توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
هَل أَتىٰكَ حَديثُ الغٰشِيَةِ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (قيامت جي) ڳالهه پهتي آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تحقيق توهان وٽ غاشيه (قيامت) جي خبر پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا تو کي ڍڪي ڇڏڻ واري مصيبت (قيامت) جو حال معلوم ٿيو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا آئي تو وٽ خبر ڇائنجي ويندڙ (قيامت) جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر!) ڇا توکي ڍڪيندڙ (قيامت) جي ڳالهه پهتي آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو وٽ ڇانئجي ويندڙ (يعني قيامت) جي ڳالهه پهتي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڍَڪرِيندڙ جِي ڍوليا!، تو ڪا آئـِي تار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو وٽ ”ڇانئجي ويندڙ“ (قيامت) جي خبر پهتل آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توکي انهيءَ ڇانئجي وڃڻ واريءَ آفت (قيامت) جي خبر ملي آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ڇا پهتي آهي توکي ڳالهه ان آفت (يعني قيامت) جي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو وٽ ان ڇانئجي وڃڻ واري (قيامت) جي خبر پھتي آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ خٰشِعَةٌ (آيت : 2) |
اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪي منهن ان ڏينهن خوار (۽ ڀيلا هوندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪيترا مُنهن ان ڏينهن ذليل ۽ خوار هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪيئي منهن ذليل ۽ خوار هوندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيترا منهن ان ڏينهن خوار هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪي منهن ان ڏينهن خوار (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪيترائي چهرا خوفزده هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ڏينهن مُنهن مِلهاڳڙا، هُوندا ڪي هزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُن ڏينهن ڪي منهن نهايت نماڻا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪي منهن انهيءَ ڏينهن هيسيل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪجهه منهن ان ڏينهن خوفزده هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن ڏينھن ڪيترائي چھرا خوف ۾ ورتل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عامِلَةٌ ناصِبَةٌ (آيت : 3) |
ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (دنياداري يا خيالي ۽ غلط دين ڪارڻ) مشقتن جا ماريل ٿڪل هوندا. (انهن بيجا مشقتن جو ثمر سندن ٿڪاوٽ هوندي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (جيڪي فقط دنيا لاءِ) ڪم ڪندڙ (۽) ٿڪجندڙ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ٻيڙين ۽ ڳٽن سان) محبت ڪندڙ ٿڪل ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تڪليف ڪندڙ ڏک ڏسندڙ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) محنت ڪندڙ ٿڪل ٿيندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سخت محنت ڪندڙ ٿڪل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مارِيَل مِحنتن جا، کَڙا خُوب خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سخت محنت ڪيل ۽ ٿڪل هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڏيءَ محنت ۾ پيل هوندا، ٿڪل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سخت محنت ڪندي ٿڪجي رهيا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏي مشقت ڪرڻ سبب ٿڪجي پيل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَصلىٰ نارًا حامِيَةً (آيت : 4) |
ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تمام گرم باهه ۾ گهڙندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ٻرندڙ باه ۾ پوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ٻرندڙ باھ ۾ گهرندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيندا ڀڙڪندڙ، باهه ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تمام گرم باه ۾ گهڙندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀڙڪندڙ باهه ۾ گهڙندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِھڙندا گَرم باھِ ۾، ٻَرندڙ مَنجھ ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ساڙيندڙ باهه ۾ پهچندا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀڙڪندڙ باهه ۾ پيا سڙندا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڙي رهيا هوندا باهه سخت گرم ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انتھائي گرم باهه ۾ داخل ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تُسقىٰ مِن عَينٍ ءانِيَةٍ (آيت : 5) |
بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حد درجي جي گرم چشمي مان کين (پاڻي) پياريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (انهن کي) بيحد ٽهڪندڙ چشمي مان پاڻي پياريو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کي ٽهڪندڙ چشمي جو پاڻي پياريو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پياريا ويندا تتل پاڻيءَ جي چشمي مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حد درجي جي گرم چشمي مان پياربن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٽهڪندڙ پاڻيءَ واري چشمي مان پياريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَڙ تَتل تيار مان، ڏِبن آب اُتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) گرم چشمن جو پاڻي پياريو ويندن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٽهڪندڙ چشمي جو پاڻي پيئاريو ويندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پياريو ويندو انهن کي پاڻي چشمي ٽهڪندڙ مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين) ٽچڪيل چشمي مان (پاڻي) پياريو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ لَهُم طَعامٌ إِلّا مِن ضَريعٍ (آيت : 6) |
ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن لاءِ زهري ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ ضريع (سُڪل زهريلي ڪنڊن) کان علاوهه ڪوبه طعام نه هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن لاءِ “ضريع” (ستياناسيءَ ٻوٽيءَ جو هڪ قسم) کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي انهن جي لاءِ کاڌو مگر ڪنڊن وارو گاهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن لاءِ زهريلي ڪانڊيري کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو ڪو نه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪونهي قُوت اُنهن لئي، ڪَک ڪنِي ڪَنڊڙي ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن کاڌو رڳو ڪنڊن وارو ٻوٽو هوندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنڊن واري سڪي گاهه کان سواءِ ٻيو ڪوبه کاڌو نه ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه هوندو انهن جي لاءِ طعام کائڻ لاءِ سواءِ ان سڪل ڪنڊن واري گاهه جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن لاءِ ڪنڊن واري گاهه کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو نه هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُسمِنُ وَلا يُغنى مِن جوعٍ (آيت : 7) |
(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو نه سٻر ڪندو ۽ نه ڪجهه بک لاهيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو نه کين ٿلهو ڪندو ۽ نه کانئن بُک دفع ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو نه (کين) ٿلهو ڪندو ۽ نه ڪجھ بک لاهيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو ٿلهو ڪري ۽ نه فائدو ڏيندو بک کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو نه ٿلهو ڪندو ۽ نه ڪجهه بک لاهيندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو نه ٿُلهو ڪندو ۽ نه ئي بک لاهيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاهي بُک نه لَغار، پڻ مَچائي نه مُورهِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو نڪي ٿلهو ڪندو نڪي بک لاهيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو نڪي متارو ڪري ۽ نه بک لاهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه اهو سڀرو ڪندو ۽ نه لاهيندو ڪا بک(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو (کين) نه ته ٿلهو متارو ڪندو ۽ نه ئي سندن بک مٽائيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناعِمَةٌ (آيت : 8) |
ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪي (يعني ٻي گروهه وارا) منهن ان ڏينهن سرها (بکندڙ) هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪيترا چهرا ان ڏينهن نعمتن ۽ خوشين ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) ڪي منهن ان ڏينهن کلندڙ (تر ۽ تازا) هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيترا منهن ان ڏينهن رونق وارا هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪي منهن ان ڏينهن آسوده (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن گهڻا چهرا تروتازه (بارونق حسين) هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪي مُنهن تِنهن مَهل ۾، نِعمت ساڻ نِهال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي منهن ان ڏينهن تازا توانا هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪي منهن ان ڏينهن ٻهڪندڙ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪي منهن ان ڏينهن تازا توانا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪجهه چھرا ٻھڪندڙ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِسَعيِها راضِيَةٌ (آيت : 9) |
پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سچي دين ڪارڻ) پنهنجي ڪوشش (مشقتن ۽ جدوجهد) جي ڪري خوش هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي پنهنجي ڪوشش تي راضي ۽ خوش هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پنهنجي ڪوشش جي ڪري (شادمان ۽) خوش هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پنهنجي ڪمائيءَ تي راضي هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجي ڪوشش جي ڪري خوش هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجي ڪوشش جي ڪري راضي خوش هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ پَنهنجي ڪوسشِين، خُورم ۽ خُوشحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن ڪمن جي ڪوشش سبب خوش هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجيءَ ڪيل محنت تي خوش هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پنهنجي ڪمائيءَ تي خوش هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي عملن تي خوش هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 10) |
مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مٿاهين عاليشان بهشت ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي بلند جنت ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ عاليشان باغ ۾،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلند جنت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مٿاهين بهشت ۾ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مٿاهين جنت ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بُلند باغ بِهشت ۾، مِڙئـِي مالا مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مٿانهن باغن ۾ هوندا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مٿانهينءَ جنت ۾ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جنت ۾ مٿاهين مقام تي هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عاليشان باغ ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَسمَعُ فيها لٰغِيَةً (آيت : 11) |
اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ۾ ڪابه اجائي ڳالهه نه ٻڌندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جو اُن ۾ ڪا اجائي ڳالهه نه ٻُڌندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ۾ ڪا به بيهودي ڳالھ نه ٻڌندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٻڌندين ان ۾ اجائي ڳالهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ۾ ڪابه بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ ڪابه بيهودي ڳالهه نه ٻڌندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَنِين ٻُڌجي ڪانه ڪا، اُت اَجائـِي ڳالھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ۾ ڪا بڪواس نه ٻڌندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪابه واهيات ڳالهه هو اتي نه ٻڌندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٻڌندا اتي ڪابه اجائي ڳالهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ اُهي ڪابه بيھوده ڳالهه نه ٻڌندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيها عَينٌ جارِيَةٌ (آيت : 12) |
اُتي چشما وھندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ۾ وهندڙ چشما آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ۾ هڪ چشمو وهندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ وهندڙ چشما هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ۾ وهندڙ چشمو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ وهندڙ چشما آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ وهندڙ چشما هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چالو چِشما جِنهن ۾، مِٺي کِير مِثال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ۾ چشما وهندڙ هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منجهس چشما وهندڙ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ۾ چشما وهندڙ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ چشما جاري هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيها سُرُرٌ مَرفوعَةٌ (آيت : 13) |
اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ۾ (ويهڻ لاءِ) تخت مٿي ڪيل هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ۾ مٿانهان تخت آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ اوچا (اوچا) پلنگ وڇايل هوندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ۾ تخت مٿاهان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ اوچا پلنگ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ اوچا تخت هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَخت مَٿاهان تِنهن ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ۾ اونچا تخت وڇايل هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منجهس اوچا تخت هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ۾ تخت مٿانهان وڇايل هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ اوچا تخت رکيل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَكوابٌ مَوضوعَةٌ (آيت : 14) |
۽ آبخورا رکيل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پيئڻ لاءِ ترتيب سان) پيالا رکيل.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (۽) (هر وقت انهن جي اڳيان) چونڊيل پيالا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان جي ڪناري) گلاس رکيل هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيالا رکيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پيالا رکيل (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ساغر (سليقي سان) رکيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِلاس، گِلاسن نال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪوزا رکيل؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پيالا رکيل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ صراحيون گلاس هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پيالا (۽ گلاس) رکيل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَمارِقُ مَصفوفَةٌ (آيت : 15) |
۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ لاڳيتا غاليچا وڇايل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ طول وهاڻا قطار ڪري رکيل.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وهاڻا قطارون ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ وهاڻا قطار ڪري رکيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِرا صِفون صِفن ۾، قِيمتِي ڪَمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) طول وهاڻا قطار ڪيل، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) طول وهاڻن جون قطارون لڳل هونديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وهاڻا رکيل هوندا قطارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏا (گول) وهاڻا قطار ۾ رکيل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَزَرابِىُّ مَبثوثَةٌ (آيت : 16) |
۽ غاليچا وڇايل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اعليٰ درجي جا) غاليچا وڇايل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (انهن تي) سفيد اعليٰ قسم جا ڪپڙا وڇايل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نفيس غاليچا (مسندون) وڇايل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قيمتي قالين وڇايل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ غاليچا وڇايل آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (بخمل جا) قالين وڇايل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَنڌ لاکيڻا لال، ۽ پٿراڻيون پَکيڙيليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ غاليچا پکڙيل! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عمدا غاليچا وڇايل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ غاليچا وڇايل هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (آرامده) قالين وڇايل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلا يَنظُرونَ إِلَى الإِبِلِ كَيفَ خُلِقَت (آيت : 17) |
(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا پوءِ (انهيءَ مقام تي پهچڻ لاءِ جنهن مشقت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ) اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته انکي ڪيئن (هر حال ۾ بار کڻندڙ ڪري) پيدا ڪيو ويو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهي اُٺ (جي خِلقت) ڏانهن نٿا ڏسن ته اهو ڪهڙيءَ طرح پيدا ڪيو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهي ماڻهو اٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ڪهڙو نه (عجيب نموني) پيدا ڪيو ويو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه ٿا ڏسو اٺن ڏانهن ته ڪهڙي طرح پيدا ڪيا ويا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ان کي ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اُٺ ڏانهن نه ٿا ڏسن ته ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇو اَکينِ نه ڏِسن اُٺ کي؟، ته جُڙيو ڪِيئن جُمل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو اُٺ ڏي نٿا ڏسن، ته ڪيئن خلقاڻو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهي نٿا مڃين) ته پوءِ ڀلا اٺن کي نٿا ڏسن ته ڪيئن خلقيا ويا؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهي ماڻهو نٿا مڃن) ڇا اهي نٿا ڏسن اُٺن کي ته اهي ڪيئن خلقيا ويا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو اُٺَ کي نٿا ڏسن ته ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلَى السَّماءِ كَيفَ رُفِعَت (آيت : 18) |
۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن (رفعتن سان) مٿي کنيو ويو آهي. (انسان ۾ به روين، سوچ ۽ خيال جي ايتري رفعت ۽ اوچائي گهرجي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمان ڏانهن نٿا ڏسن ته اهو ڪيئن بلند ڪيو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ آسمان ڏي ته ان کي ڪئين مٿي کنيو ويو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن بلند ڪيا ويا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمان ڏي ته ان کي ڪيئن مٿي کنيو ويو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن مٿاهون ڪيو ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ري ٿَنڀِـين، ري ٿُوڻِين، اُڀ اُڀا ڪِنهن اَٽڪل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمان ڏانهن ته ڪيئن اونچو ڪيل آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمان کي نٿا ڏسن ته ڪيئن مٿي کنيو ويو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آسمان نٿا ڏسن ته اهو ڪيئن مٿي کنيو ويو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمان کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن بلند ڪيو ويو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلَى الجِبالِ كَيفَ نُصِبَت (آيت : 19) |
۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن (مضبوط ۽ استقامت سان) کڙو ڪيو ويو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جبلن ڏانهن نٿا ڏسن ته اهي ڪيئن کوڙيا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪئين کڙو ڪيو ويو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جبلن ڏانهن ته ڪهڙي طرح کڙا ڪيا ويا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن کڙو ڪيو ويو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جبلن ڏانهن ته انهن کي ڪيئن کوڙيو ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کوڙي ڪِيئن کَڙا ڪَيا، جا ڏاجُنگ جَبَل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جبلن ڏانهن، ته ڪيئن کوڙيل آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جبلن کي نٿا ڏسن ته ڪهڙيءَ ريت کوڙيا ويا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جبلن کي نٿا ڏسن ته ڪيئن کوڙيا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جبلن کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن کوڙيا ويا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلَى الأَرضِ كَيفَ سُطِحَت (آيت : 20) |
۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين ڏي ته ڪيئن (انسانن جي لاءِ) وڇاڻو بڻائي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين ڏانهن نٿا ڏسن ته اها ڪيئن وڇائي وئي (آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين ڏي ته ڪئين وڇائي ويئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زمين ڏانهن ته ڪهڙي طرح وڇائي وئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين ڏي ته ڪيئن وڇائي ويئي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين ڏانهن ته ڪيئن وڇائي وئي آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِي ڀُون ڀَلا ڀَل، ڪِيئَن پاڻِي مَٿان پَکڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين ڏانهن ته ڪيئن پکڙيل آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زمين کي نٿا ڏسن ته ڪيئن وڇائي وئي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زمين کي نٿا ڏسن ته ڪيئن وڇائي وئي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زمين کي (نٿا ڏسن) ته ڪيئن وڇائي وئي آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذَكِّر إِنَّما أَنتَ مُذَكِّرٌ (آيت : 21) |
پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر پاڻ مجسم انهن خوبين جو بڻجي ٻين کي به) تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان نصيحت ڪريو، توهان ته نصيحت ڪندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نصيحت ڪر تون ته رڳو نصيحت ڪندڙ آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر) تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ نصيحت ڪر. تون صرف نصيحت ڪندڙ ئي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَر وَر ڪَندو وَت، نَبِي! نَصِحيت اُن کي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون نصيحت ڪر، تون ته رڳو نصيحت ڪندڙ آهين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (اي نبي) تون نصيحت ڪندو رهه، تون ته رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (چڱو اي نبي!) پوءِ نصيحت ڪندو رهه، بيشڪ تون نصيحت ڪندڙ آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!)تون نصيحت ڪندو رهه، بيشڪ تون نصيحت ڪرڻ وارو ئي آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَستَ عَلَيهِم بِمُصَيطِرٍ (آيت : 22) |
تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نصيحت نه وٺن ته) تون (رڳو انهن کي ياد ڏياريندڙ آهين ۽) مٿن ڪو نگهبان نه آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان هرگز انهن تي تسلط ڪندڙ ناهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهين تون انهن تي داروغو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون انهن مٿان ڪو ڏاڍ ڪندڙ نه آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون آهِين ڏِيندڙ ڏيھ ۾، فقط مُوچارِي مَت، اَهنجو ڪَم نه اُنهن تي، جَبَر ۽ جُرِئت، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪو مٿن چوڪيدار نه آهين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪو مٿن ڏنڊو هلائڻ وارو ته نه آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ناهي انهن تي ڪابه سختي ڪرڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون انهن تي زور زبردستي ڪرڻ وارو نه آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَن تَوَلّىٰ وَكَفَرَ (آيت : 23) |
پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جنهن منهن موڙيو ۽ انڪار جي واٽ ورتي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جيڪو ماڻهو مُنهن ڦيري ٿو ۽ ڪفر ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ها! جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جنهن منهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر جنهن مُنهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جو پُٺيرو پاڻ ٿيو، گھوٻيون ڪيائـِين گَت، ۽ ڪاهي پيو ڪُفر ۾، ڦِريو ڌَڻِي کان دَت،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باقي جيڪو منهن ڦيريندو ۽ نه مڃيندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ها باقي جيڪو منهن موڙيندو ۽ انڪار ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته جيڪو منهن موڙيندو ۽ انڪار ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن منھن موڙيو ۽ انڪار ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ العَذابَ الأَكبَرَ (آيت : 24) |
تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ تنهن کي الله (پنهنجي مڪافات وارن قانونن هيٺ) تمام وڏي سزا ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى ان کي تمام وڏو عذاب چکائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن کي خدا تمام وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ عذاب ڪندو ان کي الله عذاب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن کي الله تمام وڏي سزا ڏيندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ان کي الله سڀ کان وڏو عذاب ڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُنهِئَ کي اَلبت، ڏاتر ڏِيندو ڏُک وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي پاڻيهي الله وڏو عذاب ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته الله ان کي تمام وڏي سزا ڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ عذاب ان کي الله ڏيندو عذاب وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته الله تعالى کيس وڏي عذاب جي سزا ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ إِلَينا إِيابَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ويندا آخر ڪيڏانهن) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو موٽڻ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن جو ورڻ اسان ڏانهن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن کي موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو موٽڻ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انهن جو موٽڻ اسان ڏانهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لِاڳاپا لاهي، اَٿن اَسان ڏي اَچڻو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کي پڪ سان اسان وٽ ئي موٽي اچڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي موٽي اچڻو ته اسان ڏانهن ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهن ماڻهن کي موٽڻو آهي اسان ڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انهن سڀني جو موٽڻ اسان ڏي ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا حِسابَهُم (آيت : 26) |
وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري انهن کان (ذري ذري جوچڪائي) حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ انهن جو حساب ڪرڻ اسان تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ وري انهن کان حساب وٺڻ اسان جي ذمي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ اسان تي انهن جو حساب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري انهن کان حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ انهن جو حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسان کي آهي، ليکو اُنهن جو لاهِڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پڪ اسان کي ئي کانئن حساب وٺڻو آهي!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري حساب ڪتاب وٺڻ به اسان تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بيشڪ اسان تي آهي انهن کان حساب چڪائڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انهن کان حساب وٺڻ اسان جو ئي ڪم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |