توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالفَجرِ (آيت : 1) |
پرھ جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پرهه ڦُٽيءَ (جي وقت) جو قَسم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قَسَمُ اهي فجر جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) صبح (جي وقت) جو قسم آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي فجر جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) صبح (جي وقت) جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) صبح (باک ڦُٽِيءَ) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساک سُنهاري صُبح جِي، جڏهن کِڙي ٿو کَڙو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن؛ صبح جو وقت، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي فجر جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي فجر جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي فجر (جي وقت) جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَيالٍ عَشرٍ (آيت : 2) |
۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏهن راتين جو (جن ۾ حج جي موقعي تي پنهنجي باري ۾ سوچڻ ۽ ٻين انسانن جي حالتن پروڙڻ جو موقعو ملي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قَسَمُ آهي ڏهن راتين جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏهن راتين جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏهن راتين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏهن راتين جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڏهن راتين جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سانده ڏَھ راتيون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏهه راتيون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏهن راتين جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ راتين ڏهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي ڏهن راتين جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالشَّفعِ وَالوَترِ (آيت : 3) |
۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو (جن ۾ پوري ڪائنات جڪڙيل آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قَسَمُ آهي ٻَڌِي ۽ اِڪِيءَ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻَڌيءَ جو قسم ۽ اِڪيءَ جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جوڙو ۽ ڇَڙهو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻڌي ۽ اِڪي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٻڌيءَ ۽ اڪيءَ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻَڌي ۽ اِڪي جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي ٻڌي ۽ اِڪي انگن جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّيلِ إِذا يَسرِ (آيت : 4) |
۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ رات جو جڏهن گذري ٿي، (۽ ان صورتحال تي ڪوبه فڪرمندي نه ٿو ڪري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قَسَمُ آهي رات جو جڏهن اها وڃي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ رات جو جڏهن اچڻ لڳي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو جڏهن وڃڻ لڳي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رات جوجڏهن گذري ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رات جڏهن گذري ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن رات جَھان ۾، ڏئي مَٿان لوڪ لَڙهو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ گذرندڙ رات. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رات جو جڏهن اها موڪلائي رهي هوندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رات جو جڏهن اها وڃڻ واري هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها وڃڻ لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل فى ذٰلِكَ قَسَمٌ لِذى حِجرٍ (آيت : 5) |
ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ پڌرو پيغام آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ عقلمندن لاءِ (هڪ عظيم) قَسَمُ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عقل واري لاءِ ته هي بيشڪ وڏو قسم آهي (ته ڪافرن تي ضرور عذاب ٿيندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ان ۾ قسم آهي عقل واري لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان ۾ عقلمند لاءِ وڏو قسم آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، پَڌرو نه آھِ پَڙهو، اُن ۾ عقلدار لئي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انهن ۾عقل واري لاءِ ڪا شاهديءَ جهڙي چيز ڪانهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هن ۾ ڪنهن عقل واري لاءِ ڪو پيغام آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هن ۾ ڪو قسم آهي عقل واري لاءِ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ به عقل وارن لاءِ ڪو قسم باقي رهجي ويو آهي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ كَيفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعادٍ (آيت : 6) |
نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! اهي اڳين قومن لاءِ خدا جي پڌري پيغام کي ڇو نه ٿا هنڊائن) ڇا تو نه ڏٺو ته، تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم)،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي ڇا توهان نه ڏٺو ته توهان جي رب عاد وارن سان ڇا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان نه ڏٺو ته اوهان جي پروردگار عاد (جي قوم) سان ڇا ڪيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته ڪيئن ڪيو تنهنجي رب عاد سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پالڻهار عاد (جي قوم) سان ڇا ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واقِعا اُنهِئَ وَقت جا، وِيچارئـِي نَه ويهي؟ ته تُنهنجي آگي، عاد سان، ڪَئـِي چَر ڪيهِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا توکي خبر ڪانهي ته تنهنجي رب ”عاد“ سان ڇا ڪيو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته تنهنجي رب ڇا ڪيو عاد سان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا نه ڏٺو تو ته ڪهڙي ڪار ڪئي هئي تنهنجي رب عاد وارن سان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله تعالى عاد قوم سان ڪهڙي حالت ڪئي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِرَمَ ذاتِ العِمادِ (آيت : 7) |
(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي اِرَم شهر وارا جيڪي قداور هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) ٿنبن وانگر قد آور “ارم” جي (قوم) سان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ارم جي قوم مان وڏن ٿنڀن جا صاحب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٿنڀن وانگر (قدآور) ارم (جي قوم) سان ڇا ٿيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِرَم اُچِيَنِ ماڙِيِين، نِشانيون نيهِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٿنڀن جهڙي ڊگهي قوم ”ارم“ سان(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (يعني) اوچن ٿنڀن واري ارم سان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ارم ٿنڀن وارن سان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏن ٿنڀن واري ارم قوم سان (به) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّتى لَم يُخلَق مِثلُها فِى البِلٰدِ (آيت : 8) |
جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن (جي فن ۽ ٺٺ ٺانگر) جهڙو (ان دور جي) شهرن ۾ ڪونه پيدا ڪيو ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جهڙا (قداور) شهرن ۾ نه پيدا ڪيا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن جهڙا سموري (دنيا جي) شهرن ۾ ڪو نه پيدا ڪيا ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو نه پيدا ڪيو ويو انهن جو مثال شهرن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جهڙو شهرن ۾ ڪو نه پيدا ڪيو ويو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن جي مثل (ڪا قوم) مُلڪن ۾ نه پيدا ڪئي وئي هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جوڙ جِن جيهِي جُڙي ڪانه جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن جهڙو ڪو ملڪن ۾ پيدا ڪيل نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن جهڙي ڪا قوم دنيا جي ملڪن ۾ پيدا ئي نه ڪئي وئي هئي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن جهڙي نه پيدا ڪئي وئي هئي قوم دنيا جي ملڪن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جھڙي طاقتور قوم ته ڪنھن به ملڪ ۾ پيدا نه ڪئي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَثَمودَ الَّذينَ جابُوا الصَّخرَ بِالوادِ (آيت : 9) |
۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي (القريٰ) ۾ (پٿر جي) ڇپن کي (پختا گهر بنائڻ لاءِ) گهڙيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ثمود وارا جن وادي قُريٰ ۾ پٿر تراشي ڪري گھر بنايا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ ثمود (جي قوم) سان (به) جي “وادي القرى” ۾ ڇپون گهڙي (گهر ٺاهي رهندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ثمود وارن سان جن ڪٽيا پٿر واديءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي القريٰ ۾ ڇپن کي گهڙيو هو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ثمود (جي قوم سان ڇا ٿيو؟) جن وادي ۾ جبلن کي گهڙيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَرڪش قوم ثَمود جِي، ڇاڪِين پَيئـِي تو ڪَر؟ ڏُونگر جي ڏَنِي ۾، جِن گَھڙي ٺاهيا گَھر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ثمود (قوم) سان جي (گهرن ٺاهڻ لاءِ) ماٿريءَ ۾ پٿر گهڙيندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ثمود سان به، جن واديءَ ۾ پٿر ٽــُـڪيا هئا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ثمود (جهڙي قوم) جن گهڙيون هيون ڇپون پٿرن جون وادي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ثمود قوم سان جيڪي واديءَ ۾ جبلن کي ٽُڪي گهر ٺاهيندا هئا (تن سڀني سان ڪھڙو سلوڪ ڪيو؟) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفِرعَونَ ذِى الأَوتادِ (آيت : 10) |
۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ميخن (ايذائڻ جي وڏي سگهه) واري فرعون سان (به تنهنجي رب ڪيئن ڪيو؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ فرعون وارا جيڪي مضبوط عمارتون ٺاهيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون سان (به ڇا ڪيوسين) جيڪو سزا جي لاءِ ڪلا رکندو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرعون ميخن واري سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪلن واري فرعون سان (به) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون (سان ڇا ٿيو؟) جو ميخن وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فِڪر نَه ڪيئـِي فِرعون ڏي، جو سِيخُن ساڻ سَٻر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ميخن واري فرعون سان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ميخن واري فرعون سان به؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ فرعون ميخن وارن سان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ميخن واري فرعون سان ڇا حشر ڪيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ طَغَوا فِى البِلٰدِ (آيت : 11) |
انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي شهرن ۾ (ڪمزورن تي زيادتيون ڪرڻ ۾) پنهنجي حد کان لنگهي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ماڻهن شهرن ۾ نافرماني ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي ماڻهو (جدا جدا) شهرن ۾ سرڪش ٿي رهيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن سرڪشي ڪئي هئي شهرن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي شهرن ۾ پنهنجي حد کان لنگهي ويا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو (هئا) جن شهرن ۾ سرڪشي ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنِين مُلڪ مُنجھائـِيا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي ملڪ ۾ سرڪش ٿي ويا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهي اُهي ماڻهو هئا، جن دنيا جي ملڪن ۾ ڏاڍي سرڪشي ڪئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو هئا جن ظلم ڪيا (سرڪشي ڪئي) دنيا جي ملڪن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن، شھرن ۾ بغاوت ڦھلائي ڇڏي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَكثَروا فيهَا الفَسادَ (آيت : 12) |
پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد پکيڙيائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان ۾ فساد وِڌايائون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان گهڻا فساد ڦهلائي رهيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گهڻو ڪيائون ان ۾ فساد .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد ڪيائون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شَهرِين پَکيڙيئون شَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ۾ گهڻيون خرابيون ڪرڻ لڳا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منجهن ڏاڍو فساد ڦهلايو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ پکيڙيو هو انهن ۾ وڏو فساد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن ماڻهن شھرن ۾ فساد به مچائي ڇڏيو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَصَبَّ عَلَيهِم رَبُّكَ سَوطَ عَذابٍ (آيت : 13) |
تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو. (۽ هو تباهه و برباد ٿيا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان جي رب انهن تي سخت عذاب وارو چهبڪ موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ تنهنجي پروردگار مٿن عذاب جو چهبڪ وسايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وسايائين انهن تي تنهنجي رب چهبڪ عذاب جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تنهنجي پالڻهار انهن تي عذاب جو چهنبڪ وهايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُنهن تي وار عَذاب جو، پَلٽايو پَروَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تنهنجي رب مٿن عذاب جو چهبڪ وسايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ تنهنجي رب مٿن عذاب جو ڏنڊو وسايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وهايو انهن تي تنهنجي رب چهبڪ عذاب جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پوءِ تنھنجي پالڻھار انهن جي مٿان عذب جو چَهبڪ وسايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ رَبَّكَ لَبِالمِرصادِ (آيت : 14) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ (ڄڻ ته) گهاٽ واري هنڌ تي آهي، (عملن کي ڏسندڙ آهي ۽ ڪوبه عمل ان کان ڳجهو نٿو رهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو رب يقيناً هڪ مورچي ۾ مخلوق جو انتظار ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ تنهنجو پالڻهار گهاٽ واري هنڌ ۾ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تنهنجو رب البته گَهٽَ ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ گهٽ واري هنڌ ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار (ڏوهارين جي) گهاٽ ۾ (انهن کي ڏسندڙ) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهن جو رَبّ رَهبر، چارِي پُوري چونڪ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تنهنجو رب ته (ڏوهارين جي) تاڪ ۾ هوندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سچي ڳالهه اها آهي ته تنهنجو رب گــَـهٽَ جهليو ويٺو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تنهنجو رب (لڪي خاص طور) ڏسي پيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار ته (ڏوهارين جي) تاڪ ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمَّا الإِنسٰنُ إِذا مَا ابتَلىٰهُ رَبُّهُ فَأَكرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقولُ رَبّى أَكرَمَنِ (آيت : 15) |
پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اصل ۾ انسان خدائي قانونن ۽ ان جي عمل ۾ اچڻ جي طريقي کان اڻ واقفيت رکي ٿو. ان ڪري) انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته، (مغروري ۽ فخر ۾) هو چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر انسان (ڪافر) کي جڏهن سندس رب آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ۽ نعمت ڏي ٿو، پوءِ اهو چوي ٿو منهنجي رب مون کي عزت ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انسان کي جڏهن کيس سندس پالڻهار (هن طرح) آزمائي ٿو جو ان کي عزت ۽ نعمت ڏئي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پروردگار مون کي عزت عطا ڪئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر انسان جڏهن آزمايو ان کي ان جي رب پوءِ عزت ڏئي ٿو ان کي ۽ نعمت ڏئي ٿو ان کي پوءِ چوي ٿوته منهنجي رب مون کي عزت ڏني آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ به انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته هو چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر انسان کي جڏهن سندس پالڻهار آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته پوءِ چوي ٿو: ”منهنجي پالڻهار مون تي ڪرم ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر پوءِ اِن اِنسان جا، آهِن اِهڙا پار، ته جڏهن پَرکيسِ پَر ۾، پنهنجو پالڻهار، عطا ڪَريسِ آبرو، ۽ سُکيو رکيسِ سَتار، پوءِ وَاکاڻيسِ تِنهن وار، ته سانيمِ مون سان سُک ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر انسان ته اهڙو آهي، جو جڏهن کيس سندس رب آزمائيندو آهي، تڏهن کيس عزت ۽ نعمت ڏيندو آهي، ته هو چوندو آهي، ”منهنجي ڌڻيءَ مون کي عزت بخشي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انسان جي حالت اها آهي ته جڏهن سندس رب آزمائش ٿو لهي ۽ کيس عزت ۽ نعمت ٿو عطا ڪري ته چوي ٿو ته منهنجي رب مونکي عزت وارو ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انسان کي جڏهن آزمائي ٿو ان جو رب، ان کي آبرو ۽ عزت ڏئي ٿو ۽ آسودو ڪري ٿو، ته چوندو آهي منهنجي رب مون کي نوازيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انسان کي سندس پالڻھار عزت ۽ نعمتون ڏئي آزمائيندو آهي ته پوءِ چوندو آهي ته منھنجي پالڻھار مون کي وڏي عزت ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا إِذا مَا ابتَلىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيهِ رِزقَهُ فَيَقولُ رَبّى أَهٰنَنِ (آيت : 16) |
۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته، چوي ٿو ته، منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. (حالانڪ اهو سڀ ڪجهه خدا جي مقرر قانونن جي نتيجي ۾ عمل پذير ٿئي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر جنهن وقت اهو ان کي آزمائي ٿو پوءِ ان تي رزق تنگ ڪري ٿو. پوءِ اهو چوي ٿو منهنجي رب مون کي خوار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر وري جڏهن کيس (هن ريت) آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو، ته چوي ٿو ته منهنجي پالڻهار مون کي خوار ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جڏهن آزمائي ٿو ان کي پوءِ تنگ ڪري ٿو ان تي ان جو رزق پوءِ چوي ٿو ته منهنجي رب مون کي خوار ڪيو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي خوار ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر جڏهن ان کي آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته پوءِ چوي ٿو: ”منهنجي پالڻهار مون کي ذليل ڪري ڇڏيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر جڏهن پَرکي اُن کي، پوءِ تَون ڪريسِ تَنگ، پوءِ تڏهن جوٽي جَنگ، ته خُدا کِيـَمِ خُوار ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري جڏهن کيس آزمائيندو آهي، تڏهن سندس رزق تنگ ڪندو آهي، ته وري هو چوندو آهي ته ”منهنجي رب مون کي بي عزت ڪيو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن وري کيس آزمائش ۾ وجهي ٿو ۽ سندس رزق مٿس تنگ ڪري ڇڏي ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي رب مونکي ذليل ڪري ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وري جڏهن آزمائي ٿو ان کي، تنگ ڪري ٿو سندس روزيءَ کي، پوءِ چوي ٿو منهنجي رب مون کي ذليل ڪيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن ان کي گهٽ روزي ڏيئي آزمائيندو آهي ته چوڻ لڳندو آهي ته منھنجي پالڻھار مون کي ذليل ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا بَل لا تُكرِمونَ اليَتيمَ (آيت : 17) |
(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين نه آهي (جو خدا ڪنهن کي هروڀرو خوار ڪري) پر اوهين (ڌرتيءَ تي پرگهور جي لائق) يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بلڪِ توهان يتيمن جي عزت نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ائين نه آهي. پر اوهين ماڻهو يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بلڪ نه ٿا عزت ڪيو يتيم جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه آهي، پر اوهين يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ائين نه آهي، (جو بي سبب اوهان کي ڪنگال ڪري) پر توهان (خوشحالي ۾) يتيمن جي عزت نه ٿا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خُدا خُوار ڪِين ڪيو، اِي اُٽلو اَنهن جا پار، ته ڏِيو مانَ، نه مُورهِين، ڪِنهن ڇِني ڇوري ٻار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (مگر ائين) هرگز ناهي، بلڪ اوهين نڪي يتيم جي دل ٿا وٺو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، اصل ڳالهه اها آهي ته توهان يتيم سان عزت وارو سلوڪ نٿا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، پر نٿا ڪريو توهان سهڻو سلوڪ ڇوري ٻار سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! بلڪه توهان يتيم جي عزت نٿا ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَحٰضّونَ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 18) |
۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي (ضرورتمند) مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه توهان پاڻ ۾ هڪ ٻِئي کي مسڪينن جي کارائڻ جو شوق ڏياريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه مسڪين کي کاڌي کارائڻ جي ريس ٿا ڏياريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا حرص ڏياريو مسڪين کي کاڌي کارائڻ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ئي توهان مسڪينن کي کارائڻ جي هڪ ٻئي کي رغبت ڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مانِي مِسڪِين جي، تايا ٿيو نه تيار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي مسڪينن کي ماني کارائڻ لاءِ همٿايو ٿا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مسڪين کي کاڌو کارائڻ لاءِ هڪ ٻئي کي نه ٿا اڀاريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ٿا رغبت ڏياريو کاڌي کارائڻ جو مسڪينن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هڪ ٻئي کي مسڪين کي کاڌي کارائڻ جو شوق به نٿاڏياريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَأكُلونَ التُّراثَ أَكلًا لَمًّا (آيت : 19) |
۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مئلن جو مال ميڙي سيڙي کائو ٿا. (۽ وارثن تائين پورو حق نٿا پهچايو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (ناحق) ورثي جي ملڪيت کي هڙپ ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ميراث جي مال (حلال ۽ حرام) کي سميٽي هڙپ ڪري ٿا ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کائو ٿا ورثي جو مال سمورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مئلن جو مال ته ميڙي سيڙي کائو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (مُئن جي) ميراث ته ميڙي سيڙي کائو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کِيَن کي، کايو وَڃو، تَرڪو سَڀ تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ورثي جي مال کي ميڙي هڙپ ٿا ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ميراث جو سارو ئي مال ميڙي کائي ٿا وڃو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کائي ٿا وڃو مئلن جي ميراث کي ساري جي ساري ميڙي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ميراث جو مال به ميڙي سيڙي کائي ويندا آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتُحِبّونَ المالَ حُبًّا جَمًّا (آيت : 20) |
۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اٽڪلون سٽڪلون ڪري ٻين جي مال به ڇڪي اچو ٿا، ۽ اوهان) مال سان (ميڙ ميڙان جي) بيحد محبت رکو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مال کي جمع ڪرڻ جي بيحد محبت رکو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مال (دولت) سان محبت گهڻي ٿا رکو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ محبت رکو ٿا مال سان گهڻي محبت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مال سان محبت گهڻي رکو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان مال مايا سان گهڻي محبت رکو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُورِي رِيت پِيار، رَکو ميڙِيَل مال سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مال سان ڏاڍو پيار ٿا رکو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مال سان ڏاڍي محبت ٿا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ محبت مال جي ۾ تمام سخت ڦاٿل آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اصل ۾) توهان مال سان تمام گهڻي محبت رکو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا إِذا دُكَّتِ الأَرضُ دَكًّا دَكًّا (آيت : 21) |
ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خبردار (اهوئي سبب آهي جنهن اوهان کي خوار ڪيو، سو قيامت ڏينهن) جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي سنئون (ميدان محشر لاءِ ڊگهو ميدان) ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! جنهن وقت زمين تي زلزلن کان پوءِ زلزلا ايندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ياد رکو! جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي ذرا ذرا ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه جڏهن ڪٽي ويندي زمين ذرا ذرا ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه ڪجي. جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي سنئون ڪيو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يقيناً جڏهن زمين ٽوڙي ڦوڙي برابر ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خبردار ته خاڪ، جڏهن سَٽجِي سَر کي ٿيئـِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (مگر ائين) هر گز ناهي، جڏهن زمين ڪٽي ڪٽي جهڪي ڪبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪل نه، جڏهن زمين کي خوب ڪــُـٽي ڪــُـٽي رڻ پٽ بڻايو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، جڏهن سنئين ڪئي ويندي زمين ڪُٽي (چُورو ڪري)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! جڏهن (زمين (جي هيٺ مٿانهين) کي ڪُٽي سُٽي سنوت ۾ آندو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَ رَبُّكَ وَالمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (آيت : 22) |
۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجو رب (حساب ڪتاب جي لاءِ) ايندو ۽ ملائڪ به قطارن ۾ (ايندا)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي رب جو حڪم پهچندو ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجي پروردگار جو حڪم، ۽ فرشتا قطارن ۾ ايندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تجلي فرمائيندو رب تنهنجو ۽ ايندا ملائڪ ٽولا ٽولا ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تنهنجو رب ايندو ۽ ملائڪ به قطارن ۾ (ايندا) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجو پالڻهار جلوه گر ٿيندو ۽ ملائڪ صفون ٻڌي (ان جي حضور ۾) بيٺا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيو پاڻ اَمِين ٿِي، تُنهن جو پَروَر پاڪ، مَلڪ قطار، قطارسان، آيا، کَـئون اَفلاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجو رب ايندو ۽ ملائڪن جون قطارون قطارون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تنهنجو رب هن حال ۾ جلوه افروز ٿيندو، جو ملائڪ صفون ٻڌي بيٺل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ايندو تشريف کڻي تنهنجو رب (ان حالت ۾) جو ملائڪ صفن ۾ بيٺا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ تنھنجو پالڻھار تشريف کڻي ايندو ۽ ملائڪ قطارون ٺاهي بيٺا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجِا۟يءَ يَومَئِذٍ بِجَهَنَّمَ يَومَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ وَأَنّىٰ لَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 23) |
۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ دوزخ کي ان ڏينهن آڻبو، تڏهن ان ڏينهن انسان (اسان جي نصيحتن ڏانهن) ڌيان ڪندو (پر وقت نڪري چڪو هوندو) ۽ ڪٿان نصيحت جو فائدو ٿيندس؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ ڏينهن جهنم کي آندو ويندو، ان ڏينهن انسان سوچيندو ۽ (ان ڏينهن) سوچڻ مان ڇا حاصل ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ دوزخ کي ان ڏينهن سامهون آڻبو، تڏهن ان ڏينهن انسان ڌيان ڪندو پر پوءِ ڪٿان (نصيحت يا فائدو) ٿيندس!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آندو ويندو ان ڏينهن جهنم ان ڏينهن نصيحت پرائيندو انسان ۽ ڪٿي هوندي ان لاءِ نصيحت پرائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دوزخ کي ان ڏينهن آڻبو تڏهن ان ڏينهن انسان ڌيان ڪندو ۽ ڪٿان نصيحت جو فائدو ٿيندس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن دوزخ آندو ويندو ان ڏينهن انسان کي سمجهه ايندي مگر ان مهل ان جي سمجهڻ جو ڇا فائدو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو وِيو اوڏڙو، دوزخ دَهشتناڪ، تِنهن ڏِينهن سارِيندو گھڻو، هَر بَشر بيباڪ، ۽ ڪٿان آهي ڪاڻ تِنهِين، اُت سارڻ سُودناڪ؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ڏينهن دوزخ به حاضر ڪبو، تنهن وقت انسان نصيحت وٺندو، پر اها نصيحت ڪهڙي ڪم جي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جهنم انهيءَ ڏينهن آڏو آندو ويندو، انهيءَ ڏينهن انسان کي سمجهه پوندي، پر ان وقت سمجهه پوڻ جو ڪهڙو فائدو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آندي ويندي ان ڏينهن دوزخ آمهون سامهون، ان ڏينهن سمجهه اچي ويندي انسان ۾، پر ڪٿي ڏيندي فائدو سمجهه (ان ڏينهن)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن دوزخ کي حاضر ڪبو ته پوءِ انسان ڳالهه سمجهي ويندو، پر ان وقت سمجهڻ مان ڪھڙو فائدو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَقولُ يٰلَيتَنى قَدَّمتُ لِحَياتى (آيت : 24) |
چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان وقت حسرت وچان) چوندو ته جيڪر (ڪجهه چڱا عمل) پنهنجي حياتيءَ لاءِ اڳي موڪليان ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو چوندو هاءِ! افسوس! پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪو نيڪ عمل ڪريان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوندو ته جيڪر (ڪجھ چڱا عمل) پنهنجي (هن) حياتي لاءِ اڳيان موڪليان ها!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندو اي ڪاش مان اڳي ڪري موڪليان ها (عمل هن) حياتيءَ لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چوندو ته جيڪر (ڪجهه چڱا عمل) پنهنجي حياتيءَ لاءِ اڳي موڪليان ها (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندو: ”هائو جي آءٌ پنهنجي (آخرت واري) زندگي لاءِ (صالح عمل) اڳتي موڪليان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَندو ڳالهيون ڳوٺ جون، هَڻدو هَٿ هَلاڪ، ته جيڪس جِيَڻ لئي پانهنجي، هن ٿاڻي اَندر ٿاڪ، آئون ڪا اِملاڪ، اُماڻيان ها اَڳڀرو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو چوندو ”هاءِ، جيڪڏهن هن حياتيءَ لاءِ ڪو توشو ڪريان ها!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو چوندو ته جيڪر مون پنهنجي هن حياتيءَ لاءِ اڳواٽ ڪجهه ڪيو هجي ها! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو چوندو هاءِ افسوس! جي ڪجهه ڪريان ها اڳواٽ هن حياتيءَ لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چوندو ته ڪاش! مان (دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي نيڪ عمل) اڳتي لاءِ موڪليان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَيَومَئِذٍ لا يُعَذِّبُ عَذابَهُ أَحَدٌ (آيت : 25) |
پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان ڏينهن الله (اهڙي سزا ڏيندو جو ان) جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪوبه نه ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان ڏينهن الله تعالى کان وڌيڪ ڪوبه ان تي عذاب نه ڪري سگھندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان ڏينهن خدا جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪو به نه ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان ڏينهن نه عذاب ڪندو ان جي عذاب جهڙو ڪو هڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ا ن ڏينهن الله جي سزا جهڙي سزا ٻيو ڪوبه نه ڏيندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏينهن ان (الله) جي عذاب وانگر ڪو عذاب ڏئي نه سگهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪاڙهي، جِيئن قيام ڏِينهن، تِئين ٻِيو نه ڪاڙهي ڪير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر ان وقت نه ڪو ڪنهن کي هن جهڙو عذاب ڏيندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهيءَ ڏينهن الله جيڪو عذاب ڏيندو تهڙو عذاب ڏيڻ وارو ڪوبه ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان ڏينهن نه عذاب ڏيندو، ان عذاب جهڙو ڏيندڙ ڪوبه ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن الله تعالى جي عذاب جھڙو ٻيو ڪير به عذاب نه ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يوثِقُ وَثاقَهُ أَحَدٌ (آيت : 26) |
۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان جي گرفت جهڙو ٻيو ڪوبه گرفت ۾ نه آڻيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله کان وڌيڪ ان تي ڪوبه پڪڙ نه ڪري سگھندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان جي جڪڙڻ جهڙو ٻيو ڪو به نه جڪڙيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٻڌندو ان جي ٻڌڻ وانگر ڪو هڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان جي ٻَڌڻ جهڙو ٻيو ڪوبه نه ٻَڌندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ان جي ٻَڌڻ جهڙو ٻيو ڪير ٻَڌي سگهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جِيئن ٻَڌي پَروَر پير، تِئين ٻَڌي، ٻِيو نه هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نه ڪو ڪنهن کي سندس جڪڙڻ جيئن جڪڙيندو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جيئن ٻـَـڌي قابو ڪندو، تيئن ٻڌي سوگهو ڪرڻ وارو ڪو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه قيد ڪندو ۽ اهڙي قيد ڪرڻ وارو ڪوبه ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جھڙو قابو ڪرڻ وارو ٻيو ڪير به قابو نه ڪري سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيَّتُهَا النَّفسُ المُطمَئِنَّةُ (آيت : 27) |
(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ خدا جي قانونن جي پاسداري ڪندڙ ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) اي (نيڪيءَ تي) اطمينان ڪرڻ وارا نفس!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي نفسِ مطمئن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ ڪجھ ماڻهن کي چئبو) اي دلجاءِ وارا نفس!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي مطمئن نفس! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ ايمان واري ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) اي اطمينان وارا نفس!(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرمانبردارن کي سڏ ٿيندو)”اي اطمينان وارا نفس!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آرامِي جِئ! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (۽ نيڪ کي چئبو) اي بيفڪر روح! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ٻئي پاسي فرمايو ويندو) اي مطمئن ٿيل نفس، موٽي هل پنهنجي رب ڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ٻئي طرف فرمايو ويندو) اي نفس اطمينان رکڻ وارا!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مؤمن کي چيو ويندو ته) اي اطمينان وارا نفس! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ارجِعى إِلىٰ رَبِّكِ راضِيَةً مَرضِيَّةً (آيت : 28) |
تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽي هل. جو تون زندگيءَ ۾ ان کي راضي ڪيو ۽ هاڻي هو توکي راضي ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تون پنهنجي رب ڏانهن موٽ (ان حال ۾) جو تون ان کان راضي (۽) اهو توکان راضي هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پنهنجي پالڻهار ڏي موٽي هل! جو تون ان کان خوش هو تو کان راضي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) موٽ تون پنهنجي رب ڏانهن راضي ٿيندڙ، راضي ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽي هل جو تون ان کان راضي هجين ۽ هو توکان راضي هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽي هل (ان حال ۾ جو) تون ان کان راضي هجين ۽ هُو تو کان راضي هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَر پَنهنجي، پالڻهار ڏي،راضِي رَکندڙ رَبّ کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون پنهنجي رب ڏانهن راضي ٿي هل_ ۽ هو به (توکان) راضي آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين جو تون (پنهنجي سهڻي پڇاڙيءَ کان) خوش (۽ پنهنجي رب وٽ) ڏاڍو پسند پيل آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موٽي هل پنهنجي رب ڏي، ان حال ۾ جو (پنهنجي نيڪ پڄاڻي سبب) خوش آهين رب وٽ پسنديده(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي پالڻھار ڏي واپس هل. تون ان کان راضي آهين ۽ هو توکان راضي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَادخُلى فى عِبٰدى (آيت : 29) |
تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (زندگيءَ ۾ به) منهنجن (مطمئن) ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ تون منهنجي خاص ٻانهن ۾ داخل ٿيءُ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون منهنجن (خاص) عبدن ۾ شامل ٿي وڃ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ داخل ٿي منهنجن ٻانهن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ منهنجن ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون منهنجي ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻِيندڙ مَرضِي، پوءِ سَندمِ سَچن ٻانهن ۾، سُکِي سَنهنجو ٿِئُ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ منهنجن بندن ۾ شامل ٿي (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ شامل ٿي وڃ منهنجن نيڪ ٻانهن ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) داخل ٿي منهنجي نيڪ بندن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون منھنجي خاص ٻانهن ۾ شامل ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَادخُلى جَنَّتى (آيت : 30) |
۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (آخرت ۾ به) منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون منهنجي جنت ۾ داخل ٿيءُ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ٿيءُ منهنجي جنت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويھ وَلاري وِئُ، مُنهنجي باغ بِهشت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منهنجي بهشت ۾ گِهڙ!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ داخل ٿي وڃ منهنجي جنت ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ داخل ٿي وڃ منهنجي بهشت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ منھنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |