توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالسَّماءِ ذاتِ البُروجِ (آيت : 1) |
بُرجن واري آسمان جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) برجن واري آسمان جو قسم آهي،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي آسمان جو (جنهن ۾) 12 بُرج آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) برجن واري آسمان جو قسم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي آسمان برجن واري جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بُرجن واري آسمان جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي آسمان جو جيڪو منزلن وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ساک اُڀ جي، جو طَبقن ساڻ تيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن؛ برجن وارو آسمان، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي مضبوط برجن واري آسمان جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي آسمان مضبوط برجن واري جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي بُرجن واري آسمان جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاليَومِ المَوعودِ (آيت : 2) |
۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وري وعدي ڪيل (انهيءَ قيامت جي) ڏينهن جو (جنهن جو قرآن ۾ وري وري ذڪر ڪيو ويو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قسم آهي وعده ڏنل ڏينهن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وعدي ڪيل ڏينهن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وعدي ڪيل ڏينهن جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڏاڪي واري ڏِينهن جِي، وَعدي واري وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مقرر ڪيل ڏينهن،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڏينهن جو جنهن جو وعدو ڪيل (قيامت جو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي وعدي ڪيل ڏينھن (يعني قيامت) جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَشاهِدٍ وَمَشهودٍ (آيت : 3) |
۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ شاهدي ڏيندڙ (پيغمبر) ۽ شاهدي ڏنل (مؤمنن جو جن جو قصو هي آهي ته).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي رسولِ عربي ۽ سندس امت جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ شاهد جي ۽ جنهن جي شاهدي ڏني ويندي، تنهنجي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ شاهد جو ۽ شاهدي ڏنل جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ حاضر ٿيندڙ ۽ حاضر ٿيل جو (جن جو قصو هيءُ آهي ته) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ حاضر ٿيندڙ ۽ حاضر ڪيل جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اکين اڳيان سَڙيا، ڪِ بِيٺل ڀَر ڪنار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏسندڙ ۽ ڏٺل، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏسڻ واري جو ۽ ڏٺل شيءِ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسندڙ ۽ ڏسڻ ۾ ايندڙ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ قسم آهي شاهدي ڏيڻ واري ۽ جنھن تي شاهدي ڏني وڃي اُن جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُتِلَ أَصحٰبُ الأُخدودِ (آيت : 4) |
ته کاھين وارا ماريا وڃن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) کاهي، جنهن ۾ گهڻي ٻارڻ واري باهه ٻاريل هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته کاهي وارا هلاڪ ڪيا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته مڪي جا ڪافر برباد ٿيا) جيئن خندق وارا برباد ڪيا ويا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لعنت ڪيا ويا خندقن وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کاهي جنهن ۾ گهڻي ٻارڻ واري باهه هئي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته کاهِيُن وارا هلاڪ ڪيا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته کاڻا خان کَڏن جا، مَرِي ٿِيا مُردار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته کاهين وارا ناس ٿيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته ماريا ويا کاهين وارا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماريا ويا کاهي وارا (شال)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته کڏا کوٽڻ وارن تي لعنت هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
النّارِ ذاتِ الوَقودِ (آيت : 5) |
جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن جي کوٽيندڙن (ڪافرن) تي ان وقت لعنت پيئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان باه ۾ جيڪا ڀڙڪي واري هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي کاهيون باھ جون هيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) باهه، گهڻي ٻرندڙ ڪاٺ واري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن جي کوٽيندڙن تي ان وقت لعنت پئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها باهه هئي (ڀڙڪندڙ) ٻارڻَ واري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي کَڏون ڀَريَل باھِ سان، ٻارِيندڙ ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ۾ ٻارڻ پيل باهه هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن کاهين وارا) جن ۾ تيز ٻرڻ واري ٻارڻ جي باهه هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اها کاهي جنهن ۾) باهه ڀڙڪو ڏئي ٻري ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کڏن ۾ ڀڙڪندڙ باهه هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ هُم عَلَيها قُعودٌ (آيت : 6) |
جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن وقت اهي ان (کاهيءَ جي ڪنارن) تي ويٺل هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت اُهي اُن تي ويهندڙ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ۾ (انهن مسلمانن لاءِ) ٻارڻ وجهي ڇڏيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن اهي ان تي وهندڙ هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت اهي ان (کاهيءَ جي ڪنارن) تي ويٺل هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اُهي ان (خندقن)جي آس پاس ويٺل هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويٺا هُئا جِنهن وار ۾، اُتسِ ڪري قطار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هنن انهن جي ڪنارن تي ويهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو کاهين جي ڪناري تي ويٺا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته اهي ويٺا هئا ان کاهي جي ڪناري تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اهي ماڻهو (باهه سان ڀڙڪندڙ) کڏن جي مٿان ويٺا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُم عَلىٰ ما يَفعَلونَ بِالمُؤمِنينَ شُهودٌ (آيت : 7) |
۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن جيڪي ايمان وارن سان ڪيو ٿي، تنهن کي هي (پاڻ مزا وٺي) ڏسي رهيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي پاڻ شاهد آهن جيڪي ڪجھه انهن مؤمنن سان ڪيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اهي انهن (کاهين) تي ويٺل جو سلوڪ ايمان وارن سان ڪندا هئا تنهن کي سامهون ڏسي رهيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي ان تي جيڪو ڪن پيا مؤمنن سان ڏسندڙ هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هنن جيڪي ايمان وارن سان ڪيو ٿي تنهن کي اهي (پاڻ) ڏسي رهيا هئا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جو ڪجهه ايمان وارن سان پئي ڪيائون ان کي خود ڏسي رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُؤمن، ڪ مُؤمنياڻِيَن سان، ڪَيئون جا قهرِي ڪار، اُهي آهِن شاهِد اُنهن تي، اَکين ڏِٺا اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي مؤمنن سان ڪري رهيا هئا، سو اکئين پئي ڏٺو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو ايمان وارن سان پئي ڪيائون، تنهن کي اهي ڏسي رهيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي جيڪي ڪجهه ڪري رهيا هئا ايمان وارن سان ان کي ڏسي رهيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمنن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا هئا تنھن کي هو ڏسي رهيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما نَقَموا مِنهُم إِلّا أَن يُؤمِنوا بِاللَّهِ العَزيزِ الحَميدِ (آيت : 8) |
۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (ايمان وارن) مان هنن (ڪافرن) هن کان سواءِ ڪو عيب نه ڪڍيو ته انهن ان زبردست ساراهيل الله تي ايمان آندو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (مؤمنن) ۾ ڪو عيب نه هو، مگر انهن الله تعالى تي ايمان آندو جيڪو غالب هميشه ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کي مومنن جي اها ڳالھ بري لڳي ته انهن ماڻهن خدا تي ايمان آندو هو جيڪو زبردست (۽) حمدجي لائق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي بدلو ورتائون انهن کان مگر هي جو ايمان آڻين پيا الله، غالب، ساراهيل تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان هنن هن کان سواءِ ڪو عيب نه ڪڍيو ته انهن ان زبردست ساراهيل الله تي ايمان آندو هو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (خندقن وارن) انهن (مسلمانن) کان (ڪنهن گناهه جو) بدلو نه پئي ورتو سواءِ هن جي جو انهن الله تي ايمان آندو هيو جيڪو غالب ۽ سڀ ساراهن جو لائق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وير نه وَرتوَن اُنهن کان، ڌاران هِن دَرڪار، ته آڻِين صِدق اَلله تي، جِنهن جو ڏيهن تي ڏهڪار، نَنڍِي وَڏِي نِعمت تي، هَر حَمد جو حَقدار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن انهن کان بدلو رڳو هن جو ٿي ورتو، جو هنن انهي الله تي ئي ويساهه آندو، جو سڀ تي غالب ۽ واکاڻ جوڳو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ايمان وارن سان سندن وير رڳو ان ڪري هو جو هنن انهيءَ الله تي ايمان آندو هو، جيڪو زبردست ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رڳو بدلو پيا وٺن انهن کان جو آندو هئائون ايمان (ان) الله تي جيڪو زبردست ساراهيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايمان وارن کان رڳو ان ڳالهه تي وير وٺن پيا ته انهن زبردست ۽ تعريف جي لائق الله تعالى جي ذات تي پڪو ايمان آندو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 9) |
جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ الله تي ايمان آندو هو) جهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ الله ئي سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو آهي جنهن لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي حقيقي بادشاهي آهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي گواه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو (خدا) جنهن جي سڀني آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهت آهي ۽ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) جو ان جي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ الله هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ۽ الله هر شيءِ تي شاهد آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُڀ ۽ ڀُون ۾، هِڪ اُن جو اِختيار، ۽ صاحِب رَبَّ، سَتّار، آهي شاهِد هَر ڪِنهن شئ مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين تي آهي ۽ الله هر ڳالهه کي ڏسندڙ آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي ۽ اهو الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو جنهن لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي، ۽ الله هر شيءِ تي شاهد (خبر رکندڙ) آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن جي آسمانن ۽ زمين تي بادشاهي آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ فَتَنُوا المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ ثُمَّ لَم يَتوبوا فَلَهُم عَذابُ جَهَنَّمَ وَلَهُم عَذابُ الحَريقِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو، وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه جي سزا آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي تڪليف ڏني ان کان پوءِ اهي توبه تائب نه ٿيا پوءِ انهن لاءِ جهنم جو عذاب آهي، ۽ انهن لاءِ باه جو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو ۽ وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باھ جي سزا (به) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايذايو مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ان کان پوءِ نه توبہ ڪيائون پوءِ انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه جو عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه جي سزا آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ايذايو پوءِ توبه (به) نه ڪيائون ته پوءِ انهن جي لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُؤمن ۽ مُؤمنياڻين سان، ڪيا جِن ڪَلُور، موٽِي، نه موٽيا، پوءِ تن لئي، منڱر آھِ مُور، پڻ سَندا ساڙي سُور، سَزا سَدائـِين تِن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي شخص مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ستائين ٿا، پوءِ توبهه نٿا ڪن، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ ساڙيندڙ عذاب به. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو ۽ پوءِ توبه نه ڪيائون، انهن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙڻ واري سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ايذايو مؤمن مردن کي ۽ مؤمن عورتن کي پوءِ نه ڪئي توبهه ان کان، پوءِ انهن جي لاءِ عذاب آهي دوزخ جو، ۽ انهن لاءِ آهي عذاب ساڙيندڙ باهه جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي تڪليف پھچائي پوءِ (ان عمل تي) توبہ نه ڪئي ته انهن لاءِ دوزخ جو ساڙيندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ذٰلِكَ الفَوزُ الكَبيرُ (آيت : 11) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻئي پاسي وري) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اهائي وڏي ڪاميابي ۽ ڪامراني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. اها تمام وڏي ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ (آخرت ۾) باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن جي لاءِ بهشت آهن جو وهن پيون انهن جي هيٺان نهرون اها ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃيو جِن مُورهين، پڻ چڱا ڪيائون ڪَم، اُنهن لئي باغ بهشت جا، هِڪ ٻِي ساڻ هَم، جِن هيٺان نِرمل نَهرون، ڌوڪِينِ ٿيون دَم دَم، جَنت مَنجھ جَنم سَڀنيان وَڏِي سوڀ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ باغ آهن، جن هيٺان نديون وهنديون هونديون، اها وڏي مراد ماڻڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن لاءِ جنت جا باغ آهن، جن جي هيٺان واهيون وهنديون، اها ئي آهي وڏي ڪاميابي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، انهن جي لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون، اها ڪاميابي وڏي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهن ٿيون (حقيقت ۾) اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ بَطشَ رَبِّكَ لَشَديدٌ (آيت : 12) |
بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن ڪافرن کي چئو ته،) بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جي رب جي پڪڙ بيحد سخت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ سخت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تنهنجي رب جي پڪڙ البته سخت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجي پالڻهار جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ پَڪڙ، تو ڌڻئَ جِي، آهي سَخت گھڻِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تنهنجي رب جي پڪڙ تمام سخت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ تنهنجي رب جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ پڪڙ توهان جي رب جي ڏاڍي سخت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ تمام سخت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ هُوَ يُبدِئُ وَيُعيدُ (آيت : 13) |
بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهوئي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر (قيامت ۾ به) پيدا ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو ئي (دنيا ۾) پيدا ڪري ٿو ۽ (آخرت ۾) دوباره زنده ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ اهو ٻيو ڀيرو (قيامت ۾ جيئرو) ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو ئي پهريان پيدا ڪري ٿو ۽ ورائي پيدا ڪندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهوئي نئين سِر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهو پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ اُهو ئي ٻيو ڀيرو پيدا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پِهرِين پيدا پاڻ ڪري، سڀڪا سَگھ سُهڻِي، ۽ موٽائي مُوئن کي، گَڏي پُرز پڻي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ئي پهرين ٿو خلقي ۽ پوءِ به خلقيندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي پهرين ڀيري پيدا ٿو ڪري ۽ اهوئي ورائي به پيدا ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهو ئي پهرين پيدا ڪندڙ ۽ اهو ئي ٻيهر پيدا ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو پھريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيھر به پيدا ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الغَفورُ الوَدودُ (آيت : 14) |
۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ جيڪو هنن مسلمانن کي ستايو آهي ۽ جيڪي برا ڪم ڪيا آهن تن جي خدا کان معافي وٺن) ۽ بيشڪ اهوئي (معافي گهرندڙن کي) گهڻو معاف ڪندڙ (پاڻ سڌاريندڙن سان) گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو (گنهگار مؤمنن کي) بخشيندڙ (پنهنجي ولين سان) پيار ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ئي گهڻو معاف ڪندڙ گهڻي محبت ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو ئي بخشڻهار، محبت ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهوئي گهڻو معاف ڪندڙ گهڻي محبت ڪرڻ وارو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو بخشڻهار محبت ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو مَرهِيندڙ، مِهرڀَريو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو ئي بخشيندڙ، پيار ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو بخشڻ وارو ۽ پيار ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي بخشيندڙ محبت ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهو ئي وڏو معاف ڪندڙ ۽ (مخلوق سان) وڏي محبت رکڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذُو العَرشِ المَجيدُ (آيت : 15) |
(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) عرش جو مالڪ وڏي شان وارو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو عرش سڳوري جو مالڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عرش جو مالڪ وڏي شان وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرش جو مالڪ شان وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) عرش جو مالڪ وڏي شان وارو ارادو ڪري تنهن کي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) عرش جو مالڪ عظمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌُريان تخت ڌڻي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تخت جو مالڪ وڏي شان وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عرش جو مالڪ آهي، وڏي شانَ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تخت جو مالڪ (عرش) وڏي شان وارو (بزرگ)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو وڏو شانائتو عرش جو مالڪ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَعّالٌ لِما يُريدُ (آيت : 16) |
جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن (ڳالهه) جو ارادو ڪري تنهن کي (پنهنجي مشيت سان) پورو ڪر ڇڏڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيئن چاهي تيئن ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن جو ارادو ڪري تنهن کي پورو ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪندڙ آهي جيڪو ارادو ڪري ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جو پورو ڪري ڇڏڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو چاهي اُهو ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خلقِيندڙ کـڻي، گُھري جِھڙي گھاٽ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي وڻيس ٿو، سو ٿو ڪري.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪا به ڳالهه گهري سا ڪري ڇڏڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪري گذرڻ وارو جو ڪجهه گهري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو چاهيندو آهي، ڪري ڇڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل أَتىٰكَ حَديثُ الجُنودِ (آيت : 17) |
تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا توکي (خدائي نظام ۽ قانون جي مخالفت ۾ ايندڙ (لشڪر)،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان وٽ لشڪرن جي خبر نه پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو وٽ لشڪرن جي خبر پهتي آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا آئي تو وٽ ڳالهه لشڪرن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) ڇا توکي لشڪرن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو وٽ لشڪرن وارن جي خبر پهتي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تو ڪا ڪَل قومن جي؟ جِن جي هُئـِي هيڏي هاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا تو وٽ لشڪرن جي خبر پهتل آهي؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توکي لشڪرن جي خبر ملي آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي ملي آهي خبر لشڪرن جي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو وٽ لشڪرن جي واقعي جي خبر پھتي آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فِرعَونَ وَثَمودَ (آيت : 18) |
(يعني) فرعون ۽ ثمود جي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون ۽ ثمود جي ڳالهه پهتي آهي. (جن جو انجام تاريخ جي ورقن ۾ لکيو پيو آهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) فرعون ۽ ثمود جي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعني فرعون ۽ ثمود جي (بلڪل پهتي آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرعون ۽ ثمود جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون ۽ ثمود جي ڳالهه پهتي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعون ۽ ثمود (جي لشڪرن)جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون ۽ ثمود جِي، ڪِيئن هِڪدم ٿيا هلاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون ۽ ثمود جي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون ۽ ثمود (جي لشڪرن) جي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون ۽ ثمود جي (لشڪرن جي؟)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون ۽ ثمود جي لشڪرن جي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى تَكذيبٍ (آيت : 19) |
بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ڪافر (ان مان سبق وٺڻ بجاءِ الله جي قانونن کي) ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي تڪذيب ڪرڻ ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر ڪافر ته ڪوڙي ڪرڻ جي فڪر ۾ ئي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ جن ڪفر ڪيو ڪوڙو چوڻ ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر ڪافر ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه ڪافر ته ڪوڙي چوڻ ۾ لڳل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو آهِن ڪُوڙ ۾، ڦِريا جي ڦيرياڪ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر ڪافر ڄاڻي ٻجهي (قرآن کي) ڪوڙو ٿا سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جن ڪفر ڪيو آهي سي ڪوڙو سڏڻ ۾ رڌل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جن ڪفر ڪيو آهي اهي ته ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر ڪافر ماڻهو (پوءِ به) ڪوڙو ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ مِن وَرائِهِم مُحيطٌ (آيت : 20) |
۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هو بيوقوف آهن) ۽ الله (جو اهوئي قانون) انهن جي پٺيان (انهن کي) گهيرو ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى انهن جي پويان کين گھيرو ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا انهن جي پٺيان (کين) گهيرو ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله چوڌاري انهن جي گيهراءُ ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله انهن جي پٺيان (انهن کي)گهيرو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه الله انهن کي هر طرف کان گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چارِي چوڌارِي اُنهن جي، آهي رَبَّ اَفلاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله ته کين چوڌاري گهيري ڇڏيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه الله کين گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي (انهن جي ڪوڙي سڏڻ سان قرآن کي ڪجهه به نه ٿيندو) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته الله کين چوڌاري گهيري ۾ وٺي رهيو آهي (اهي ڀلي قرآن کي ڪوڙو چون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کين هر طرف کان گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل هُوَ قُرءانٌ مَجيدٌ (آيت : 21) |
بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن کي معلوم ناهي ته، الله جي قانونن جو مجموعو هي قرآن معمولي شئ ناهي) بلڪ اهو وڏي شان وارو قرآن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ اهو قرآن مجيد آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي ڪوڙي ڪرڻ جي لائق نه آهي) پر هي ته قرآن مجيد آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ اهو قرآن سڳورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (وري قرآن اهڙي شيءِ نه آهي جنهن کي ڪوڙو ڪجي) بلڪ اهو وڏي شا ن وارو قرآن آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه اُهو وڏي شان وارو ڪتاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ ڀَلو قرآن هِي، آھِ پَڙهڻ جِھڙو پاڪ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ اهو قرآن سڳورو آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه اهو ته قرآن وڏي شان وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر هي قرآن بلند مرتبي وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه هي قرآن ته وڏي شان وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى لَوحٍ مَحفوظٍ (آيت : 22) |
حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو حفاظت ڪيل ڦرهيءَ (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو لوحِ محفوظ ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو لوح محفوظ ۾ لکيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لوح محفوظ ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو حفاظت ڪيل ڦرهيءَ (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان لوحِ ۾ (نقش آهي ) جيڪو محفوظ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُن جو ٿاڪ، لاشڪ سانڍِيَل لوح ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو سنڀاليل تختيءَ ۾ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ تختيءَ (لوح محفوظ) ۾ (اڪريل آهي) جيڪا سانڍيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان تختي تي (چٽيل آهي) جيڪا محفوظ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو لوح محفوظ ۾ لکيل (موجود) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |