توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالسَّماءِ وَالطّارِقِ (آيت : 1) |
آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي وقت نروار ٿيندڙ جو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي آسمان جو ۽ قسم آهي طارق جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي وقت ايندڙ جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي آسمان جو ۽ رات جو ايندڙ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي ايندڙ وقت جو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمان جو قسم ۽ رات جو نمودار ٿيڻ واري (ستاري) جو قسم!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ساک اُڀ جِي، پڻ ڪا هُو ڪارِي رات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمان ۽ ”رات جو ايندڙ“ شاهد آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي آسمان جو ۽ قسم آهي رات ۾ اڀرندڙ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي آسمان جو ۽ رات ۾ ظاهر ٿيندڙ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي آسمانن جو ۽ رات جو ظاهر ٿيندڙ جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ مَا الطّارِقُ (آيت : 2) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت نروار ٿيندڙ ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته طارق ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي رات جو اچڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته رات جو نمودار ٿيڻ وارو ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو ڪا هُو آهي ڪِهڙو؟ ڪِنهن ڀَلا سمجھايئـِي بات؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته ”رات جو ايندڙ“ ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته رات جو اڀرندڙ ڇا ٿيندو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪهڙي خبر توکي ته اهو رات ۾ ظاهر ٿيندڙ ڇا آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توکي ڪهڙي خبر ته رات جو ظاهر ٿيندڙ ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
النَّجمُ الثّاقِبُ (آيت : 3) |
(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو چمڪندڙ تارو آهي. (اهو شاهڪار نظام شاهد آهي ته)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو هڪ) ٻرندڙ ستارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو چمڪندڙ تارو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تارو، گهڻو چمڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو چمڪندڙ تارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اِهو) روشن ستارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانجِھي تارو سُهڻو، پڻ پيدا مَنجھ پِرڀات، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو آهي ”چمڪندڙ تارو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چمڪندڙ تارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو تارو چمڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو چمڪندڙ تارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن كُلُّ نَفسٍ لَمّا عَلَيها حافِظٌ (آيت : 4) |
ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪوبه شخص اهڙو نه آهي، جنهن تي ڪو نگهبان (سندس عمل لکڻ لاءِ مقرر) نه هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هر انسان لاءِ هڪ مُحافظ (فرشتو) مقرر ڪيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڪهڙو شخص نه آهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ڪو نفس جو ناهي ان تي ڪو نگهبان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ڪوبه شخص اهڙو نه آهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ڪو ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ناھِ نِڌڻڪو جِند ڪو، مَنجھان موجودات، مگر مُحافِظ اُن تي، ڪا آھِ زورا وَر ذات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ڪو به شخص اهڙو ناهي، جنهن تي نگهبان نه هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي، جنهن جي مٿان ڪو نگهبان نه هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪو اهڙو جيءُ جنهن تي ڪوبه نگهبان نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هر شخص جي مٿان هڪ نگھبان مقرر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ مِمَّ خُلِقَ (آيت : 5) |
تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ سڀڪو ماڻهو (عملن جي ان حساب ڪتاب واري ڏينهن جي انڪار کان بچي ۽) ڏسي ته ڪهڙي شئ مان ان کي بنايو ويو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انسان کي سوچڻ گھرجي ته ان کي ڇا مان خلقيو ويو آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انسان کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي شيءِ مان ان کي بنايو ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڳائي ٿو ته ڏسي انسان ته ڇا مان پيدا ڪيو ويو آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سڀڪو ماڻهو ڏسي ته ڪهڙي شيءِ مان ان کي بنايو ويو آهي؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انسان کي ڏسڻ گهرجي ته اُهو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آھِ حَقُّ اِنسان تي، ته نِهاري مَنجھ نات، ته ڇا مان خلقيو کيسِ وِيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انسان کي نظر ڪرڻ گهرجي، ته هو ڇا مان ٺهيو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انسان ڪجهه نظر ڪري ته ڏسي ته کيس ڇا منجهان پيدا ڪيو ويو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري هي به ڏسي ماڻهو ته هو ڇا مان پيدا ڪيو ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انسان کي سوچڻ کپي ته (آخر) هو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو ويو آهي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خُلِقَ مِن ماءٍ دافِقٍ (آيت : 6) |
ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان کي ٽپي سان ڪرڻ واريءَ پاڻيءَ (جي نطفي) مان بنايو ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اُن کي) هڪ ٽُپي واري پاڻي مان پيدا ڪيو ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان کي اڇلندڙ پاڻي (منيءَ) مان بنايو ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيو ويو آهي پاڻيءَ ٽپو ڏئي نڪرندڙ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي ٽپي سان ڪرڻ واري پاڻيءَ مان بنايو ويو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٽپ سان نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَنجھان ڌَڌَڪندڙّ ڌات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٺهيو آهي اڇلندڙ پاڻيءَ مان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي ٽپ ڏئي نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيدا ڪيو ويو آهي پاڻيءَ ٽپڪي سان نڪرندڙ مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٽِپڪو کائي نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَخرُجُ مِن بَينِ الصُّلبِ وَالتَّرائِبِ (آيت : 7) |
جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو (پيءُ جي) پٺيءَ جي وچان ۽ (ماءُ جي) ڇاتيءَ جي هڏين وچان نڪري (ماءُ جي رحم واري جاءِ ۾ پهچي) ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو پٺن ۽ سينن جي وچان نڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو پٺي ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو نڪري ٿو پٺيءَ ۽ سيني جي هڏن وچان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو پٺيءَ جي وچان ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو پُٺيءَ ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي ڏاڏاڻِي ڏات، پَلٽي پُٺ ۽ اُرھ وِچان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو پٺ ۽ ڇاتيءَ وچان نڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو پٺيءَ (جي ڪرنگهي) ۽ سيني جي پاسيرين جي وچ مان نڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نڪري ٿو وچان پٺي ۽ ڇاتيءَ جي هڏين وچان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو پُٺيءَ ۽ سيني جي وچ مان نڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ عَلىٰ رَجعِهِ لَقادِرٌ (آيت : 8) |
بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهو (الله اهڙي جوڙ جوڙيندڙ ان ڏينهن انسان کي) وري اٿارڻ جي قدرت رکي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو، ان جي موٽائڻ تي يقيناً قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهو (خدا) ان کي ٻيو ڀيرو (پيدا) ڪرڻ تي ضرور قدرت رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو (الله) ان جي موٽائڻ تي البته قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو (الله، ان ڏينهن) ان جي موٽائڻ جي قدرت رکي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهو (الله) ان جي (زندگيءَ کي) وري موٽائڻ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ سَگھيسِ جِياريو، سو واحِد پاڪ وَرِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ خدا کيس ٻيهر به خلقي سگهي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو (خالق) کيس ٻيهر پيدا ڪرڻ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهو (خالق) ان کي ٻيهر پيدا ڪرڻ تي قادر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى کيس (مرڻ کان پوءِ) ٻيهر موٽائڻ تي قدرت رکي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تُبلَى السَّرائِرُ (آيت : 9) |
جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن (ماڻهن کي اٿاريو ويندو ته انهن جي دلين جا) ڳجھ ظاهر ڪبا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن ڏينهن مخفي رازن جي جانچ ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن دلين جا ڳجھ جاچيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن پرکا ڪيون وينديون لڪل ڳالهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن (دلين جا) ڳجهه ظاهر ڪبا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن ڳجها راز پڌرا ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ڳُجھيَنِ ڳالهيَن جِي، پَوندِي، خبر کَرِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن ڳجهه پڌرا ڪبا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن ڳجهين ڳالهين کي ظاهر ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن جاچ ٿيندي لڪل رازن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن ماڻهن جا راز ظاهر ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلا ناصِرٍ (آيت : 10) |
پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ نه ان (ماڻهوءَ) کي ڪا سگهه هوندي (جو ان عمل کي روڪي سگهي) ۽ نه ڪو مددگار (هوندو، جيڪو کيس ان عمل کان بچائي سگهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (قيامت جي انڪار ڪندڙن لاءِ) ڪابه قوت ۽ ڪوبه مددگار نه هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ نه ان کي ڪا سگھ هوندي ۽ نه ڪو مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ناهي ان لاءِ ڪا طاقت ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ نه ان کي ڪا سگهه هوندي ۽ نه ڪو مددگار (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان وٽ نه ڪو زور هوندو نه ڪو مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ زور نه کيسِ ذَرِي، ۽ نه ڪِي وَريسِ واهِرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته پوءِ نڪي سندس وس هلندو ۽ نڪي مددگار هوندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته ان وقت انسان کي نڪي پاڻ کي ئي ڪا طاقت هوندي ۽ نه وري ڪو مددگار ئي هوندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ نه ان وٽ ڪا طاقت هوندي ۽ نه سندس ڪو مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان وقت وٽس نه ته (رازن کي ظاهر ڪرڻ کان روڪڻ جي) طاقت هوندي ۽ نه ئي سندس ڪو مدد ڪرڻ وارو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالسَّماءِ ذاتِ الرَّجعِ (آيت : 11) |
۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هڪ مقرر نظام سان) مينهن ڪيريندڙ آسمان جو قسم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي آسمان جو جيڪو مِينهن وسائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چڪر ڪاٽيندڙ آسمان جو قسم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي آسمان مينهن واري جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مينهن واري آسمان جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مينهن واري آسمان جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي وَسندڙ اُڀ اِي، گوڙِيَن ساڻ گُواھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري وري مينهن وسائيندڙ آسمان شاهد آهي،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي مينهن وسائڻ واري آسمان جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي آسمان مينهن وسائڻ واري جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي مينھن وسائڻ واري آسمان جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالأَرضِ ذاتِ الصَّدعِ (آيت : 12) |
۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (سلن اڀرڻ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو (نظام به شاهد آهي ته).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي زمين جو جيڪا سَلا ڄمائي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڦاٽڻ واري زمين جو ته،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زمين ڦاٽي پوڻ واريءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (سلن اڀرڻ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (سَلن ڦُٽَڻَ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دَم دَم ڌرتِي ساک ڀَري، جنهن ۾ گُل، گولاڙا، گاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڦاٽندڙ زمين شاهد آهي،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (ســَـلــَـن نڪرڻ وقت) ڦاٽي پوندڙ زمين جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زمين جو سلن اڀرڻ وقت ڦاٽي پوندڙ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (سَلن جي نڪرڻ سان) ڦاٽڻ واري زمين جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ لَقَولٌ فَصلٌ (آيت : 13) |
ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهو (قرآن به هڪ مقرر نظام سان عمل جي نتيجن پسائڻ متعلق) ٺوس فيصلا ٻڌائيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) فيصله ڪُن قول آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هي قرآن “قول فيصل” آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو البته فيصلو ڪندڙ قول آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اهو (قرآن) فيصلي ٿيل ڳالهه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ هي (قرآن) فيصلو ڪندڙ فرمان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي حقاحق فيصلو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته هيءَ فيصلو ڪندڙ ڳالهه آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها (قرآن) نبيرو ڪندڙ ڳالهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهو آهي ڪلام فيصلو ڪندڙ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ڪلام فيصلو ڪندڙ ڪلام آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما هُوَ بِالهَزلِ (آيت : 14) |
۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو چرچو نه آهي (بلڪ طئه ٿيل ڳالهه آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو (قرآن ڪريم) ڪا مذاق ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اها بيهوده ڳالھ ڪانهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اهو ڀوڳ جي ڳالهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو چرچو نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اِهو ڀوڳ چرچو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ خالِي کِل ناھِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪو چرچو ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪو ڀوڳ چرچو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي اهو ڪو ڀوڳ چرچو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ڪو کِلَ ڀوڳ نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم يَكيدونَ كَيدًا (آيت : 15) |
بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهي (جيڪي ان نظام جي مٽائڻ يا روڪڻ لاءِ) رٿون رٿين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي (ڪفارِ مڪه) چڱيءَ طرح اٽڪلون ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهي (ته ان ڳالھ جي مٽائڻ لاءِ) رٿون رٿين پيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي رٿين ٿا رٿ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي (ته ان ڳالهه جي مٽائڻ لاءِ) رٿون رٿين ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي فريب واريون سازشون ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صَحِي سِٽون سِٽينِ سي، وِڙهڻ جُون وِڻاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهي به پيا رٿون رٿين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي (مڪي جا ڪافر) پيا ٿا ڪي سٽون سٽين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو ڪي چالون رٿين پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ماڻهو وڏيون چالبازيون کيڏن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَكيدُ كَيدًا (آيت : 16) |
۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (آءٌ به انهن کان غافل ڪونه آهيان) ۽ آءٌ به رٿ رٿيان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون انهن کي اٽڪلن جي جزا ڏيان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ به رٿ رٿيان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مان به رٿيان ٿو رٿ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ به رٿ رٿيان ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ پنهنجي تدبير ڪري رهيو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون به سِٽون سِٽيان، حاضِر سَڀ سُپاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءُ به پيو رٿون رٿيان! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مان (الله) به پيو ٿو ڪا رِٿ رِٿيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئون به هڪ چال پيو هلان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر مان به (انهن جي خلاف) بندوبست ڪريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَهِّلِ الكٰفِرينَ أَمهِلهُم رُوَيدًا (آيت : 17) |
پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڍر ڏي، (جيئن ٻج کي فصل تائين ڍر ملندي آهي، تيئن) انهن کي ٿوري ڍر ڏي. (ان کان پوءِ سندن گرفت ٿيندي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان ڪافرن کي ڍر ڏيو (۽) انهن کي ٿوري مهلت ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ تون ڪافرن کي ٿوري ڍر ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڍر ڏي ڪافرن کي مهلت ڏي انهن کي ٿوري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڍر ڏي، انهن کي ٿوري ڍر ڏي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ڪافرن کي ڍر ڏي (بس انهن کي) ٿورن ڏينهن جي مُهلت ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُهلت ڏي تِن مُنڪرِين، اي مُرسل مهِر نِگاھ، ڪو پَل، پَهر پَڳاه، ڇَڏ تون کينِ ڇَڏڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون ڪافرن کي کڻي ٿورڙي ڍر ڏي!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (اي نبي) انهن ڪافرن کي ڪا ڍر ڏي، بس ڪا ٿورڙي مهلت ڏئينِ(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇڏ (اي نبي!) انهن ڪافرن کي ٿوري دير ڇڏين سندن حال تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون ڪافرن کي ٿوري دير لاءِ ڍر ڏئي سندن حال تي ڇڏي ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |