنهنجي مال ۽ پنهنجين جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪن. اُنهن منافقن، ماڻهن کي چيو هيو ته: ههڙي گرميءَ ۾ (گهر جو سک ڇڏي) جهاد لاءِ نه نڪرو. (اي پيغمبر!) تون چئه: دوزخ جي باهه جي گرمي ته (هن گرميءَ کان) وڌيڪ سخت گرم هوندي! جيڪڏهن منافق سمجهدار هجن ها (ته ڪڏهن به پنهنجي انهي حال تي خوش نه ٿين ها). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَليَضحَكوا قَليلًا وَليَبكوا كَثيرًا جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
پوءِ ٿورو کلڻ گھرجين ۽ گھڻو روئڻ گھرجين، اُنھن (اعمالن) جي بدلي ۾ جو جيڪي ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) چڱو! ڀلي اهي ماڻهو ٿورو کلي وٺن ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي انهن بدعملن جي بدلي ۾ گهڻوئي روئڻو پوندو، جيڪي بدعمل هو ڪندا رهيا آهن. (۽ جن لاءِ عذاب ضرور مٿن ڪڙڪندو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ انهن کي گھُرجي ته ٿورڙو کِلن ۽ گھڻو روئن، اها سندن بداعماليءَ جي جزا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪي اهي ڪرتب ڪندا هئا. ان جي عوض کين گهرجي ته تمام گهٽ کلن ۽ گهڻو روئن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گھرجي ته کلن ٿورو ۽ گھرجي ته روئن گھڻو بدلو آهي انهن (عملن جو) جيڪي ڪيائون ٿي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن عملن جي بدلي ۾ جيڪي پيا ڪن، ٿورو کلن ۽ گهڻو رئن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي گهرجي ته ٿورو کِلن ۽ گهڻو روئن. اُهو بدلو آهي ان جو جيڪي ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کلن، پوءِ ٿورو، ۽ گھڻو روئن رَت، عيوض تن البت، جيڪِي ڪَندا هُئا ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڀل ته سندن ڪيتن جي عيوض ٿورو کلن ۽ گهڻو روئيندا رهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي انهن کي گهرجي ته کلن ٿورو ۽ روئن گهڻو. ڇو جو جيڪا برائي ڪمائي اٿن، ان جو بدلو اهڙو آهي (جو ان تي روئڻ ئي گهرجي) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي کين گهرجي ته گهٽ کِلن ۽ وڌيڪ روئن، ڇاڪاڻ ته اها ئي جزا آهي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪا برائي هو ڪمائيندا رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي ته پنھنجي ڪيل غلطيءَ تي) کين گهرجي ته کلن گهٽ ۽ روئن گهڻو، اهو ئي سندن بدلو آهي جيڪو هو (مؤمنن تي) ٽوڪون ڪرڻ جي صورت ۾ ڪمائيندا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ انهن کي کپي ته ٿورو کِلن ۽ گهڻو روئن (ڇوته آخرت ۾ انهن کي وڌيڪ روئڻو آهي) هي ان جو بدلو آهي جيڪي اُهي ڪمائيندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڀلي! اهي ٿورو کلي وٺن وري کين پنهنجن بڇڙن ڪرتوتن جي ڪري گهڻو روئڻو به آهي! جيڪي هو ڪمائيندا رهيا آهن.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَإِن رَجَعَكَ اللَّهُ إِلىٰ طائِفَةٍ مِنهُم فَاستَـٔذَنوكَ لِلخُروجِ فَقُل لَن تَخرُجوا مَعِىَ أَبَدًا وَلَن تُقٰتِلوا مَعِىَ عَدُوًّا إِنَّكُم رَضيتُم بِالقُعودِ أَوَّلَ مَرَّةٍ فَاقعُدوا مَعَ الخٰلِفينَ (آيت : 83) |
پوءِ جيڪڏھن الله توکي منجھائن ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن موٽائي نئي ته نڪرڻ لاءِ توکان موڪلائيندا پوءِ چؤ ته مون سان ڪڏھن نه نڪرندؤ ۽ مون سان گڏجي ڪنھن دشمن سان ڪڏھن نه وڙھندؤ، بيشڪ اوھين پھريون ڀيرو وھڻ سان راضي ٿيؤ تنھنڪري (ھاڻي به) پوئتي وھندڙن سان گڏجي ويھو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن الله تعاليٰ توکي انهن مان ڪنهن ٽولي ڏي (صحيح سلامت) موٽائي آڻي، ۽ پوءِ (ڪنهن موقعي تي) هو (جهاد ڪرڻ لاءِ) نڪرڻ جي اجازت گهرن، ته ان وقت کين چئي ڏجانءِ ته توهان مون سان ڪڏهن به نه هلو. نڪي ڪڏهن مون سان شامل ٿي دشمن سان لڙائي ڪيو. توهان اڳئين ڀيري پٺتي رهي پوڻ پسند ڪيو، تنهن ڪري هاڻي به پٺتي رهڻ وارن سان گڏ (گهرن ۾) ويٺا رهو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اي حبيب، الله توهان کي انهن مان ڪنهن ٽولي ڏانهن واپس ڪري، پوءِ اهي توهان سان جهاد لاءِ هلڻ جي اجازت وٺن، پوءِ توهان فرمايو، توهان ڪڏهن به مون سان گڏ جهاد لاءِ نه هلو ۽ توهان ڪڏهن به مون سان گڏ دشمن کي قتل نه ڪريو، بيشڪ توهان ويهڻ لاءِ پهرين دفعي به راضي ٿيا پوءِ (هاڻي به) توهان ٻارن ۽ زالن ۽ معزورن سان گڏ ويهي رهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول!) جيڪڏهن خدا تو کي انهن منافقن جي ٽولي ڏي (جهاد کان صحيح سالم) واپس آڻي، پوءِ تو کان (جهاد لاءِ) نڪرڻ جي اجازت گهرن ته تون صاف چوين ته اوهين مون سان (جهاد لاءِ) هرگز نه نڪرندو ۽ نه وري مون سان گڏ دشمن سان وڙهندو. جڏهن اوهان پهرين ڀيري (گهر ۾) وهڻ پسند ڪيو ته (گهرن ۾) ويٺا هجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن موٽايو توکي الله هڪ جماعت ڏانهن انهن مان پوءِ موڪل گھرن توکان نڪرڻ لاءِ پوءِ فرماءِ ته ڪڏهن به نه نڪرندؤ اوهان مون سان گڏ هميشہ ۽ ڪڏهن به جنگ نه ڪندؤ مون سان گڏجي دشمن سان بيشڪ اوهان راضي ٿيئو وهڻ تي پهرئين ڀيري پوءِ وهو پوئتي وهندڙن سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن الله توکي انهن مان ڪنهن جماعت ڏي موٽائي پوءِ اهي توکان (جنگ لاءِ) نڪرڻ جي موڪل گهرن ته تون چئو ته اوهين ڪڏهن به مون سان نه نڪرندؤ ۽ نه مون سان گڏ ڪنهن به دشمن سان جنگ ڪندؤ. بيشڪ اوهين پهرئين ڀيري ويهڻ سان خوش ٿيؤ. پوءِ (هاڻ به) پٺ تي رهڻ وارن سان گڏ ويهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي) جي الله توکي انهن (منافقن) جي ڪنهن جماعت طرف موٽائي پوءِ تو کان (جهاد ۾) نڪرڻ جي اجازت گهرن ته چؤ: ”اوهان مون سان ڪڏهن به گڏ نه نڪرندؤ ۽ نه ڪڏهن مون سان گڏجي ڪنهن ويريءَ سان وڙهندئو. ڇو ته اوهان پهرئين ڀيري (جهاد کان) ويهي رهڻ تي راضي رهيؤ. پوءِ (هاڻي) پوئتي رهجي وڃڻ وارن سان گڏ ويهي رهو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي مولا موٽائي توکي، تن مان، ڪِنهن ٽولِيء پار، ته موڪل گُھرن، توڪنان، هلڻ لئي هيڪار، چئو سَدا مُنهنجي ساٿ ۾، نه نِڪرندا نيڪار، بلڪل مون ڀيڙو نه ڪندا، ڪِنهن ويرِي مٿي وار، وَڻِيان ڳالھ وِهڻ جِي، آن کي اوّل بار، پوءِ وِهو ويرو تار، مُخالِفن جي ميڙ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن الله توکي انهن مان ڪنهن جماعت ڏانهن آڻي، تڏهن توکان (جهاد ۾) نڪرڻ لاءِ موڪل گهرن ته انهن کي چئو ته مون سان ڪڏهن به نه نڪرو ۽ نڪي مون سان همراهه ٿي دشمنن سان وڙهو. اوهين ته پهرئين ڀيري ئي ويهڻ تي راضي هئا، ته پوءِ انهن سان ويهو، جي (سچ پچ) پٺتي رهجي وڃڻ جا لائق نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله توکي انهن وٽ موٽائي آڻي ۽ آئنده انهن مان ڪو ٽولو توکان جهاد لاءِ نڪرڻ جي اجازت گهري ته صاف چئي ڇڏجانءِ ته، "هاڻي توهان مون سان گڏ ڪنهن به صورت ۾ نٿا هلي سگهو ۽ نه مون سان گڏ ڪنهن دشمن سان لڙي سگهو ٿا، توهان اڳي ويهي رهڻ پسند ڪيو هو ته هاڻي گهر ويهي رهڻ وارن سان ئي گڏ توهان به ويٺا رهو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي الله توکي انهن ۾ واپس آڻي ۽ آئنده انهن مان ڪو ٽولو جهاد ۾ نڪرڻ لاءِ توکان اجازت گهري ته کين صاف چئجان ته، هاڻي توهان مون سان گڏ هلي نٿا سگهو ۽ نه مون سان گڏ ڪنهن دشمن سان وڙهي سگهو ٿا، توهان پسند ڪيو هو ويهڻ کي پهرين، سو هاڻي به گهر ويهڻ وارن سان گڏ ويهي رهو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هن جنگ کان پوءِ) الله تعالى جڏهن توهان کي انهن وٽ (مديني ۾) واپس آڻيندو ته (هاڻي) هو توهان کان (آئنده) جنگ تي هلڻ جي اجازت گهرندا پوءِ توهان کين صاف چئجو ته توهان مون سان ڪڏهن به نٿا هلي سگهو ۽ نه ئي مون سان گڏ توهان دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا. توهان پھريون ڀيرو (ڏکئي وقت ۾) ويھڻ کي پسند ڪيو، هاڻي توهان پوئتي ويھڻ وارن سان ئي وڃي گڏ ويھو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ (اي حبيب!) جيڪڏهن الله توهان کي (غزوه تبوڪ مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ) انهن (منافقن) مان ڪنهن ٽولي جي طرف ٻيهر واپس وٺي وڃي ۽ اُهي توهان کان (آئنده ڪنهن ٻئي غزوه جي موقعي تي جهاد جي لاءِ) نڪرڻ جي اجازت گهرن ته انهن کي فرمائجو ته (هاڻي) توهان مون سان گڏ ڪڏهن به هرگز نه نڪرجو ۽ توهان مون سان گڏ ٿي ڪڏهن به دشمن سان جنگ نه ڪجو (ڇوته) توهان پهرئين دفعي (جهاد ڇڏي) پٺيان ويهي رهڻ تي خوش ٿيا هئا سو (هاڻي به) پويان ويهي رهڻ وارن سان گڏ ويٺا رهو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تنهنڪري (اي پيغمبر!) جيڪڏهن الله توکي انهن جي ڪنهن گروهه ڏانهن (صحيح سلامت) موٽائي ۽ پوءِ (ڪنهن موقعي تي) اهي توکان (جهاد ۾) نڪرڻ جي اجازت طلبين ته ان وقت تون کين چئجان ته: نه ڪي توهين مون سان گڏجي نڪرو ۽ نه ڪي مون سان گڏجي دشمن سان وڙهو. توهين پهرين ڀيري، ويهي رهڻ پسند ڪيو ته هاڻي به پوئتي ويهي رهندڙن سان گڏجي (گهرن ۾) ويٺا رهو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا تُصَلِّ عَلىٰ أَحَدٍ مِنهُم ماتَ أَبَدًا وَلا تَقُم عَلىٰ قَبرِهِ إِنَّهُم كَفَروا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَماتوا وَهُم فٰسِقونَ (آيت : 84) |
۽ منجھائن جيڪو مري تنھن تي بلڪل نماز نه پڙھ ۽ نڪي سندس قبر تي بيھ، بيشڪ انھن الله ۽ سندس پيغمبر کي نه مڃيو ۽ اُھي بي دين ٿي مُئا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) انهن مان ڪوئي مري وڃي ته تون ڪڏهن به ان جي جنازي تي (هاڻي) نماز نه پڙهجانءِ، نڪي سندس قبر تي بيهي رهجاءِ. ڇو ته هنن الله ۽ سندس رسول کي نه مڃيو، ۽ گنهگاري ۽ نافرماني جي حالت ۾ مري ويا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان اي رسولِ عربي ڪڏهن به انهن مان ڪنهن جي نمازِ جنازه نه پڙهو ۽ نه ڪنهن جي قبر تي (بخشش لاءِ) بيهو، بيشڪ انهن الله ۽ الله جي رسول جو انڪار ڪيو، ۽ انهي حالت ۾ مُئا جو اهي ڪافر هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) هنن منافقن مان جيڪو به مري (ته) ان جي جنازي جي نماز نه پڙهج! ۽ نه ان جي قبر تي وڃي بيهج. هنن بيشڪ خدا ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو ۽ بدڪاري جي حالت ۾ مري (به) ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه (جنازه) نماز پڙھ تون ڪنهن هڪ تي انهن مان جيڪو مري ويو هميشہ ۽ نه بيھ ان جي قبر تي بيشڪ انهن نه مڃيو الله ۽ ان جي رسول کي ۽ مري ويا حالانڪه اهي فاسق آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ڪو مري ته ان تي ڪڏهن به نماز نه پڙهه ۽ نه ان جي قبر تي بيهه. بيشڪ انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو، ۽ اهي نافرمان ٿي مئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (منافقن) مان ڪو مري وڃي ته ڪڏهن به ان (جي جنازي) جِي نماز نه پڙهه ۽ نه ان جي قبر تي بيهه. بلاشڪ انهن الله ۽ ان جي رسول سان ڪفر ڪيو ۽ اُهي نافرمان هجڻ جي حالت ۾ مري ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَه پڙھ نِماز ڪِنهن مَٿي، جو منجھانِ مُئو مُدام، نه بِيھ ڪِنهن بُٺِيءَ تي، تن مان توڙ تمام، جو ربَّ ۽ سندس رسول کان، باغِي ٿيا بَدنام، ۽ خَتم ٿيا، سي خام، ۽ اُهي هلندڙ ٻاهر حُڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن مان ڪو مري، ته ان تي ڪڏهن به نماز نه پڙهاءِ ۽ نڪي سندس قبر تي ئي بيهه، ڇو ته انهن الله ۽ سندس رسول جو انڪار ڪيو آهي ۽ اُهي ڪفر جي ئي حالت ۾ مئا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اڳتي انهن مان ڪو مري ته ان جي جنازي نماز به ڪڏهن نه پڙهجانءِ ۽ نڪي سندس قبر تي وڃي بيهجانءِ ، ڇو ته انهن الله ۽ سندس رسول سان ڪفر ڪيو آهي ۽ اهي مئا به ان حالت ۾ جو هو فاسق هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئنده انهن مان ڪو مري ته جنازي نماز نه پڙهه انهن جي ۽ نه سندن قبر تي بيهجان، ڇوته انهن ڪفر ڪيو آهي الله ۽ سندس رسول سان ۽ اهي ان حال ۾ مئا آهن جو اهي فاسق آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اي نبي ﷺ!) انهن (منافقن) مان ڪير مري وڃي ته انهن جي جنازي نماز نه پڙهجانءِ ۽ نه ئي کين (دفنائڻ لاءِ) ان جي قبر تي وڃي بيھجانءِ. بيشڪ انهن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جو انڪار ڪيو آهي ۽ هو گناهگار جي حيثيت ۾ ئي مئا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان ڪڏهن به انهن (منافقن) مان جيڪو مري وڃي ان (جي جنازي) تي نماز نه پڙهو ۽ نه ئي توهان ان جي قبر تي بيهو (ڇوته توهان جو ڪنهن جاءِ تي قدم رکڻ به رحمت ۽ برڪت جو سبب هوندو آهي ۽ اِهي توهان جي رحمت ۽ برڪت جا حقدار نه آهن). بيشڪ انهن الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جو ڪفر ڪيو ۽ اُهي نافرمان هجڻ جي حالت ۾ ئي مري ويا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن انهن منجهان ڪو مري وڃي تون ڪڏهن به ان جي نماز نه پڙهجان نه ڪي ان جي قبر تي بيهجان ڇو جو انهن الله ۽ ان جي رسول کان ڪفر ڪيو ۽ ان حالت ۾ مئا جو هدايت (جي دائري) کان ٻاهر هيا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا تُعجِبكَ أَموٰلُهُم وَأَولٰدُهُم إِنَّما يُريدُ اللَّهُ أَن يُعَذِّبَهُم بِها فِى الدُّنيا وَتَزهَقَ أَنفُسُهُم وَهُم كٰفِرونَ (آيت : 85) |
۽ تون سندن مال ۽ سندن اولاد تي عجب نه ڪر، الله گھرندو آھي ته ان جي سببان دنيا ۾ ئي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساھ ڪفر جي ئي حالت ۾ نِڪرن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ توکي هنن جي (گهڻي) مال ملڪيت ۽ اولاد تي عجب ۾ پوڻ نه گهرجي. اهو مال ۽ اولاد سواءِ هن جي ڪجهه به ناهي ته الله تعاليٰ چاهي ٿو ته مال ۽ اولاد جي ذريعي ئي هنن کي عذاب ڏئي (يعني مال ۽ اولاد جي ڪري هو تڪبر ڪري نافرمانيون ۽ گناه ڪري پاڻ کي پاڻ تباه ڪندا) ۽ هنن جو ساه ڪفر جي حالت ۾ نڪري وڃي (يعني پڇاڙي تائين ڪفر کان باز نه اچن).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ توهان کي انهن جا مال ۽ اولاد حيرت ۾ نه وجھن، الله تعالى ارادو فرمائي ٿو ته کين انهن سان عذاب ڪري دنيا ۾ ۽ سندن ساهه ڪفر جي حالت ۾ نڪرندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندن مال ۽ انهن جي اولاد (جي گهڻائي) تو کي تعجب ۾ نه وجهي (ڇو ته) خدا جي مرضي ته اها آهي ته دنيا ۾ به سندن مال ۽ اولاد جي ڪري کين عذاب ۾ وجهي ۽ انهن جي موت وقت به اهي ڪافر (جا ڪافر ٿي) رهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه عجب ۾ وجھن توکي مال انهن جا ۽ اولاد انهن جو ان کان سواءِ ڪجھ ناهي ته ارادو فرمائي ٿو الله هي ته عذاب ڪري انهن کي انهن سان دنيا ۾ ۽ نڪرن ساھ انهن جا ان حال ۾ جو اهي ڪافر آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي سندن مال ۽ اولاد عجب ۾ نه وجهن. الله رڳو هيءُ گهري ٿو ته انهن شين جي ڪري دنيا (جي حياتيءَ) ۾ کين سزا ڏئي ۽ سندن ساهه ڪفر جي حالت ۾ نڪرن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جا مال ۽ انهن جا اولاد توکي عجب ۾ نه وجهن. بيشڪ الله اهو ئي چاهي ٿو جو ان جي ذريعي انهن کي دنيا ۾ سزا ڏئي ۽ انهن جو ساهه به ان حالت ۾ نڪري جو اُهي ڪافر هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عَجب نه لڳــئـِي اُنهن جا، مال، وِيا وَهواه!، گُھري ته دَرد دُنيا ۾، اُن سان ڏينِ اَلله، ۽ پُڄن سَندنِ پَساه، ۽ اُهي هونِ ڦِريل، اُن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون سندن مال ۽ اولاد تي عجب نه ڪر. الله گهري ٿو ته انهن سان ئي دنيا ۾ کين عذاب ڏئي ۽ سندس ساهه ڪفر جي حالت ۾ ئي نڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن شاهوڪار هجڻ ۽ اولاد وارو هجڻ توکي دوکي ۾ نه وجهي، الله ته ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته انهيءَ مال ۽ اولاد جي وسيلي هن دنيا ۾ ئي کين سزا چــَـکائي ۽ سندن ساهه ان حالت ۾ نڪرن جو هو ڪافر ئي هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توکي ڌوڪي ۾ نه وجهي سندن مال ۽ اولاد جي گهڻائي، الله ته ارادو ڪيو آهي ته انهيءَ جي وسيلي کين سزا ڏئي انهيءَ سان دنيا ۾ به ۽ سندن ساهه اهڙي حال ۾ نڪرن جو اهي ڪافر ئي هجن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) تو کي انهن جو مال،دولت ۽ گهڻي اولاد وارو هجڻ تعجب ۾ نه وجهي، بيشڪ الله تعالى چاهي ٿو ته کين انهن شين جي ذريعي ئي دنيا ۾ عذاب ڏئي ۽ انهن جو ڪافرن جي حيثيت ۾ ساهه نڪري. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن جا مال ۽ انهن جا اولاد توهان کي حيرت ۾ نه وجهن. الله فقط اهو گهري ٿو ته انهن شين جي ذريعي انهن کي دنيا ۾ (به) عذاب ڏي ۽ انهن جون جانيون ان حال ۾ نڪرن جو اُهي ڪافر (ئي) هجن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن جي مالن (جي گهڻائي) ۽ انهن جي اولاد (جي گهڻائيءَ) تي توهان کي عجب نه ٿيڻ گهرجي. الله چاهي ٿو ته (سندن ئي) مال ۽ اولاد جي ذريعي کين عذاب ڪري ۽ سندن ساهه ان حالت ۾ نڪرن جو سچائيءَ جا انڪاري هجن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ أَن ءامِنوا بِاللَّهِ وَجٰهِدوا مَعَ رَسولِهِ استَـٔذَنَكَ أُولُوا الطَّولِ مِنهُم وَقالوا ذَرنا نَكُن مَعَ القٰعِدينَ (آيت : 86) |
۽ جيڪڏھن ڪا سُورة (ھِن لاءِ) نازل ڪئي ويندي آھي ته الله کي مڃيو ۽ سندس پيغمبر سان گڏجي جھاد ڪريو ته منجھائن آسودا توکان موڪلائيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان کي ڇڏ ته ويٺلن سان گڏ رھون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن ڪا (قرآن جي) سورة هن باري ۾ نازل ٿئي ٿي ته الله تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول سان شامل ٿي جهاد ڪيو، تڏهن انهن مان جيڪي ماڻهو سرنديءَ وارا آهن، (يعني لڙائيءَ لاءِ سڀ سهولتيون ۽ طاقتون ۽ مال متاع اٿن) سي ئي توکان موڪل ٿا گهرن ته اسان کي ڇڏي ڏي ته گهرن ۾ ويهڻ وارن سان اسان به ويهي رهون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن سورت نازل ڪئي وئي ته الله تي ايمان آڻيو ۽ سندن پياري حبيب سان گڏ جهاد ڪريو ته انهن مان وڏا ماڻهو توهان کان اجازت وٺن ٿا ۽ (ايئن) چون ٿا ته اسان کي عورتن، ٻارن ۽ معذورن سان گڏ ڇڏي ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (به) ڪا سورت هن لاءِ نازل ٿي ته خدا کي مڃو ۽ سندس رسول سان گڏجي (وڃي) جهاد ڪريو ته جيڪي انهن مان مالدار آهن اهي اوهان کان اجازت وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي (اتي ئي ڇڏي ڏيو ته اسين به (گهر ۾) وهڻ وارن سان گڏ (ويٺا) رهون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن نازل ڪئي ٿي وڃي ڪا سورة ته ايمان آڻيو الله تي ۽ جھاد ڪيو ان جي رسول سان گڏ ته اجازت گھرن ٿا توکان طاقت وارا انهن مان چون ٿا ته ڇڏ اسان کي ته هجون وهندڙن سان گڏ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته اوهين الله تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول سان ٿي جنگ ڪريو ته انهن مان سرنديءَ وارا توکان موڪل گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي ڇڏ ته ويهڻ وارن سان گڏ رهجي وڃون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ڪا سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته الله تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول سان گڏجي جهاد ڪيو ته انهن مان دولتمند ماڻهو تو کان موڪل گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته : ”اسان کي ڇڏ ته ويهڻ وارن سان گڏ هجون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن لَٿِي سُورت، ته سائينءَ تي، آڻيو اوهين ايمان، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ گَڏ، لَڙو مَنجھ ميدان، موڪل تن مان، مال ڌڻِي، پِيا گُھرن بي گمان، چي، مُرسل! مِهربانَ، ڇَڏ ته وِهون، گَڏ وِهندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ڪا سورت لاٿي وڃي ته، ”الله تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول سان گڏجي جهاد ڪريو“ ته انهن مان دولتمند توکان موڪل گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ”اسان کي ڇڏيو، ته پوئتي رهڻ وارن مان هجون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن به ڪا سورت انهيءَ مضمون جي نازل ٿي ته الله کي مڃيو ۽ سندس رسول سان گڏجي جهاد ڪريو ته تو ڏٺو ته انهن مان جيڪي دولتمند هئا، اهي ئي توکان اجازت گهرڻ لڳا ته کين جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ کان معاف رکيو وڃي ۽ چيائون ته اسانکي ڇڏيو ته ويهي رهندڙن سان گڏ هجون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به نازل ٿي سورة هن مضمون جي ته مڃو الله ۽ جهاد ڪريو سندس رسول سان گڏجي ته توهان ڏٺو ته جيڪي ماڻهو منجهن آسودا هئا سي چوڻ لڳا ته کين ڇڏيو وڃي ته اهي ويهڻ وارن سان گڏ ويهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن به ڪا اهڙي سورت نازل ڪئي وڃي ٿي جنھن ۾ کين چيو وڃي ٿو ته الله تعالى تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول (ﷺ) سان گڏ وڃي جھاد ڪريو ته انهن (منافقن) مان جيڪي هلڻ جي سگهه رکن ٿا، تو انهن کي ڏٺو ته هو توکان موڪل گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي ڇڏ ته اسان پوئتي رهڻ وارن سان گڏ ويهون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن ڪا (اهڙي) سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ته توهان الله تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) سان گڏ جهاد ڪريو ته انهن مان دولت ۽ طاقت وارا ماڻهو توهان کان موڪل گهرندا آهن ۽ چوندا آهن: توهان اسان کي ڇڏيو اسان (پٺيان) رهڻ وارن سان گڏ ٿي وڃون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن ڪا (قرآن جي) سورت نازل ٿئي ٿي ته الله تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول سان گڏجي جهاد ڪيو ته جيڪي ماڻهو منافقن ۾ طاقتور آهن، اهي ئي توکان اجازت طلبڻ لڳن ٿا ته: اسان کي اجازت ڏي ته گهر ۾ ويٺلن سان گڏ ويٺا هجئون! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطُبِعَ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَفقَهونَ (آيت : 87) |
ويٺلن زالن سان گڏ ھُجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ سندين دلين تي مُھر ھنئي وئي پوءِ اُھي نه سمجھندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هنن هيءَ ڳالهه پسند ڪئي ته پٺتي رهڻ وارين (عورتن) سان رهجي پئون. (يعني مرد ٿي ڪري جنگ جي وقت زالن سان گهرن ۾ ويهي رهون) ۽ سندن دلين تي مهر لڳي ويئي، تنهن ڪري هو ڪجهه به نه ٿا سمجهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي گھر ۾ ويهندڙن سان گڏ ويهڻ ۾ راضي ٿيا ۽ انهيءَ سببان سندن دلين تي مُهر لڳائي وئي پوءِ اهي ڪجھه نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ان ڳالھ ۾ خوش آهن ته پٺتي رهڻ وارن (عورتن ٻارن ۽ بيمارن) سان گڏ (ويٺا) رهو ۽ (ڄڻ ته) سندن دلين تي مهر ڪيل آهي جو اهي ڪجھ نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) راضي ٿيا هن تي ته هجن پوئتي رهندڙن سان گڏ ۽ مهر هئين وئي دلين انهن جي تي پوءِ اهي سمجھن نه ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اهي پٺ تي رهڻ وارين زالن سان گڏ رهجي وڃڻ تي خوش ٿيا، ۽ سندن دلين تي مهر لڳائي وئي پوءِ اهي نه ٿا سمجهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ان ڳالهه ۾ راضي ٿيا ته پوئتي رهجي وڃڻ وارن (عورتن، ٻارن ۽ معذورن) سان گڏ هجن ۽ انهن جي دلين مٿان مُهر هنئي وئي آهي پوءِ اُهي نه ٿا سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رِيڌا اُنهيء رِيت تي، وهن ساڻ، ويهَنِ، ۽ داڳِيَا هِنيان هُنَنِ، ڪِنهن پَر، پَرُوڙينِ ڪين پوءِ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهي راضي آهن، ته پوئتي رهڻ وارن سان هجن، ڇو ته سندن دلين تي مهر لڳي ويئي آهي جنهن ڪري هو سمجهي نٿا سگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن گهرن ۾ ويهڻ وارين (زائفن) ۾ شامل ٿيڻ پسند ڪيو ۽ سندن دلين تي مهر هنئي وئي، تنهنڪري هاڻي ڪجهه به سمجهي نٿا سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پسند ڪيو انهن ماڻهن گهرن ۾ ويهڻ وارين سان گڏ ۽ مهر هنئي وئي سندن دلين تي، تنهن ڪري کين ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ڊڄڻا ماڻهو (بي همت ٿي) زائفن سان گڏ ويھڻ تي خوش ٿيا (سو) سندن دلين تي اهڙي ته مھر هنئي وئي آهي، جو هاڻي کين ڪا به شيءِ سمجهه ۾ نه ايندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن اِهو پسند ڪيو ته اُهي پٺيان رهڻ وارين عورتن، ٻارن ۽ معذورن سان گڏ ٿي وڃن ۽ انهن جي دلين تي مهر لڳائي ويئي آهي تنهنڪري اُهي ڪجهه نٿا سمجهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن پسند ڪيو ته پٺتي رهندڙن سان گڏجي (گهرن ۾) ويٺا رهن (يعني مرد ٿي ڪري به جنگ جي وقت عورتن سان گڏ گهرن ۾ ويٺا رهن) ۽ سندن دلين تي مهر لڳي چڪي- تنهنڪري ڪجهه سمجهن ئي نه ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لٰكِنِ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ جٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم وَأُولٰئِكَ لَهُمُ الخَيرٰتُ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 88) |
پر پيغمبر ۽ جن ساڻس ايمان آندو تن پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جِندن سان جھاد ڪيو، ۽ اِھي اُھي آھن جن لاءِ چڱايون آھن، ۽ اُھي ئي ڇٽل آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر الله جي رسول ۽ انهن جن، ساڻس گڏ ايمان آندو آهي، پنهنجي مال سان ۽ پنهنجي جانين سان (حق جي راهه ۾) جهاد ڪيو. (۽ منافقن جون چالبازيون کين ڪونه برغلائي سگهيون) انهن ئي (مؤمنن) لاءِ چڱايون (نعمتون ۽ برڪتون تيار رکيل) آهن، ۽ اهي ئي هر طرح ڪامياب رهندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پر الله جي رسول جهاد ڪئي، ۽ صحابهِ ڪرام به پاڻ ڪريمن سان گڏ پنهنجن مالن ۽ نفسن سان جهاد ڪئي، ۽ اِهي اُهي آهن جن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو آهي، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر سول ۽ جن ماڻهن ان سان گڏ ايمان آندو آهي انهن پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيو. هي اهي ئي آهن جن لاءِ (هر قسم جون) ڀلايون آهن. ۽ اهي ماڻهو ڪامياب هئڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر رسول ۽ جن ايمان آندو ان سان گڏ جھاد ڪيائون مالن پنهنجن ۽ سرن پنهنجن سان ۽ اهي انهن لاءِ ڀلايون آهن ۽ اهي ئي ڪامياب آهن تيار ڪيا الله انهن لاءِ بهشت جو وهن ٿيون هيٺان انهن نهرون هميشہ هوندا انهن ۾ اها ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پر رسول ۽ جن ان سان گڏ ايمان آندو تن پنهنجي مال ۽ پنهنجي جان سميت جنگ ڪئي ۽ انهن لاءِ ئي چڱايون آهن. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر رسول ۽ اُهي ماڻهو جن ان سان گڏ ايمان آندو ۽ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان جهاد ڪيائون، اُهي آهن جن لاءِ ڀلايون آهن ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر پاڻ ڀَلا، ۽ ڀيڙو تِنهن، آندوجن اِيمان، سَندنِ سِر سامان سان، مَلهايؤن ميدان، ۽ اُنهن لئي اِحسان، ۽ اُهي سوڀارا سَڀِين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر رسول ۽ جن ماڻهن ان سان گڏ ايمان آندو، تن پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو، انهن لاءِ ئي سڀ ڀلايون آهن ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جي ابتـڙ رسول ۽ انهن ماڻهن جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪيو ۽ هاڻي سموريون ڀلايون انهن لاءِ ئي آهن ۽ اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جي ابتڙ رسول ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو، انهن جهاد ڪيو پنهنجي مال ۽ جان سان، ته هاڻي انهن لاءِ ئي سڀ ڀلايون آهن، ۽ اهي ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر رسول (ﷺ) ۽ ايمان آڻيندڙن پنھنجي مالن ۽ جانين جي ذريعي جھاد ڪيو، سو انهن جي لاءِ ئي چڱايون آهن ۽ اهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پر رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) ۽ جن ماڻهن انهن سان گڏ ايمان آندو پنهنجي مال ۽ پنهنجي جانين سان جهاد ڪن ٿا ۽ انهن ئي ماڻهن جي لاءِ سڀئي ڀلايون آهن ۽ اُهي ئي ماڻهو مراد ماڻيندڙ آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پر الله جي رسول ۽ رسولن سان گڏ ايمان آڻيندڙ مؤمنن پنهنجي مال سان ۽ پنهنجين جانين سان (حق جي راهه ۾) جهاد ڪيو (۽ منافقن جون منافقانه چالون ڪجهه به نه ڪري سگهيون). اهي ئي مؤمن آهن جن جي لاءِ نيڪيون آهن ۽ اهي ئي مؤمن ڪامياب آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 89) |
انھن لاءِ الله اھڙا باغ تيار ڪيا آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ انهن (مؤمنن) لاءِ (دائمي نعمتن جا) اهڙا باغ تيار رکيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه انهن ۾ رهندا ۽ اها ئي وڏي ڪامراني ۽ فتحمندي آهي (جا کين نصيب ٿيندي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى انهن لاءِ باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اهي هميشه بهشت ۾ هوندا، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا انهن لاءِ (بهشت جا) اهي (ته چهچ ساوا) باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن (جن جي وڻن) هيٺان واھ جاري آهن (۽) اهي ان ۾ (هميشه) رهندا. اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تيار ڪيا الله انهن لاءِ بهشت جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ هوندا انهن ۾ اها ڪاميابي وڏي آهي (احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. انهن ۾ پيا رهندا. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله انهن لاءِ باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه رهندا. اها زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻِي باغ بهشت جا، تن لئي ڪيا تيار، جن تَلي تازيون ناليون، وَهنِ ويرو تار، مَنجھسِ سڀ ڄَمار، سَڀنِيان سَڀرِي، سوڀ اِيءَ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اُهي ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان واهيون وهن ٿيون. انهن ۾ هو هميشه رهندا. اها ئي آهي تمام شاندار ڪاميابي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تيار ڪيا آهن الله انهن جي لاءِ اهڙا باغ، جن جي هيٺان وهي رهيون آهن نهرون انهن ۾ اهي هميشه رهندا، اها ئي آهي عظيم ڪاميابي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى انهن جي لاءِ اهڙا ته باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، هو انهن ۾ هميشه رهندا، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله انهن جي لاءِ جنتون تيار فرمائي رکيون آهن جن جي هيٺان نهرون جاري آهن (اُهي) انهن ۾ هميشه رهڻ وارا آهن، اِهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) الله انهن جي لاءِ (ابدي نعمتن جا) اهڙا باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن اهي هميشه انهن ۾ رهندا ۽ اها وڏي خوش بختي آهي (جيڪا مؤمنن جي حصي ۾ ايندي). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَجاءَ المُعَذِّرونَ مِنَ الأَعرابِ لِيُؤذَنَ لَهُم وَقَعَدَ الَّذينَ كَذَبُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ سَيُصيبُ الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 90) |
۽ بَدوِين مان بھاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ سندس رسول کي ڪوڙو ڄاتو سي ويھي رھيا، منجھائن ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب سِگھو ئي پھچندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اعرابين مان (يعني بياباني بدوين مان) بهانن ڏيڻ وارا تو وٽ آيا ته کين به (گهر ۾ ويهي رهڻ جي) اجازت ڏني وڃي، ۽ (انهن مان) جن ماڻهن (مسلمان سڏائي) الله ۽ سندس رسول سان ڪوڙ ڳالهايو هو سي گهرن ئي ۾ ويٺا رهيا. ڏسو (يعني ڄاڻو ته) انهن مان جن (اها) ڪفر جي راهه اختيار ڪئي تن تي جلدئي دردناڪ عذاب اچي ڪڙڪندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بهانا ڪندڙ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو انهي لاءِ آيا ته انهن کي (جهاد نه ڪرڻ جي) اجازت ڏني وڃي ۽ جهاد کان اهي ماڻهو ويٺا جن الله ۽ الله جي رسول کي ڪوڙو سمجھو، انهن ڪفر ڪندڙن کي جلدي دردناڪ عذاب پهچندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو وٽ ڪجھ بهاني ڪرڻ وارا ڳنوار ڳوٺاڻا (به) اچي ڪٺا ٿيا ته جيئن انهن کي به (پٺتي رهڻ جي) موڪل ڏني وڃي ۽ جن ماڻهن خدا ۽ سندس رسول سان ڪوڙ ڪيو هو اهي (گهرن ۾) ويهي رهيا، (آيا به نه) انهن ماڻهن جن ڪفر اختيار ڪيو جلد ئي انهن تي دردناڪ عذاب نازل ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيا بهانا ڪندڙ بدوين مان تانت موڪل ڏني وڃي انهن کي ۽ ويٺا اهي جو ڪوڙو ڄاتائون الله ۽ ان جي رسول کي سگھوئي پهچندو انهن کي جو ڪفر ڪيائون انهن مان عذاب دردناڪ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻهراڙيءَ وارن مان بهانو ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي. ۽ جن الله ۽ سندس رسول سان ڪوڙ ڳالهايو هو سي ويهي رهيا. انهن مان ڪافرن کي دردناڪ عذاب پهچندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻهراڙي وارن مان ڪجهه بهاني ڪرڻ وارا آيا ته کين موڪل ڏني وڃي ۽ جن الله ۽ ان جي رسول سان ڪوڙ ڪيو هيو سي ويهي رهيا. سگھوئي انهن ماڻهن کي جن انهن مان ڪفر ڪيو دردناڪ عذاب پهچندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي جھانِگي آيا عُذر کڻي، ته مِلٖينِ موڪل مُور، ۽ جي ڦِريا ربَّ ۽ رسول کان، ويٺا، سي وَهلور، عُذر سچي ري، اُنهن مَنجهان، ڪيو جن قُصور، رَسندنِ جَلد ضرور، سُورن ڀَريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڳوٺاڻن مان ڪجهه بهاني باز ماڻهو آيا، ته انهن کي (پوئتي رهڻ جي) اجازت ملي ۽ جن (انهن مان) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي، اُهي ته بلڪل وهي رهيا، جن انهن مان ڪفر ڪيو، انهن کي جلد ئي دردناڪ عذاب ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻهراڙيءَ وارن (بدوي عربن) منجهان به ڪيترائي عذر کڻي آيا ته انهن کي به پوئتي رهڻ جي اجازت ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح جن الله ۽ سندس رسول سان ايمان آڻڻ جو ڪوڙو قول ڪيو هو اهي به ويٺا رهيا، انهن مان جن ماڻهن ڪفر جو طريقو اختيار ڪيو آهي، اهي ستت ئي دردناڪ سزا ڀوڳيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيترا ئي آيا ماڻهو بدوي عربن مان، جن بهانا ڪيا ته انهن کي به پوئتي رهڻ جي اجازت ملي، اهڙيءَ طرح الله ۽ رسول سان جن ڪوڙو عهد ڪيو اهي به ويهي رهيا، انهن بدوين مان جن ڪفر جو طريقو اختيار ڪيو آهي، اهي جلد ورتل هوندا عذاب دردناڪ ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عرب جا ڳوٺاڻا ماڻهو عذر کڻي آيا ته جيئن انهن کي (به) جنگ ۾ نه هلڻ جي (سرڪاري طور تي) اجازت ڏني وڃي ۽ هي ماڻهو به اجازت وٺڻ لاءِ ويھي رهيا جن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان (ايمان آڻڻ جي سلسلي ۾) ڪوڙ ڳالهايو هو، پوءِ انهن سڀني مان جن جن به آخر تائين ڪفر جي روش اختيار ڪئي ته کين تڪليف ڏيندڙ عذاب ملندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ صحرا جي رهڻ وارن مان ڪجهه بهانا بڻائيندڙ (معذرت ڪرڻ جي لاءِ درٻارِ رسالت صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ۾) آيا ته جيئن انهن کي (به) اجازت ڏني وڃي، ۽ اُهي ماڻهو جن (پنهنجي ايمان واري دعويٰ ۾) الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) سان ڪوڙ ڳالهايو هو (جهاد ڇڏي پويان) ويهي رهيا، عنقريب انهن مان انهن ماڻهن کي جن ڪفر ڪيو دردناڪ عذاب پهچندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) ڳوٺاڻن منجهان بهانو ڪندڙ تو وٽ آيا ته کين به (گهرن ۾ رهڻ جي) اجازت ڏني وڃي ۽ (منجهانئن) جن ماڻهن (اسلام جو اظهار ڪري) الله ۽ سندس رسول سان ڪوڙ ڳالهايو هيو اهي گهرن ۾ ئي ويٺا رهيا- سو منجهانئن جن ڪفر جي واٽ ورتي، انهن کي ستت ئي دردناڪ عذاب پيش ايندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لَيسَ عَلَى الضُّعَفاءِ وَلا عَلَى المَرضىٰ وَلا عَلَى الَّذينَ لا يَجِدونَ ما يُنفِقونَ حَرَجٌ إِذا نَصَحوا لِلَّهِ وَرَسولِهِ ما عَلَى المُحسِنينَ مِن سَبيلٍ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 91) |
نڪي عاجزن تي ۽ نڪي بيمارن تي ۽ نڪي اُھي جو جيڪي خرچين سو نه ٿا لھن تن تي ڪو گناھ آھي جڏھن ته الله ۽ سندس پيغمبر جا خيرخواھ ھجن، ڀلارن تي ڪو ڏوراپو نه آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ضعيفن ۽ بيمارن تي ۽ اهڙن ماڻهن تي جن کي خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي تن سڀني تي ڪو به گناهه ڪونهي (جيڪڏهن لڙائيءَ ۾ شريڪ نه ٿين) بشرطيڪ الله ۽ سندس رسول جي خيرخواهيءَ ۾ ڪوشش ڪندڙ هجن. نيڪ عمل ڪندڙن تي ڏوهه رکڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي. الله تعاليٰ وڏ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ضعيفن ۽ مريضن ۽ مسڪينن تي ڪو ڏوهه ڪونهي (انهن کي جهاد ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي مَيار ناهي) جڏهن ته اهي الله ۽ الله جي رسول جو حڪم مڃن ٿا، (۽ اهڙن) نيڪوڪارن تي ڪابه پڪڙ ناهي، ۽ الله بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! جهاد ۾ نه وڃڻ جو) نه ته ڪمزورن تي ڪجھ گناھ آهي نه ته بيمارن تي ۽ نه ته انهن ماڻهن تي جيڪي ويلي جي ورءُ به نٿا لهن. بشرطيڪه اهي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول جي خير خواهي ڪن. نيڪي ڪرڻ وارن تي الزام جي ڪا راھ نه آهي. ۽ خدا وڏو بخشڻهار ۽ مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ضعيفن تي ۽ نه بيمارن تي ۽ نه انهن تي جو نه ٿا لهن اهو جو خرچ ڪن ڪو گناھ جڏهن خيرخواهي ڪيائون الله ۽ ان جي رسول جي ناهي نيڪوڪارن تي (الزام جو) ڪو رستو ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) نه آهي ضعيفن تي ڪا تنگي ۽ نه بيمارن تي ۽ نڪي انهن تي جن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه آهي جڏهن اهي الله ۽ سندس رسول جي خير خواهي ڪن. نيڪي ڪرڻ وارن تي ڪو الزام نه آهي. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪمزورن تي ڪو گناهه ناهي ۽ نه بيمارن تي ۽ نه انهن ماڻهن تي جن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه آهي جڏهن اُهي الله ۽ ان جي رسول لاءِ خالص مخلص هجن. نيڪوڪارن تي (الزام جي) ڪا راهه ناهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي حَرج هِيڻن تي، نه بيمارن تي بار، نه اُنهن تي، ته هَٿ نَه لَهن سو، جو خرچينِ خدا هار، ربَّ ۽ سندس رسول لئي، جڏهن پَتوڙيؤن هر پار، ناهي ڪا نيڪن مَٿي، مُورهين واٽ ميار، مالِڪ مَرهڻهار، تَرسَوَند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ڪمزور ماڻهن ۽ بيمارن ۽ انهن ماڻهن تي جن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، ڪو به گناهه نه آهي، جي الله ۽ رسول ڏانهن سچا آهن، اهڙن نيڪن تي ڪو به الزام نه آهي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪمزور ۽ بيمار ۽ اهي جن کي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ثمر ميسر ناهي، جيڪڏهن پوئتي رهن ته ڀولو ناهي، جڏهن جو هو سچيءَ دل سان الله ۽ سندس رسول جا وفادار هجن. اهڙن ڀلارن تي آڱر کڻڻ جو ڪوبه سبب ڪونهي ۽ الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ضعيف ۽ بيمار ماڻهن تي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بي سر و ساماني جي حالت ۾ پوئتي رهجي وڃڻ ۾ حرج ناهي، جڏهن ته اهي الله ۽ سندس رسول سان وفادار هجن، اهڙن محسنن تي اعتراض جي گنجائش ناهي، ۽ الله معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان پرخلوص وفادار رهڻ وارن مان جيڪڏهن ڪير ڪمزوري يا بيماري يا مالي حالت صحيح نه هجڻ جي صورت ۾ جنگ مان پوئتي رهجي وڃن ته اهڙن (معذورن) تي ڪو به گناهه نه آهي ۽ نه ئي اهڙن نيڪوڪارن تي ڪا ميار آهي ۽ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ضعيفن (ڪمزورن) تي ڪو گناهه ناهي ۽ نه بيمارن تي ۽ نه (ئي) اهڙن ماڻهن تي آهي جيڪي ايتريقدر (ڪشادگي به) نٿا رکن جنهن کي خرچ ڪن جڏهن ته اُهي الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جي لاءِ خالص ۽ مخلص ٿي چڪا آهن، نيڪن (يعني احسان جي صاحبن) تي الزام جي ڪابه واٽ ناهي ۽ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بي وسن تي، بيمارن تي ۽ اهڙن ماڻهن تي جن کي خرچ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به ميسر ڪونهي، (اهي جيڪڏهن جنگ ۾ شريڪ نه ٿين ته انهن تي) ڪوئي گناهه ڪونهي بشرطيڪه الله ۽ ان جي رسول جي پيغام رسائيءَ ۾ ڪوشش ڪندڙ رهن، نيڪ ڪردارن تي الزام هڻڻ جو ڪوئي جواز ڪونهي. الله وڏو بخشڻهار- رحمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا عَلَى الَّذينَ إِذا ما أَتَوكَ لِتَحمِلَهُم قُلتَ لا أَجِدُ ما أَحمِلُكُم عَلَيهِ تَوَلَّوا وَأَعيُنُهُم تَفيضُ مِنَ الدَّمعِ حَزَنًا أَلّا يَجِدوا ما يُنفِقونَ (آيت : 92) |
۽ نڪي اُنھن تي (ڪو گناھ آھي) جي جڏھن تو وٽ اچن ته کين (وھٽ تي) چاڙھين ( ۽ تون) چوين ته (ڪو وھٽ) نه ٿو لھان جنھن تي اوھان کي چاڙھيان، تڏھن اُھي موٽن ۽ ھن ڏُک کان سندن اکيون ڳوڙھا ھاريندڙ ھجن ته جيڪي (الله جي واٽ ۾) خرچين سو نه ٿا لھن،(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) نڪي انهن ماڻهن تي (ڪو گناهه آهي) جن جو حال هي هو جو (سواري ڪانه هين ۽) تو وٽ آيا ته کين سواري ملي ۽ جڏهن تو چيو ته، مان توهان جي لاءِ سواري ميسر ڪري نٿو سگهان تڏهن (بيوس ٿي) موٽي ويا، پر هنن جون اکيون انهيءَ ڏک ۾ ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون (۽ چئي رهيا هئا ته افسوس جو) اسان کي اهو ناهي جو هن راه ۾ خرچ ڪيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن ماڻهن تي ڪوبه ڏوهه ناهي جيڪي توهان کان اچي (جهاد لاءِ) سواري طلب ڪن ٿا توهان انهن کي فرمايو ٿا ته مون وٽ (جهاد لاءِ) سواريءَ جو بندوبست ناهي، (پوءِ اهي ماڻهو) توهان وٽان واپس ٿين ٿا ۽ مسڪينيءَ جي ارمان سببان سندن اکين مان ڳوڙها وهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه انهن ماڻهن تي ميار آهي جيڪي تو وٽ آيا تون انهن لاءِ سواري پيدا ڪرين ۽ تو چيو ته مون وٽ (ته ڪا به سواري) ڪانهي جو اوهان کي ان تي سوار ڪريان ته اهي (ويچارا لاچار) موٽي ويا ۽ حسرت (۽ افسوس) سان ان ڏک ۾ ته کين خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجھ نه هو. سندن اکين مان نيڻ جاري هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه انهن تي جو جڏهن آيا تو وٽ تانته سواري ڏين انهن کي ته فرمايو تو نه ٿو لهان اها جو سوار ڪيان مان اوهان کي ان تي ته واپس ٿيا ان حال ۾ جو اکيون انهن جون وهائن ٿيون ڳوڙها ان ڏک کان ته نه ٿا لهن اوترو جو (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڪي انهن تي (ڪو الزام آهي) جي جڏهن تو وٽ آيا ته تون کين سواري ڏين ته، تو چيو ته مون وٽ ڪجهه نه آهي جنهن تي اوهان کي سوار ڪريان ته اهي (پٺ تي) موٽيا ۽ انهن جي اکين جا ڳوڙها ڳڙيا ٿي هن غم ۾ ته انهن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه انهن ماڻهن تي (ڪو گناهه آهي) جيڪي جڏهن تو وٽ آيا ته تون انهن کي سواري مهيا ڪرين تو فرمايو ته آءٌ (سواري) نه ٿو لهان جنهن تي اوهان کي سوار ڪيان. اهي ان حال ۾ موٽيا جو انهن جون اکيون غم ۾ لڙڪ هاريندڙ هيون هن لاءِ ته ڪجهه نه ٿا لهن جو خرچ ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه مٿي تن ميار، جي آيَئـِي، ته اُٺائينِ تون، پوءِ چَئـِين، ته چاڙهيان جِنهن مَٿي، سو وهٽ نه وَٽمِ هِن وار، پوءِ وَريا ۽ اَ کيون اُنهن جون لُڙڪ واهِن لار، ڳڻتِي کان هِن ڳالھ جي، ته لَڀنِ نه لاچار، پائـِي پَئـِسا چار، جي خَرچِينِ خدا جي راه ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪي انهن تي ڪو گناهه آهي، جو اهي جڏهن تو وٽ اچن ٿا، ته تون انهن کي سواري ڏين، تڏهن تون انهن کي چوين ٿو ته مون وٽ اهڙي سواري ڪا نه آهي، جنهن تي توهان کي سوار ڪريان، ته اهي ان حال ۾ موٽي ويا جو سندن اکيون غم جي ڪري ڳوڙها ڳاڙين ٿيون. ته هنن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح انهن تي به ڪا مــَـيار ڪانهي، جن پاڻ تو وٽ اچي عرض ڪيو هو ته کين سواري مهيا ڪئي وڃي ۽ تو چيو هونِ ته مان توهان لاءِ سواريءَ جو بندوبست ڪري نٿو سگهان، ته لاچار هو هليا ويا پر سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ ان ڳالهه جو ڏاڍو ڏک هونِ ته هنن کي پنهنجي خرچ تي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي طاقت ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه اهڙن ماڻهن تي اعتراض جو ڪو موقعو آهي جن پاڻ اچي توکي عرض ڪيو هو ته سندن لاءِ سوارين جو بندوبست ڪيو وڃي، ۽ جڏهن تو کين چيو ته آئون توهان لاءِ بندوبست ڪري نٿو سگهان ته سندن اکين مان ڏک جا ڳوڙها ڳڙيا هئا، کين ڏک هو ته اهي پنهنجي خرچ تي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ جي طاقت نٿا رکن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهڙن ماڻهن تي به ڪا ميار نه آهي جن اچي تو کي چيو ته اسان جي هلڻ لا ءِ سوارين جو بندوبست ڪريو پر توهان چيو ته مان توهان جي هلڻ لاءِ سوارين جو بندوبست نٿو ڪري سگهان. پوءِ جڏهن هو مجبور ٿي تو کان واپس موٽيا پئي ته سندن اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ کين اهو وڏو ڏک هو ته هو جھاد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مالي طاقت نه پيا رکن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) نه اهڙن ماڻهن تي (اعتراض ۽ الزام جي ڪا واٽ آهي) جڏهن ته اُهي توهان جي خدمت ۾ (ان لاءِ) حاضر ٿيا ته توهان انهن کي (جهاد جي لاءِ) سوار ڪريو (ڇوته انهن وٽ پنهنجي ڪا به سواري نه هئي ته) توهان فرمايو آئون (به) ڪا (وڌيڪ سواري) نٿو رکان جنهن تي توهان کي سوار ڪري سگهان (ته) اُهي (توهان جي اجازت سان) ان حال ۾ موٽيا جو انهن جون اکيون (جهاد کان محروميءَ جي) غم ۾ لڙڪ وهائي رهيون هيون جو (افسوس) اُهي (ايترو به) ثمر نٿا رکن جنهن کي اُهي خرچ ڪري سگهن (۽ جهاد ۾ شريڪ ٿي سگهن).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ نه ڪي انهن ماڻهن تي ڪو گناهه آهي جن جو حال اهو هيو جو (پاڻ سواريءَ جي طاقت نه ٿي رکيائون، تنهن ڪري) تو وٽ آيا ته انهن کي سواري ڏي ۽ جڏهن تون کين چيو ته مون وٽ به اوهان جي لاءِ سواري ڪانهي جيڪا کڻي اوهان کي ڏيان ته (هو بي وس ٿي اٻاڻڪا اٻاڻڪا) واپس وريا- پر سندن نيڻ ان ڏک ۾ برسي رهيا هئا ته افسوس! وٽن ڪجهه به ناهي جو، ان راهه ۾ خرچ ڪن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ وَهُم أَغنِياءُ رَضوا بِأَن يَكونوا مَعَ الخَوالِفِ وَطَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 93) |
ڏوراپي جي واٽ انھن کانسواءِ ٻـين تي نه آھي جن توکان موڪلايو ۽ اُھي شاھوڪار ھوا، رھيلن زالن سان گڏ ھجڻ ۾ راضي ٿيا ۽ الله سندين دلين تي مُھر ھنئي پوءِ اُھي نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) گناه ته انهن تي آهي جي توکان (ويهي رهڻ لاءِ) موڪل ٿا گهرن، اگرچه هو مالدار آهن. هنن پسند ڪيو ته (جڏهن سڀ ماڻهو حق جي راه ۾ ڪوچ ڪري رهيا هجن تڏهن هو) گهرن ۾ رهيل عورتن سان گڏ (رئو مٿي تي ڪري) رهي پون، ۽ (حقيقت هيءَ آهي ته) الله تعاليٰ سندن دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، تنهن ڪري ڪجهه به نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پڪڙ ته فقط انهن ماڻهن تي آهي جيڪي توهان کان اجازت طلب ڪن ٿا حالانڪ اهي شاهوڪار آهن، انهن کي وڻي ٿو ته اهي پوئتي رهندڙن سان گڏ رهن، ۽ الله تعالى انهن جي دلين تي مُهر هنئي (آهي) پوءِ اهي نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الزام رڳو انهن تي آهي جن مالدار هوندي به تو کان (جهاد ۾ نه وڃڻ جي موڪل) گهري ۽ کين پٺتي رهڻ وارن (عورتن ۽ ٻارن) سان رهڻ پسند ٿيو. ۽ خدا سندن دلين تي (ڄڻ ته) مهر ڪئي آهي جو اهي ماڻهو ڪجھ نٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان سواءِ ناهي ته (الزام جو) رستو صرف انهن تي آهي جو موڪل گھرن ٿا توکان ۽ اهي شاهوڪار آهن راضي ٿيا هن ڳالھ تي ته هجن پوئتي رهندڙن سان ۽ مهر هنئي الله دلين انهن جي تي پوءِ اهي نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الزام رڳو انهن تي آهي جيڪي توکان موڪل گهرن ٿا ۽ اهي مالدار آهن. پٺ تي رهڻ وارين زالن سان گڏجي رهڻ تي خوش آهن ۽ الله سندن دلين تي مهر هنئي آهي، پوءِ اهي نه ٿا سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) گناهه ته صرف انهن ماڻهن تي آهي جيڪي تو کان موڪل گهرن ٿا حالانڪ اُهي مالدار آهن، اهي پوئتي رهڻ وارن (عورتن، ٻارن ۽ معذورن) سان گڏ هجڻ ۾ خوش آهن ۽ الله انهن جي دلين مٿان مُهر هنئي آهي پوءِ اُهي نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِڙئـِي مَيارون تن تي، جي موڪلائـِن، مال ڌڻِي، ويهڻ وَهن سان گَڏ، وِيو تن وَڻِي، ۽ مالِڪ تن کي، مُهر ڇَڏِي، هِنيين تان هَڻِي، آهر اِن اَڻِي، اُهي سَمجھن نه، صَفا ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الزام ۽ پڪڙ ته رڳو انهن تي آهي، جي دولتمند هجڻ هوندي توکان (گهر ۾ رهڻ) جي موڪل گهرن ٿا (۽) اهي گهر ۾ رهندڙ عورتن سان وهڻ لاءِ راضي آهن ۽ الله سندن دلين تي مهر هنئي آهي، تنهن ڪري اُهي نٿا ڄاڻن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مــَـيار ته انهن تي آهي جيڪي مالدار آهن، پوءِ به اچي ٿا توکان اجازت گهرن ته کين جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڇڏيو وڃي. انهن گهرن ۾ ويهڻ وارين ۾ شامل ٿيڻ پسند ڪيو، ۽ الله سندن دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي جو ڪا خبر ئي نٿي پوين (ته الله وٽ سندن انهيءَ روش جو نتيجو ڇا نڪرندو) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اعتراض انهن ماڻهن تي آهي ته جيڪي مالدار هئڻ جي باوجود توکي عرض ٿا ڪن ته کين جهاد ۾ هلڻ کان معافي ملي ۽ پوئتي رهڻ وارن ۾ هجڻ کي پسند ڪيو، الله سندن دلين تي مهر هڻي ڇڏي، هاڻي اهي ڪجهه نٿا ڄاڻن (ته الله وٽ ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي ميار ته اهڙن ماڻهن تي آهي جن کي هر قسم جي سھولت موجود هئي پوءِ به هو تو کان اچي (جنگ تي) نه هلڻ جي اجازت گهرن ٿا ۽ هي ڊڄڻا (بي همت) ٿي زائفن سان گڏ گهرن ۾ ويھي رهڻ تي خوش ٿيا سو الله تعالى انهن جي دلين تي اهڙي ته مھر هڻي ڇڏي آهي جو هاڻي انهن کي (گناهه ۽ ثواب جي) ڪا به خبر نه ٿي پوي . (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (الزام جي) واٽ ته فقط انهن ماڻهن تي آهي جيڪي توهان کان اجازت گهرن ٿا حالانڪه اُهي مالدار آهن، اُهي ان ڳالهه کان خوش آهن ته پٺيان رهڻ وارين عورتن ۽ معذورن سان گڏ رهن ۽ الله انهن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، سو اُهي ڄاڻن ئي نٿا (ته حقيقي فائدو ۽ نقصان ڇا آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) الزام ته دراصل انهن تي آهي جيڪي توکان (گهرن ۾ ترسي پوڻ جي) اجازت طلبين ٿا- حالانڪه اهي آسودا به آهن. انهن پسند ڪيو ته (جڏهن ماڻهو حق جي راهه ۾ نڪري رهيا هئا ته اهي) گهرن ۾ رهجي ويندڙ عورتن سان گڏ ويٺا رهن. (حقيقت اها آهي ته) الله انهن جي دلين تي مُهر لڳائي ڇڏي-تنهنڪري هو ڄاڻن ئي نه ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَعتَذِرونَ إِلَيكُم إِذا رَجَعتُم إِلَيهِم قُل لا تَعتَذِروا لَن نُؤمِنَ لَكُم قَد نَبَّأَنَا اللَّهُ مِن أَخبارِكُم وَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 94) |
جڏھن (اوھين) اُنھن ڏانھن موٽندؤ (تڏھن) اوھان وٽ بھانو ڪندا، (انھن کي) چؤ ته بھانو نه ڪريو اوھان (جي ڳالھ) کي ڪڏھن نه مڃينداسون بيشڪ اوھان جي حال کان الله اسان کي خبر ڏني آھي، ۽ الله ۽ سندس پيغمبر اوھان جا عمل سِگھو ئي ڏسندو وري ڳجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن موٽايا ويندؤ ( ۽ ) پوءِ جيڪي ٿي ڪيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جڏهن توهان (تبوڪ جي سفر کان) موٽي انهن (منافقن) وٽ ويندؤ تڏهن هو ان وقت توهان جي اڳيان (قسم قسم جا) بهانا ٺاهيندا.(اي پيغمبر! توکي گهرجي ته ان وقت) چئي ڏي ته بهانا نه ٺاهيو، هاڻي هرگز اسان اوهان تي اعتبار ڪرڻ وارا ناهيون، تحقيق الله تعاليٰ اسان کي اوهان جو احوال پوريءَ طرح ٻڌائي ڇڏيو آهي. هاڻي اڳتي الله ۽ سندس رسول ڏسندا (ته) اوهان جا عمل (ڪهڙا ٿا رهن. منافقيءَ تي قائم ٿا رهو يا باز اچي سچا مؤمن ۽ صالح ٿا ٿيو؟) ۽ پوءِ (آخر) انهيءَ الله جي طرف موٽائي آندا ويندؤ جو ظاهر ۽ لڪل هر طرح جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. پوءِ هو اوهان کي ٻڌائيندو ته (دنيا ۾) ڪهڙا عمل ڪندا رهيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اِهي منافق توهان وٽ عذر پيش ڪندا، جڏهن توهان (جهاد تان) انهن ڏانهن موٽندا، رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان ڪوڙا عذر پيش نه ڪريو، اسين ڪڏهن به توهان کي سچو نٿا سمجھون، بيشڪ الله تعالى توهان جون خبرون اسان کي ٻڌايون آهن، ۽ عنقريب الله تعالى ۽ الله جو رسول توهان جا عمل ڏسندا، ان کان پوءِ توهان کي الله تعالى ڏانهن موٽايو ويندو، پوءِ توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اوهين جنگ کان موٽندو ته اهي (منافق) اوهان سان (هر قسم) جا بهانا ڪندا. (اي رسول! کين) چئج ته بهانا نه ڪريو. اسين اوهان جي ڳالھ ڪڏهن به نه مڃينداسون (ڇو ته) اسان کي الله اوهان جي حالت جي خبر ڏني آهي، ۽ الله ۽ سندس رسول اوهان جي ڪم کي ڏسندا. پوءِ اوهين ظاهر ۽ ڳجھ جي ڄاڻڻ واري (خدا) جي حضور ۾ موٽايا ويندو! پوءِ جيڪي اوهين (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن جي (ذري ذري جي) اوهان کي خبر ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بهانا پيش ڪندا اوهان وٽ جڏهن موٽندؤ فرماءِ ته بهانا پيش نه ڪيو ڪڏهن نه اعتبار ڪنداسون اوهان تي اوهان جي ڳالھ تي تحقيق آگاھ ڪيو اسان کي الله خبرن اوهان جن کان ۽ هاڻي ڏسندو الله عمل اوهان جو ۽ ان جو رسول ان کان پوءِ موٽايا ويندؤ طرف ڄاڻندڙ غيب ۽ ظاهر جي پوءِ خبر ڏيندو اوهان کي ان جي جو ڪندا هيئو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اي مسلمانؤ! جڏهن اوهين (جنگ کان) انهن ڏي موٽندؤ ته اهي اوهان جي اڳيان بهانا پيش ڪندا (اي پيغمبر کين) چئج ته بهانا نه ڪريو، اسين اوهان جي ڳالهه ڪڏهن به نه مڃينداسون. بيشڪ الله اوهان جي ڪن ڳالهين جي اسان کي خبر ڏني آهي ۽ الله ۽ سندس رسول (دنيا ۾ ) اوهان جو ڪم ڏسندا، وري ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻندڙ ڏي اوهان کي موٽايو ويندو. پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان جي سامهون بهانا ڪندا جڏهن اوهان انهن ڏانهن موٽندؤ. چؤ ته: ”بهانا نه بنايو اسان اوهان کي ڪڏهن به سچو نه سمجهنداسين بيشڪ الله اسان کي اوهان جي ڪن ڳالهين جي خبر ڏني آهي. ۽ الله ۽ ان جو رسول جلد اوهان جا عمل ڏسندا پوءِ اوهان ڳجهه ۽ ظاهر ڄاڻڻ واري (الله) جي حضور موٽايا ويندؤ، پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏيندا عِذر اوهان کي، جڏهن موٽيا ڏانهن مور، چئو عذر نه ڏيو، اوهان کي، اسين مور نه ڪريون منظور، پرور ڏني پروڙ، اسان کي، اوهان جي چالاڪين تي. ۽ سگھو عمل اوهان جا، جاچيندو جبار، پڻ پاڪ پيغمبر ان جو، تنهان پوءِ تڪرار، اُنهيءَ اڳيان آڻبا، جو ٻجھندڙ منجھ، ٻهار، پوءِ، ڪريو، جي ڪم ڪار، تن جون کولي ڏيندان خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهين انهن ڏانهن موٽي ويندؤ ته هو اوهان کي بهانا ٻڌائيندا. کين چئيج ته بهانا نه بنايو. اسين اوهان کي هرگز نه وسهنداسين، اسان کي الله اوهانجون خبرون ڏيئي ڇڏيون آهن ۽ اڳتي به الله ۽ سندس رسول اوهان جي ڪمن کي ڏسندا، پوءِ اوهان کي ڳجهي ۽ پڌري ڄاڻندڙ الله ڏي موٽائبو پوءِ اهو اوهان کي اوهان جي ڪمن جي خبر ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جڏهن وٽن موٽي ايندؤ ته اهي قسمين قسمين عذر پيش ڪندا پر تون چئي ڏجانءِ ته "بهانا نه ڪريو، اسان توهان جي ڪا ڳالهه نه مڃينداسون، الله اسانکي توهانجون سڀ خبرون ڏئي ڇڏيون آهن، هاڻي الله ۽ سندس رسول توهان جي هلت ڏسندا، پوءِ توهان انهيءَ ڏانهن موٽايا ويندؤ، جيڪو لڪل توڙي ظاهر سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ هو توهانکي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڇا ڪندا رهيا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي طرح طرح جا بهانا ڪندا جڏهن انهن وٽ توهان موٽي ايندؤ، تون صاف چئي ڏجان ته، بهانا نه ڪريو. اسان ڀروسو نه ڪنداسين توهان جي ڪنهن به ڳالهه تي، ٻڌائي ڇڏيون آهن الله توهان جون اسان کي حالتون، هاڻي ڏسندو الله توهان جي عمل کي ۽ رسول به، پوءِ توهان موٽايا ويندؤ انهيءَ عالم الغيب ڏانهن ۽ اهو ئي توهان کي ٻڌائيندو جيڪي ڪجهه توهان ڪندا رهيا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن توهان (انهن منافقن وٽ جنگ تبوڪ کان پوءِ مديني) واپس موٽي ايندا ته هو توهان جي آڏو مختلف قسمن جا بھانا پيش ڪندا. (اي نبي ﷺ!) کين (سڀني مسلمانن جي طرف کان) ٻڌائي ڇڏ ته (اسان جي سامھون) بھانا نه ٺاهيو، اسان توهان جي ڪنھن به ڳالهه تي اعتبار نٿا ڪريون، الله تعالى اسان کي توهان جي سموري صورت حال ٻڌائي آهي ۽ وڌيڪ الله تعالى ۽ ان جو رسول (ﷺ عملن جي صورت ۾ توهان جي روين کي) ڏسندا (ته توهان منافقي تي قائم رهو ٿا يا پڪا مؤمن ٿيو ٿا) پوءِ توهان اُن هستيءَ جي آڏو پيش ڪيا ويندا جيڪو ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي، هو توهان کي ڪيل سڀني عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي مسلمانؤ!) اُهي توهان سان معذرت ڪندا جڏهن توهان انهن جي طرف (هن تبوڪ جي سفر کان) موٽي ويندؤ، (اي حبيب!) توهان فرمايو: بهانا نه ٺاهيو اسان ڪڏهن به توهان جي ڳالهه تي يقين نه ڪنداسين، اسان کي الله توهان جي حالتن کان باخبر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي (آئنده) توهان جو عمل (دنيا ۾ به) الله ڏسندو ۽ ان جو رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) به (ڏسندو) پوءِ توهان (آخرت ۾ به) هر لڪل ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري (رب) جي طرف موٽايا ويندؤ ته اُهو توهان کي انهن سڀني عملن کان خبردار فرمائيندو جيڪي توهان ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جڏهن توهين (جهاد تان موٽي) منافقن ڏانهن ويندؤ ته اهي (ايندا ۽) توهان جي آڏو (طرحين طرحين جا) بهانا پيش ڪندا. (اي پيغمبر!) تون (ان وقت) کين چئجان: بهانا نه ڪيو، هاڻي اسين توهان تي اعتبار ڪرڻ وارا ناهيون. الله اسان کي توهان جو سمورو حال ٻڌائي ڇڏيو آهي. آئينده الله ۽ ان جو رسول ڏسندو ته توهان جو عمل ڪهڙو ٿو هجي؟ (آيا توهين منافقت تي ٿا ڀاڙيو يا مڙي ٿا وڃو!) ۽ پوءِ (نيٺ) الله ڏانهن موٽايا ويندؤ جيڪو ظاهر ۽ لڪل ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي، پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته (دنيا ۾) توهين ڇا ڇا ڪندا هيئو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
سَيَحلِفونَ بِاللَّهِ لَكُم إِذَا انقَلَبتُم إِلَيهِم لِتُعرِضوا عَنهُم فَأَعرِضوا عَنهُم إِنَّهُم رِجسٌ وَمَأوىٰهُم جَهَنَّمُ جَزاءً بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 95) |
جڏھن انھن ڏانھن موٽندؤ (ته) ستت ئي اوھان جي آڏو الله جو قسم ھِن لاءِ کڻندا ته (اوھين) کائن مڙي وڃو، پوءِ کائن مڙي وڃو، بيشڪ اُھي پليت آھن، ۽ جيڪي ٿي ڪمايائون تنھن جي عوض ۾ سندين جاءِ دوزخ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جڏهن توهان (سفر تان) موٽي انهن (منافقن) سان ملندؤ تڏهن ضرور هو اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻي چوندا ته اسان کي ڇڏي ڏيو. سو توهان ڇڏي ڏيون (يعني هنن کان منهن موڙي ڇڏيو) هو پليت ناپاڪ آهن هنن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي. اهو (دوزخ) نتيجو ۽ سزا آهي هنن جي (بد عملن جو) جي (بدعمل) هو ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جڏهن توهان (مؤمن) جهاد تان موٽندا ته فوراً اهي (منافق) الله جو قسم کڻندا ان لاءِ ته توهان انهن جو نالو نه وٺو، پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو، بيشڪ اهي پليد آهن، ۽ سندن جاءِ جهنم آهي، اها سندن بداعماليءَ جي جزا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اوهان انهن ڏي (جهاد کان) موٽندو ته اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻندا ته اوهين انهيءَ کي درگذر ڪريو. ته اوهين انهن کان منهن موڙ ڪري ڇڏيو. بيشڪ اهي پليت آهن ۽ سندن ٺڪاڻو جهنم آهي. اها ان (ڳالھ جي) سزا آهي جيڪي اهي دنيا ۾ ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلدي قسم کڻندا الله جو اوهان لاءِ جڏهن موٽندؤ انهن ڏانهن تانت منهن ڦيرايو انهن کان پوءِ منهن موڙيو انهن کان بيشڪ اهي پليد آهن ۽ جاءِ انهن جي جھنم آهي بدلي ان جي جيڪي ڪمايائون ٿي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانؤ !) جڏهن اوهين (جنگ کان) انهن ڏي موٽندؤ ته اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻندا ته اوهين انهن کان موڙي وڃو. پوءِ انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ اهي پليت آهن ۽ جيڪي عمل پيا ڪن تن جي بدلي ۾ سندن رهڻ جي جاءِ دوزخ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جلد اوهان اڳيان الله جا قسم کڻندا جڏهن اوهان انهن ڏانهن موٽندؤ هن لاءِ ته اوهين انهن کان درگذر ڪيو. پوءِ اوهان انهن کان ڪناره ڪش رهو. بلاشڪ اهي پليت آهن ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي، اها انهن عملن جي سزا آهي جيڪي اهي ڪندا رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کڻن قسم خدا جا، سگھو اِوهان ساڻ، جڏهن موٽيا ڏانهن ماڳ تي، ته هَٽو کائن هاڻ، پوءِ موڙيو مُنهن اُنهن کان، جو آهن پليد پاڻ، ۽ باه اُنهن جو ڀاڻ، تنهن بدلي، ڪن جي بديون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي جڏهن اوهين انهن ڏانهن موٽندؤ ته اوهان جي سامهون الله جا قسم کڻندا ته اوهين کين ڇڏي ڏيو، تنهن ڪري انهن کان منهن موڙي ڇڏيو، بيشڪ اُهي گندا آهن ۽ سندن ڪمن جي بدلي ۾ سندن ٺڪاڻو دوزخ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جي موٽي اچڻ تي هو توهان جي سامهون قَسم کڻندا ته جيئن توهان کانئن مڙي وڃو. سو ڀل توهان کانئن منهن موڙيو، ڇو جو هو ته گندگي آهن ۽ سندن جاءِ جهنم آهي، جيڪو سندن ڪمائيءَ جي بدلي کين پلئه پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي توهان جي آڏو قسم کڻندا توهان جي موٽڻ تي، جيئن توهان کين ڇڏي ڏيو، پوءِ ڀلي توهان کين ڇڏي ڏيو، اهي گندگي آهن، ۽ انهن جي اصلي جاءِ دوزخ ئي آهي، جيڪا سندن ڪمائيءَ جي بدلي ۾ کين ملندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جيئن ئي واپس (مديني) پھچندا ته هي منافق توهان جي اڳيان الله تعالى جا قسم کڻندا ته (سائين! اسان انتهائي مجبور هئاسين) اسان کي درگذر ڪريو. (اي مسلمانو! ٺيڪ آ) کين ڇڏي ڏيو، بيشڪ هو (دل جا) پليت آهن، سندن اصل ٺڪاڻو جھنم آهي، جيڪو کين سندن ڪمائي سبب ملندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هاڻي اُهي توهان جي لاءِ الله جا قسم کڻندا جڏهن توهان انهن ڏانهن موٽي ويندؤ ته جيئن توهان انهن کي معاف ڪريو، پوءِ توهان انهن ڏي ڌيان ئي نه ڪريو بيشڪ اُهي پليت آهن ۽ انهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي هي اُن جو بدلو آهي جيڪي اُهي ڪمائيندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جڏهن توهين موٽي ساڻن ملندؤ ته ضرور اهي توهان جي آڏو الله جا قسم کڻندا ته جيئن کين توهين معاف ڪيو. تنهنڪري توهين کانئن ٽارو ڪري وڃو. منافق پليت آهن. انهن جي ڪرتوتن جي ڪري سندن ٺڪاڻو دوزخ ٿيندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَحلِفونَ لَكُم لِتَرضَوا عَنهُم فَإِن تَرضَوا عَنهُم فَإِنَّ اللَّهَ لا يَرضىٰ عَنِ القَومِ الفٰسِقينَ (آيت : 96) |
اوھان وٽ ھن لاءِ قسم کڻندا ته (اوھين) کائن راضي ٿيو، پوءِ جيڪڏھن (اوھين) کائن راضي ٿيندؤ ته (به) الله بي دين ماڻھن کان راضي نه ٿيندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هو اوهان جي اڳيان قسم کڻندا ته (جيئن) توهان هنن کان راضي ٿي وڃو. سو (ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان (ڀلجي) کانئن راضي به ٿي وڃو ته به الله تعاليٰ انهن سان ڪڏهن به راضي ٿيڻ وارو ناهي، جيڪي (هدايت جي دائري کان) ٻاهر نڪري ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي توهان کي راضي ڪرڻ لاءِ قسم کڻن ٿا، پوءِ جيڪڏهن (بالفرض) توهان انهن کان راضي ٿي پيا تڏهن به الله تعالى، گنهگار قوم کان راضي نه ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان جي اڳيان اهي قسم ٿا کڻن ته جيئن اوهين انهن کان راضي ٿيو. پوءِ جيڪڏهن انهن کان راضي ٿيندو ته (به) خدا نافرمان ماڻهن کان هرگز راضي نه ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم کڻن ٿا اوهان جي لاءِ تانت راضي ٿيو انهن کان پوءِ جيڪڏهن اوهان راضي ٿيندؤ انهن کان پوءِ بيشڪ الله نه ٿو راضي ٿئي قوم فاسق کان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جي اڳيان قسم کڻندا ته اوهين انهن کان راضي ٿيو. پوءِ جيڪڏهن انهن کان راضي ٿيندؤ ته به الله نافرمان قوم کان راضي نه ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان اڳيان ان لاءِ قسم کڻن ٿا ته جيئن اوهان انهن کان راضي ٿي وڃو. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن کان راضي ٿي (به) وڃو ته به بلاشڪ الله نافرمان قوم کان راضي نه ٿو ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کڻن قسم اوهان سان، ته پرچو اوهين انهن ساڻ، جي پرتا، نه پرچي پاڻ، قاد قوم ڪاڍوڙ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهي قسم کڻندا، ته تون کانئن راضي ٿئين، پوءِ جي تون انهن کان راضي ٿيندين، ته به الله بدڪار ماڻهن کان راضي نٿو ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي توهان جي آڏو قَسم کڻندا ته جيئن توهان ساڻن پرچو، حالانڪه جيڪڏهن توهان ساڻن پرچي به ويا، تڏهن به الله ڪنهن به حالت ۾ اهڙن فاسقن کان راضي نه ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي قسم کڻندا توهان جي آڏو جيئن توهان کانئن راضي ٿي وڃو، ۽ توهان راضي ٿيو به پر الله ڪڏهن به راضي نه ٿيندو اهڙن فاسق ماڻهن کان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي توهان جي آڏو قسم کڻندا ته جيئن تون انهن کان راضي ٿي وڃين پر جيڪڏهن تون انهن کان راضي به ٿي وڃين، ان جي باوجود الله تعالى اهڙن نافرمانن کان ڪڏهن به راضي نه ٿيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي توهان جي لاءِ قسم کڻن ٿا ته جيئن توهان انهن کان راضي ٿي وڃو، پوءِ (اي مسلمانؤ!) جيڪڏهن توهان انهن کان راضي به ٿي وڃو تڏهن (به) الله نافرمان قوم کان راضي نه ٿيندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهي توهان جي آڏو قَسم کڻندا ته جيئن کانئن راضي ٿي وڃو. تنهنڪري (ياد رکو!) جيڪڏهن کانئن توهين راضي ٿي پيئو (حالانڪه توهان کي ساڻن راضي ٿيڻ نه گهرجي پر توهين کانئن راضي ٿيندؤ) ته الله انهن کان ڪڏهن به راضي نه ٿيندو- جيڪي هدايت (جي دائري) کان نڪتل آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الأَعرابُ أَشَدُّ كُفرًا وَنِفاقًا وَأَجدَرُ أَلّا يَعلَموا حُدودَ ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 97) |
بَدوي ڪُفر ۽ منافقيءَ ۾ تمام سخت آھن ۽ ھن (عادت) جوڳا آھن ته الله پنھنجي پيغمبر تي جيڪي حُڪم لاٿا تنھن جون (شرعي) حدون نه ڄاڻن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اعرابي (صحرا جا عرب) ڪفر ۽ منافقيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ سخت آهن ۽ هو هن ڳالهه لاءِ وڌيڪ حقدار آهن ته هنن متعلق سمجهيو وڃي ته دين جي انهن حڪمن جي کين خبر ئي ڪانهي جي الله تعاليٰ پنهنجي رسول تي نازل ڪيا آهن (ڇو ته شهرن ۾ نه رهڻ ڪري تعليم جو موقعو کين ڪونه ٿو ملي) ۽ الله (سڀني جو حال) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڪفر ۽ منافقي ۾ زياده سخت آهن ۽ اهي شرعي احڪامن کان گھڻون بي خبر آهن ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ٻاهراڙيءَ وارا ڳنوار (اهي) عرب ڪفر ۽ نفاق ۾ تمام سخت آهن. ۽ هن لائق آهن ته جيڪي ڪتاب خدا پنهنجي رسول تي نازل فرمايو آهي ان جا حڪم نه مڃين ۽ خدا ته سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بدوي تمام سخت آهن ڪفر ۽ منافقيءَ ۾ وڌيڪ لائق آهن هن ڳالھ جا جو نه ڄاڻن حدون ان جون جيڪو نازل ڪيو الله رسول پنهنجي تي ۽ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ٻهراڙيءَ وارا ڪفر ۽ نفاق ۾ تمام سخت آهن ۽ هن لائق آهن ته جيڪي شريعت جا حڪم الله پنهنجي رسول تي نازل ڪيا آهن سي نه ڄاڻن ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٻهراڙي وارا ڪفر ۽ نفاق ۾ سخت هوندا آهن (ان شقاوت سبب) ان ڳالهه جي لائق آهن جو ان حدن (۽ احڪام) کان جاهل رهن جيڪي الله پنهنجي رسول تي نازل ڪيا آهن. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳوٺِي ڳَرا ڪُفر، ۾، پڻ کوٽ ۾، خُوار، حَدون نه ڄاڻنِ حُڪمن جون؛ اُن جا پڻ حَقدار، جي پرور پَنهنجي پيغمبر تي، نازِل ڪيا نِبار، سائـِين سمجھدار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڳوٺاڻا ڪفر ۽ نفاق ۾ وڌيڪ سخت آهن ۽ انهيءَ لائق آهن جو، الله جي سندس رسول ڏي موڪليل حڪمن کي نه ڄاڻن ۽ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي بدوي عرب (ڳوٺاڻا) ڪفر توڙي نفاق ۾ وڌيڪ سخت آهن ۽ تنهنڪري گهڻو امڪان آهي ته انهيءَ دين جي حدن کان اڻ واقف رهجي وڃن، جيڪو الله پنهنجي رسول تي نازل ڪيو آهي. الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏو داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي بدوي بنهه سخت آهن ڪفر ۽ منافقيءَ ۾، ۽ سندن باري ۾ اهو امڪان وڌيڪ آهي ته اهي ان دين جي باري ۾ حدن کان ناواقف رهن جيڪو الله نازل ڪيو آهي پنهنجي رسول تي، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، هو حڪمت وارو داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عرب جا ڳوٺاڻا ماڻهو ڪفر ۽ منافقي ۾ ڏاڍا سخت آهن (۽ هو ان سختيءَ جي ڪري) الله تعالى جي طرفان پنھنجي رسول سڳوري تي نازل ڪيل حدن کان اڻ ڄاڻ رهڻ جي ئي لائق آهن (حڪمن جي ڄاڻڻ جي صورت ۾ هو وڌيڪ خرابي پيدا ڪن ها) الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (هي) ٻهراڙي وارا سخت ڪافر ۽ سخت منافق آهن ۽ (پنهنجي ڪفر ۽ منافقت جي سختي جي ڪري) ان لائق آهن ته هو انهن حدن ۽ احڪامن کان جاهل رهن جيڪي الله پنهنجي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي نازل فرمايا آهن، ۽ الله خوب ڄاڻندڙ، وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اعرابي (يعني بدُو عرب) ڪفر ۽ منافقت ۾ سڀ کان وڌيڪ سخت آهن ۽ ان جا به وڌيڪ حقدار آهن ته انهن بابت هيئن سمجهيو وڃي ته: دين جي انهن حڪمن جي کين ڪائي خبر ڪانهي- جيڪي الله، پنهنجي رسول تي نازل ڪيا آهن، (ڇاڪاڻ جو شهرن ۾ نه رهڻ جي ڪري کين تعليم ۽ تربيت جا موقعا ميسر ناهن) ۽ الله (سڀ جو حال) ڄاڻندڙ (۽ پنهنجي مڙني ڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يَتَّخِذُ ما يُنفِقُ مَغرَمًا وَيَتَرَبَّصُ بِكُمُ الدَّوائِرَ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 98) |
۽ ڳوٺاڻن مان ڪي اھڙا آھن جو خرچ ڪن ٿا سو چَٽي ڄاڻندا آھن ۽ اوھان تي زماني جي ڦيرگھير (اچڻ) جا منتظر آھن، زماني جو بڇڙو ڦيرو مٿن ھجي (شال)، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اعرابين ۾ اهڙا ماڻهو (به) آهن جيڪي (حق جي راهه ۾ جيڪو ڪجهه) خرچ ڪن ٿا، تنهن کي (پاڻ تي) ڏنڊ ٿا سمجهن ۽ منتظر رهن ٿا (۽ چاهين ٿا) ته اوهان تي ڪا گردش (۽ مصيبت) اچي (ته هو بغاوت ڪن ۽ اسلام ڦٽي ڪن) حقيقت هيءَ آهي ته گردش (مصيبتن) جا ڏينهن خود مٿن اچڻا آهن ۽ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو الله جي راه ۾ خرچ ڪرڻ کي چَٽِي ۽ نقصان سمجھن ٿا ۽ اهي توهان لاءِ مصيبت جو انتظار ڪن ٿا، مصيبت انهن تي ايندي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ باهراڙيءَ وارن ڳنوارن ما ڪي اهڙا به آهن جي، (خدا جي واٽ ۾) جيڪي ڏين ٿا تنهن کي چٽي ڪري سمجهن ٿا. ۽ اوهان تي (زماني جي) گردش جا منتظر آهن انهن تي (ئي زماني جي) بري گردش پوي. ۽ خدا ته سڀ ڪجھ ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بدوين مان اهي به آهن جو سمجھن ٿا جيڪو خرچ ڪن ٿا چٽي ۽ انتظار ڪن ٿا اوهان تي گردشن (جي اچڻ) جو.نهن تي ئي آهي بڇڙي گردش (زماني جي) ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻهراڙيءَ وارن مان ڪي (اهڙا) آهن جي جيڪي (الله جي رستي ۾ ) خرچ ڪن ٿا تنهن کي چٽي ڪري سمجهن ٿا ۽ اوهان (مسلمانن) تي زماني جي تڪليفن اچڻ جو انتظار ڪن ٿا. بڇڙي مصيبت مٿن ئي ايندي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻهراڙي وارن مان ڪي اهڙا به آهن جو جيڪي (الله جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا ان کي چَٽِي سمجهن ٿا ۽ توهان تي زماني جي گردش جو انتظار ڪن ٿا. گردشِ زمانه جي بري مصيبت انهن تي آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻَهرا تن مان ڪي، ٻِيا، جو خرچِين خدا هار، ته چَٽِي چَون اُن کي، ۽ بَرسِر ڀانئنِ بار، ڪَڍن مُصيبتن جو آن تي انتظار، مَٿن مُصِيبت مار، ۽ سُڻندڙ، ڏاهو ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي ڳوٺاڻا خدا ڪارڻ خرچڻ کي چٽي سمجهن ٿا ۽ اوهان جي لاءِ زماني جي ڦيري جي واٽ ٿا نهارين. مٿن ئي بڇڙو ڦيرو اچڻو آهي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ڳوٺاڻن (بدوين) ۾ اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي الله جي واٽ ۾ جيڪي ڪجهه خرچ ڪن ٿا، تنهن کي پاڻ تي چٽي ٿا سمجهن ۽ توهان جي باري ۾ زماني جي گردش جو ٿا انتظار ڪن (ته توهان ڪنهن چڪر ۾ ڦاسي پئو ته هو انهيءَ نظام جي تابعداريءَ کان جان ڇڏائي وڃن جنهن ۾ تو کڻي سوگهو ڪيو اٿن) حالانڪه برائيءَ جو چڪر ته خود مٿن مڙهيل آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن بدوين ۾ اهڙا به آهن جيڪي خير جي راهه ۾ خرچ به ڪندا آهن پر ان کي پاڻ تي زبردستيءَ جي چَٽي به سمجهن ٿا، ۽ توهان تي زماني جي ڦيرين جو انتظار به ڪندا آهن، (جيئن توهان ڦاسجو ته اهي آزاد ٿين) ۽ الله سڀڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عرب جي ڳوٺاڻن مان ڪي اهڙا به آهن، جيڪي (الله تعالى جي راهه ۾) خرچ ڪرڻ کي چَٽي سمجهن ٿا ۽ مسلمانن جي مٿان ڏکين ڏينھن جي اچڻ جو (ويهي) انتظار ڪن ٿا (ته جيئن مذهبي پابندين کان جان ڇُٽي پوينِ) حقيقت هيءَ آهي ته ڏکيا ڏينھن ته سندن مٿان ايندا. الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن ٻهراڙيءَ وارن جاهلن مان اهو شخص (به) آهي جيڪو ان (مال) کي چٽي ٿو سمجهي جنهن کي هو (خدا جي واٽ ۾) خرچ ڪري ٿو ۽ توهان تي زماني جي گردشن (يعني مصيبتن ۽ تڪليفن) جو انتظار ڪندو رهي ٿو، (بلا ۽ مصيبت جي) بري گردش انهيءَ تي آهي، ۽ الله خوب ٻڌندڙ خوب ڄاڻندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اعرابين ۾ ئي اهڙا ماڻهو به آهن جو، جيڪي ڪجهه (حق جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا ته ان کي (پنهنجي مٿان) چَٽي ٿا سمجهن ۽ منتظر آهن ته توهان تي ڪا مهل اچي وڃي (ته پويان پير ڪن) حقيقت اها آهي ته گردش جا بُرا ڏينهن انهن تي اچڻا آهن. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ، (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِنَ الأَعرابِ مَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَتَّخِذُ ما يُنفِقُ قُرُبٰتٍ عِندَ اللَّهِ وَصَلَوٰتِ الرَّسولِ أَلا إِنَّها قُربَةٌ لَهُم سَيُدخِلُهُمُ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 99) |
۽ ٻھراڙي وارن مان ڪي اھڙا آھن جي الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ جيڪي خرچيندا آھن تنھن کي الله وٽ ويجھائي جو ۽ پيغمبر جي دُعا حاصل ڪرڻ جو وسيلو ڪري وٺندا آھن، بيشڪ اھا انھن لاءِ ويجھائيءَ (جو سبب) آھي الله کين پنھنجي رحمت ھيٺ سگھوئي داخل ڪندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اعرابين ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي (حق جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا تنهن کي الله جي ويجهڙائي (۽ راضپي جو) ۽ رسول جي دعائن جو وسيلو سمجهن ٿا. سو ٻڌي ڇڏيو ته في الحقيقت اهو (خرچ ڪرڻ) هنن جي لاءِ خدا کي ويجهو ٿيڻ جو سبب آهي. الله تعاليٰ کين پنهنجي رحمت جي دائري ۾ داخل ڪندو. بيشڪ هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اُهي آهن جيڪي الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي ڪجھه خرچ ڪن ٿا اُن کي الله جي رضامندي ۽ رسولِ عربيءَ جي دُعا خاطر خرچ ڪن ٿا. خبردار ! بيشڪ اها (خيرات) سندن لاءِ باعث ثواب آهي. الله تعالى جلدي انهن کي بهشت ۾ داخل ڪندو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻهراڙيءَ وارن مان ڪي اهڙا (به) آهن جيڪي خدا ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين ٿا ۽ جيڪي خرچ ڪن ٿا تنهن کي خدا جي (بارگاھ ۾) ويجهو ٿيڻ ۽ رسول جي دعائن جو وسيلو ڄاڻن ٿا. خبردار ٿيو! بيشڪ اهو انهن لاءِ ويجهي ٿيڻ جو سبب آهي. انهن کي الله جلد ئي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بدوين مان ڪو اهو آهي جيڪو ايمان آڻي ٿو الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ وٺي اهو جو خرچ ڪري ٿو ويجھڙائيءَ جو ذريعو الله وٽ ۽ رسول جي دعائن حاصل ڪرڻ جو خبردار بيشڪ اهو قرب جو ذريعو آهي انهن جي لاءِ جلد داخل ڪندو انهن کي الله پنهنجيءَ رحمت ۾ بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻهراڙيءَ وارن مان ڪي اهڙا آهن جي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين ٿا ۽ جيڪي خرچ ڪن ٿا تنهن کي الله وٽ ويجهي ٿيڻ جو سبب ۽ رسول جي دعائن (حاصل ڪرڻ) جو وسيلو سمجهن ٿا. خبردار ٿيو! بيشڪ اهو انهن لاءِ ويجهي ٿيڻ جو سبب آهي. انهن کي الله پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻهراڙي وارن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪو (الله جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا ان کي الله وٽ ويجهڙائي حاصل ڪرڻ ۽ رسول جي دعا وٺڻ جو ذريعو سمجهن ٿا. خبردار بيشڪ اها (خيرات) انهن لاءِ (الله جي) ويجهڙائي آهي. جلد انهن کي الله پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻَهرا تن مان ڪي ٻيا، مؤمن مُسلمان، اَلله ۽ آخر ڏينهن تي، آڻينِ ٿا اِيمان، ۽ ڀانئـِن قُرب ڪرِيم جو، جيڪِي ڏِين ڏان، پُڻ دُعائون دوست جون، کَٽن ٿا، سي خان، وِصال سَندنِ واسطي، ڀانئـِنج بي گمان، رَبَّ سندسِ رحمت ۾، ڏِيندنِ ماڳ مَڪان، سَٻاجھو سُبحان، مَرهيندڙ ۽ مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر ڳوٺاڻن مان ڪي اهڙا به آهن، جي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي خرچ ڪن ٿا، ان کي الله وٽ ويجهائيءَ جو وسيلو ۽ رسول جي دعا جو ذريعو سمجهن ٿا. ياد رکو ته اهو انهن لاءِ بيشڪ ويجهائي جو ذريعو آهي، ضرور الله انهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو، الله وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن بدوين ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جن جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي ۽ جيڪي ڪجهه خرچ ڪن ٿا، انکي الله کي ويجهو ٿيڻ ۽ رسول جون دعائون کٽڻ جو وسيلو ٿا بڻائين، هائو، اهو بيشڪ انهن لاءِ ويجهڙائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي ۽ الله ضرور کين پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪندو، الله بلاشڪ ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن بدوين مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي ايمان رکن ٿا الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي، ۽ جيڪو به خرچ ڪن ٿا ان کي قربت جو وسيلو بنائن ٿا الله وٽ ۽ رسول جي طرفان رحمت جون دعائون وٺڻ جو ذريعو سمجهن ٿا، ها! اهو قربت جو وسيلو آهي انهن جي لاءِ، ضرور داخل ڪندو الله انهن کي پنهنجي رحمت ۾ بيشڪ الله معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (وري) عرب جي ڳوٺاڻن مان ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي پختو ايمان رکن ٿا ۽ الله تعالى جو قرب ۽ رسول (ﷺ) جون دعائون وٺڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا، بيشڪ هي ٻئي ڪم انهن لاءِ (الله تعالى جي) قرب جو ذريعو بڻجندا ، عنقريب الله تعالى کين پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ٻهراڙي وارن ۾ (ئي) اُهو شخص (به) آهي جيڪو الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکي ٿو ۽ جو ڪجهه (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪري ٿو ان کي الله جي درٻار ۾ قرب حاصل ڪرڻ ۽ رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) جون (رحمت ڀريون) دعائون وٺڻ جو ذريعو سمجهي ٿو، ٻڌو! بيشڪ اهو انهن جي لاءِ الله جي ويجهڙائپ جو سبب آهي، جلدئي الله کين پنهنجي رحمت ۾ داخل فرمائيندو. بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت رحم فرمائيندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (ها!) اعرابين ۾ ئي اهي ماڻهو به آهن جيڪي الله تي ۽ آخرت تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪو ڪجهه (حق جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا ان کي الله جي قرب ۽ رسول جي دعائن حاصل ٿيڻ جو ذريعو سمجهن ٿا. ٻُڌو ته بي شڪ، انهن جي لاءِ اهو قرب جو باعث ئي آهي ته الله کين جلد پنهنجي رحمت جي دائري ۾ داخل ڪندو. بي شڪ! هو ڏاڍو بخشڻهار-وڏيءَ رحمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَالسّٰبِقونَ الأَوَّلونَ مِنَ المُهٰجِرينَ وَالأَنصارِ وَالَّذينَ اتَّبَعوهُم بِإِحسٰنٍ رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ وَأَعَدَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى تَحتَهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 100) |
۽ مُھاجرن ۽ انصارن مان (ايمان ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا ۽ جن چڱائيءَ سان سندين تابعداري ڪئي اُنھن (سڀني) کان الله راضي آھي ۽ اُھي کانئس راضي آھن ۽ اُنھن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اھا وڏي مُراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ مهاجرن ۽ انصارن مان جيڪي ٻين کان اڳ ۾ (مسلمان) ٿيا ۽ سڀني کان اڳي اسلام قبول ڪيائون ۽ اهي ماڻهو جن سچائيءَ سان سندن پيروي ڪئي (يا صالح عملن ڪرڻ ۾ سندن نقش قدم تي هليا) تن کان الله تعاليٰ راضي ٿيو ۽ هو به الله تعاليٰ کان راضي ٿيا ۽ الله تعاليٰ هنن جي لاءِ (دائمي نعمتن وارا) باغ تيار ڪري رکيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه ان ۾ رهندا ۽ اها وڏي فتح ۽ ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ مهاجرن ۽ انصارن مان سڀ کان پهريان (اصحابي) جن ايمان آندو ۽ جن ماڻهن نيڪيءَ جي ڪمن ۾ انهن جي پيروي ڪئي (قيامت تائين) الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله کان راضي ٿيا، ۽ الله انهن لاءِ باغ تيار ڪيا آهن جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اُهي بهشت ۾ هميشه هميشه رهندا، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مهاجرن ۽ انصارن مان (ايمان طرف) اڳرائي ڪرڻ وارا جن (ايمان قبول ڪرڻ ۾) سندن پيروي ڪئي تن کان الله راضي ٿيو ۽ اهو خدا کان خوش ۽ خدا انهن لاءِ باغ تيار ڪيا جن جي هيٺان واھ وهن ٿا، انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اڳرائي ڪندڙ، پهريان مهاجرن مان ۽ انصارن مان ۽ اهي جو تابعداري ڪيائون انهن جي احسان سان راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا ان کان ۽ تيار ڪيائين انهن لاءِ بهشت وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ هوندا انهن ۾ دائمي طوراها وڏي ڪاميابي آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (نيڪيءَ ۾ ) اڳرائي ڪندڙ پهريان مهاجر ۽ انصار ۽ (ٻيا) اهي جن چڱائي ڪرڻ سان سندن پيروي ڪئي، تن کان الله راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا ۽ انهن لاءِ باغ تيار ڪيا اٿس جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مهاجرن ۽ انصارن مان (نيڪي ۾) اڳرائي ڪندڙ پهريان (ايمان آڻيندڙ) ماڻهو آهن. ۽ جن به نيڪي سان سندن پيروي ڪئي ته الله انهن کان راضي ٿي ويو ۽ اهي ان کان راضي ٿي ويا ۽ انهن لاءِ (الله) باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. اها زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي اڳيان اڳـرُو، مُهاجر، اَنصار، پويَنِ مان، جي پُٺي هَليَن، نيڪِيءَ ساڻ نِبار، خُوش ٿيو خدا اُنهن کان، اُهي کانس خوش گُـوار، بارِي باغ بهشت جا، ڪياتِنِين لئي تَيار، وَهن نِرمل ناليون، هيٺان جن هَر وار،هُونِ هَميشه اُن ۾، ساڪِن سَڀ ڄمار، آهي اِي اِظهار، سوڀ سَڀن کان سَڀرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي مهاجر ۽ انصار (ايمان آڻڻ ۾) سڀ کان اڳ ۾ آهن ۽ (باقي امت مان ) جيترا ماڻهو سچائي سان سندن پيروي ڪندڙ آهن الله انهن سڀني کان راضي ٿيو. اهي ان کان راضي ٿيا. ۽ انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا اٿس، جن جي هيٺان نهرون وهنديون، انهن ۾ هميشه رهندا- (۽) اها وڏي ڪاميابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي مهاجر ۽ انصار جيڪي اول اول ايمان آڻي سڀني کان اڳرا ٿيا هئا ۽ پڻ اهي جيڪي کانئن پوءِ وڌ ۾ وڌ سهڻي نموني ۾ سندن رستي تي هليا، تن کان الله راضي ٿيو ۽ هو الله کان راضي ٿيا، الله انهن لاءِ اهڙا باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون ۽ هو انهن ۾ هميشه رهندا، اهائي تمام وڏي درجي جي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي جيڪي بعد ۾ سچائيءَ سان پهرين ايمان آڻڻ وارن مهاجرن ۽ انصار جي دعوت تي لبيڪ چئي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي پويان آيا ۽ اڳرائي ڪئي، راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا اهي الله کان، الله انهن جي لاءِ اهڙا باغ تيار ڪيا آهن جن جي هيٺان نهريون وهنديون هونديون ۽ اهي انهن ۾ رهندا هميشه، اها ئي ڪاميابي عظيم الشان آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڀ کان پھريائين ايمان آڻيندڙ مھاجرن، انصارين ۽ ان کان پوءِ اُهي ماڻهو جيڪي سندن نيڪيءَ واري رستي تي هليا، تن سڀني کان الله تعالى راضي ٿي ويو ۽ هو به الله تعالى کان راضي ٿي ويا (الله تعالى) انهن جي لاءِ اهڙا ته باغ تيار ڪيا آهن، جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نهرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه رهندا، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ مهاجرن ۽ سندن مددگار (انصارن) مان گوءِ کڻڻ وارا، سڀني کان پهريان ايمان آڻڻ وارا ۽ احسان جي درجي ساڻ انهن جي پيروي ڪرڻ وارا، الله انهن (سڀني) کان راضي ٿي ويو ۽ اُهي (سڀئي) کانئس راضي ٿي ويا ۽ اُن انهن جي لاءِ جنتون تيار فرمايون اٿس جن جي هيٺان نهرو وهن پيون ٿيون، اُهي انهن ۾ هميشه هميشه رهندڙ آهن، اِها ئي وڏي ڪاميابي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ مهاجرن ۽ انصارن ۾ جيڪي ماڻهو اڳرائي ڪندڙ، سڀ کان پهريان ايمان آڻيندڙ آهن ۽ اهي ماڻهو، جن سچائيءَ سان انهن جي پيروڪاري ڪئي ته الله کانئن راضي ٿيو ۽ الله انهن جي لاءِ (ابدي نعمتن جا) باغ تيار ڪري ڇڏيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن اهي هميشه ان (ابدي نعمتن ۽ سرور جي زندگيءَ) ۾ رهندا ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِمَّن حَولَكُم مِنَ الأَعرابِ مُنٰفِقونَ وَمِن أَهلِ المَدينَةِ مَرَدوا عَلَى النِّفاقِ لا تَعلَمُهُم نَحنُ نَعلَمُهُم سَنُعَذِّبُهُم مَرَّتَينِ ثُمَّ يُرَدّونَ إِلىٰ عَذابٍ عَظيمٍ (آيت : 101) |
۽ اوھان جي آس پاس وارن بدوين مان (به) ڪي منافق آھن، ۽ مديني وارن مان (به)، ڪي منافقيءَ تي عادي ٿي ويا آھن، (تون) کين نه ڄاڻندو آھين، اسين انھن کي ڄاڻندا آھيون، سگھوئي اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڪنداسون وري وڏي عذاب ڏانھن موٽايا ويندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن اعرابين مان جي توهان جي چوگرد آهن ڪي منافق آهن ۽ خود مديني جي رهاڪن ۾ به ڪي (ماڻهو اهڙا) آهن جي منافقيءَ ۾ (رهندي رهندي) پڪا منافق ٿي پيا آهن. (اي پيغمبر!) تون هنن کي نٿو ڄاڻين، پر اسان کين ڄاڻون سڃاڻون ٿا. اسان کين ٻه ڀيرا عذاب ڏينداسين (هڪڙو ڀيرو بدعملن يا ڪفر جي بدلي ۾ ۽ ٻيو ڀيرو منافقي ۽ ٺڳيءَ جي بدلي) ۽ پوءِ کين انهيءَ عذاب ڏي موٽائي آندو ويندو جو تمام وڏو عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي آس پاس ٻهراڙيءَ جي ماڻهن مان ڪي منافق آهن ۽ ڪي منافق مدينه طيبه ۾ به رهن ٿا، جيڪي هر وقت منافقي ڪن ٿا، توهان (هن وقت تائين) انهن کي نٿا ڄاڻو، اسين انهن کي ڄاڻون ٿا، اسين جلدي انهن تي گھڻو عذاب ڪنداسين ان کان پوءِ جهنم ڏانهن موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) ڪي اوهان جي آس پاس وارن ٻهراڙيءَ وارن مان ۽ ڪي مديني وارن مان منافق آهن. منافقي جي عادت ٿي پئي اٿن. (اي رسول!) تون کين نٿو ڄاڻي، (پر) اسين انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. کين (دنيا ۾ ئي) ٻيڻي سزا ڏينداسون، وري اهو (قيامت ۾) هڪ وڏي عذاب ڏي موٽايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان جيڪي چوڌاري اوهان جي آهن ٻهراڙيءَ وارن مان منافق آهن ۽ مديني وارن مان پڪار هيا منافقيءَ تي نه ٿو ڄاڻين تون انهن کي اسين ڄاڻون ٿا انهن کي جلد عذاب ڪنداسون انهن کي ٻه ڀيرا ان کان پوءِ موٽايا ويندا عذاب وڏي ڏانهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي مسلمانؤ !) ڪي اوهان جي آس پاس وارن ٻهراڙيءَ وارن مان ۽ ڪي مديني وارن مان منافق آهن. منافقيءَ جي عادت ٿي پيئي اٿن (اي پيغمبر) تون کين نه ٿو ڄاڻين، اسين انهن کي ڄاڻون ٿا. کين ٻه ڀيرا سزا ڏينداسون. وري وڏي عذاب ڏي موٽايا ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جي آس پاس جي ٻهراڙي وارن مان ڪي منافق آهن.. ۽ ڪي مديني وارن مان به .. نفاق تي اڙيل آهن تون انهن کي نه ٿو ڄاڻين. اسان انهن کي ڄاڻون ٿا. سگھو ئي اسان انهن کي ٻه ڀيرا عذاب ڏينداسين وري اهي وڏي عذاب ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻَهرا تن مان ڪي، ٻيا، اَهنجي اِرد گِرد، پڻ مَديني وارن مَنجھان، ڪي سدا دل ۾ سَرد، تون نه ڄاڻِي تن کي، اَسين ڄاڻون فَرد، فَرد، اسين ڏِينداسون اُنهن کي، ٻه دَفعا، دنيا ۾ دَرد، پوءِ موٽائـِبا نامرد، آخِر سخت عذاب ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪجهه اوهان جي آسپاس وارن مان ۽ڪجهه مديني وارن مان اهڙا منافق (به) آهن، جي حد درجي جي نفاق کي پهتل آهن. تون انهن کي نٿو ڄاڻين، پر اسين کين ڄاڻون ٿا. اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڏينداسون، ۽ پوءِ (آخرت ۾ ) کين وڏي عذاب ڏانهن موڪلبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جي آس پاس جيڪي ڳوٺاڻا (بدوي) رهن ٿا، انهن ۾ ڪيترائي منافق آهن ۽ اهڙيءَ طرح خود مديني جي رهاڪن ۾ به منافق موجود آهن، جيڪي منافقت تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن، تون انهن کي نٿو ڄاڻين، اسان ٿا کين ڄاڻون. اِجهو ٿا اسان کين ٻيڻي سزا ڏيون، پوءِ هو تمام وڏيءَ سزا لاءِ واپس آندا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجي آسپاس جيڪي رهن ٿا بدوي، انهن مان گهڻا منافق آهن، ۽ ساڳيءَ طرح مديني جي ماڻهن ۾ به آهن، جيڪي پختا ٿي ويا آهن منافقي ۾، تون انهن کان بي خبر آهين، اسان انهن کي ڄاڻون ٿا، وقت ويجهو آهي جو عذاب ٻيڻو ڏنو ويندو انهن کي، اهي وڌيڪ وڏي عذاب ڏي موٽايا ويندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جي آس پاس رهندڙ عرب جي ڳوٺاڻن مان گهڻائي منافقن جي آهي ۽ مديني وارن مان به ڪجهه ماڻهو منافق آهن، جيڪي پنهنجي منافقيءَ ۾ وڏي مھارت رکن ٿا، تون انهن (جي هوشياري کي) نٿو سمجهي سگهين، پر اسان سندن (مھارتن) کي خوب سمجهون ٿا. اسان سگهو ئي کين ٻه ڀيرا عذاب ڏيندا سين، (هڪ دنيا ۾ ذلت ۽ ٻيو قبر جو عذاب) پوءِ هو هڪ وڏي عذاب لاءِ حاضر ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (مسلمانؤ!) توهان جي آسپاس جي ٻهراڙيءَ وارن جاهلن مان ڪجهه منافق آهن ۽ ڪجهه مديني جا رهاڪو پڻ، اِهي ماڻهو منافقت تي اڙيل آهن، توهان انهن کي (اڃا تائين) نٿا سڃاڻو اسان انهن کي سڃاڻون ٿا. (بعد ۾ حضور صلي الله عليه وآلہٖ وسلم کي به سڀني منافقن جو علم ۽ سڃاڻپ عطا ڪئي ويئي) عنقريب اسان انهن کي ٻه ڀيرا (دنيا ئي ۾) عذاب ڏينداسين پوءِ اُهي (قيامت ۾) وڏي عذاب جي طرف موٽايا ويندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ توهان جي آس پاس وارن اعرابين ۾ ڪجهه منافق آهن. ۽ خود مديني جي رهواسين ۾ به منافق آهن- جيڪي منافقن سان رهندي منافقت جا عادي ٿي پيا آهن (اي پيغمبر!) تون انهن کي نه ٿو سڃاڻين پر اسين کين سڃاڻؤن ٿا. اسين کين ٻه ڀيرا عذاب ڪنداسون، منافق ماڻهو جلد ان عذاب ڏانهن موٽايا ويندا جيڪو نهايت وڏو عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَءاخَرونَ اعتَرَفوا بِذُنوبِهِم خَلَطوا عَمَلًا صٰلِحًا وَءاخَرَ سَيِّئًا عَسَى اللَّهُ أَن يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 102) |
۽ ٻيا (اھڙا) آھن جن پنھنجا گناھ باسيا آھن (انھن) چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آھن، اميد آھي ته الله مٿن ٻاجھ سان موٽندو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻيا ماڻهو (اهي آهن) جن پنهنجا ڏوهه گناهه قبول ڪيا. انهن مليل گڏيل ڪم ڪيا، ڪي چڱا ته ڪي برا. ممڪن آهي ته الله تعاليٰ انهن تي (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪري. الله تعاليٰ وڏوئي بخشيندڙ ۽ وڏو ئي رحمت ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ٻيا (انهن مان) اُهي آهن جيڪي پنهنجا گناه مڃن ٿا انهن نيڪ عمل به ڪيا آهن ۽ بدعمل به ڪيا آهن، الله تعالى جلدي (اعتراف ڪندڙن جي) توبه قبول ڪندو، بيشڪ اللهٰ بخشيدڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن پنهنجي گناهن جو اقرار (ته) ڪيو (پر) انهن چڱن ڪمن کي ٻين ڪجھ بڇڙن سان گڏي سڏي ڪيا اٿن. اميد آهي ته خدا سندن توبه قبول فرمائي. (ڇو ته) خدا پڪ وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻيا (اهڙا) آهن جو باسيائون گناھ پنهنجا گڏيائون عمل نيڪ ۽ ٻيا برا ويجھي آهي (هيءَ ڳالھ جو) الله توبہ قبول ڪرڻ سان موٽي انهن تي بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻيا (اهڙا) آهن جن پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيو آهي انهن چڱا ڪم ۽ ٻيا بڇڙا ڪم گڏي سڏي ڪيا آهن. اميد ته الله مٿن مهرباني ڪري. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻيا اُهي آهن جن پنهنجا ڏوهه مڃيا آهن انهن نيڪ عمل ۽ ٻيا برا ڪم رل وچڙ ڪيا آهن. اميد آهي ته الله انهن جي توبه قبول ڪري. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي ٻيا، جن قبوليا، پاپ پَنهنجا پاڻ، ڪيائون ڪم چَڱيء سان،ٻِهڙَ ٻِي بُڇاڻ، وِهلو مَٿِن وَر ڪندو، قادِر ڪرم ساڻ، صاحب ربُّ، سُڄاڻ، مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪجهه ٻيا به آهن، جن پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيو، جن ڪجهه نيڪ ڪم ۽ ڪجهه بڇڙا ڪم ملايا، سو اميد آهي، ته الله انهن جي توبه قبول ڪري، بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻيا به ڪي ماڻهو آهن، جن پنهنجا گناهه باسيا آهن، انهن جا عمل گاڏڙ ساڏڙ آهن، ڪجهه چڱا اٿن ته ڪجهه برا اٿن. ٿي سگهي ٿو ته الله مٿن مهربان ٿئي، ڇو ته هو معاف ڪندڙ ۽ ٻاجهه ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻيا ماڻهو جن اعتراف ڪيو آهي پنهنجي گناهن جو، انهن جا گڏيل عمل آهن، چڱا به آهن ته برا به آهن، اميد ته الله مٿن مهربان ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو بيشڪ معاف ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (انهن کان سواءِ) ٻيا به ماڻهو آهن، جن پنھنجي گناهن جو اعتراف ڪيو آهي، انهن جا ڪم مليل جُليل آهن، ڪجهه نيڪ ته ڪجهه برا عمل آهن. اميد آهي ته الله تعالى مٿن مھرباني ڪندو (ڇوته) الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ٻيا اُهي ماڻهو (جن) پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪيو آهي انهن ڪجهه چڱن ڪمن ۽ ٻين برن ڪمن کي (غلطي سان) گڏ سڏ ڪري ڇڏيو آهي، قريب آهي ته الله سندن توبه قبول فرمائي، بيشڪ الله وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ٻيا ماڻهو (اهي آهن) جن پنهنجن ڏوهن جو اعتراف ڪيو، انهن گاڏڙ ساڏڙ ڪم ڪيا: ڪجهه چڱا- ڪهه بڇڙا! ته قريب آهي ته الله مٿن (پنهنجيءَ ٻاجهه سان) موٽي پوي. الله ڏاڍو بخشڻهار-نهايت مهربان آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
خُذ مِن أَموٰلِهِم صَدَقَةً تُطَهِّرُهُم وَتُزَكّيهِم بِها وَصَلِّ عَلَيهِم إِنَّ صَلوٰتَكَ سَكَنٌ لَهُم وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 103) |
سندن مالن مان زڪوٰة وصول ڪر ته اُن سان کين (ظاھر ۾ به) پاڪ ڪندو رھين ۽ کين (باطن ۾) سٺو ڪندو رھين ۽ مٿن رحمت جي دُعا گھر، ڇوته تنھنجي دُعا انھن لاءِ آرام آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن جي مال مان صدقا وٺ. (تون اهي وٺي) انهن ماڻهن کي (ڪنجوسائي ۽ طمع جي برائين کان) پاڪ ۽ (دل جي نيڪين جي ترقيءَ ۾) وڌيڪ ڪندين ۽ تربيت يافته ڪندين. پڻ هنن جي لاءِ چڱي دعا گهر، بلاشبه تنهنجي دعا هنن (جي دلين) کي راحت ۽ تسڪين ڏيندي ۽ الله تعاليٰ (دعائون) ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان انهن جي مالن مان زڪوات وٺو، توهان زڪوات سان انهن کي پاڪ ۽ صاف ڪريو ۽ توهان انهن لاءِ بخشش گھُرو بيشڪ توهان جي بخشش گھُرڻ انهن لاءِ دِلي سُڪون آهي ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! تون سندن مالن مان زڪوات وٺ جنهن سان تون کين (گناهن کان) پاڪ صاف ڪري ڇڏ ۽ انهن لاءِ خير جي دعا ڪر! ڇو ته تنهنجي دعا انهن لاءِ دلجاءِ (جو سبب) آهي ۽ خدا ته (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وٺ تون مالن انهن جي مان صدقو پاڪ ڪر انهن کي ۽ صاف ڪر انهن کي ان سان ۽ خير جي دعا ڪر انهن لاءِ بيشڪ دعا تنهنجي سڪون آهي انهن جي لاءِ ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) سندن مالن مان زڪوات وٺ جنهن سان تون کين پاڪ ۽ بابرڪت ڪندين ۽ کين دعا ڪر! بيشڪ تنهنجي دُعا انهن لاءِ آرام جو سبب آهي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي مالن مان صدقو قبول ڪر ان جي ذريعي انهن کي پاڪ ڪر. ۽ انهن کي بابرڪت بناءِ ۽ انهن لاءِ دعا گُهر. بيشڪ تنهنجي دعا انهن لاءِ سڪون آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صدقاسَندنِ مال مان، مُرسل!، وٺ تون مَر، ۽ ڌوئينِ دوست! اُن سان، پڻ مَٿان لاهِين مَر، مَرِه مَڱ سَندنِ لئي، تُنهنجو گُھرڻ گوهر!، سُک تن لئي سربَسر، ۽ سُڻندڙ، ڏاهو ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون سندن مالن مان صدقو وٺ، جنهن جي وسيلي تون انهن کي ظاهري خواه باطني گناهن کان پاڪ ڪرين ۽ انهن لاءِ دعا گهر، بيشڪ تنهنجي دعا انهن لاءِ دل جي آرام جو سبب ٿيندي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تون سندن مالن مان صدقو وٺي کين پاڪ ڪر ۽ (نيڪيءَ جي ڪمن ۾) کين وڌاءِ ۽ سندن حق ۾ رحمت جي دعا گهر، ڇو ته تنهنجي دعا انهن لاءِ آٿت آهي. الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تون انهن جي مالن مان صدقو وٺي کين پاڪ ڪر ۽ نيڪيءَ جي راهه ۾ کين اڳتي وڌاءِ، سندن حق ۾ رحمت جي دعا ڪر، بيشڪ تنهنجي اها دعا سندن لاءِ آرام جو سبب آهي، ۽ الله سڀڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون ماڻهن جي مالن مان صدقو (يعني زڪوات) وٺ ۽ (زڪوات جي ذريعي) کين پاڪ ڪر ۽ سندن (دلين) کي صاف ڪر ۽ کين دعا به ڏئي ڇوته تنھنجي دعا انهن جي لاءِ سڪون جو سبب بڻجندي. بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان انهن جي مالن مان صدقو (زڪواة) وصول ڪريو جو توهان ان (صدقي) جي سبب کين (گناهن کان) پاڪ فرمايو ۽ انهن کي (ايمان ۽ مال جي پاڪيزگي سان) برڪت عطا ڪريو ۽ سندن حق ۾ دعا فرمايو، بيشڪ توهان جي دعا انهن جي لاءِ سڪون (جو سبب) آهي، ۽ الله خوب ٻڌندڙ خوب ڄاڻندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) پنهنجن ساٿين جي مال مان صدقات قبول ڪر. قبول ڪري کين (ڪنجوسپائي ۽ لالچ جي براين کان) پاڪ ڪر ۽ انهن جي تربيت ڪر. پڻ انهن جي لاءِ خير جي دعا به ڪر، بي شڪ! تنهنجي دعا انهن جي دلين جي لاءِ راحت ۽ سڪون جو باعث آهي. الله (دعائون) ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ هُوَ يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَأخُذُ الصَّدَقٰتِ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
نه ڄاڻندا آھن ڇا ته الله ئي پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ (سندين) خيراتون قبول ڪندو آھي ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا کين معلوم نه آهي، ته الله ئي آهي جو پنهنجي ٻانهن جي توبهه قبول ٿو ڪري ۽ جيڪي به هو صدقي طور ڪڍن ٿا، تنهن کي منظور ٿو ڪري؟ ۽ (هي به معلوم نه اٿن ڇا ته) الله ئي آهي جو وڏي ۾ وڏو توبهه قبول ڪندڙ آهي ۽ وڏي ۾ وڏو رحمت ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا اُهي نٿا ڄاڻن بيشڪ الله تعالى ئي پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول فرمائي ٿو ۽ سندن صدقا قبول فرمائي ٿو ۽ بيشڪ الله تعالى ئي توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن ايترو به نه سمجهيو ته بيشڪ خدا ئي پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪندو آهي ۽ اهو ئي خيراتون (به) وٺندو آهي ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته اهو ئي توبه جو وڏو قبول ڪرڻ وارو مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڄاتائون ته بيشڪ الله اهوئي قبول ڪري ٿو توبہ ٻانهن پنهنجن جي ۽ وٺي ٿو صدقا (قبول ٿو ڪري) ۽ بيشڪ الله اهو ئي توبہ قبول ڪندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڄاتو ته الله پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ خيراتون وٺي ٿو ۽ هن ڳالهه کي به ته الله ئي مهرباني ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي نه ٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ئي آهي جو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ صدقا (خيراتون) قبول ڪري ٿو ۽ بيشڪ الله وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ سمجھؤن نه، ته سُبحان، ٿو قبولي ڪِير تون، سندسِ سپاهين جون، پڻ وَٺي ڏُ کِين لئي ڏان، ۽ بارِي بي گمانَ، وَرڪندڙ پڻ وَڙ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا کين خبر نه آهي ته الله پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو، ۽ اهو ئي صدقا قبولي ٿو ۽ بيشڪ الله ئي توبه قبول ڪندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا کين خبر نه آهي ته اهو ته الله ئي آهي، جيڪو پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪندو آهي ۽ سندن خيراتون اگهائيندو آهي ۽ پڻ اهوئي الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن ماڻهن کي خبر نه آهي ته بيشڪ اهو الله ئي آهي جيڪو قبول ڪري ٿو توبهه پنهنجي بندن جي ۽ انهن جي خيرات کي قبوليت بخشي ٿو ۽ بيشڪ الله ئي آهي جيڪو وڏو معاف ڪندڙ رحم وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي ماڻهو نا اميد ڇو ٿي رهيا آهن؟) ڇا کين خبر نه آهي ته الله تعالى ئي پنھنجي ٻانهن جي توبہ ۽ سندن صدقن کي قبول ڪندو آهي. بيشڪ الله تعالى توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا اُهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله ئي ته پنهنجن ٻانهن کان (انهن جي) توبه قبول فرمائي ٿو ۽ صدقا (يعني زڪواة ۽ خيرات پنهنجي قدرت واري هٿ سان) وصول فرمائي ٿو ۽ اهو ته الله ئي وڏو توبه قبوليندڙ نهايت مهربان آهي؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا انهن کي خبر نه آهي ته الله ئي آهي- جيڪو پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهين خيرات ڪيو ٿا، اهو قبول ڪري ٿو ۽ الله ئي تمام وڏو توبهه قبول ڪندڙ ۽ وڏيءَ رحمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقُلِ اعمَلوا فَسَيَرَى اللَّهُ عَمَلَكُم وَرَسولُهُ وَالمُؤمِنونَ وَسَتُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 105) |
۽ چؤ ته عمل ڪريو پوءِ الله ۽ سندس پيغمبر ۽ مؤمن (سڀئي) اوھان جا عمل ڏسندا، ۽ ڳُجھ ۽ ظاھر جي ڄاڻندڙ (الله) ڏانھن سگھو موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تون چئو ته عمل ڪندا رهو. الله تعاليٰ ڏسندو ته توهان جا عمل ڪهڙا آهن ۽ الله جو رسول به ڏسندو ۽ مسلمان به ڏسندا ۽ پوءِ توهان سندس طرف موٽائي آندا ويندؤ. (قيامت جي ڏينهن انهيءَ الله وٽ حاضر ٿيندؤ) جو ظاهر ڳالهيون توڙي لڪل غيب جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته جيڪي عمل توهان ڪندا رهيا آهيو تن جي حقيقت ڇا هئي؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان فرمايو (توهان جيڪو چاهيو سو) عمل ڪريو پوءِ جلدي الله ۽ الله جو رسول ۽ مؤمن توهان جا عمل ڏسندا، ۽ جلدي توهان کي الله تعالى ڏانهن موٽايو ويندو پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!کين) چئو ته اوهين پنهنجا پنهنجا ڪم ڪندا رهو. اڃا ته خدا ۽ سندس رسول ۽ مومنن اوهان جي ڪمن کي ڏسندا ۽ وري جلد ئي (قيامت ۾) ظاهر ڳجهين (ڳالهين کي) ڄاڻڻ واري (خدا) ڏي موٽايا ويندو. پوءِ اوهين جيڪي ڪندا هئا سو اوهان کي ٻڌائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرماءِ ته عمل ڪيو پوءِ جلد ڏسندو الله عمل اوهان جا ۽ ان جو رسول ۽ ايمان وارا ۽ جلد موٽايا ويندؤ ڳجھ ۽ ظاهر جي ڄاڻندڙ ڏانهن پوءِ خبر ڏيندو اوهان کي ان جي جيڪو ڪندا هيئو.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر! کين) چؤ ته ڪم ڪريو! پوءِ الله ۽ سندس رسول ۽ ايمان وارا اوهان جو ڪم ڏسندا. ۽ ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻندڙ ڏي اوهان کي موٽايو ويندو پوءِ جيڪي پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چؤ ته اوهان عمل ڪيو پوءِ جلد الله اوهان جي عمل کي ڏسندؤ ۽ ان جو رسول ۽ ايمان وارا (به ڏسندا.) ۽ سگھوئي اوهان ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ واري (الله) ڏانهن موٽايا ويندؤ. پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چئو، ڪَرِيو، پوءِ ڪَم اَهنجا، ڏِسندو جَلد جَبار، پڻ پيغمبر اُن جو، ۽ مُؤمِن مَڻياندار، ۽ ورِي اُن ڏي واربان، جو ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار، پوءِ ڪريو، جي ڪم ڪار، تن جون خوب ڏيندان خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته عمل ڪريو، سگهو ئي الله ۽ سندس رسول ۽ مومن اوهان جي عملن کي ڏسندا ۽ ضرور اوهان کي انهي وٽ وڃڻو آهي، جو پڌري ۽ لڪل کي ڄاڻي ٿو، هو اوهان کي اوهان جي ڪمن جي خبر ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! چوين ته توهان عمل ڪريو پوءِ الله، سندس رسول ۽ مؤمن سڀئي توهان جا عمل ڏسندا، پوءِ توهان انهيءَ ڏانهن موٽائي آندا ويندؤ، جيڪو لڪل توڙي ظاهر سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ هو توهانکي ٻڌائيندو ته توهان ڇاڇا ڪندا رهيا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) چئو انهن کي ته عمل ڪريو پوءِ الله توهان جي عملن کي ڏسندو، سندس رسول ۽ مؤمن ڏسندا، ته توهان جو عمل هاڻي ڪهڙو آهي، موٽايا ويندؤ ان ڏي جيڪو لڪل ۽ ظاهر سڀ ڄاڻي ٿو، پوءِ اهو ئي توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته توهان عمل ڪندا رهو، هاڻي الله تعالى ۽ ان جو رسول (ﷺ) ۽ ايمان وارا ماڻهو توهان جي عملن کي ڏسندا ۽ توهان جلد ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ هستي ڏانھن موٽايا ويندا، پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو جيڪو ڪجهه توهان ڪندا رهيا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ فرمايو: توهان عمل ڪريو، سو عنقريب توهان جي عمل کي الله (به) ڏسندو ۽ ان جو رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم به) ۽ ايمان وارا (به) ۽ توهان عنقريب هر ڳجهي ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ (رب) جي طرف موٽايا ويندؤ، پوءِ اُهو توهان کي انهن عملن کان خبردار فرمائيندو جيڪي توهان ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) تون چئه: عمل ڪندا رهو-هاڻي الله ڏسندو ته توهان جا عمل ڪهڙا آهن ۽ الله جو رسول به ڏسندو ۽ مسلمان به ڏسندا ۽ (پوءِ) توهين آخرڪار الله ڏانهن موٽايا ويندؤ. جنهن جي علم کان نه ڪي ڪا ظاهر ڳالهه لڪل آهي نه ڪي ڪا مخفي ڳالهه لڪل آهي. پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهين جيڪو ڪجهه ڪندا رهيا آهيو، ان جي حقيقت ڇا هئي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَءاخَرونَ مُرجَونَ لِأَمرِ اللَّهِ إِمّا يُعَذِّبُهُم وَإِمّا يَتوبُ عَلَيهِم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 106) |
۽ ٻيا الله جي حُڪم لاءِ رھايل آھن ته يا ته کين عذاب ڪري يا کين معاف ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (بيان ڪيل توبهه ڪندڙ جماعت کانسواءِ) ڪي ٻيا ماڻهو آهن جن جو معاملو هن انتظار ۾ ته الله جو ڪهڙو حڪم ٿو اچي، ملتوي ڪيو ويو آهي) يعني انهن جو ڪيس رکيو ويو آهي جيستائين بالا عملدار الله تعاليٰ جو حڪم صادر ٿئي) اهو خدا کين عذاب ڪري يا (پنهنجي رحمت جي) انهن تي موٽ ڪري (سندس هٿ ۾ آهي) ۽ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪجھه ٻيا ماڻهو الله جي حڪم سان مهلت ڏنا ويا آهن يا ته الله انهن تي عذاب ڪندو يا انهن جي توبه قبول ڪندو ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪي ٻيا آهن جن کي خدا جي حڪم لاءِ اميدوار ڇڏيل آهن (هن کي وس آهي) يا ته کين سزا ڏي يا مٿن مهرباني ڪري. ۽ خدا (ته) وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻيا (اهڙا آهن جيڪي) ڍر ڏنل آهن الله جي امر لاءِ يا عذاب ڪندو انهن کي ۽ يا توبہ قبول ڪندو انهن جي ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪي ٻيا آهن جن کي الله جي حڪم لاءِ ڇڏيل آهي يا ته کين سزا ڏي يا مٿن مهرباني ڪري. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪجهه) ٻيا آهن جن جو معاملو الله جي (ايندڙ) حڪم لاءِ ڇڏيل آهي يا انهن کي عذاب ڪري يا انهن جي توبه قبول ڪري. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻِيا، الله جي اَمر جا، آهن اِنتظار، ته ڏي عذاب اُنهن کي، يامَرهي کِين مَيار، ۽ سائـِين سَمجھدار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪجهه ٻيا ماڻهو آهن، جن جو معاملو الله جي حڪم اچڻ لاءِ رکيل آهي، ته انهن کي سزا ڏئي، يا سندن توبه قبول ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪي ٻيا ماڻهو به آهن، جن جو معاملو الله جي حڪم لاءِ ترسايل آهي، پوءِ وڻيس ته سزا ڏئينِ ۽ وڻيس ته ورائي مــِـهر ڪرينِ. الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ هو وڏو داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ترسيل آهي ڪن ٻين ماڻهن جو معاملو الله وٽ، وڻيس ته کين سزا ڏئي ۽ وڻيس ته مٿن وري مهربان ٿئي، ۽ الله ته سڀڪجهه ڄاڻندڙ حڪيم ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهڙيءَ طرح ڪجهه ٻيا ماڻهو به آهن، جن جو معاملو الله تعالى جي حڪم اچڻ تائين پوئتي رکيو ويو آهي. هو چاهي ته کين سزا ڏئي ۽ چاهي ته سندن قصور معاف ڪري. الله تعالى سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ڪجهه ٻيا (به) آهن جيڪي الله جي (ايندڙ) حڪم جي لاءِ ڇڏيا ويا اهو يا ته انهن کي عذاب ڏيندو يا سندن توبه قبول فرمائيندو، ۽ الله خوب ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (توبهه ڪندڙن جي پوئتي بيان ٿيل گروهه کان علاوه) ڪجهه ٻيا ماڻهو به آهن جن جو معاملو انتظار جي مرحلي ۾ آهي ته الله جو حڪم ڇاٿو ٿئي (انهن جو معاملو) ملتوي ٿي چڪو آهي. الله کين عذاب ڏي يا (پنهنجي رحمت سان) سندن توبهه قبول ڪري، (اهو الله جي هٿ وس آهي) ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ، (پنهنجن سمورن ڪمن ۾) حڪمت ڀريو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مَسجِدًا ضِرارًا وَكُفرًا وَتَفريقًا بَينَ المُؤمِنينَ وَإِرصادًا لِمَن حارَبَ اللَّهَ وَرَسولَهُ مِن قَبلُ وَلَيَحلِفُنَّ إِن أَرَدنا إِلَّا الحُسنىٰ وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 107) |
۽ (انھن مان اھڙا به آھن) جن نقصان پُھچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجھڻ ۽ جن (ماڻھن) الله ۽ سندس پيغمبر سان اڳ ويڙھ ڪئي آھي تن واسطي گھٽ ٺاھڻ لاءِ (ھڪ) مسجد بڻائي آھي، ۽ (اُھي) ضرور قسم کڻندا ته چڱائيءَ کانسواءِ اسانجو (بڻائڻ ۾) ٻيو ڪو ارادو نه آھي، ۽ الله شاھدي ڏئي ٿو ته اُھي ڪوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (منافقن مان اهي ماڻهو به آهن) جن هن مطلب سان هڪ مسجد ٺاهي کڙي ڪئي ته (مسلمانن کي) نقصان پهچائين، ڪفر ڪن ۽ مؤمنن ۾ ڦيٽارو وجهن، ۽ انهن ماڻهن لاءِ هڪ (منصوبي ٺاهڻ جي) جاءِ پيدا ڪن جي اڳي الله ۽ سنس رسول سان وڙهي چڪا آهن. هو ضرور قسم کڻي چوندا ته اسان جو مطلب سواءِ ڀلائي ۽ چڱائي جي ٻيو ڪجهه به نه هو، پر الله تعاليٰ جي شاهدي هيءَ آهي ته هو پنهنجي قسمن ۾ بلڪل ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن (منافقن) مسجد تيار ڪئي نقصان پهچائڻ لاءِ ۽ ڪفر کي طاقت وٺائڻ لاءِ ۽ مؤمنن جي وچ ۾ جھڳڙي پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ان ماڻهوءَ جي انتظار ۾ آهن جيڪو پهريائين الله ۽ الله جي رسول جو مخالف آهي، ۽ اهي منافق ضرور قسم کڻي چوندا ته (ان مسجد جي تعمير ۾) اسان نيڪي جو ارادو ڪيو آهي، ۽ الله تعالى شاهدي ڏي ٿو ته اهي يقيناً ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهي ماڻهو به منافق آهن) جن (مسلمانن کي) نقصان پهچائڻ ۽ ڪافر ڪرڻ ۽ مومنن ۾ ٻيائي وجهڻ لاءِ، ۽ جن خدا ۽ سندس رسول سان هن کان اڳ جنگ ڪئي تنهن جي گهاٽ ٺاهڻ لاءِ مسجد ٺاهي. (۽ مزو اهو) ته ضرور اهي قسم کڻندا ته اسان مسجد بنائڻ ۾ رڳو ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي ۽ خدا شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو ٺاهيائون مسجد نقصان ڏيڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ ڏڦيڙ وجھڻ لاءِ مؤمنن ۾ ۽ گھٽ ٺاهڻ لاءِ ان واسطي جو مخالفت ڪيائين الله جي ۽ ان جي رسول جي اڳ ۾ ۽ البت ضرور قسم کڻندا ته نه ارادو ڪيوسون مگر ڀلائيءَ جو ۽ الله شاهدي ٿو ڏي ته بيشڪ اهي البت ڪوڙا آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن نقصان پهچائڻ ۽ ڪفر ڪرڻ ۽ ايمان وارن جي وچ ۾ جدائي وجهڻ لاءِ ۽ جن الله ۽ سندس رسول سان هن کان اڳ جنگ ڪئي تن جي گهاٽ ٺاهڻ لاءِ مسجد ٺاهي. ۽ ضرور اهي قسم کڻندا ته اسان (مسجد بنائڻ ۾ ) رڳو ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن هڪ مسجد ٺاهي نقصان پهچائڻ لاءِ ۽ ڪفر ۽ مؤمنن جي وچ ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ، ۽ ان شخص جي گهاٽ (انتظار گاهه) ٺاهڻ لاءِ جيڪو اڳي ئي الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪري چڪو آهي. (يعني ابوعامر فاسق) ۽ ضرور قسم کڻندا ته (اها مسجد ٺاهڻ ۾) انهن جو سواءِ نيڪي جي ٻيو ڪو ارادو نه آهي. ۽ الله شاهدي ٿو ڏئي ته بلاشڪ اهي ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جن مَسجِد اَڏِي، نِيت ڪِنهن نُقصان، پڻ ڦِرڻ ۽ ڦوٽ لئي، مُؤمِنَن دَرميان، پڻ جُوڻت، لئي تَن، جنگ جن اڳ ۾، ڪئـِي عيان، صاحب سان، سبحان، پڻ اُن جي، مُرسل مِيرسان، کَڻنِ قَسم ته اسان نَه ڪئـِي، ڪا نيت نيڪِيءَ ڌار، ۽ ڏي ٿو ساک سَتار، ته اُهي ڪوڙا، قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي شخص مسجد انهيءَ لاءِ ٿا بنائين ته، نقصان پهچائين ۽ ڪفر جون ڳالهيون ڪن ۽ مومنن ۾ ڏڦيڙ وجهن، ۽ ان ماڻهوءَ لاءِ ان کي وجهه بنائين، جو هن کان اڳ ۾ الله ۽ سندس رسول سان وڙهي چڪو آهي ۽ اُهي ضرور قسم کڻندا، ته انهن جي نيت چڱائي ڌاران ٻي ڪا به ڪانه هئي، پر الله گواهي ڏئي ٿو ته اهي بلڪل ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري ڪي ٻيا ماڻهو به آهن جن هڪڙي مسجد ٺاهي آهي، ان لاءِ ته (حق جي دعوت کي) نقصان پهچائن ۽ (الله جي بندگي ڪرڻ بدران) ڪفر ڪن ۽ مؤمنن ۾ ڏڦيڙ وجهن ۽ (انهيءَ ظاهري عبادتگاهه کي) انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ هڪڙو مورچو بڻائين، جيڪو اڳيئي الله ۽ سندس رسول سان جنگ جوٽي چڪو آهي. هو ضرور قَسم کڻي چوندا ته اسان جي نيت ته ڀلائي ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪابه نه هئي، پر الله شاهد آهي ته هو بلڪل ڪوڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪي ماڻهو جن هڪ مسجد ان لاءِ ٺاهي ته نقصان رسائين حق جي دعوت کي ۽ ڪفر ڪن ۽ ڏڦيڙ وجهن ايمان وارن جي وچ ۾، ۽ ظاهر ۾ (ان کي) ان شخص لاءِ مورچو ٺاهين، جيڪو هن کان اڳ الله ۽ سندس رسول جي خلاف جنگ جوٽي چڪو آهي، ۽ اهي قسم کڻندا وري وري ته اسان جو ارادو ٻيو ناهي ڀلائيءَ کان سواءِ، ۽ الله پاڻ شاهد آهي ته اهي ڪوڙا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن (اسلام کي) نقصان پھچائڻ، (آزاديءَ سان) ڪفر ڪرڻ، مؤمنن جي وچ ۾ اختلاف (۽ جدائي) وجهڻ ۽ انهن ماڻهن جي لاءِ جن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) سان اڳ جنگ ڪري چڪا آهن، تن سڀني جي لاءِ گهاٽ طور هڪ مسجد (يعني چوڪي) ٺاهي، هو توهان وٽ اچي قسم کڻندا ته (مسجد ٺاهڻ لاءِ) اسان جا ته نيڪ ارادا آهن پر الله تعالى شاهدي ڏئي ٿو ته اِهي سڀ ڪوڙا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (منافقن مان اُهي به آهن) جن هڪ مسجد تيار ڪئي آهي (مسلمانن کي) نقصان پهچائڻ ۽ ڪفر (کي مضبوط ڪرڻ) ۽ ايمان وارن جي وچ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ ۽ ان شخص جي تاڙ جي جاءِ بنائڻ جي مقصد سان جيڪو الله ۽ ان جي رسول(صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) سان اڳ ۾ ئي جنگ ڪري رهيو آهي، ۽ اُهي ضرور قسم کڻندا ته اسان (هن مسجد جي بنائڻ سان) سواءِ ڀلائي جي ٻيو ڪو ارادو نه ڪيو آهي، ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته اُهي يقيناً ڪوڙا آهن. |